Sunday, September 07, 2014

ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟ - الطاف شيخ

ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟
الطاف شيخ
ٻين ملڪن ۾ آزاديءَ سان وڃڻ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهريت اختيار ڪن ٿا. ڪو زمانو هو 1990ع تائين به ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ اسين پاڪستاني ائين هليا ويندا هئاسين جيئن ڪو سکر کان لاڙڪاڻو وڃي... يعني سامان رڳو بئگ ۾ وجھڻو پوندو هو ۽ ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي دڪان تان ٽڪيٽ وٺي اچي هوائي جهاز ۾ وهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور يا بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اتي جو اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي مهيني، ٻن يا ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. پر هاڻ اسان کي اهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا لاءِ جُھد پٽڻا پون ٿا. پنهنجي ملڪَ ۾ انهن جي موجود سفارتخاني يا قونصل خاني کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته اسان مهيني اڌ لاءِ توهانجو ملڪ فقط گهمڻ لاءِ ٿا وڃون. اتي وڃي ترسي نه پونداسين ۽ نه وڃي نوڪري ڪري توهان جي ماڻهن جي روزگار کي لت هڻنداسين ۽ نه اتي چوري ڪري يا پني پيٽ گذر ڪنداسين... ان جو ثبوت اهو آهي جو اسان خرچڻ لاءِ نه فقط هيترو پئسو کڻي پيا وڃون پر پٺيان بئنڪ ۾ به هيترو بئلنس اٿئون ۽ اهو بئلنس سال کان به مٿي قائم رکندا اچون... پوءِ مس مس ويزا ٿي ملي ۽ پوءِ ان ويزا جي باوجود جڏهن مٿين ايئرپورٽن تي پهچون ٿا ته اتي جا واسطيدار عملدار: اميگريشن پوليس، ڪسٽمس ۽ انٽيليجنس وغيره اسان کي حيرت ۽ شڪ جي نگاهن سان جانچين ٿا ته اسان جي دماغ ۾ ڪا لُچائي ته نه آهي ۽ آن لائين ڪمپيوٽر تي اسان کي چيڪ ڪندا رهن ٿا ته مقرر مدت اندر سندن ملڪ مان نڪرون ٿا يا موٽڻ کان نٽايون پيا.


انگ اکر ڏيکارين ٿا ته اسان جا ڪيترا ماڻهو موٽڻ بدران غير قانوني طرح ٽِڪي پون ٿا ۽ پنهنجي ملڪ جي بدحال معاشي حالتن ڪري هو مجبور ٿي ڪنهن اهڙي نوڪري يا ڌنڌي جي ڳولا ڪن ٿا جِتي هو پوليس جي پڪڙ کان لڪي ڇپي سگهن. پوءِ ڪي ڪجهه عرصي تائين وٺ ۾ نٿا اچن، ڪي جھلجي پوڻ تي جيلن ۾ موڪليا وڃن ٿا جن جون خبرون مڪاني اخبارن ۾ وڏين سرخين سان اچن ٿيون ۽ اتي جي عوام اسان جي مجبور ماڻهن سان همدردي ڪرڻ بدران خطن ذريعي اخبارن ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿي ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ته خيري به اچڻ نه ڏيو. ڪي ويچارا پوليس جي پڪڙ ۾ ته نٿا اچن پر هو ڪو روزگار به حاصل نٿا ڪريو سگهن. پوءِ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، هو ويچارا مجبور ٿي ننڍيون وڏيون چوريون ڪن ٿا ۽ جھلجڻ تي هڪ طرف هنن کي سزا اچيو وڃي ته ٻئي طرف اخبارن ۾ خبر اچڻ ڪري اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ سندن هم وطني جيڪي قانوني طرح نوڪري ڪري رهيا آهن اهي منهن کڻڻ جهڙا نٿاٿين.
بهرحال جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۾ پهرين اسين آزادي سان وڃي سگهياسين پئي. 1980ع تائين به اسان کي جپان جي اڳواٽ ويزا جي ضرورت نه هئي پر مونکي ياد آهي ته ملائيشيا وارن کي وٺڻي پئي ٿي. 1975ع تائين مون ملئي عورتن ۽ مردن کي ڪراچي جي ڪيترن گهرن ۾ ماسي طور ڪم ڪندي ڏٺو جيئن اڄ ڪلهه فلپينو نظر اچن ٿيون يا عرب ملڪن ۾ انڊونيشين، سري لنڪن ۽ اسانجون پاڪستاني ۽ انڊين عورتون گهر جو ڪم ڪار ڪندي نظر اچن ٿيون. اڄ ملائيشيا کي سندن سياستدانن هر ڳالهه ۾ خوشحال بنائي ڇڏيو آهي ته هر ملڪ هنن جي ماڻهن جي آڌر ڀاءَ ڪري ٿو. گذريل مهيني ملائيشيا ۾ هوس ته جپان حڪومت جو اخبارن ۾ اهو اعلان پڙهيم ته هاڻ ملائيشيا جا ماڻهو جپان ۾ بنا ويزا جي اچي وڃي سگهن ٿا. سنگاپور جيڪو 1971ع تائين به چور ملڪ سڏبو هو ۽ هر دو نمبري ڪم کان سنگاپور مشهور هو اڄ اخلاقي، معاشي، تعليمي ۽ ميڊيڪل معيار کان اهڙو مٿڀرو ٿي ويو آهي جو يورپ جي ملڪن ته ڇا آمريڪا وارن به اعلان ڪيو آهي ته ڪو به سنگاپوري جڏهن به چاهي هو USA ۾ رهي سگهي ٿو.
افسوس جي ڳالهه اها آهي جو اسانجو ملڪ ۽ اسانجا ماڻهو ان معاملي ۾ ڪيترو پٺتي رهجي ويا آهن. اڄ اسانجا ماڻهو پئسا ڏئي، پنهنجيون ملڪيتون شفٽ ڪري آمريڪا يا ڪئناڊا جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ خوار ٿيندا رهن ٿا ۽ کڻي سونا ٿي رهن ته به ڌارين ملڪن جي عوام ۽ حڪومت شڪ جي نگاهه سان کين ڏسي ٿي. ڪئناڊا ۾ هڪ هموطني مليو جنهن لاءِ ٻين ٻڌايو ته هي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهم کاتي ۾ آفيسر هو جِتي هن رشوت جو خوب پئسو حاصل ڪيو ۽ پيئڻ پيارڻ کان علاوه عورتن جي چڪر ۾ ڪڏهن ٿائلنڊ وڃڻ جو شوق ڪيائين ٿي ته ڪڏهن روسي رياستن جو رخ رکيائين ٿي. هر وقت ويزا وٺڻ جي خواري کان بچڻ لاءِ ۽ ميڙيل پئسي کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ هو ڪئناڊا هليو آيو ۽ هاڻي ڪئناڊا جو پاسپورٽ هجڻ ڪري هو پنهنجا شوق پورا ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ ويندو رهي ٿو. ڇو جو، ڪئناڊا جي پاسپورٽ تي هو بنا ويزا جي ٿائلنڊ ۽ ازبسڪتان ته ڇا ڪيوبا ۽ دبئي به وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح انهن پابندين کان آزاد آهي جيڪي هڪ پاڪستاني لاءِ آهن.
پر سائين دنيا جا ملڪ به اسانجي پويان اهڙو آهن يا اسانجي افعالن کان اهڙو واقف آهن جو هو هر ڳالهه جو ”توڙ“ ڳوليو وٺن. ملائيشيا کان باءِ روڊ سنگاپور وڃڻ مهل فقط ڏيڍ ڪلوميٽر جي پل ٽپبي آهي جيڪا هن ٻيٽ کي ملائيشيا سان ڳنڍي ٿي. گهڻو اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته يورپ ۽ آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙن کي آساني مهيا ڪرڻ لاءِ هنن لاءِ الڳ ڪائونٽر هو جنهن تي نه برابر رش هجڻ ڪري هنن جي پاسپورٽن تي سنگاپور جي انٽري جو ٺپو يڪدم هڻي ڏنو ويو ٿي. هن ڀيري ملائيشيا کان سنگاپور هڪ هم وطني سان وڃي رهيو هوس جنهن وٽ ڪئناڊا جو پاسپورٽ هو. مون کي خوشي ٿي ته سنگاپور ۾ گهڙڻ وقت اميگريشن جي ڊگهي قطار ۾ نه بيهبو. پر جڏهن سنگاپور جي ٻيٽ تي چڙهياسين ته اسان واري همراهه آمريڪن ۽يورپين جي قطار ۾ بيهڻ بدران انڊيا پاڪستان جي ملڪن جي ‘ڪت خلق’ واري ڊگهي قطار ۾ ڪار کي لڳايو. مون چيومانس ته منهنجا ڪارا انگريز هاڻ توکي ڪئناڊا جو پاسپورٽ آهي تون هنن باگڙي ڀيلن واري قطار ۾ نه بيهه ــ هُن پاسي هليو هل جتي آمريڪن ۽ ڪئناڊا وارن لاءِ دروازو آهي..
هن ڦلهڙو منهن ڪري چيو ته ”سنگاپور ۽ ملائيشيا جا وڏا ذليل آهن. ڪئناڊا واري پاسپورٽ ڪري اڳئين دفعي آئون هن قطار ۾ وڃي بيٺس ته مونکي اهو چئي ڀڄائي ڇڏيائون ته تنهنجي Country of Origin ڇا آهي. يعني هن پاسي فقط نج گورا اچي سگهن ٿا. تو وٽ پاسپورٽ ته ڪئناڊا جو آهي يعني تون پَني تي ته پاڻ لاءِ ‘سيد پير’ لکايو پيو هلين پر آهين ته باگڙي ڀيل.
انڊيا ۾ ڪنهن به شهر ۾ پهچڻ تي اتي جي پوليس آفيس ۾ رپورٽنگ ڪرڻي پوي ٿي ته اسان فلاڻي اڏام ۾ پهتا آهيون ۽ هيترا ڏينهن هن شهر جي هن هوٽل يا گهر ۾ رهنداسين. بهرحال اهو پنجن منٽن جو به ڪم ناهي پر پوليس رشوت وٺڻ جي باوجود ڪلاڪ ڏيڍ وهاريو ڇڏي خاص ڪري اسان پاڪستانين کي. بمبئي ۾ هڪ پوليس آفيسر کي سٺي موڊ ۾ ڏسي چيومانس ته آئون جي ڪئناڊا يا انگلينڊ وغيره جي پاسپورٽ تي هجان ها ته پوءِ توهان مونکي ‘اڇوت’ بدران ‘ٻائو ٻانڀڻ’ سمجھو ها. هن کلندي چيو ”نو سر! اها ڳالهه ناهي. اهي اوريجنل پاڪستاني يعني جن جي ڄم جي جاءِ پاڪستان آهي پر پاسپورٽ انگلنڊ يا آمريڪا وغيره جو اٿن انهن تي ته اسان جي انٽيليجنس پوليس وڌيڪَ ڪرڙي نظر رکي ٿي جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته هنن ۾ ڏوهه ڪرڻ جي وڌيڪَ tendency ٿئي ٿي جو هو سمجھن ٿا ته هنن جو ڪو نالو نٿو وٺي سگهي جو هو هاڻ آمريڪي يا برٽش يا ڪئناڊين شهري آهن.
مون کي ان ڳالهه جت حيرت رهي پر سگهوئي دبئي جي هوٽل ۾ رهڻ دوران مونکي هڪ عجيب واقعو نظر آيو. رات جو هڪ بجي ڌاري هوٽل جي رسيپشن ۾ هڪ همراهه نشي ۾ ڌت گار گند ڪري رهيو هو. هوٽل جي گارڊن هن کي کڻي جھليو جيئن ٻين مسافرن تي هن هوٽل جو خراب اثر نه پوي. رسيپشن تي ويٺل همراهه کي چيم ته ڪو انڊين يا پاڪستاني ٿو لڳي.
”نه. انڊين نه هوندو.“ هن وراڻيو، ”انڊين ائين چرين وانگر شراب پي آپي کان ٻاهر نٿا نڪرن.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ ڪو پاڪستاني هوندو.“ مون چيومانس.
”پاڪستاني ضرور هوندو پر پاڪستاني پاسپورٽ وارو نه هوندو جو اهي گهڻو پي الٽيون وغيره ضرور ڪن ٿا پر گار گند يا ائين بي ڊپو ٿي پراين عورتن سان بداخلاقي ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.“
”تنهنجي معنيٰ ته ڪو پاڪستاني نه هوندو.“ مون چيو.
”نه! پاڪستاني ئي هوندو پر ڪنهن ٻئي ملڪ جي پاسپورٽ وارو.“
ڪجهه دير کانپوءِ خبر پيئي ته هوٽل واري جو تجربو ۽ مشاهدو سچ ثابت ٿيو. هو هڪ پاڪستاني هو آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ.

هوٽل جي رسيپشن واري جيڪو پاڻ به پاڪستاني هو تنهن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سائين افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجا ڪيترا جاهل ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته هنن آمريڪي يا ڪئناڊين پاسپورٽ ڇا هٿ ڪري ورتو آهي هنن تان ڄڻ قتل به معاف آهي. پر ائين ناهي ههڙن ملڪن ۾ قانون نه فقط سخت آهي پر سڀني لاءِ آهي. 

No comments:

Post a Comment