Monday, November 17, 2014

گورک ڏانھن اڏار- گل حسن ساگر ڪوري

گورک ڏانھن اڏار
گل حسن ساگر ڪوري
فيسبڪ جي پياري دوست کي جڏھن پيغام ڏنم ته ”گورک ھل اسٽيشن” اوھان کي گھمائجي — ته ان موٽ ۾ لکيو ته؛ ”گورک” ڇا ھي؟ مون ڀوڳ ۾ جواب ڏنو ته ”گوگل ۾ گورک ھل اسٽيشن کي سرچ ڪيو.” ۽ ڪم ڪار سبب مون موبائل تان فيسبڪ بند ڪيو. ٻئي ڏينھن جڏھن فيسبڪ کوليم ته ان دوست جون گورک جي گود ۾ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.


ھاڙھ ڏھاڙن ۾ سنڌ ۾ لڪ لڳندي آھي. ڪوسن جھولن ۾ وڻ جا پن سڪي پٽ پئي اڏندا آھن ته ماڻھو ”گورک” ڏانھن ويندا آھن. توڙي جو 90سيڪڙو موت جا امڪان آھن.
معمول موجب دڪان تي ويٺو ئي ھئس ته دادوءَ مان منھنجا ٻه مائٽ ۽ سندن سنگتي مون وٽ پھتا. جوھي، ڪاڇي ۽ گوک جو مھاڙي در مثل آھي. مائٽ بشير علي ڪوري، سندس ڀاءُ نذير علي ڪوري، نصيب عباسي، نثار جويو ۽ حافظ سومر برھماڻي کي ڏسي خوشي ٿي. مون سمجھيو اڄ 14 آگسٽ آھي، موڪل ڇٽيءَ سبب ڪچھري ڪرڻ آيا آھن. حال احوال معلوم ڪرڻ تي گورک جو ٻڌي في الحال خاموشيءَ جي لھرن ۾ لڙھي ويس. پاڻ کي پاڻ آٿتن جا ڪنارا ڏئي راضپو ڏيکاريم. ٻنھي موٽر سائيڪلن ڏانھن ڏٺم ته ھڪڙي بلڪل نئين ھئي ۽ ٻي ٽن سالن جي پراڻي ھنڊا ھئي. ھنڊا ۾ اھا طاقت نه آھي جيڪا ويهه فوٽ چاڙھيءَ تي چڙھي سگھي. پنھنجي پياري دوست خدا بخش جمالي کي ڪال ڪيم چيائين ته سواري ناھي روڊ تي بيٺو آھيان. کيس چيم ته توکي مان کڻڻ اچان ٿو. استاد خدا بخش جمالي گورک جو پکي آھي جيڪو مھيني ۾ چار يا پنج پنڌ ڪندو رھندو آھي. انھيءَ کي سنگتين جون گاڏيون چيڪ ڪرڻ لاءِ چيم ۽ پنھنجي موٽرسائيڪل به چيڪ ڪرڻ جو چيم، استاد خاطري ڏني.
دڪان پنھنجي پٽ مير حسن حوالي ڪري جوھيءَ مان واھي پانڌيءَ روڊ تي موٽرسائيڪل ڊوڙائي بکر شھيد تائين اھڙو سڪون ڏنو ڄڻ ھوا ۾ پئي اڏامياسين. بکر شھيد کانپوءِ روڊ جي اھڙي حالت آھي جو ھانو ۾ چڪ پئجي ٿا وڃن، پورا ست سال گذري ويا. ٻوڏون آيون روڊ لوڙھي ويون. انھن جا ڪم نه ٿيا. ٽينڊر آيا ڪاغذن ۾ ڪم ٿي ويا. عوام آزار ۾ ئي آزار ۾. واھي پانڌيءَ جي ٽٽل روڊ تي موٽرسائيڪل ڊوڙندي رھي ٻن ڪلاڪن ۾ واھي پانڌيءَ پھتاسين. توڙي پنڌ 45 منٽن جو آھي. اسپتال جي سامھون ھوٽل تي اڌ ڪلاڪ کن بيٺاسين پيپسيءَ جا ٻه شيشا 1 لٽر وارا پي موٽرسائيڪل گورک واري روڊ تي ڊوڙائي، ان جي رفتار 60 تي رکيم، ڪٿي ڪٿي روڊ ڀڳل به ھئو پاسا به کاڌل ھئس. 60 جي رفتار ۾ گاڏي ڪنٽرول ۾ اچي سگھي ٿي. 5 ڪلوميٽر اولھه کان اتر ڏانھن مڙڻو پيو. جبل جي ننڍڙين ننڍڙين ٽڪرين تي چڙھياسين لٿاسين پئي. کاٻي پاسي تقريبن 100- 200 فوٽن تي کيرٿر جون اڀيون ٽڪريون گڏ گڏ ھليون پئي، رومانوي نظارن دل ٺاري پئي، ٻئي پاسي واھي پانڌيءَ جا موبائل ٽاور ڪنڊين مان نظر پئي آيا ۽ جوئر – گوار جي ساوڪ اکين کي ٺاري ۽ روح کي راحت ڏئي رھي ھئي، لوڙھن ۽ ڪوٽن بنا گھر اھڙو پئي وڻيا سوچيم پئي ماحول تي اڻ ڳڻيو ۽ اڻ ميو پيار ۽ قرب ھوندو. پرخلوص جذبا ھوندا. اگر اسان لوڀ – لالچ – ڪينو ڪڍون ته ماحول ۾ محبت پيدا ٿيندي. دلين کي ڏنل نفرتن ۽ غيرتن جا لوڙھا لاھيون ته جيئري جنت ماڻي سگھون ٿا.
چند قبرن تي مشتمل جمن شاھ جي قبرستان پھتاسين. ننڍڙي جھوپڙي ۾ ڪجهه پاڻيءَ جا مٽ ڀريل ھئا ۽ ڀر ۾ ئي سامھون رستماڻين جا گھر به آھن نھايت سھڻا ۽ پڪا گھر آھن. بلڪل ٿورين وکن تي نئين نري /نلي (نئين سوري) آھي جنھن جي پيٽ ۾ پٿر۽ واري پئي اڏي. ان مان گاڏيون گھلي مٿي چاڙھيون، ٿوري ئي فاصلي تي پوليس چوڪي آھي. ايئن لڳي رھيو ھئو رات چوپايو مال ٻڌو ويو ھجي.. چند ماڻھو به آھن کي اسان کي ڏسي سلام ڪيو. کيرٿر جي قطارن سان نيڻ اڏار ڪن ٿا ته پاڙ مان بکر جو قبو نظر ايندو. اسان جون موٽرسائيڪلون جبلن جي پيٽ ۾ وڃن ٿيون، چوڌاري جبلن جون ٽڪريون آھن، ھلڪيون، ڦلڪيون لاھيون – چاڙھيون- لٿاسين چڙھياسين پئي.
ويھارو ڪلوميٽر کن پنڌ ڪيوسين ته چؤکنڀي نظر آئي، ايئن محسوس ٿيو ته گورک گھمڻ وارن لاءِ ٺھرايو ويو آھي. ڪي منٽ ترسياسين بوتلن ۾ ٿڌو پاڻي به چانھه جھڙو ٿي ويو ھو پوءِ به اڃ اجھائي سين، اسان کان پھرين پھتل گورک ياتري گاڏيون چالو ڪري چڙھي ويا اڳتي. منھنجا ھمراھه ڪي ٻانھون کولي – ڪن ٽنگون ٽيڙي ورزش پيا ڪن. ڏھاڪو منٽ ترسياسين پھاڙن پار نھار پئي اڏاريم ته بشير اکين جي اشاري سان ھلڻ جو چيو. ھوا به گرم ۽ سج بلڪل ئي مٿي تي ھئو پر رومال ويڙھي اس وارو چشمو چشمن تي چاڙھيم. موٽر چالو ڪري گورک پار ڏانھن اڏار ڪئيسين. مھاڙيءَ ۾ ئي چڱي چاڙھي چڙھياسين. اڌ ڪلاڪ جي پنڌ کان پوءِ وري ساڳي ساھي پٽڻ لاءِ جاءِ آھي. گورک جي لاءِ پاڻي پھچائڻ جو بندوبست ھتان کان ئي شايد شروع ٿئي ٿو. ڪافي سھڻي وڻڪار – خوبصورت منظر من کي موھي رھيا آھن. نذير نلڪيءَ مان پاڻي جي بوتل ڀري آيو. پاڻيءَ ۾ ٿوري کنڊ ۽ چانھه جي پتي وجھي بوتل ۾ پيئي ته واھ جو مزو ايندو. پر گاڏين جي بريڪ ليدرن جي بوءِ ڏاڍي آھي. پيٽرول – ڊيزل جي بوءِ انجڻن مان پئي آئي. ھتان کان ڄڻ آسمان تي چڙھڻو آھي. مٿي آخري چوٽي کاول لڪ آھي جنھن جي اوچائي 5688فوٽ آھي. ھن اسٽيشن کان ست ڪلوميٽر لکيل آھي. دل ٻڌي چڙھياسين پھرين چاڙھي تي پھرين ۽ ٻين گيئر سان چڙھياسين. بشير ۽ حافظ سومر بي درديءَ ۽ بي رحميءَ سان گاڏيءَ کي چاڙھي ويا. پوئتي وارا همراهه مون جيان گاڏيون تسليءَ سان چاڙھيندا رھيا. ھڪڙي چاڙھي اتر اولھه ته ٻي ڏکڻ اوڀر اڀي چڙھندا رھياسين. انتھائي ڏکيون چاڙھيون لاھيون موت پئي ياد آيو. ھڪڙي چاڙھي تي گاڏي کي ساھي ڏنم ته 4 باءِ 4 پوٽوھار جيپ ڪراس ڪيو. ڊرائيور – ٻين ماڻھن جا منھن خوف ۾ ڦڪا ڦڪا لڳا پيا آھن، خوف خوف آھي ڪھڙو به ھجي. پوٽوھار به ٻلي پير پئي چڙھي.
فل ايڪسيليٽر – پھرين – ٻين گيئر ۾ به. گاڏي ايتريون پئي دانھون ڪري. اسان جا ھانو پئي ڌڏيا. چاڙھي تي به اھڙو موڙ ڪھڙي ڳالھه ڪجي. آھستي آھستي چاڙھيون چڙھي رھيو ھئس. کاول لڪ باقي ٻن چاڙھين کان پوءِ آھي. جيئن ئي چاڙھي تي چڙھيس ته گاڏي اڌ چاڙھيءَ تي پھتي ته گاڏي بند ٿي وئي، ۽ نثار جويو بل ڏئي لھي پيو ۽ ڪنھن طريقي سان گاڏي کي بچايم. ڪي چڱا ڪم ڪيا ھوندا تڏھن بچي ويس نه ته ——-سيٽ کان ٽانڪي مان پيٽرول پئي ھاريو وائرنگ پسي وئي آھي. ھڪ ٻه وائرون ڳنڍي اسٽارٽ ڪيم اسٽارٽ نه ٿي. ٻئي موبائل سيٽ کيسي مان ڪڍي ڏٺم ته زونگ جا سگنل پئي آيا. استاد خدا بخش جمالي سان رابطو ڪيم. رياض بروھي سان رابطو ڪيم انھن کان گاڏي بابت ھدايت گھريم ته سگنل وري ھلي ويا. نثار ۽ مان پريشان ٿي وياسين. کاول لڪ کان گورک 14ڪلوميٽر پري آھي. ھڪڙي چاڙھي ايئن ئي گاڏي کي گھلي چڙھي ويس. ڪي پل بيٺس ته ھلڪڙي ھير بت کي ڇھي وئي ٿوري ٿڪاوٽ سبب مٿي کي چڪر اچي ويو. پگھر سڪي ويو. سور سرور ۾ بدلجي ويا. نثار جويو به پير کڻندو مٿي آيو، گاڏي اسٽارٽ ڪيم ته گاڏي اسٽارٽ ٿي وئي. نثار کي چيم ته آخري چاڙھي چڙھي اچ. مان کاول وٽ چڙھي بيھي رھيس. مائٽ بشير – نذير ڪوري ۽ حافظ سومر برھماڻي جي بوءِ ئي ڪا نه آئي ته ڪٿي آھن انھن پوئتي نھار به نه ڪئي. کاول لڪ ھڪ وڏي ٽڪر کي ٽوڙي ان مان واٽ ٺاھي وئي آھي. آئون زميني سطح کان 5688 فوٽ مٿي بيھي کاول لڪ کي ڏسان پيو ھڪ ھڪ پاسو ھڪ ھزار فوٽ کن اوچائي ٿي ويندي.
ٿڌڙي ھوا ۾ جسم توانو ٿي ويو. کاول لڪ کان اڳتي ٿياسين ته ساوا جبل ڏٺاسين. وڻن ۽ ٻوٽن سان ساوا ٽڪر ڏسي اکين جي روشني ۽ سنڌ سان محبت ۽ فطرت سان چاھت ڏھوڻي ٿي وئي. سج ۾ تک گھٽ آھي يا ناھي پر ھلڪي ھلڪي ٿڌڙي ٿڌڙي ھوا ۾ مزو ڏاڍو آيو. بند گاڏين ۾ اھو مزو ناھي جيڪو موٽرسائيڪل تي آھي. فطري نظارا انتھائي پيارا دنيا جي سونھن ھتي ئي آھي. ننڍيون وڏيون چاڙھيون لاھيون چڙھياسين لٿاسين ڳپل پنڌ پھتاسين.
نڙيءَ ۾ سوڪھڙو پيو وڌي. — خالي بوتلون به اڇلائي ڇڏيوسين، چاڙھي ھڪڙي چڙھياسين موڙ تان مڙياسين ته گورک تي پاڻي رسائي واري ٽانڪي اچي وئي. —- لاھوتي بروھي کي ڏسڻ سان کيس چيم. ”ھتي نوڪري اٿئي ڇا”؟ جواب ڏنائين ته ”نه”. لاھوتي بروھي منھنجي پھرين دڪان جي سامھون چاچي عالم بروھي جي ڊيڪوريشن سروس تي ڪم ڪندو ھئو. ھاڻ خبر ناھي. پاڻي پي نڙي آلي ڪئي. —–مونکي ڏاڍي پريشاني ٿي. ڇو ته منھنجو جوڙيوال بي حال آھي. ڦڙتي وارو ناھي. گڊڪو کائيندڙن جو اھڙو حال ھجي ٿو. آئون اڪيلو ھجان ھا ته ڏکيو بلڪل ڪو نه ٿيان ھا. پنج ڪلاڪ ٿي ويا آھن پنڌ کي. نه ته ٽن ڪلاڪن ۾ گورک جي ٽڪر تي ھجان ھا. ست سگھارو ٿيو ته گاڏي کي اسٽارٽ ڪيم گورک ٿورڙي پنڌ تي آھي. ٿڌڙي ٿڌڙي ھير ۾ پئي ھلياسين. وڻن جي جھڳٽن ۾ آلکاڻين – شھن – بوزدارن – بروھين ۽ ٻين بلوچن جون پٿرن سان ٺھيل جھوپڙيون نظر پئي آيون. ھتي رھندڙ ڪڻڪن جي لابارن ۾ درياھ جي پاسي اچن ٿا. ڪچي ۾ چند مھينا رھي داڻو گڏ ڪري وري پنھنجي ماڳن تي ورن ٿا ۽ پيش به جھجھي مقدار ۾آھي. جيڪا کجي جي ننڍي وڻ سان مشابھت رکي ٿي پيش کي گڏھن جي ذريعي (ھاڻ رستن جي ڪري ويگو تي آندي وڃي ٿي.). جوھي – واھي پانڌي – ھيرو خان ۽ ڪاڇي جي ٻين شھرن ڏانھن اماڻي وڃي ٿي. پيش مان واڻ – تڏا – تونريون ۽ ٻيون گھريلو شيون ٺھن ٿيون. پيش جو ڪاروبار انتھائي بھترين آھي. واڻ وٽيندڙ پيٽ به مشڪل سان پالين پر وڏا واپاري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آھن. انتھائي خوبصورت زندگي گذارين ٿا. ٻڪرين جي کير سان ماني کائن. نين ۽ مينھن جو پاڻي پين. بنگلن ۽ اي سين ۾ رھندڙن کان وڌيڪ صحتمند نظر اچن ٿا. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جا به سھڻا.
گورک جون ٽڪريون پئي نظر آيون. اچانڪ گاڏي بند ٿي وئي. گاڏي جي ٽانڪي ليڪيج ھئڻ ڪري مسئلو ٿي ويو. گاڏي ٽڪريءَ تي بيھاريم ته آسماني رنگ ۾ چار ڦيٿي جيپ آئي مونکي لڳي پيو ته ڊرائيور سڃاڻي پيو مون کيس نثار کي کڻڻ جو اکين سان اشارو ڪيو، ھن به اکين جي زبان سان سٺي موٽ ڏني ۽ نثار پويان جيپ کي چنبڙي پيو. گاڏي کي ٿورو ليٽايم ۽ اسٽارٽ ڪيم ته اسٽارٽ ٿي وئي ٿوري پنڌ تي وري بند ٿي وئي. نيٺ گاڏيءَ کي گھلڻو پيو. زندگيءَ ۾ ٻيو دفعو اھڙو پريشان ٿيس. نڙيءَ ۾ ڪنڊا وري چڀندا رھيا. جسم بي حال ٿي رھيو آھي. ست ساڻو پئي ٿيو ڪجھه وکون کيم ته روڊ جي ڪنڊ تي موٽرسائيڪل جي ڀر ۾ ٽن چئن سالن جو ٻارڙو ويٺو آھي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي جبل جي ڀر ۾ پاڻي سان ڀريل کڏ نظر آئي ايئن لڳو ٽي ڏيھن اڳ برسات پئي آھي. ٻارڙي کي ڏٺم. ——-ساھ پئجي ويو. —–گاڏي بيھاري ننڍڙي کان بلوچي ۾ پاڻي جو پڇيم ته معصوميت مان نھڪر ڪيائين. تتل تارون ھوندي به سرور آيو. فطرت ان ننڍڙي جي ننڍڙين اکين ۾ مرڪي رھي آھي. —–ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي گورک تي پاڻي رسائي جي ٽانڪي نظر اچي وئي. دل کي مضبوط ڪري گاڏي کي گھليندو منزل تي پھتس ته ساڻائي سبب ماڻھن کي ڏٺم ته ھڪڙي مان ٻه – ٽي پيا نظر اچن. گاڏي کي اسٽينڊ ڏئي پٿر تي ويھي رھيس.
سڪل زبان مان لفظ نه پئي اڪريا. منٽ به نه لڳو پاڻي جو گلاس ڀري آيو. —آھستي آھستي پيتم. —- ساڻائي دور ٿي وئي، ھوڏانھن ھيڏانھن نھاريم. —– ٽانڪيءَ جي پائپ ھيٺان ڪي ھمراھ وھنجي رھيا آھن. —–پاڻي پيارڻ واري کان ذات پڇڻ تي ”شھ” ٻڌايائين. —– ان جو شڪريو ادا ڪيم. ڏاڍو خوش پئي ٿيو کيس پيٽرول لاءِ چيم ان گاڏي ۾ پيٽرول به وڌو. ھن 160روپيا وصول ڪيائين. مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي. وڻن ۽ ساون ٻوٽن مان گذرندو ڊگھي چاڙھي چڙھيم ته گورک تي ٺھيل ريسٽورينٽ اچي وئي. بشير ڪوري – نذير ڪوري – نجيب ڪوري – نثار جويو ۽ سائين حافظ سومر برھماڻي مونکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي جھومندا رھيا ۽ نذير منھنجي لاءِ ڪوڪ – ليز چپس ۽ زيرا پلس بسڪيٽ ھٿ ۾ جھليو بيٺو آھي. منھنجي ٽيم مونکي لڳو ته ذھني بالغ نه آھي. تنھنڪري سفر ۾ ڪو به فڪر آھي ته ان سان گڏ گڏ ھلندو آھي. مون به کين احتجاج ڪيو ته ايئن ڇڏي اچڻ نامناسب ته ڇا انتھائي بري ڳالھه آھي. ٿڌڙي ھوا ۾ گاڏين جي انجڻ جي گرمي به ٿوري گھٽجي وئي. گورک تي آڪٽوبر/نومبر ۽ فيبروري جي ڏھاڙن ۾ گھلندڙ ھوائون ياد پيون اچن. لڱن کي ٿڌڙي ھوا پئي لڳي. ويو پوائنٽ به ريسٽورينٽ کان اڃان مٿي آھي. واھ جو سرور پئي آيو. ويو پوائنٽ بھترين ٽڪري آھي. سرسبز – ساون ٻوٽن جي جھنڊ ۾ سھڻي پئي لڳي. ڪافي رش لڳي پئي آھي. سنڌ جي مختلف پاسن کان پھتل پيارا سنڌي ميڙ ڪيو ويٺا آھن ته ڪي وري برياني پاڻ ٺاھي رھيا آھن. ڪن جي چڙھيل چانورن جي ھڳاءُ ۾ ھانو بل پئي ڏنا. ڪافي دير تائين ويو پوائنٽ ٽڪريءَ تي پير ساھيا ۽ واپس ريسٽورينٽ جي لان ۾ اچي ويٺاسين. مون ڪمبل ريسٽورينٽ جي ديوار تي وڇائي آسمان ۾ پئي ڏٺو ته ڪنھن اچي منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. ——ڇرڪ ڀري ڏٺم ته رياض بروھي آھي ۽ استاد خدا بخش جمالي اچي مليا. آئون کين ڀاڪر پائي محبت منجھان مليس ته خدا بخش چيو ته ”تنھنجي حال تي آيا آھيون، تنھنجي لاءِ گاڏي جو سامان به کڻي آيا آھيون.” مون واقعي کاول لڪ وٽ گاڏي بند ٿيڻ جو ٻڌايو ھئو. اڄ مونکي دوستي جي محبت ۽ معنئ ملي آھي. مونکي انھن جي دوستي تي فخر آھي.
پنھنجي شھر جوھي – دادو – مورو – نوشھروفيروز- لاڙڪاڻي جا ماڻھو آيا آھن. اوپرن چھرن ۾ محبتون آھن. ھڪٻئي سان انتھائي عقيدت سان پئي مليا. جيئن جيئن سج لھي پئي لٿو تيئن تيئن ھوا ۾ ٿڌ وڌندي رھي. —— ته مونکي مرزا قليچ صاحب ياد اچي ويو جنھن جو سفرنامو ”ڏاڙھياري جبل جي سير”پڙھيو ھئو. جيڪو ناز سنائي ترتيب ڏنو ھئو. گورک جبل جي پنھنجي تاريخ آھي. اوھان گورک بابت عزيز ڪنگراڻي ، محترم اشتياق انصاري جو ڪتاب ”گورک، سنڌ جو تفريحي ماڳ” پڙھي ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا. مون ھتي پنھنجا تجربا اوتيا آھن. توھان جي رھنمائي لاءِ جڏھن به ڪو گورک ڏانھن اچي ته احتياط ضروري آھي. گاڏي جي تيز رفتاريءَ کان پاسو ڪيو. تيز رفتاريءَ ۾ حادثو اوس ھجي ٿو.
خوب ڪچھري ٿي. ماني لاءِ سنگت کي چيم ريسٽورينٽ روم ۾ ماني کاڌي سين. تقريبن ٻارنھن سئو بل آيو. جوھي يا دادو ۾ پنج سئو روپيا بل اچي ھا. محمد جمن جمالي جو قصور ناھي. کيس وڏي مھانگي ريٽ تي ريسٽورينٽ ٺيڪي ۾ ملي آھي. ظاھر آھي ته ھٿ ۾ بيلچو کڻڻو پوندس ۽ مسافرن جي کيسن کي کاٽ ته ھڻڻو پوندس. —– اسان جي ايم اين اي کي پئسا کپن نه ته —— سمجھدار آھيو.
حڪومت جو ھر ماڻھو عوام دشمن آھي هنن ڪو به اھڙو ڪم ناھي ڪيو جنھن سان عوام جي ڀلائي ٿئي. اسان عوام ظلم سھندي سھندي – بي حس ٿي ويا آھيون. رات ڪافي گذري چڪي. ٿڌڙي ھوا لڱن کي وڻي پئي. خوب مزو پئي آيو. حافظ صاحب ريسٽورينٽ اڳيان ٺھيل مسجد ۾ نماز پڙھي، پٿر سان ٽيڪ ڏئي ويھي رھيو. اسان کي به ٿڪاوٽ آھي. ساٿين جي صلاح آھي ته ڪمرو بڪ ڪرائجي. مون سخت مخالفت ڪئي ۽ کين چيم ته ”گورک تي گھمڻ آيا آھيون يا بند ڪمري ۾ سمھڻ ”جيئن جيئن رات پئي گذري، تيئن تيئن ڪا تانگھه پئي اسري. رومانوي نظارن ۾ سرد ھوا جي جھوٽن ۾ دل جي خانن ۾ سرور ٽڪي پيو.

زماني جي وھنوارن ۾ چين وڃائي چڪا آھيون. مسجد ۾ ئي ڪمبل وڇائي سمھي پياسين. ٻيا به ڪافي ماڻھو اسان سان سمھي پيا. اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ پرھ ڦٽي وئي آھي. اتان جي مقرر ڪيل پيش اما جاڳايو. سڀ جاڳيا وضو ڪري نماز پڙھي، خير سان ماڳ تي رسڻ جي دعا گھري. سردي ۾ ٺريل گاڏيون به جاڳي پيون. جوھي لاءِ نڪتاسين. ڪافي ھوائون آھن. گاڏي ھلائڻ ۾ تڪليف پئي آئي.دير ئي ڪا نه ٿي کاول لڪ وٽ پھچي وياسين. گاڏي کي پھرئين گيئر ۽ بريڪ سان لاٿوسين. دل به دھڪي پئي موت جا منظر آھن. کاول لڪ کان لھڻ سان ئي ھوائون موڪلائي ويون ڄڻ وري تتل آويءَ ۾ پھتاسين. بت مان پگھر وھي، پيرن تائين پھتو. آخري لاھي لھڻ سان ليڌر ڀڄي پيا ۽ مشڪل سان واھي پانڌي پھتاسين پوءِ مون پنھنجي سنگت کي دادو وڃڻ جي موڪل ڏني ۽ مان مزي سان جوھي اچي گاڏي جو ڪم ڪرايو ۽ دڪان تي ويھي رھيس.

No comments:

Post a Comment