Monday, November 03, 2014

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا - عبدالله مورائي

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا
عبدالله مورائي
روز روز اخبارن ۾ رهزنن هٿان سنڌ ۾ ماڻهن مٿان ظلم ٿيڻ ۽ مارڻ جون خبرون پڙهي سچي پچي ڪڏهن دل چوندي آهي ته اخبار جو لنڪ ئي نه کولجي پر حقيقتن کان ڪيترو ڀڄبو؟ بقول ذوالفقار هاليپوٽي جي ته سنڌ ۾ ڄڻ زندگيءَ کي فل اسٽاپ اچي وئي آهي. اها فل اسٽاپ پنهنجن جي هٿان ئي ڏنو ويو آهي، جن کي اليڪشن جي وقت اسان سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، گلن جي ورکا ۽ مانجهاندا ڏيندا آهيون. ڪنهن ڏاهي جي بقول ته جنهن ڏينهن اليڪشن جي ڪيمپين پوري ٿيندي آهي، ان ڏينهن کانپوءِ غلامي شروع ٿيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير بيان ڏنو آهي ته سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن سائين قبلا اکيون کوليو، رڪارڊ ترقياتي ڪمن جي نالي تي رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي. ماڻهو انڌا ٿورو ئي آهن جيڪي توهان جي ۽ توهان جي آس پاس ويٺلن جي زندگي، اٿڻ ويهڻ، ملڪيتون ۽ عياشون ڪو نه پيا ڏسن. ڏسڻ ۾ سڀ ڪجهه اچي پيو، اسان رڳو زنده لاش ٿي چڪا آهيون. اڄ وڪيل جيڪڏهن ڀتيون ٽپي اسيمبليءَ ۾ اچي ٿا وڃن ته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن زنده لاش هوش ۾ ايندا ۽ توهان کي فراريت جو وقت به نه ملندو. بهرحال توهان تي ميار نه آهي توهان جون واڳون ڪنهن ٻئي وٽ آهن.


ماڻهو ڀلي سنڌ کان هزارين ميل پري هجي پر ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيترو پري اوترو ويجهو. ٻاهر ويهي جڏهن سنڌ جو موازنوت ڪجي ٿو ته ذوالفقار هاليپوٽي واري ڳالهه بلڪل سمجهه ۾ اچي ٿي. سنڌ جي موجوده صورتحال ڏسي ۽ سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ سچ پچ ته ننڊ ئي اڏاميو وڃي. اها ڪهڙي ناانصافي، ڪو اهڙو ناحق ۽ ظلم جيڪو پاڻ وٽ نه ٿيندو هجي؟ قانون جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي ڪو نه آهي. دهشتگردي، پوليس ۽ رينجرس گردي، وڪالت گردي، ملا گردي، عوامي گروپ ۽ صحافت گردي، ڇا لکي ڇا لکجي. اسان جو ڪو به دشمن ڪو نه آهي بلڪه اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون ۽ اها دشمني هاڻي اسان سان بيمارين، هڪ ٻئي سان دشمنيون پالڻ، ملاوٽ، نقلي دوائن، قدرتي آفتن ۽ ٻين انيڪ صورتن ۾ وڙهي رهي آهي. اسان ان مان ان صورت ۾ جان ڇڏائي سگهنداسين جڏهن هڪ ٻئي کي انصاف ڏيڻ شروع ڪيون. بقول نيلسن منڊيلا جي ته غربت انصاف سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿي.
هتي سئيڊن ۾ ايٿوپيا جا به ڪافي شاگرد پڙهڻ ايندا آهن، هڪ ڏينهن هڪ ايٿوپيا جي دوست سان ڪچهري پئي ڪيم ۽ ڳالهين ڳالهين مان وڃي پنهنجن پنهنجن ملڪن جي حالتن تي پهتاسين. بقول سندس ته انهن وٽ ايڏو ظلم نه آهي جيڪو مون هن کي ٻڌايو ته پاڻ وٽ ڪيئن موبائل جي ڦر تي ماڻهو قتل ٿيو وڃن، ڪيئن عورتن کي ڪاروڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي، حڪمرانن جون عياشيون يا ميرٽ جي لتاڙ، عام ماڻهن کي پنهنجو حق گهرڻ اچي ئي نٿو، ڪيئن چوندا آهن ته وڪيل ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي، سڌو سنئون جج ڪيو. پاڻ ٻڌايائين ته کين وٽ رڳو پندرنهن ويهه سال پهريان ايڊز جو گهڻو مسئلو هيو پر هاڻي حڪومت جي ڀرپور ڪوشش ۽ بين الاقوامي مدد کانپوءِ اسان ان تي گهڻو ضابطو آڻي چڪا آهيون ۽ ماڻهو هاڻي اويئر (Aware) آهن. وڌيڪ کلندي چيائين ته هاڻي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جا مثال نه ڏيو بلڪه هاڻي اسان توهان جا مثال ڏينداسين.
هتي شاگردن کي تمام گهڻيون سهولتون آهن. شاگردن لاءِ خاص رهائش جا علائقا، بسن، ريل گاڏين ۽ جهازن جي ٽڪيٽن ۾ رعايت ۽ ٻين ڪافي جاين تي شاگردن کي رعايتي اگهن ۾ شيون ملن. پوءِ ديسي شاگرد شهر جي ويجهو رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا فائدا وٺڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪورس ۾ داخل ڪرائيندا اچن. پاڻ وٽ اهي ڏينهن اهي شينهن، شاگردن کان اڌ ڀاڙي وارو تصور ئي ڄڻ ختم ٿي چڪو آهي. ان ۾ به اسان پاڻ ئي ڏوهي آهيون. جڏهن نوڪريءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن به ڪوڙا شاگردن جا ڪارڊ ٺهرائي سفر شروع ڪيو ته دراصل انهن شاگردن جي حقن تي راتاهو هنيو.
هتي ڪاپي ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جيڪڏهن ڪو پڪڙيو ويو ته ان کي ڪافي سخت تڪليفون اينديون ۽ ان کي ڪجهه سالن تائين بين ڪيو ويندو. پاڻ وٽ به ڪاپيءَ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، رڳو نيت هجي، امتحاني هالن ۾ جيڪڏهن سي سي ڪئميرا لڳل هجن ته ڳالهه واضح ٿي پوندي ته ڪير ڪاپي پيو ڪري ۽ ڪير ڪاپي پيو ڪرائي. بهرحال جڏهن ويهه ويهه ڪلاڪ بجلي ئي نه هجي ته پوءِ اهو ظاهر آهي ته شايد سي سي ڪئميرائون ڪم نه ڪن.
ٻيو ڪاپي روڪڻ جو حل اهو ٿي سگهي ٿو ته هر بلاڪ ۾ ويٺل شاگرد جو سوالنامو هڪ ٻئي کان مختلف هجي ۽ ڀر واري کي به خبر نه هجي ته ڀر واري وٽ ڪهڙا سوال آيا آهن. امتحان ايتري ڪورس مان ورتو وڃي جيترو پڙهايل هجي. باقي ڪاليج جي استادن تي نٿو ڀاڙي سگهجي. سائين حاجي خان ڪمالاڻي سان جيڪا موري جي ڪاليج ۾ ٿي هئي، ان کانپوءِ ڪهڙو استاد ڪاپي روڪرائڻ لاءِ اڳتي ايندو. مختلف ڪاليجن جي انتظاميا خود ملوث آهي ته جيئن انهن جا شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿين ته انهن جو نالو ٿئي، پوءِ ان ريس ۾ هر ڪو گوءِ کڻي وڃڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ نتيجو اسان سڀني اڳيان آهي.
وقت جي اهم ضرورت اها به آهي ته ٻين مسئلن سان منهن ڏيندي ڏيندي اسان سنڌي پنهنجو صوفي مزاج به برقرار رکندا اچون. جڏهن ماڻهو هر طرف کان مايوس ٿي ويندا آهن ته پوءِ اهي مذهب ۾ پناهه وٺندا آهن. اسان سنڌين جي اڃا به اڪثريت صوفي مزاج آهي پر اڄ جيڪي خبرون آهن ته مذهبي انتهاپسندي وڌي پئي ته ان کي ٻنجو ڏيڻو پوندي. سنڌ ۾ نثار کوکر طرفان شروع ڪيل باغين سان شام يا کڻي چئجي صوفين سان شام هڪ زبردست قدم آهي جنهن کي اسان سڀني کي هٿ وٺي وڌائڻ گهرجي. گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر اهو نياپو پهچائڻ گهرجي ته اسان صوفين جو اولاد آهيون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان ڏور آهيون. نثار کوکر جي ان قدم تي ڪجهه ماڻهن اعتراض ۽ تنقيد به ڪئي پر انهن لاءِ اهو چوڻ ئي بهتر آهي ته ”ڪجهه سڙي پيو.“ سچ پچ ته نثار کوکر جو اهو قدم صوفين جي ڌرتي ۾ ڄڻ وري ساهه ڦوڪي رهيو آهي.
سنڌي هندن کي عرض ته ملڪن ۾ حالتون خراب ضرور ٿينديون آهن ۽ ماڻهو وقتي طور تي لڏپلاڻ ڪندا آهن پر انهن حالتن پٽاندڙ پنهنجي وطن کي هميشه ڇڏي وڃڻ پنهنجي پاڻ سان ناانصافي آهي. توهان جو سنڌ ۾ ٽِڪي رهڻ ئي انهن قوتن جي شڪست ٿيندي جيڪي چاهين ٿيون ته توهان سنڌ مان لڏيو. سنڌ جون حالتون هڪ نه هڪ ڏينهن ته بهتر ٿيڻيون آهن. ظلمن، ناانصافين ۽ زيادتين جا ڪوٽ ضرور هڪ ڏينهن ڪرندا ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي صرف سنڌي ۽ ڌرتيءَ جو مالڪ هوندو ۽ ڪنهن کي به اقليتي آبادي جو نه سڏيو ويندو. سڀ ڌرتي جا وارث هوندا ۽ ڪ دفعو وري گڏجي پنهنجي وطن کي نئين سر ٺاهيندا. ڌرتي ماءُ سان وفاداريءَ جي حوالي سان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو مثال اسان سڀني لاءِ سبق آهي.

ڪجهه ڏهاڙا ٿيندا جو آئون هائڪنگ (Hiking) تي ويل هوس. جڏهن هڪ جڳهه تي پهتاسين ته ڪجهه سئيڊش دوستن ٻڌايو ته هتان ٿورو اڳتي هلبو ته هڪ پاڻي جو زمين اندران ٻاهر ايندڙ آبشار آهي ۽ ان جي اها خصوصيت آهي ته اهو پاڻي هر موسم ۾ ساڳيو رهي ٿو. معنيٰ ڀلي گرمي جو پد ڪاٽو هجي پر اهو پاڻي ڄمندو نه آهي ۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته شايد ان جو تعلق عيسائين جي مذهب سان آهي ۽ اهي يقين رکن ٿا ته ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن مذهبي رهنما جي ڪرامت آهي. وڌيڪ چيائون ته ساڳي طرح جيئن مسلمانن جو آب زم زم سان ۽ هندن جو گنگا درياهه سان آهي پر جڏهن اسان هتي پهتاسين ته اتي ڪو به ماڻهو عبادت ڪو نه پيو ڪري يا ڪو به شخص شنان ڪو نه پيو ڪري. هڪ وڻ جي پاڙ ڀرسان اهو پاڻي نڪري رهيو هو ۽ ڀرسان هڪ ننڍڙو بورڊ لڳل هئس، ٻيو ڪل پيران دا خير.

No comments:

Post a Comment