Thursday, May 30, 2019

سُونڊا - استاد لغاري


سُونڊا
سنڌ جو تاريخي قبرستان
استاد لغاري
Image result for sonda graveyardسُونڊا فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ھاٿيءَ جي سُونڍ، ڊگھو نڪ، دوناڙ، دُون يا منهن ۾ پيل گُهنڊ، ڪاوڙ، شُوڪ ۽ ڦُوڪ وغيره. ضلعي ٺٽي ۾، ڪينجھر ڍنڍ جي ويجھو، جھرڪ شهر جي ڀر سان، هي قبرستان موجود آهي، جنهن کي “سُونڊا” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن قبرستان، ماڳ مڪان ۽ علائقي تي “سُونڊا” نالو ڪيئن پيو؟ اهو احوال، مستند طريقي سان معلوم ٿي نه سگھيو آهي. ممڪن آهي، ته هتي ھاٿين تي سوار جنگي جوڌن جي درميان، ڪڏهن گھمسان جي جنگ لڳي هجي، جن ۾ ھاٿين هڏ مڇائيا هجن. هن ويڙھ ۾، هيڪاندن ھاٿين حصو ورتو هجي ۽ پنهنجين سُونڍن جو استعمال ڪيو هجي، ان ڪري انهيءَ علائقي، ماڳ مڪان ۽ قبرستان تي “سُونڊا” نالو پئجي ويو هجي.


Image result for sonda graveyardتاريخ ۲۶ مارچ ۲۰۱۹ع تي، مڪليءَ ماڳ کان موٽندي، سنڌ جي وڏي محقق ۽ اسڪالر محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب ۽ مون (راقم) سُونڊا قبرستان وٽ، گاڏيءَ کي بريڪ ڏنو. ڪوٽڙيءَ کان ڪينجھر يا ٺٽي کان حيدرآباد ڏانهن ايندي ويندي، روڊ جي ڪناري سان موجود، ھن قبرستان کي پري کان ڏسڻ جو موقعو، اڪثر ملندو رهندو هو. ليڪن هن ڀيري، هن قبرستان کي روبرو ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي سلسلي ۾، اسان ترسي پياسين. اسان سان گڏ ڪجھ ٻيا به ساٿي ۽ دوست شامل هئا، جن ۾ حاجي عبدالله ڪنڀار کپري وارو، نذير کوکر کپرائي ۽ ڊرائيور عمران کوکر جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب مون کي ٻڌايو، ته ھنن قبرن کي “روميون قبرون” سڏبو آهي. ھنن قبرن بابت محققن کي ڪا به ڄاڻ حاصل ڪانهي، ته هي ڪهڙي سن ۽ ڪهڙي دور جون قبرون آهن؟ يا ڪنهن جون قبرون آهن؟ اتي موجود ڪجھ ماڻهن سان ملاقات ٿي، انهن به اسان کي روايتي جملا ٻڌايا، ته؛ “هتي هڪ جنگ لڳي هئي، هي قبرون انهيءَ جنگ ۾ ماريل ماڻهن جون آهن.” ۽ ٻيو بس.
ھن قبرستان جي تقريبن مڙني قبرن جي سيرانديءَ سان، پوءِ اها قبر ننڍي هجي توڙي وڏي، پِيلا پٿر اُڀا کوڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي ماڻهوءَ جي قد جيڏا ٽِڪُنڊا، چوڪنڊا ۽ پتريڪ پٿر به نسب ڪيل آهن. اندازو آهي، ته هتي جي هر هڪ قبر تي، ماڻهوءَ جي عمر جي حساب سان، ننڍا وڏا پٿر لڳل آهن. يعني ڪنهن قبر ۾ مدفون ٿيل ماڻهو، عمر ۾ جيترو وڏو آهي، ته پٿر به اوڏو ئي اوچو کوڙيل آهي. اگر ڪو ننڍو ٻار آهي، ته پٿر به اوترو ئي ننڍڙو کوڙيل آهي.
قبرستان جي پوري وچ تي، چٽسالي يا گھاڙي قبرون موجود آهن. اهي گھڻي ڀاڱي، بادشاھن، راجائن، اميرن، وزيرن، سپھ سالارن، جوڌن ۽ مرد مٿير مانجھين جون آهن. انهن قبرن جي مٿان نسب ڪيل چٽسالي پٿرن تي، بادشاهي تاج، تير ڪماڻ، تلوارون، ھاٿي، گھوڙا، گھوڙي سوار، ڍالون، ڏڦا، نيزا ۽ ٻيا نيشان، ڇيڻيءَ ۽ ھٿوڙيءَ سان اڪريل آهن. انهن قبرن سان گڏ موجود، عورتن جي آرامگاهن تي، جن ۾ راڻيون، مهاراڻيون، ٻايون ۽ ٻانهيون معلوم ٿين ٿيون، ته انهن جي قبرن تي، ايرينگ، واليون، بُولا، نٿون، پيرڪڙيون، ڪنٺ مالائون، ھار ۽ ٻيا سينگار جا سامان اڪريل آهن. اهڙن اڪريل ۽ گھڙيل نيشانن مان، مردن ۽ عورتن جي قبرن بابت سڃاڻپ ٿئي ٿي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد نمبر اٺين ۾، چچ نامي تان اخذ ڪيل ڪجھ فقرا موجود آهن، جن موجب، راجا راوڙ ۽ جيسر جو جنگي مقابلو، جهم ۽ سُونڊا وٽ ٿيو هو. سُونڊا ۾ موجود ڪجھ قبرن تي، يوناني ٻوليءَ جا اکر به اڪريل آهن. ان کان علاوه، زيور، ڪٽلي، گھورگھو ۽ تسبيح وغيره جون نشانيون پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. البت هڪ قبر اهڙي به موجود آهي، جنهن جي پٿر تي ٿلهن ۽ چٽن اکرن سان لکيل آهي “مصري بلوچ مارزي”.
اها ڳالھ غور طلب آهي، ته ڪنهن به پهاڙ يا جبل تي، قبر کوٽڻ جي لاءِ، ٽيڪم، ڇيڻي ۽ ھٿوڙي جو هجڻ نهايت ئي لازمي هوندو آهي. ور نه ڪوڏر يا کهيڙي سان قبر کوٽي ڪو نه سگھبي. اهڙيءَ ريت، هڪ هڪ قبر کوٽڻ جي لاءِ، ڪافي ماڻهن، ڪاريگرن ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جو ٽائيم به درڪار هجي ٿو. اها ڳالھ به مڃڻ جوڳي آهي، ته هتي جنگيون لڳيون هونديون. البت جنگ جي ميدان تي، هڪ ئي وقت ماريل سوين ماڻهن جون قبرون، هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ کوٽي نه ٿيون سگھجن، لاش ميدان ۾ پيا هجن، ته اهي خراب ٿي سگھن ٿا. جنگ لڳڻ سبب، علائقي جا ماڻهو ڀاڄ کائي، پري پري هليا ويا هجن. ته پوءِ ايتريون ساريون قبرون هڪ ئي وقت کوٽي نه ٿيون سگھجن ۽ اهي به پهاڙ (يعني جبل) تي. معلوم ٿئي ٿو، ته هي قبرون هڪ دور ۾، يعني ڪيتري ئي عرصي (ڪم از ڪم هڪ صديءَ) ۾، وقتن فوقتن کوٽيون ويون. جن ۾ ماڻهو آهستي آهستي دفن ٿيندا رهيا. انهن تي چٽساليءَ وارا پٿر نسب ڪرايا ويا.
خليل احمد ولد مولوي فيض الله لغاري، ويٺل ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري (باکوڙي واري) مون کي ٻڌايو، ته “سُونڊا قبرستان ۾، اٽڪل پنج لک قبرون موجود آهن”. هن قبرستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ معلوم ٿيو، ته هتي جون لکين قبرون ڊهي، ڀُري ۽ ميسارجي چڪيون آهن. قبرستان جي اندر، ڀُريل پيلي پٿر جو رائو موجود آهي. هنن باقي بچيل قبرن کي به، اولهندي پاسي کان، ڪلر کائي رهيو آهي. اسان جڏهن قبرستان کان ٻاهر نڪتاسين، ته اسان جا هٿ، پير ۽ چهرا رائي سببان پِيلا ٿي چڪا هئا. هن قبرستان جي پوري وچو وچ مان، ماڻهن پنهنجي اچ وڃ جي لاءِ، ويڪرا رستا ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي اوڀر کان اولھ ۽ ڏکڻ کان اتر طرف وڃن ٿا. هتي جي ڪجھ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون، جن وٽان ھن ماڳ مڪان بابت، ڪنهن به قسم جو تحقيقي احوال يا مواد دستياب ٿي نه سگھيو. هي قبرستان ڪهڙي سن جو آهي؟ يا هتي ڪهڙي قوم ۽ ڪهڙي نسل جا ماڻهو مدفون آهن؟ اهو ٻڌائڻ کان هر هڪ ماڻهو لاچاري ظاهر ڪئي. هتي جا رهائشي ماڻهو، صرف ايترو ٻڌائين ٿا، ته “هي جنگين ۾ ماريل ماڻهن جون قبرون آهن”. ۽ ٻيو بس!
(ڊيلي هلال پاڪستان جي ٿورن سان. اربع ۲۹ مئي ۲۰۱۹ ع.)

No comments:

Post a Comment