Sunday, February 17, 2013

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري؟ - الطاف شيخ


اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري؟
الطاف شيخ
مون وٽ اي ميل ذريعي ڪيترا ئي خط اچن ٿا. جن ۾ اسان جا نوجوان، بيروزگاريءَ بابت پنهنجي ڏُکَ جو اظهار ڪن ٿا. اها حقيقت به آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي. خاص ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته، ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي، منهن سرخرو ڪجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ پي آءِ اي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سميت ڪيترن ئي کاتن ۾ ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ يا اضافي آهن. ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ عام شڪايت اها آهي ته، اهي نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مٿن اها به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن به ٿا.

جتي ميرٽ بدران پئسي جي سفارش تي نوڪري ڏني وڃي ٿي، اتي هڪ طرف تعليم جو ٻيڙو ٻُڏي ٿو، ته ٻئي پاسي نوڪريون حاصل ڪندڙ، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. هو اهو جواز ڏئي رشوتون وٺڻ شروع ڪن ٿا ته هنن کي هيءَ سيٽ/ نوڪري (مختيارڪاري، روينيو ۾ ڪلارڪي يا ڪا ٻي) هيترا لک رپيا ڏئي ملي آهي. مثال طور اهي استاد جن کي سفارش يا پئسي جي بدلي نوڪري ملي ٿي، اهي ڇا پڙهائي سگهندا؟ هنن ته خود به صحيح طرح نه پڙهيو. هو ته اسڪول ۾ به اچڻ جي تڪليف نٿا ڪن. منهنجو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي. مونکي پڪ آهي ته، توهان نه فقط مون سان سهمت هوندا پر توهان کي هن قسم جي ڳالهين ۽ تعليم جي تباهيءَ جي شرمناڪ حالت جي ڄاڻ، وڌيڪ هوندي. هيءَ ڳالهه جنهن ۾ کڻي ڪجهه چرچي جو به حصو هجي پر حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي؛
هڪ ماسترياڻيءَ ٻارن کي پڙهائڻ جو آسان ۽ آزمايل طريقو ٻڌايو ته؛ ”مون کي ته اها به خبر ناهي ته ڀ ڀولڙي جي هيٺيان ٽُٻڪا آهن يا مٿان! پوءِ بورڊ تي لکڻ کان اڳ ٻارن کان پڇندي آهيان ته، ٻارو! ڀ ڀولڙي جي مٿان ٽُٻڪا ٿيندا يا هيٺيان؟ ته ٻار ئي مون کي ٻڌائيندا آهن ته مِس هيٺيان!...۽ آئون يَڪدم هيٺ ٽُٻڪا ڏيئي ڇڏيندي آهيان.“
اها ته عام ڳالهه آهي ته، ڳوٺن جا ڪيترا اسڪول بند ٿيا پيا آهن، جيڪي GHOST اسڪول سڏجن ٿا. جن ۾ نه استاد نظر اچي ٿو ۽ نه شاگرد! ڪيترا اسڪول کليل آهن، ٻار اچن پيا پر ڪيترا ئي ماستر ۽ ماسترياڻيون ڊيوٽي تي اچن ئي ڪو نه. اهڙين آسان سرڪاري نوڪرين کي ڏسي، اسان جو نوجوان گهڻي ڀاڱي اهڙين نوڪرين جا خواب ڏسي ٿو. يعني قابليت به نه هجي، نوڪري به ملي، اها به اهڙي جنهن ۾ آفيس ۾ وڃڻو نه پوي يا رشوت هجي ۽ پوءِ جي وٺ پڪڙ ٿئي ته هنن کي بچايو وڃي يا بدلي ڪرائي وڃي! اسان وٽ اها سوچ ئي ڪانهي ته روزگار سرڪاري نوڪرين بنا به حاصل ڪري سگهجي ٿو. اها به ڄاڻ نه آهي ته تعليم الڳ شيءِ آهي، هُنر الڳ شيءِ آهي. ساڳيءَ طرح رڳو ڊگريءَ جو پنو توهان کي قابل نٿو بڻائي پر توهان جو تخليقپڻو Creativity)) ۽ صحيح ڄاڻ، توهان کي قابل ٿي بڻائي. جيڪا توهان يونيورسٽي ۾ روزانو وڃي ڪلاس روم ۾ ۽ گهر اچي ڪتابن مان حاصل ڪئي آهي.
ملائيشيا جي شپ يارڊ جي اليڪٽرانڪ ڊپارٽمينٽ لاءِ ٻن ٽن انجنيئرن جي ضروت هئي. انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مون کي به رکيو هئائون. آيل اميدوارن کان اهو ئي سوال پڇيو ويو ته، توهان کي رکڻ سان توهان اسان جي ڪمپنيءَ کي ڪهڙو فائدو ڏئي سگهندا. اسان جي پاسي جو به هڪ اميدوار هو. هوسوال جو جواب ڏيڻ بدران هر هر پنهنجي ڊگري ڏيکاري رهيو هو. مون سان گڏ ويٺل ملئي آفيسر کيس سمجھايو ته؛ اها مون کي به خبر آهي ته، توهان گريجوئيٽ آهيو. ڇو جو هتي اسان گهرايا ئي B.E وارا آهن. پر اسان معلوم ٿا ڪرڻ چاهيون ته، توهان پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيترا ڀَڙ آهيو ۽ ڪم جي ڄاڻ ۽ اعتماد رکو ٿا يا نه.
پنهنجي انڊيا جي هڪ سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۾ هڪ ممبئي يونيورسٽيءَ جي فريش گريجوئيٽ بابت لکي چڪو آهيان ته، هو جڏهن B.E اليڪٽرانڪس جي آخري سال ۾ هو ته، ان وقت کان ممبئي جي سانتا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي هو، مختلف ديوتائن جا فريم وڪڻي رهيو آهي، جنهن ۾ هن اليڪٽرانڪس سرڪٽس ذريعي اهڙو سسٽم رکيو آهي، جو بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪٻئي پويان ڇهه ڀَڄن وڄن ٿا. هو اهو ٽيپ رڪارڊر نما وڄڻ وارو فريم ۵۰۰ رپين ۾ ڏئي رهيو هو. زور ڀرڻ تي ۴۰۰ تائين به وڪيائين ٿي. مون کيس چيو ته هو ڪا سرڪاري يا پرائيويٽ نوڪري ڇو نه ٿو ڪري؟ چيائين: ”ڇا فائدو؟ هو مونکي ڇا ڏئي سگهندا. هتي آئون شام جو ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ هزار سوا هزار رپيا ڪمائي وٺان ٿو ۽ هن سرڪٽري تي جيڪا منهنجي ذاتي ايجاد آهي، ۵۰ رپين جو به سامان نه آهي.“
هڪ ڳالهه ضرور لکڻ چاهيندس ته، ائين هرگز ناهي ته جپان يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪريون ئي نوڪريون آهن. خاص ڪري سرڪاري نوڪريون ته نه هجڻ جي برابر آهن. اسان وٽ ته پي آءِ اي، ريلوي، ڪي پي ٽي ۽ پوسٽ کاتي جهڙيون نوڪريون به سرڪاري آهن، پر ترقي يافته ملڪن ۾ اهي سڀ نجي آهن. سرڪاري توڙي پرائيويٽ کاتن ۾ هر سال ڪي ايتريون نوڪريون نٿيون نڪرن، جيترا يونيورسٽين، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن مان گريجوئيٽ نڪرن ٿا. نه وري انهن ملڪن جا شاگرد نوڪرين جو آسرو ڪن ٿا. هو ٿوري گهڻي تعليم، لکڻ پڙهڻ خاطر حاصل ڪن ٿا. باقي اسڪول يا ڪاليج جي ڏينهن ۾ تعين ڪريو ڇڏين ته هنن کي ڪو هنر سکي روزگار ڪمائڻو آهي ۽ هو اهو هُنر دل سان سکن ٿا.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، اسان جا نوجوان پورهئي ۽ محنت مزدوري کي گهڻي ڀاڱي عيب سمجهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ سعودي قونصل وٽ ٻه واڍا رهن ٿا. هڪ گمبٽ جو آهي ٻيو ٺٽي جو. اڄڪلهه ۱۲۰۰ رپيا ڏهاڙي وٺن ٿا. ان هوندي به هو ايڏو مشغول آهن، جو ڪم لاءِ کين منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. ٻيا واڍا جيتوڻيڪ ۸۰۰ يا ۹۰۰ وٺن ٿا، پر هي همراهه هڪ ڏينهن ۾ عام واڍن کان ٻيڻو ۽ سٺو ڪم ڪن ٿا. ڪلفٽن تي چائنا ريسٽورنٽ ۽ ان جي ڀرواري هوٽل تي ڪيترا ئي سکر ۽ گهوٽڪيءَ جا بئرا ڪم ڪن ٿا. هڪ ڏينهن کين چيم ته، دبئي يا سعودي عرب ڇو نٿا هليا وڃو؟ وراڻيائون؛ ”سائين اسان لاءِ هتي به دبئي آهي. پگهار ۽ ٽپ مان ڪافي بچت ٿيو وڃي ۽ مهيني ٻئي ڳوٺ جو به چڪر هڻيو اچون.“
منهنجي خيالَ ۾ اسان جي مايوس نوجوانن کي اهڙن Self-Made ماڻهن کي به فالو ڪرڻ کپي. وزيرن ۽ سياستدانن جي ڏٽن پٺيان ڊوڙڻ نه کپي.

No comments:

Post a Comment