Tuesday, May 14, 2019

گرمين ۾ گورک ھل تي ھڪ سرد رات - زيب سنڌي


گرمين ۾ گورک ھل تي ھڪ سرد رات
زيب سنڌي
گورک هِل ڏسڻ جي خواهش ته الائجي ڪيترن سالن کان سيني ۾ سانڍيل هئي پر اهو ماڳ اهڙي هنڌ آهي، جو گورک لاءِ سوچي مون کي سدائين ڀٽائي سائينءَ جي سِٽَ ياد اچي ويندي هئي، “جت نه پکيء پير، تِت ٽمڪي باهڙي...” سو اهڙي اونچائيءَ تي بنا ڪنھن ثمر ساٿ جي ڪو کاهوڙي ته وڃي پهچندو پر هن فقير لاءِ اهو سفر بنا ڪنهن ساٿ جي ممڪن نه هو. اهو ۲۰۰۸ ۾ مئي جو ئي مهينو هو، جڏهن پهريون ڀيرو گورک ڏسڻ جي خواهش پوري ٿيندي نظر آئي هئي. گورک فيسٽيول لاءِ نصير مرزا، طارق عالم ۽ ٻين دوستن سان گڏجي وڃي جوهيءَ پهتو هئس. جوهيءَ کان اسان جو دوست عزيز ڪنگراڻي به اسان جو همسفر ٿيو هو ۽ اسان ڪار جوهيءَ ۾ ڇڏي، پنهنجي ميزبانن پاران ڏنل فور ويل جيپ ۾، وايا واهي پانڌي گورک ڏانهن روانا ٿيا هئاسين. جيپ سخت گرم ڏينهن جي ٽاڪ منجهند جو ميداني علائقي ۾ هلندي رهي هئي ۽ جڏهن جابلو علائقي ۾ پهتا هئاسين ته هر طرف ڪڪر ڇائنجڻ لڳا هئا. گورک جي پهاڙي سلسلي ۾ جڏهن کاول لَڪ وٽ پهتا هئاسين ته، اتي ڪيتريون ئي فورويل گاڏيون ۽ ڪيترائي ماڻهو بيٺل هئا، جن ۾ اسان جا ڪي ليکڪ دوست به شامل هئا. اتي پهچي خبر پئي هئي ته جبل تان ڪا ڇِپَ رستي تي ڪِرڻ سبب اڳتي رستو بند ٿي ويو آهي. اسان کي چيو ويو ته انتظار ڪيو، رستو کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان انتظار ڪندا رهياسين ۽ اهو انتظار ڪنھن محبوب جي اوسيئڙي جيان ويو طويل ٿيندو... انهيءَ وچ ۾ مِڙي آيل بادلن به بوند بوند ٿي برسڻ شروع ڪيو هو. سج لهڻ کان اڳ ئي هلڪي هلڪي اونداهي به ٿيڻ لڳي هئي ۽ پوءِ انهيءَ وقت اسان کي ٻُڌايو ويو هو ته، رات وچ ۾ رستو کلڻ جو ڪوبه امڪان ناهي! نه چاهيندي به اسان کي واپس ورڻو پيو هو ۽ گورک ڏسڻ جي خواهش، اڻ پوري حسرت ۾ بدلجي وئي هئي!


سنڌ جا ٻيا ڪيترا اهم تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ته ڏٺل هئا. موهن جي دڙي سان ته منهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون سلهاڙيل آهن ۽ اهي گهٽيون مون کي ايئن ئي ياد آهن، جيئن منهنجي ننڍپڻ جي لاڙڪاڻي شهر جون گهٽيون منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن. مڪلي، چوڪنڊي، ڀنڀور، رني ڪوٽ جا ڀيرا ته ٿيا هئا پر کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ رات رهڻ ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ئي اٿي جهنگلي جيوت کي ڏسڻ جهڙو موقعو به مليو هو. دل ۾ سنڌ جا باقي ٻه ماڳ ڏسڻ جي حسرت هئي، هڪ بارشن کان پوءِ ڪارونجهر جبل ۽ ٻيو گورک هِل اسٽيشن. مٺيءَ کان دولت رام کتريءَ ۽ ننگر پارڪر کان ويرجي ڪولهيءَ ڪارونجهر گهمڻ جي صلاح ڪئي، پر هن ڀيري بارشون ئي نه ٿيون. ننگر پارڪر سميت سڄي ٿر جا مسڪين ماڻهو ڏکن ۽ بکن جا شڪار ٿيا، اٽي جي لَپَ ۽ پاڻيءَ جي ڍُڪ لاءِ ڀٽڪندا رهيا ته مون به هن سال ننگر وڃڻ جو آسرو پلي ڇڏيو. ڪالهه ته ڪنهن مون کي ٻُڌايو ته ننگر پارڪر ۾ اڄڪلهه پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي!
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادبي سنگت واهي پانڌي پاران گورک هِل اسٽيشن تي ننڍڙي پيماني تي گورک لٽريچر فيسٽيول جو بندوبست ڪيو ويو. پياري اسير امتياز فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ته، سنڌ جو اهو حَسين  ماڳ ڏسڻ لاءِ پنهنجي پاڙيسري دوست، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ سان گڏ وڃي گورک پهتس، پر اسان سج لهڻ کان پوءِ پهتاسين. رات دير تائين ادبي سيشنس ٿيا ۽ پوءِ اچي سيءَ ورايو. سنڌ جي سخت گرمين واري مئي مهيني ۾، گورک تي سياري جهڙي موسم سچ ته حيران ڪندڙ لڳي. رات جو سَوڙ ۾ به ڪوٽ پائي سمهڻو پيو!
صبح جو سوير اٿي اسير امتياز کي چيم ته مان پهريون ڀيرو گورک آيو آهيان ۽ هتان جا حسين منظر پنهنجين اکين ۾ محفوظ ڪرڻ ٿو چاهيان. اسير ان وقت ئي، اسان کي واهي پانڌيءَ گورک کڻي آيل جيپ گهرائي ۽ مون کي گورک جي مٿاهين چوٽيءَ تي وٺي ويو. انهيءَ انتهائي مٿاهين چوٽيءَ کي شهيد محترما جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي بينظير زيرو پوائنٽ چيو وڃي ٿو. زيرو پوائنٽ پهچڻ سان سنڌ جي حُسن جو جيڪو احساس ثئي ٿو، سچ ته اهو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هن ماڳ جي  سونهن ۽ انفراديت کي فقط اتي پهچي، پنهنجين اکين سان ڏسي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخ ماڳن مڪانن تي تحقيق ڪندڙ اسان جي کاهوڙي ليکڪ اشتياق انصاري صاحب مطابق؛ “سنڌ جي فتح بعد انگريز عملدارن هن اداس وادي (سنڌ) جي ساڙيندڙ اس ۽ گرميءَ کان بيچين ٿي ڪنهن بلند ۽ سرد هنڌ خيما کوڙڻ لاءِ سوچيو، جتي ڪجهه ڏينهن ڪاڙهي ماريل جسم کي آرام ڏئي سگهن. برطانيا جي برفاني موسم ۾ جنم وٺندڙ گورن کي سنڌ جي تپش هڻي ساڙي لاٿو هو. چئوڦير نظر ڦيرائڻ بعد هنن کي سنڌ جي اولهائين پاسي تي ڪڪرن سان لڪ لڪوٽي کيڏندڙ جابلو لٺ ۾ ڪجهه ڪشش ۽ ٿڌاڻ محسوس ٿي. آخر همراهن پنهنجا پنڌ ان راڪاسي روهه جي اڙانگن ۽ اتاهين چوٽين ڏي شروع ڪيا. اهڙي مهم جوئي جي شروعاتي جبل چاڙهن ۾ برطانيا فوج جو ڊاڪٽر لالور ۽ ڪيپٽن ميڪڊونالڊ هئا، جن ۱۸۶۰ع ۾ ڏونگر ڏوري کيرٿر جي اڀ ڦاڙ چوٽين تي جهنڊا لهرايا. هنن پنج مهينا روهه رلا بعد اتان جي ڪنواري حسن کان متاثر ٿي، اتي هل اسٽيشن اڏڻ جي تجويز ڏني.”
هاڻي گورک هل اسٽيشن اڏجي ته چڪي آهي، پر اڄ به مٿي وڃڻ واري رستي جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ ساڳئي وقت گورک تي سهولتن جي به کوٽ آهي. پاڪستان جي مشهور تفريحي ماڳ ڪوهه مريءَ کان لڳ ڀڳ ڏيڍوڻِي مٿاهينءَ تي موجود سنڌ جي هن حَسين ماڳ کي حقيقي معني ۾ ترقي ڏيارڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري سطح تي فقط ڳالھيون ڪرڻ سان ڪجھ نه ٿيندو. هن ماڳ ڏانهن سرڪاري رويي جو اندازو ته مون کي گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جي هڪ ملازم جي فقط هڪ جملي منجهان ئي ٿي ويو، جنهن چيو، “مون کي ۽ ٻين ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن!” ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه فقط ملازمن جون مشڪلاتون دور ڪيون وڃن پر سياحن لاءِ به آسانيون فراهم ڪيون وڃن.
يارهن سال اڳ جڏهن اسان گورک جي رستي تان، کاول لَڪ وٽان واپس موٽيا هئاسين، تڏهن نصير مرزا ڪاوش ۾ هڪ ڪالم لکيو هو، جنهن جو عنوان هو، “گورک کي اڌ ۾ رهجي ويل چُمي!” يارهن سالن جِي ڊگھِي وڇوٽيءَ کان پوءِ، سنڌ جي سخت گرميءَ واري موسم ۾، گورک تي گذاريل هڪ سرد رات کان پوءِ، ان ڏينهن جڏهن مون گورک هل جي مٿان زيرو پوائنٽ تي پهچي چوڏس نظر ڦيرائي ته، منهنجي دل ته باغ بهار ٿي پئي ۽ اکيون به ٺري پيون، پر منهنجي اکين جي پياس پوري نه ٿي! گورک هل اسٽيشن جهڙي سنڌ جي حَسين ماڳ کي ٻيهر، بلڪ بار بار ڏسڻ تي دل چاهي ٿي. ايئن ئي، جيئن ڪنهن بيحد حَسين چهري کي هڪ ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ هر هر ڏسڻ لاءِ دل چاهيندي آهي!

No comments:

Post a Comment