Thursday, August 25, 2016

مري، ماڻهو ۽ موسم - مٺل جسڪاڻي

مري، ماڻهو ۽ موسم
مٺل جسڪاڻي
مري، يعني ڪوهه مري، جيڪو اڄ ڪلهه پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جي سب ڊويزن آهي، اهو دراصل هماليه جبلن جي سلسلي جي ڏاکڻي پوڇڙي وارو علائقو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 7516 فوٽن جي اوچائي تي آهي. راولپنڊي اسلام آباد کان اتر طرف 60 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود مري 1850ع ۾ ميونسپالٽي هئي، 1851ع کان انگريز سرڪار جي توجهه جو مرڪز بڻي، 1853ع کان مريءَ جي موجودهه بيهڪ جي شروعات ٿي. ان کان اڳ جي تاريخ ڦلورڻ سان خبر پوندي، ته پهرين ڪو هڪ ماڻهو، انهن جبلن مان ٿي آيو هوندو، يا ممڪن آهي شروع ۾ ڪو هڪ جوڙو لوڪ کان لڪي وڃي رهائش پذير ٿيو هجي، ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي آدمشماري وڌندي وئي هجي. ڇو ته مري جي مٿاهين واري انگڙ ونگڙ جابلو سلسلي تائين رسائي لاءِ، اڄ ڪلهه به 60 ڪلوميٽرن جو اهو جابلو رستو، روڊ ذريعي سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن جو آهي! هاڻي تصور ڪريو ته مريءَ تي رهائش اختيار ڪندڙ پهرئين هڪ شخص يا جوڙي، ڪيئن ۽ ڇو، اهو ڪمال جو پنڌ ڪري، ٻين ماڻهن کان گهڻو پري وڃي رهائش اختيار ڪئي!


مري ۾ مري جا اصلوڪا ماڻهو هاڻي ڳولڻ سان ته ملي ويندا، نه ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو، ڪو ڪنهن ڪاروبار ته ڪو ڪنهن نوڪري بهاني اتي رهائش پذير آهي، نه ته جنهن جو به، جڏهن به مري وڃڻ ٿيو آهي، ان کي اڪثر ملڪ ئي نه، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل سياح ئي نظر ايندا آهن.
مري جي موسم ڪمال جي آهي! گرمي وارن ڏينهن ۾ ٿڌ رهندي آهي، ٿڌ واري موسم ۾ برفباري به ٿيندي آهي. ڪنهن کي ڪو اندازو ئي نه هوندو آهي، ته ڪهڙي وقت ٿو ڪڪر اچي، وسي، يا لٽا پُسائي روانو ٿي وڃي! هتي جهُڙ دونهين وانگر نظر ايندو آهي. ڪنهن مهل مٿي کان مٿي يا وري پيرن ۾ هوندو آهي.
آئون ان خيال جو آهيان ته مري جي جبلن، اتي گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن ۽ موسم کي سمجهڻ گهڻو ڏکيو آهي. مري ۾ موسم جو مزو وٺڻ لاءِ پهتل ماڻهن ۽ آيل ماڻهن جي رهائش، کاڌي پيتي، تحفي تحائف لاءِ وڪامندڙ سامان جي انتظام کان صحت ۽ حفاظت لاءِ موجود ماڻهن ۾، جيڪو به رُلي ملي سگهي ۽ وٽس اتي پهچڻ ۽ اتان موٽڻ لاءِ گهربل مُوڙي هجي، ته هڪ دفعو ضرور گهمي ڦري، اهو جهان به ڏسي اچي، ڇو ته هڪ اندازو ئي نه، تحقيق کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب، مري پاڪستان جو اهو حصو آهي، جتي تمام گهڻا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا. هتي ئي وڌ ۾ وڌ سياح ايندا آهن. ڇو ته سياحت جا ٻيا علائقا اڃا پري، پهچڻ ۾ ڏکيا ۽ مهانگا آهن، ان ڪري ٻين گهمڻ ڦرڻ وارين جاين تي ايترا ماڻهو نه پهچي سگهندا آهن، جيترا مريءَ ۾ هر سال ايندا ويندا آهن.
هن دفعي فقير محمد ڍول ۽ وفا مولابخش جي مهرباني ۽ سندن ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار سبب، آئون به سال جي گرم ڏينهن ۾ ٿڌ جو مزو وٺڻ لاءِ مري ويس. اسان مري پھتاسين پئي ته رستي ۾ ئي مينھن وسڻ شروع ڪيو، جيڪو ڳچ دير تائين وسندو رھيو. اسان وسندي مينھن ۾ مري پهتاسين. لاري اڊه کان مال روڊ ويندي، هلڪو مينهن وسيو پئي. هڪ هنڌ وفا چيو ته هلي ڪنهن هوٽل ۾ ويهون، چانهن پاڻي به پيئون ۽ مينهن به بيهي، ته پوءِ ئي اڳتي هلون. مون چيو مينهن سنهو آهي، جتي وڌندو اتي ڪٿي ويهنداسين، نه ته، نه اهو مينهن بيهندو، نه پاڻ گهمي سگهنداسين. منهنجي اها صلاح فقير ۽ وفا قبولي، ته اسان لوڻا هڻندا، رستي جي ٻنهي پاسي موجود هوٽل، دڪان، دفتر، ماڻهو ڏسندا، اڳتي وڌندا وياسين.
گذريل سال نومبر ۾ جنهن هوٽل ۾ اسان رهيا هئاسين، ان هوٽل تي نظر پئي ته مون فقير کي چيو، ان هوٽل واري سان ڳالهائي اچو، جيڪڏهن مناسب پيسن ۾ هوٽل ملي، ته اڄ رات اتي گذاريون. فقير هوٽل واري سان ڳالهائڻ ويو، مون ۽ وفا ايندڙ ويندڙ ڏٺا. فقير موٽي اچي چوويهن ڪلاڪن جا ڇهه هزار روپيا في ڪمرو ٻڌايو، ته اسان اسلام آباد ۾ رهي، مري گهمڻ واري فيصلي کي درست سمجهي، اڳتي وڌياسين.
تڪڙ ته مون کي به هئي، پڪ سان فقير جي دل به گهريو هوندو، پر ٿورو اڳ ڀرا ٿياسين، ته وفا فوٽوگرافي لاءِ چيو. مون هن کي ٻڌايو ته ڪيميرا جي اک اوهان کي ڏسي پئي، هتي فوٽوگرافي جي اجازت نه آهي. ڇو ته اسان هاڻ ڪينٽومينٽ جي ان حصي ۾ هئاسين، جتي تصويرون ڪڍڻ جي اجازت نه آهي. جيڪڏهن اجازت هجي ها، ته آئون لڪ چوري ۾ اُن جوڙي جي ضرور تصوير ڪڍي وٺان ها، جن جا منهن هڪ ٻئي کي ايترا ته ويجها هئا، جو انهن کي ته ڪو به نظر نه پئي آيو، پر هُو پاڻ اڪثريت جي خاص نگاهه جو سبب پئي بڻيا. مون کي ان جوڙي تي تمام گهڻي ڪاوڙ پئي آئي، ڇو ته هو اهڙي ويل چيئر تي ويٺل هئا، جنهن کي هڪ پيرسن ڌڪيندو، جبل جي چاڙهي چڙهندو پئي ويو. ائين ڪرڻ سان پوڙهو ته معاوضو ملڻ جي ڪري مجبور هو، پر ڪاش پوڙهي کي ڪي ٻار ائين اڳتي کڻي هلڻ لاءِ ملن ها ۽ اهو جوڙو ڪنهن ڏٽر وٽر جي نصيب ۾ اچي ها، ته اهو مزدوري به وٺي ها، جوڙ ۾ شامل هڪ تي ڪٽڪيون کائي ها ۽ ٻئي کي ڏسي، بنا ٿڪڻ جي منزل تي به پهچي ها. پر ڪاش!...
اسان گهمندا ڦرندا پهرين ته پنڊي پوائنٽ وڃي نڪتاسين، اتان پوءِ وري ورياسين مال روڊ ڏي. لاري اڊه کان اسان کي گس هلندي جيترا ماڻهو پئي نظر آيا، اوتريون ئي گاڏيون پئي نظر آيون! اسڪول جي موڪل وارو وقت پنهنجي جاءِ تي، پر گهمڻ لاءِ ايندڙ به تمام گهڻا هئا. گاڏين جي رش سبب گهمڻ ۾ ٻين کي به ڏکيائي ٿي پئي، پر هڪ جبل جي چاڙهي وارو رستو، ٻيو گاڏين جي پيهه، گاڏين ۾ وري دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون به هجن، ان ڪري مون کي اُڀ ساهي ٿي پئي ۽ مون مري ۾ دونهي جي گدلاڻ شدت سان محسوس ڪئي.
گرمي جي موسم ۾ مريءَ ۾ باقائدي رش هوندي آهي ۽ جيئن جيئن ماڻهو وڌندا آهن، تيئن تيئن ماڻهن جي روزگار جا رستا به کلندا آهن، ته مهانگائي به وڌندي آهي. مون کي ويل چيئر تي ماڻهو کڻندڙ پوڙهن جي روزگار کان، ڪٽلي ۾ چانهن ۽ ڊسپوزايبل مگا کڻي گذر سفر ڪندڙ ڇوڪرو وڌيڪ وڻيو، جيڪو ممڪن آهي ته صبح جو پڙهڻ ويو هجي ۽ شام جو ان ڪرت سان ٻه روپيا ڪمائيندو هجي.
مريءَ ۾ آئون ڪو اٺن مهينن کان پوءِ ٻيهر ويو هئس، ان ڪري مون سمجهيو هو ته اتي ڪا خاص تبديلي نه هوندي، پر منهنجو اندازو گهڻو غلط ثابت ٿيو! هڪ ته عام ماڻهو جي ساهي پٽڻ لاءِ ٺهيل اڪثر ٺڪاڻن کي نئون سئون، نئين انداز ۾ ٺاهيو ۽ سينگاريو ويو هو، ٻيو ته ٿوري ٿوري پنڌ تي، ماڻهو جي قد ۽ بت کان گهڻا ٿلها ۽ ڊگها، پر گول، مصنوعي رنگين گلن سان سينگاريل، گل دان انتهائي خوبصورت پئي لڳا. جي پي او کان کاٻي طرف ڪشمير پوائنٽ ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي پاسي جبل يا وري جڳهيون ته گهڻي ڀاڱي اڳ واريون ئي هيون. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ نئين عمارت به تعمير ٿي هئي، پر گهمڻ دوران ڪو خاص فرق محسوس نه ٿيو، البت کاٻي پاسي کان جيڪي نظارا نظر ايندا هئا، اهي هن دفعي تمام گهڻا گهٽ هئا ۽ جيڪڏهن اها رفتار رهي، ته ايندڙ چند سالن ۾، ان رستي سان به صرف رستي تي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ گاڏيون ئي ڏسڻ لاءِ ملنديون، پر جبلن جون سائي چادراوڍيل لهواريون کاهيون ۽ اوڀاريون چوٽيون نظر نه اينديون. اتي جي آس پاس جون وسنديون، جيئن اڄ ڪلهه نظر اچن ٿيون، تيئن ڏسي نه سگهبيون. جيڪڏهن ائين ٿيو ته مال روڊ تي ٻنهي طرفن صرف دڪان نظر ايندا آهن، ڪشمير پوائنٽ تي ويندي ۽ ورندي به جيڪڏهن ڀتيون، هوٽل، دڪان نظر ايندا، ته پوءِ ماڻهو ڏسڻ لاءِ هر شهر ۾ موجود رش واريون بازارون گهمڻ ۽ مري گهمڻ ۾ فرق صرف ٿڌ جو ئي وڃي بچندو!
مري ۾ ماڻهن جي رش جو ته خير، پر گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي گاڏين جي به پيهه ايتري ته هئي، خود گاڏين وارا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ جام هجڻ ڪري ڦاٿا به هوندا، پر پنڌ هلڻ وارن کي به گس ملڻ ڏاڍو ڏکيو پئي محسوس ٿيو! رش گهڻي هجڻ سبب انتظاميا جي گهڻين ڪوششن جي باوجود، ڪٿي ڪٿي ته ظابطو بلڪل به نظر نه پئي آيو!
گهمندڙ ڦرندڙ اڪيلا به هئا، جوڙا به هئا، سنگت وارا به، ته خاندان وارا ٽولا به هئا. هر عمر ۽ هر جنس وارا هئا، پر هي ٻه اکر لکڻ وقت ياد ڪرڻ تي ياد آيو، ته شعوري طور مون ڳولا نه ڪئي هئي، پر لاشعوري طور مون کي ياد نه پيو اچي، ته مري ۾ ڪو ٽئين جنس وارو به هو! البت اتي هڪ ڪرڙوڍ، چاپوئين ڏاڙهي وارو همراهه ڏٺم، جنهن اڪيلي کي نه صرف گوڏ ٻڌل هئي، پر اهو گوڏ کي ائين جهلي، ائين گهمي رهيو هو، جيئن تازو طهر (سنت) ڪيل ڪو ڇوڪرو هلندو آهي. مون ان کان پڇيو نه هو، پر مون کي لڳي ٿو، ڪو بي افعالو هو، ان ڪري مريض هو، ممڪن آهي ته علاج جي بهاني، ڪنهن طبيب جي صلاح تي عمل ڪري، هتي رهڻ لاءِ آيل هجي!
اسان گهمياسين پئي، مون کي ته ڪا اون، ڳڻتي نه هئي، پر گهڻي وفا کي ۽ ٿوري فقير کي اها آس اميد هئي، ته ڪا سستي هوٽل ملي پوي ته رات مري ۾ رهجي. ان ڪري هنن چيو ته هاڻ گهمڻ سان گڏ رهڻ لاءِ هوٽل به ڳولجي، مون کين وراڻيو اوهان ڳوليو... آئون جي پي او وٽ دم ديدار تي بيهي رهيس. هو اٽڪل اڌ ڪلاڪ ۾ هوٽلون ڏسي آيا، پوءِ گڏجي وڃي هڪ هوٽل ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيوسين.
اسان ٽي ئي ٽن ٽن ڪپڙن (قميص، گنجي ۽ اڳٺ سميت سلوار) سان، هٿين خالي، پنهنجي رضا خوشي، مرضي سان مري پهتا هئاسين. ان ڪري جسم اگهڻ لاءِ توليو (ٽوال، ڪپڙو) به ساڻ نه هو، صابڻ ۽ ڏندڻ به نه هو، شيو جو سامان به نه هو. ڇو ته اسان اسلام آباد ۾ رهي، مري گهمڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر في ماڻهو هڪ سئو روپيا هڪ طرفو ڀاڙو هو، اسان مري ۾ ٻه ڏينهن گهمڻ جو ارادو ڪيو هو. اوٽ موٽ ٻارهن سئو روپيا ته صرف لاري اڊه کان لاري اڊه جو ڀاڙو پئي ٿيو، پر هوٽل جو ڪمرو هڪ هزار روپين ۾ ملي ويو، ته اسان اتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. بدمزگي صرف اها ٿي، ته اسان ڪلهه صبح جيڪي ڪپڙا پاتا هئا، اهي رات جو پائي نه ستا هئاسين ۽ ميرا نه ٿيڻ ڪري، اڄ به اهي پاتل هئا، هاڻ رات جو مري ۾ رهياسين، ته رات جو به انهن ڪپڙن ۾ سمهڻو پيو ۽ ٻئي ڏينهن به انهن ئي ڪپڙن ۾ هلڻو پيو! هلياسين، گهمياسين، رات رهي، وري ٻئي ڏينهن به منجهند تائين اتي هئاسين.
مري ۾ گھمندي، ٿڌ ۽ ٿڪ ۾ واڌ محسوس ٿيڻ باوجود گهمندي ڦرندي، ڏسندي ڏسندي، اسان کي ڪي اھڙا ۽ ڪي اھڙيون به اک چڙھيون، جن سي کان بچڻ لاءٍ گرم ڪپڙا ورتا، ڪن پاتا ته ڪن ساڻ کنيا. اسان شام جو دير تائين گهمندي، ۽ پوءٍ رات جي ماني کائي، آئون ڪمري ۾ اچي ويس، فقير ۽ وفا دير تائين گهمندا رهيا.
سڄي رات وقفي وقفي سان مينھن، ڪنھن مھل گھٽ ته ڪنھن مھل ايترو زوردار گوڙن سان گڏ تيز مينھن پئي وسيو، جو وقفي وقفي سان ننڊ ڦٽندي رھي. صبح ٿيو، گھمڻ لاءٍ نڪرڻ جي نيت به ھجي، سيءُ به واہ جو ھجي. منهنجي ساٿين جي مون کي خبر نه آهي، آئون ته بنا وهنجڻ جي نڪري پيس. هوٽل کان ٻاهرين گهٽي، هوٽل ڏانهن اچڻ وقت جابلو لاهي، هوٽل کان جي پي او چوڪ ڏانهن ويندي اُڀي جابلو چاڙهي هئي، سوڙهي ايتري، جو هڪ گاڏي گذري سگهي. ان گهٽي ۾ چاڙهي چڙهندڙ گاڏي وڏي عمر جي شخص ۽ چاڙهي تان لهندڙ گاڏي ننڍي عمر جي وڏ گهراڻي جو ڪو فضيلت ڀريو ڳڀرو هلائي رهيو هو. ڏوهه ٻنهي مان ڪنهن جو به نه هو. ٻئي بي خبري ۾ هئا. جڏهن آمهون سامهون ٿيا، ته هاڻ هڪ گاڏي کي پوئتي هٽڻو پيو. ننڍي عمر وارو ڀائو تپي ڳاڙهو ٿي ويو، هن وڏي عمر واري کي جيڪو بد شد چيو، مون پنهنجي ڪنن سان ٻڌو.
ٿورو اڳتي وڌياسين، گس ۾ پريس ڪلب هو، جنهن تي ڪلهه شام به تالو هو، اڄ صبح به تالو هو. پريس ڪلب جي نشاندهي واري بورڊ جي هڪ پاسي اردو ۾ نوٽ لکيل هو ته ”يَهان خبر ڪي پيسي نهين لئي جاتي“. اڳتي وڌي جي پي او چوڪ تي پهتاسين ته ماڻهو ماڪوڙين وانگر هجن! اتي ٻه اخباري هاڪر نظر آيا، ٻنهي وٽ عام رواجي تعداد ۾ اخبارون هيون، پر ايتري رش هجڻ باوجود، ٻنهي ڄڻن، ٻين عام اخباري هاڪرن وانگر خريدار پئي ڳوليا! هڪ جهوني هاڪر سان ڳالهه ٻولهه به ڪيم. هن سندس نالو محمد گلستان ٻڌائيندي ٻڌايو ته هو 1970ع کان اخبارون وڪڻي پيو. اخبار وڪامي ٿي ته ڄڻ مزدوري ملي ٿي، نه ٿي وڪامي ته ڄڻ ڏهاڙي نه لڳي. روزگار جي ضمانت به نه آهي ۽ مستقبل به ڪو ڪونهي. پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اڳ ۾ سنڌي اخبار به ايندي هئي، هي ئي وڪڻندو هو، پوءِ وڪرو گهٽجي ويو، اخبار اچڻ بند ٿي وئي، هاڻ مري ۾ سنڌي اخبار ڪا نه هوندي آهي.
رات جي تيز برسات کان پوءِ صبح کان سنهڙيون مينهن ڪڻيون به جاري هيون، ان ڪري مون کي به سيءَ لڳو پئي. گهمندي ڦرندي، هڪ پشاوري کان ويسٽ ڪوٽ (شيرواني وانگر سبيل جرسي، واسڪوٽ) وٺي ورتم. پايان ته پگهر ٿئي، لاهيان ته سيءَ لڳي! گهمندي ڦرندي، مري مان واپس ورڻ جو فيصلو ٿيو. فقير ۽ وفا ويا هوٽل تان واندا ٿي ورڻ، آئون مال روڊ تي ٽهلندي، ٻين وانگر ئي، هڪ هنڌ ويهڻ جهڙي جڳهه خالي نظر آئي، ته اتي ويهي رهيس، ايندڙ ويندڙ ڏسندي، جيستائين وفا ۽ فقير واپس اچن، تيستائين آئون ويٺي ويٺي، تمام گهڻن ماڻهن کي ڏسندو رهيس، گهر وارن سان دعا سلام به ڪيم. خيالن ئي خيالن ۾ خبر نه آهي ته ڪٿان ڪٿان ٿي وريس، ڇا ڇا سوچيم، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، اهو لوڪ کان لڪائڻ مسئلو ٿي پيو... فقير ۽ وفا پهتا ته اسان مري، مري ۾ آيل ماڻهو، مري جي موسم، مري جا منظر ڏسندا، لاري اڊه، اتان پوءِ اسلام آباد روانا ٿياسين.



(سندر، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو 23 آگسٽ 2016)

No comments:

Post a Comment