Sunday, February 20, 2011

انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا - الطاف شيخ



انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا

الطاف شيخ
دهليءَ ۾ مسلمان ڪافي رهن ٿا پر هو مختلف علائقن ۾ pockets ۾ رهن ٿا. يعني هنن جون ننڍيون ڪالونيون آهن جي جي وچ ۾ ڪا مسجد پڻ نظر اچي ٿي. هونءَ گهڻائي (ميجارٽي) غير مسلم خاص ڪري هندن جي نظر اچي ٿي جيڪي هونءَ به اڄ جي انڊيا ۾ اڪثريت ۾ آهن بزنس توڙي نوڪري ۾ هندو نالا نمايان نظر اچن ٿا. مسلمانن جا نالا ننڍين ننڍين ۽ پرائيويٽ نوڪرين ۾ نظر اچن ٿا، هنن جو بزنس به ننڍي پيماني تي آهي، فٽ پاٿن تي ٺڪر جون ڪونڊيون يا جانمازون وڪڻندي يا ٽوپين ۽ ڏاڙهين مان لڳندو ته هي  مسلمان آهن. جمع جي ڏينهن قطب مينار وٽ مسجد حاجي علي خان نالي مسجد ۾ جمعي نماز تي ڪافي مسلمانن سان ملاقات ٿي. اهڙي طرح دهلي گولف ڪلب جي ويجهو عبدالله شاهه پوري شاهه جي مزار تي جيڪا بدر پور روڊ تي آهي ۽ قطب مينار کان آل انڊيا ميڊيا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ويندي رستي تي هڪ مسجد ۽ مدرسي ۾ پڻ مسلمانن سان عليڪ سليڪ ٿي. هن جو سڄو نالو ”الجامعه سليمانيه مدرسه زينت القرآن رحمتيه مسجد رياض الجنت سعديه“ آهي جيڪو اردو ۾ لکيل آهي. 

 
ڪالڪا جي مندر واري علائقي ۾ جتي آئون رهان ٿو اتي ماءُ آنند مائي مارگ (روڊ) تي گووندا پوري واري علائقي ۾ جامع مسجد آهي جنهن مان لائوڊ اسپيڪر تي آيل ٻانگ پهرين ڏينهن ئي ٻڌم ۽ پوءِ شام جو سانجهي نماز تي ويس. هيءَ هڪ تمام وڏي مسجد ۽ مدرسو آهي جنهن ۾ پاسي واري ڪالوني ۾ رهندڙ مسلمان ۽ ٻيا آس پاس جا نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هتي ننڍا ٻار قرآن جو ناظره ۽ حفظ پڻ ڪن ٿا. مسجد جي معلم استاد محمد روحيل جيڪو ٻارن کي قرآن پڙهائي ٿو تنهن ٻڌايو ته هيءَ مسجد ٽيهارو کن سال پراڻي آهي ۽ هتي هن شهر دهليءَ جا توڙي اوس پاس جي رياستن جا به ٻار اچن ٿا. خاص ڪري بهار صوبي جا.
”ڇو ڀلا؟ اتي بهار ۾ ڪنهن مسجد مدرسي ۾ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست نه آهي ڇا؟“ مون پڇيو.
”آهي پر اتي غربت وڌيڪ آهي هتي سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست سولائيءَ سان ٿيو وڃي.“
مسجد جو مٿين ماڙ جي اڏاوت جو ڪم ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي ۽ هاڻ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو نظر اچي ٿو.
”هن مسجد جي Maintnance ۽ مدرسي جي ٻارن جو خرچ پکو ڪير ڏئي؟“
مون مولوي محمد روحيل کان پڇيو.
”اسان هر جمعي نماز تي نمازين کا مسجد لاءِ الڳ ۽ مدرسي لاءِ الڳ چندو جمع ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرن ملڪن، خاص ڪري عرب ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ به مدد ڪن ٿا.“
مسجد سان لڳولڳ گهڻو پري پري تائين ڪچا پڪا، سادا ۽ ڪجهه بهتر گهر ۽ فليٽ هئا. مولوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ سڄي مسلمانن جي ڪالون آهي.
اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو ته انڊيا جي ورهاڱي ۾ ٿيندڙ خونريزين جون ڳالهيون ٻڌيونسين جن ۾ اهوئي هاءِ لائيٽ ڪيو ويو ته هندن مسلمانن سان ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. اسان جا مسلمان جان ۽ مال جون قربانيون ڏئي نئين ملڪ پاڪستان ۾ آيا جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو جتي مسلمان سڪون سان رهي مسجدن ۾ نمازون پڙهي سگهن ٿا. هندستان ۾ ته هڪ مسلمان کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پريڪٽس ڪرڻ ۾ به دقت هئي، اڄ به اخبارن ريڊين ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي يعني اسان جي پياري پاڪستان جي ميڊيا ذريعي (خاص ڪري جنهن تي سرڪار  سڳوريءَ جو هٿ آهي) اهوئي ٻڌندا رهون ٿا ته هندو وڏي ظالم قوم آهي هو ڪشمير ۽ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن سان ڇا ڇا ته ظلم ڪندا رهن ٿا وغيره وغيره.
ظاهر آهي صبح شام ان قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو ته اهوئي سمجهندو ته اسان مسلمانن لاءِ خاص ڪري پاڪستانين لاءِ انڊيا جا هندو ڪات ڪهاڙا کڻيو ويٺا آهن ۽ اتي رهندڙ اسان جا مسلمان ڀائر ته وڏي ظلم ۾ آهن. هنن پاڪستان ۾ نه اچي ۽ انڊيا ۾ رهي هڪ عظيم غلطي ڪئي. سو ظاهر آهي ان قسم جي معلومات منهنجي ذهن ۾ به جيڪو نقشو ٺاهيو هو ان موجب مون هتي دهلي ۾ رهندڙ هن مولوي صاحب کان پڇيو ته هندن جي چوڌاري رهندي توهان کي ڊپ نٿو لڳي. اڪثر هندن جا توهان مسلمانن خلاف هنگاما ته ضرور ٿيندا هوندا؟
مولوي صاحب ڪا گهڙي مون کي ائين حيرت مان ڏٺو جيئن آني مان تازي نڪرندڙ ڪڇون يا واڳونءَ جي ٻچي کي ڏسبو آهي ۽ پوءِ جواب بدران ويتر سوال ڪيائين:
”ڇو ڀلا؟ ڊپ ڇو لڳندو؟ هتي ته اڄ ڏينهن تائين ڪو اسان مسلمانن خلاف هنگامو نه ڏٺوسين. هندو توڙي اسين پنهنجا خوشيءَ جا ڏينهن ۽ تهوار سڪون سان گذاريو ٿا ۽ سڪون سان رهون ٿا. هينئر به عيدون ٿيون ۽ هاڻ عاشورو ٿيندي هفتو ٻه ٿيو آهي. اسين سڀ هن ملڪ جا شهري آهيون ڪنهن کي به هتي جو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي جي جان يا مال کي نقصان پهچايو.“
آئون چپ ٿي ويس منهنجي ذهن ۾ اڳهين کان هڪ سوالن جي جيڪا لسٽ هئي سا هن پهرين جواب بعد Negate  ۽ Null ٿي وئي پر تنهن هوندي به چئي ويٺس:
”توهان جي دل انڊيا ڇڏي پاڪستان اچڻ تي نٿي چوي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي.“
مولوي صاحب هڪ دفعو وري مون کي گهورڻ لڳو ۽ هو پڪ آني مان واڳونءَ جو تازو نڪتل ٻچو نه ته شتر مرغ جي تازي ڦٽل ٻچي کي ڏسڻ واري تعجب جي ليول تي مون کي تعجب مان نهارڻ لڳو ۽ پوءِ وري سواليه جواب ڪيو:
”هتي جو وهندڙ مسلمان ڇو پاڪستان اچڻ چاهيندو؟ سڪون لاءِ! حيرت آهي توهان ڪهڙي سڪون جي ڳالهه پيا ڪيو. توهان پاڪستاني هندن عيسائين کي ته پيا اغوا ڪريو ۽ اسلام جي نالي تي ڦاهين تي چاڙهيو پر پنهنجا مسلمان پاڻ ۾ به نٿا ٺهو. شيعا سني ته هڪ ٻئي کي مارين پر سني به ڏهه فرقا ٺاهيو هڪ ٻئي کي پيا ڪهن. ٻاهر ته ٺهيو پر مسجدن ۾به نمازي پنهنجو پاڻ کي سلامت نٿا سمجهن. مرد ته ٺهيو پر زالون ۽ ٻار پيون ڍڳن ڍورن وانگر اغوا ٿين ۽ ڀنگ تي وڪامن.“
آئون چپ ٿي ويس پر تپندڙ باهه تي ڇنڍو هڻڻ لاءِ هڪ سوال مون وٽ ضرور هو جيڪو روزگار جو هو. انڊيا ۾ مسلمانن بک پيا مرن، هندن جي حڪومت هنن کي نوڪريون نٿي ڏئي. پاڪستان خوشحال ملڪ آهي. اڄ به هندستان جا مسلمان نوڪرين ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پاڪستان لڪيو لڪيو پيا اچن... پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۽ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين جو اظهار مون مولوي صاحب سان ڪيو جنهن کي هن رد ڪندي چيو:
”نه اها ڳالهه ناهي. ڏسو نه نوڪريون ملڻ ۽ نه ملڻ جو مدار تعيلم ۽ تجربي يا هنر جي ڄاڻ سان آهي. اسان مسلمان هونءَ به ماضيءَ جي خوبصورت ڪارنامن ۾ مدهوش رهون ٿا. محنت ۽ پورهيو اسان کي گهٽ ٿو پڄي، پوءِ ظاهر آهي نوڪريون به ان حساب سان ملنديون. پر ان هوندي به اسان کي هتي ڪا نه ڪا نوڪري يا ڪرت مليو وڃي جو انڊيا جي ايڪانامي تيز رفتا سان مٿاهين ٿي رهي آهي. ولايتن ۾ رهندڙ انڊين توڙي غير ملڪي هتي پئسو لڳائي رهيا آهن. توهان کي تعجب لڳندو ته ويندي توهان جي ملڪ جا ڪيترائي بوري، ميمڻ، اسماعيلي ۽ هندو، گجراتي ۽ پنجابي هتي انڊيا ۾ Invest ڪري رهيا آهن جو هتي قانون ۽ قاعدي جي سختي آهي، سيفٽي ۽ سيڪورٽي آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ انڊيا کي دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان سنگاپور ملائيشيا توڙي يورپ آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ به آسان ناهي. پر هڪ انڊين پاسپورٽ رکندڙ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ نوڪري مليو وڃي، چاهي هو هندو هجي يا مسلمان. دنيا کي خبر آهي ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار بلند آهي. انڊيا جو رهاڪو هنگامو نٿو ڪري، انڊيا جو ماڻهو دل وجان سان نوڪري ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو توهان جي ملڪ جا بزنس مين جن جون فيڪٽريون توڙي جهاز ولايت ۾ آهن پنهنجن پاڪستانين کي رکڻ بدران انڊيا جي ماڻهن کي رکن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ انڊيا جو پاسپورٽ هجڻ هڪ سگهاري ڳالهه آهي ۽ پاڪستان جي پاسپورٽ هجڻ بدنامي ۽خواريءَ جي علامت ٿي پيو آهي. سو انڊيا جو هڪ مسلمان ڪيئن پنهنجو وطن ۽ پاسپورٽ ڇڏي پاڪستان ايندو. هتي جي امن جو توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن مسجد کي چار گيٽ آهن. جڏهن کان هي ٺهي آهي اڄ ڏينهن تائين ان جو هڪ در به بند نه ڪيو ويو آهي. ڏينهن رات کلي پئي آهي جيتوڻيڪ چوڌاري هندن جون آباديون آهن.
هڪ دفعو ان ساڳي مسجد ۾ سومهڻي نماز تي محمد عارف نالي هڪ نمازيءَ سان ملاقات ٿي. مون کانئس پئسا مٽائڻ جي جاءِ پڇي جتان آئون سٺي سگهه تي ڊالر مٽائي سگهان.
”بهتر آهي ان لاءِ پراڻي دهلي هليا وڃو. جامع مسجد جي گيٽ نمبر ون وٽ ماٽيا محل آهي اتي ڪيترائي ”مني چينجر“ ملندا جيڪي سٺي اگهه تي پئسا مٽي ڏين ٿا.“
عارف ٻڌايو ته هو ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ جو گريجوئيٽ ۽ ڄاڻو آهي. ڪجهه وقت هڪ فرم ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ هن Peach Techniologies Pvt LTd نالي پنهنجي ڪمپني کولي آهي جيڪا نيو دهلي جي لڪشمي نگر جي جواهر پارڪ ۾ آهي.
نماز بعد عارف مون کان پڇيو ته جي هلڻ چاهيان ته هو مون کي جامع مسجد ڏي وٺي هلي جو هو هن وقت پراڻي دهلي وڃي رهيو آهي.
”هن وقت؟“ مون تعجب مان پڇيو، ”هن وقت ته رات جا نو ٿي رهيا آهن.“
”ته گهمڻ  ڦرڻ جو مزو ئي ته رات جو آهي، هتي جا ڪيترائي  وڏا ۽ اهم ماڻهو ته رات جو ٻارهين کان پوءِ نڪرن ٿا.“
دل ۾ سوچيو ته هي چوي ته سچ ٿو، اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن زماني ۾ رات جو ٻي بجي تائين هوٽلون دڪان کليا پيا هوندا هئا ۽ اسان رات جو دير دير تائين پيا گهمندا هئاسين نه هو ڊپ ڊاءُ نه چوري چڪاري. هاڻ اسان وٽ اهي سڪون وارا ڏينهن موهن جي دڙي وانگر فقط ماضيءَ جون ڳالهيون ۽ سدا بهار يادون بڻجي ويون آهن. هتي انڊيا ۾ ان سڪون ۽ امن امان ڪري فارينر به ايندا رهن ٿا ۽ رات جو دير تائين ڇوڪريون اسڪرٽن ۽ ولوله انگيز ٽائيٽ جينز ۾ پيون هلن پر مجال آهي جو ڪو انهن جو نالو وٺي. رستن تي ڪو پوليس وارو يا فوجي نظر نٿو اچي، ته به ماڻهو ڊپ ۾ آهن ۽ قانون جو احترام ڪن ٿا ڇو جو هنن کي خبر آهي ته ڏوهه ڪرڻ بعد هنن کي ڇوٽڪارو ملڻ آسان ناهي چاهي کڻي هو فلم ائڪٽر  سلمان خان هجي يا سنجي دت يا ڪو ٻائو ٻانڀڻ.
هڪ ڏينهن مون سان گڏ دهلي جي خان بازار جو سير ڪندي گهوٽڪي جي مهرچند هتي جي امن امان جي مٿاهين ليول جو ڌيان ان مان ڇڪايو ته سون جي دڪانن ٻاهران بيٺل هنن جا سيڪورٽي گارڊ به فقط يونيفارم ۾ آهن بنا ڪنهن پستول، بندوق يا ٻئي هٿيار جي. بلڪل هٿين خالي ۽ اڄ اسان کي هتي پندرهون ڏينهن ٿي ويو آهي دهلي جيڪا ڪراچيءَ کان ٻيڻي آهي، جي ڪنهن بازار مارڪيٽ دڪان ۾ ڦر جو واقعو نه پڙهيو اٿئون جيڪا ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ عام آهي. دڪاندار ۽ عوام ڏينهن ڏٺي جو به سلامت نه آهي. منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته انڊيا جا شهر دهلي، ڪلڪتو يا بمبئي، لکنؤ ڪي سعودي عرب جو مڪو مدينو آهن. هتي به چوريون چڪاريون، ڌاڙا ۽ اغوا جا ڪيس ٿيندا رهن ٿا، پر انهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو رهي ٿو ۽ مجرم کي ڏوهه ڪرڻ بعد Tough Time ڏسڻو پوي ٿو. هتي  جي ڌاڙيل يا Kidnapper وٽ ڪا پوليس يا تر جو وڏيرو شاباس ڏيڻ ۽ چوري جي مال جو حصو وٺڻ لاءِ نٿو پهچي.

No comments:

Post a Comment