Friday, May 31, 2019

سوکي بندر کان ڪيٽي بندر تائين - آغا نور محمد پٺاڻ


سوکي بندر کان ڪيٽي بندر تائين 
سامونڊي سورن جو سفرنامو
آغا نور محمد پٺاڻ
Related imageڪيٽي بندر جي تعمير جون ڳالهيون شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور کان شروع ٿيون هيون ۽ ان جي زماني ۾ ئي ان جي تعمير جو هڪ منصوبو جڙيو هيو جنهن جي خبر نه آهي ته اها تعمير هاڻي ڪٿي پهتي آهي. ان کانپوءِ بحريه ٽائون وارو منصوبو ته ۳ سالن ۾ مڪمل ٿي ويو جيڪو هينئر ڪراچي کان وٺي ڄامشوري ضلعي تائين پهتو آهي ۽ هوڏانهن ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هاڻي ان کي الڳ ضلعي جو درجو ڏيڻ واريون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر ڪيٽي بندر ڪو نه ٺهيو. اسانجي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ دوست جنهن سنڌي ٻوليءَ جي سامونڊي ڪنارن ۾ ڳالهائيندڙ لهجن ۽ اتي رهندڙ ميربحرن، مهاڻن ۽ جتن جي ثقافت تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ “مٽي ۽ مهاڻا” جي عنوان سان هڪ شاندار ناول لکيو هيو جنهن جي مهورت جي تقريب اسان اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران ڪراچيءَ ۾ ان وقت جي گڏيل قومن واري اداري ۾ پاڪستان جي سفير ۽ اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي عبدالله حسين هارون کان ڪرائي هئي ۽ ان ڪتاب جي ٽائيٽل جون تصويرون به فريم ڪري اتي لڳرايون هيون. جيڪي هاڻي اتي نظر نٿيون اچن. ليکڪ ان کانپوءِ “ريڙهي مياڻ” ناول به لکيو جنهن ۾ لاڙي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهن جي گفتگو ۽ لهجي بابت احوال لکيل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ان لاڙي لهجي جي نج لفظن تي مشتمل “اکر پٽي” جي لغت به لکي آهي جيڪا ان جي اڻ ٿڪ محنتن ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان بي انتها عشق جو اظهار آهي. هن ليکڪ جو هاڻي واري تازو ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سور” جي عنوان سان ڊسمبر ۲۰۱۷ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي قديم آثارن ۽ تاريخ جي ماهر محترم عطا محمد ڀنڀري اها ڳالهه ٻڌائي آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن وقت ۱۹ وڏا سامونڊي بندرگاهه هيا ۽ انهن جو واپارين دنيا جي وڏن ملڪن سان هوندو هيو ۽ وري ۱۰۰ جي تعداد ۾ ننڍا پَتڻَ به هيا جيڪي ٺٽي کان ملتان ۽ ديرا اسماعيل خان تائين مختلف سامان ۽ وکر کڻي ايندا ويندا هيا. هن سفرنامي ۾ ڊاڪٽر جليل کٽي سنڌو درياهه مان نڪتل مختلف ۵۸ ننڍن ڦاٽن جا نالا ڏنا آهن جن کي اتان جا ماڻهو درياءَ ئي چون ٿا. اهو هڪ سنڌ جي ترقي ۽ تعمير وارو دور هيو جيڪو ڪلهوڙن جي زماني تائين ته عروج ۾ رهيو پر انگريزن جي زماني تائين به اهو سلسلو جاري رهيو. اسان خود شڪارپور کان سکر درياهه گھمڻ ويندا هياسين ته سکر جي بندر روڊ تي ڪيترا ٻيڙن جا پتڻ نظر ايندا هيا جتان ٻيڙن ۾ اناج، ڪاٺي ۽ جانور سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ان درياهي رستي سان موڪليو ويندو هيو. عطا محمد ڀنڀري مطابق سنڌ جو اهو تجارتي سلسلو اولهه ۾ يورپ تائين ۽ ڏکڻ ۾ مصر تائين هلندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ به هن مهل تائين هڪ بندر روڊ موجود آهي. هن ڪتاب ۾ سوکي بندر جو ذڪر ٿيل آهي جيڪو هڪ سفرنامي جي شڪل ۾ اسانجي دوست “منصور ٿَلهي” ان علائقي جو رات ڏينهن سفر ڪري ٻيڙن ۾ وڃي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون آهن ۽ سوکي بندر جا اهي آثار ڏٺا ۽ لڏي ويل ماڻهن جا سامونڊي سور ان سفرنامي ۾ پڙهڻ وٽان آهن. جيڪي هن ڪتاب ۾ ليکڪ محفوظ ڪيا آهن ۽ هتان لڏي ويل ماڻهن سان ڪچهريون ڪري قلم بند ڪيا آهن. اهڙي ئي طريقي سان مونکي اهو زمانو ياد آهن جڏهن حافظ محمد صديق ميمڻ جي دعوت تي اسان ڪراچيءَ منجهان ڪيٽي بندر گهمڻ ويا هياسين ته اتي به ڪيٽي بندر شهر ۾ ڪجھه گهر ڊٿل ڏٺاسون ۽ هاڻي اهي اميدون پيدا ٿيون هيون ته محترمه ۽ شهيد ڀٽي جي نالي تي ٺهيل حڪومتون اهي پراڻن آثارن کي وري نئين سر آباد ڪنديون ۽ ڪيٽي بندر به ٺهندو جيئن ڪنهن زماني ۾ سوکي بندر سکيو ۽ ستابو بندر هيو. جنهن ۾ بازارون، هُنر، هُنرمند ۽ ثقافتي سرگرميون به هيون.
مون ۲۰ سال پهريون پنهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالقادر سومري سان گڏجي ڪجھه دوستن جي دعوت تي سمنڊ جي اندر هڪ ٻيٽ ۾ لڳل “ابراهيم شاهه واڙي واري” جو ميلو ڏٺو جيڪو ميلو ڇا هيو ان ٽن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٻيڙين جو هڪڙو شهر آباد ٿيل هيو جيڪو ان ٻيٽ جي چوڌاري سون، هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان آيل هيون جتي مون پهريون دفعو جتن جي ٻولي ۽ لباس ڏٺو ۽ اتان جي ثقافت جو اندازو ٿيو نه ته پهريان اسان سرائڪي ٻوليءَ کي جتڪي ٻولي سمجهندا هياسين، اتي وڃي خبر پئي ته جتن جي ٻولي الڳ آهي ۽ ميرپورساڪري کان ابراهيم شاهه واڙي واري ۸ ڪلاڪن جو ٻيڙيءَ ۾ سامونڊي سفر ڪندي چانورن جي ماني سان درياهه جي مڇي کائيندي ۽ شاهه لطيف جو ڪلام ٻڌندي هڪ خاص لطف حاصل ٿيو هيو.
هن ڪتاب پڙهڻ سان سوکي بندر جو به اهو منظر ياد آيو ته اتي به ائين ئي رات ڏينهن رونق لڳل هوندي. چون ٿا ته هن بندرگاهن کي اتان جا ماڻهو سنڌ جو ڪشمير چوندا هيا ۽ امن امان جو اهو حال هيو ته اتي ڪو به پوليس ٿاڻو ڪو نه هيو ۽ سنڌ ۽ هند جا فنڪار اتي ايندا هيا. جن کي سوکي جا هندو واپاري گهرائيندا هيا جن ۾ لتا، رفيع، سليمان شاهه، جيوڻي، مائي ڀاڳي ٻيڙين ۾ چڙهي ايندا هيا ۽ ان بندر جي آس پاس سون جي تعداد ۾ ڳوٺ موجود هيا. جتان جا ماڻهو مزدوري ڪرڻ ۽ ٻين ڪم ڪارين جي لاءِ ايندا هيا. هي بندر سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي خوبصورت چئن ڦاٽن جي وچ ۾ سنهڙي ۽ ميرواهه جي وچ ۾ هيو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جيڪو ان علائقي جو باشندو آهي ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل به رهيو آهي. ان جي مطابق ۱۹۸۰ع تائين هن شهر جا آثار هن ڏٺا هيا جنهن کي هاڻي سمنڊ کائي ويو آهي. ان مطابق هتي سارين جا ڪارخانا به هيا ۽ هٿ جي هنرن ۽ مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ڪنڀار به رهندا هيا جيڪي  ٺڪر جا ٿانوَ، ڏياٽيون، پاٽڙا، پاٽڙيون، پارا، پاريون، ڪنيون، ڪنا، مٽَ، مٽيون، ڪَرا، بدنا، گھاگهرون، وٽيون، پيالا ۽ ٻارن جا رانديڪا ٺاهيندا هيا. ان کان علاوه “پَن” جيڪو هڪ گاهه جو قسم آهي اهو گھڻو مشهور هوندو هيو جيڪو ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهو ان جا ٻيڙا ڀرائي کڻي ويندا هئا ۽ هتي پن تمام گھڻي ٿيندي هئي جنهن مان اتان جا مقامي ماڻهو تڏا، تنوريون، ڇَلون، ڇلَ، ڇليون، هٿ وارا پکا، نِکون، پڙش الڳ الڳ نمونن سان چٽ ساليون ڪري ٺاهيندا هيا جيڪي ڏسڻ وٽان هوندا هيا. سوکي بندر تي اُٺن پالڻ ۽ واپار ڪرڻ جو ڪم خاص طور تي جت ڪندا هئا جيڪي صدين کان وٺي هن سامونڊي پٽيءَ ۾ اهو ڌندو ڪندا اچن ٿا. اتان جا ماڻهو اهو ٻڌائن ٿا ته سوکي شهر ۾ واپار جو وڏو چلتو هلندو هيو ۽ هتي به ڀنڀور ۽ ڪيٽي بندر وانگر سوين هزارين ٻيڙا هلندا هئا. ڪسٽم جو آفيسون، ڪالونيون، بينڪون، ڪاروباري ادارن جون بيٺڪون هونديون هيون. جتان روزانو هزارين ٽن چانور، کنڊ، مڇي، ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج ڏيساور روانو ڪيو ويندو هو. هتي به ڪيٽي بندر وانگر سوين سنڌي وڻجارا، سوٽِي ڪپڙو، ڪپھه، ڪڻڪ، چانور، ڀرت ڀريل گجَ، سُوسِيءَ جو ڪپڙو، کَيسَ، لويون، اجرڪ ۽ ٻئي سامان سان ٻيڙا ڀرائي واپار خاطر ڏيساور مسافري تي روانا ٿيندا هئا. اهڙي منظر جي دلڪشي لطيف سائين هن بيت ۾ پڻ ڪئي آهي:
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طامائو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
سوکي بندر کي به سمنڊ جي کاري پاڻيءَ اهڙو سوڪهڙو وڌو جو ڀاڳين جا مال به ويا ۽ واپارين جا وٿاڻ به ويا. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڪيترا شهر ڦٽائي ڇڏيا آهن جن ۾ سوکي جهڙو خوبصورت بندر به شامل آهي ۽ هاڻي ڪيٽيءَ جو تاريخي شهر ۽ بندر به سمنڊ جي گهيري ۾ آيل آهي ۽ سمنڊ روزانو ۱۰۰ ايڪڙ زمين درياهه جي انهن ڦاٽن ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ۷۵۰۰ چورس ڪلوميٽر ۽ ۱۵ لک ايڪڙ زمين انڊس ڊيلٽا ۾ سمنڊ اندر غرق ٿي چڪي آهي جيڪي ضلعي ٺٽي ۽ بدين سان تعلق رکي ٿي. جيئن شاهه بندر، لاهري بندر، جا نالا ڪتابن ۾ لکيل آهن پر هاڻي انهن جو وجود ڪونهي. بقول ڀٽائي سرڪار جي:
نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.

No comments:

Post a Comment