Wednesday, May 29, 2019

سمنڊ ذريعي لنڊن کان ھالينڊ جو پنڌ - سھيل ميمڻ


سمنڊ ذريعي لنڊن کان ھالينڊ جو پنڌ
سھيل ميمڻ
Image result for london to holland trainمان برطانيه ۽ فرانس جي وچ ۾ اهو انگلش چينل سمنڊ ٻيو ڀيرو پيو ڪراس ڪريان. ٻه سال اڳ مان بس ذريعي اهو سمنڊ پار ڪيو هو. لنڊن شهر مان روانو ٿيل ڪوچ کي برطانيه ۾ ڊوور جي بندر تي هڪ وڏي فيري (ٻيڙيءَ) ۾ چاڙهيو ويو هو. هڪ ٻيڙي ايتري وڏي ٿئي ٿي، جيئن ڪو وڏو فائيو اسٽار هوٽل ٿيندو آهي. هڪ فيري ۾ چاليهه تائين به وڏيون بسون چاڙهيون وڃن ٿيون. فيري ۾ ماڻهون بس مان لهي مٿي ۵ ماڙين تي ٺهيل هوٽلن، ڪلبن ۾ گهمندا آهن، مزو ڪندا آهن. ڪا جهل پل ناهي هوندي. ان فيري جي سفر ۾ اهو سمنڊ ٻه کان اڍائي ڪلاڪ ۾ ڪراس ٿيو هو ۽ فرانس واري پاسي فيري ڪالي جي بندرگاهه تي بس کي لاٿو هو. ڪالي، ٻي مهاٻاري جنگ مهل جرمن پاران برطانيه تي قبضي واري آپريشن واري بندر ڊنڪرڪ کان ۴۵ ڪلو ميٽر پري آهي. ڊنڪرڪ واري ان تمام وڏي جنگ تي انگريزي ۾ الاهي فلمون ٺهيل آهن. برطانيه کي فتح ڪرڻ واري ان جرمن آپريشن جو ڪوڊ نالو Sea Lion هو. فرانس جي هٿيار ڦٽي ڪرڻ کان اڳ ان ڪناري تان ۲۶ هزار فرينچ فوجن کي انگلينڊ ڏانهن ڪڍي بچايو ويو هو، پر پوءِ به ۴۰ هزار فرانسيسي فوجي پٺتي رهجي ويا هئا، جيڪي پوءِ جرمنن گرفتار ڪيا. ان معرڪي ۾ ۱۶ هزار فرانسيسي فوجي ۽ هڪ هزار برٽش فوجي مارجي ويا  هئا. ڊنڪرڪ جو شهر ۹۰ سيڪڙو تباهه ٿي ويو هو. فتع  بعد هٽلر ان سامونڊي ڪناري تي زمين ۾ دٻايل لکين بارودي سرنگن جي صفائي ڪرائي هئي. جيڪڏهن توهان تاريخ کان واقف آهيو ته انهن علائقن مان گذرڻ وقت اهي ساڳيا واقعا ۽ منظر هڪ فلم جيان ذهن ۾ اچي وڃن ٿا.


سينٽرل لنڊن ۾ منهنجي ننڍي ڀيڻ ارم لطيف يورپ جي ٽاپ پنجن ۾ ايندڙ اسپتال گريٽ آرمنڊ اسٽريٽ اسپتال آف يونيورسٽي ڪاليج لندن ۾ ٻارن جي ڪينسر اسپيشلسٽ سرڪاري ڊاڪٽر آهي. ٻارڙن جي اها اسپتال دل جي سرجري ۽ دل جي ٽرانسپلانٽيشن ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسپتال آهي. سندس ور منهنجو سؤٽ زرياب رئوف ميمڻ پڻ لنڊن مان ئي ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ٿيل آهي. لنڊن اچڻ کان اڳ منهنجي ڀيڻ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ پڻ هڪ تمام وڏي اسپتال ڪنگ فهد ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ ٻارڙن جي ڪينسر جي شعبي ۾ ڪم ڪندي رهي آهي، جتي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي ڀاءُ اڳوڻي بادشاهه، شاهه عبدالله جي ڌي شهزادي عديله بنت شاهه عبدالله السعود جو پڻ وٽس اچڻ ٿيندو هو، ڇاڪاڻ جو هوءَ سعودي عرب جي ڪينسر سپورٽ سوسائٽيءَ جي سربراهه آهي. سندن ذڪر ان ڪري ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته هڪ ته سنڌ جي ٻين نوجوانن کي اتساهه ملي ۽ ٻيو سنڌ حڪومت ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپٽ آفيسرن کي خبر پوي ته دنيا جي وڏن ملڪن جا سڀ ڏکيا امتحان پاس ڪري برطانوي سرڪار جي وڏي اسپتال ۾ وڏي ڊاڪٽر ٿيڻ  تائين پهچڻ واري منهنجي ڀيڻ سنڌ ۾ ٻارڙن جي شعبي ۾ ايف سي پي ايس ڪري وئي هئي، پر انهيءَ دوران کيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميڊيڪل آفيسر جي عام امتحان ۾ ٿيوري پاس ڪرڻ باوجود فيل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو اسان کان انهيءَ مافيا جي وچ وارن ايجنٽن پاران وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان پئسا گهريا هئا، پر اسان انهن کي رشوت نه ڏني هئي ۽ نه تر جي ڪنهن چڱي مڙس جي در تي وياسين. (سکر ضلعو سالن کان انهن جي حوالي آهي، ڇا جي ڪميشن، ڇا جي ميرٽ، پٽيوالي ۽ ڀنگي جي نوڪري به اهي ڏيندا آهن.) نقصان ڪنهن جو ٿيو؟ سنڌ جو، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن کيس سنڌ ۾ سرڪاري نوڪري هجي ها ته شايد اتي ئي ٻارڙن جو علاج ڪري ها. ڪرپٽ ماڻهن جي ڪري سنڌ مان هڪ سٺي ڊاڪٽر کُٽي. ان معاملي کي انگريزيءَ ۾ ”برين ڊرين“ چئبو آهي. سنڌ جو هڪ برين ڊرين ٿيو. سٺي ڪارڪردگيءَ واري شاگرد کي جڏهن هي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا آفيسر سياستدانن سان ملي ڄاڻي واڻي فيل ٿا ڪن ته رزلٽ واري ڏينهن جيڪا انهن کي تڪليف ٿئي ٿي، اهو منظر سڄي گهر لاءِ تڪليف ڏيندڙ هجي ٿو.
هن ڀيري منهنجو سفر لنڊن ڪنگس ڪراس اسٽيشن کان ٽرين ذريعي ايمسٽرڊم هالينڊ ڏانهن رهيو، جتي منهنجو ننڍو ڀاءُ امجد لطيف پنهنجي ڊچ گهر واري مريم ۽ ٻن پُٽن عمر ۽ قاسم سان گڏ رهندو آهي، هو به آءِ بي اي سکر مان پڙهي پوءِ يونان مان ڪافي وقت رهڻ بعد موٽيو. هڻي هڻي بيٺو سنڌ ۾ نوڪري نه مليس. پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ نوڪري لاءِ سفارش ۽ رشوت هجڻ ضروري آهي. امجد هن وقت هالينڊ ۾ سٺي نوڪريءَ سان آهي. ٽرين يورپ ۾ سڀ کان مهانگي سواري آهي. ان کان هيٺ جهاز سستو آهي ۽ آخر ۾ بس سڀ کان سستي آهي. ان جي ڪرائي جو حساب ايئن آهي ته جيڪڏهن هڪ منزل جي ٽڪيٽ ۱۰۰ يورو هجي ٿي ته جهاز جي ٽڪيٽ ۶۰ يورو هجي ٿي ۽ بس جي ساڳي منزل لاءِ ۳۰ يورو ٽڪيٽ هجي ٿي. باقي يورپ ۾ سستا ٽريول پيڪج جام ايندا آهن، ڀاڳ ڀلا هجن ته ۱۰۰ يورو واري ٽڪيٽ آن لائين ۴۰ يورو ۾ به ملي پوندي آهي. لنڊن کان يورو سٽار ٽرين ۳۶۰ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هلي ٿي. سمنڊ اندر ان جي رفتار ۱۶۰ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان رکي وڃي ٿي. انگلش چينل سمنڊ اندر سرنگ سمنڊ جي تري کان ۲۰ ميٽر هيٺ ٺهيل آهي. اها سمنڊ اندر ٺهيل دنيا جي وڏي ۾ وڏي سُرنگ آهي، جنهن جي ڪل ڊيگهه ۳۳ ميل يعنيِ ۵۰ ڪلوميٽر آهي. برطانيه جو ملڪ هڪ ٻيٽ آهي ۽ اها هٿرادو سُرنگ ان ٻيٽ جو دنيا سان واحد زميني رستو آهي. اها سرنگ ۱۹۶۸ع ۾ تيار ڪرڻ شروع ڪئي وئي هئي. اهي اصل ۾ ٽي سرنگون آهن، جن مان هڪ ۾ مسافر ٽرين ٿي هلي، ٻيءَ ۾ مال گاڏي ٽرين، جنهن تي توهان ۵۰ پائونڊ ٽڪيٽ وٺي ڪار مسافرن سوڌو چاڙهي سمنڊ پار ڪري سگهو ٿا ۽ ٽين سرنگ ٻنهي سُرنگن جي مرمت، حفاظت ۽ ضروري ڪم ڪار لاءِ آهي. لنڊن جي وچ شهر مان برٽش لائبريري ٻاهران ٺهيل ڪنگس ڪراس سينٽ پينڪراس اسٽيشن کان ايمسٽرڊم جي وچ شهر تائين اها ٽرين ۳ ڪلاڪ ۴۱ منٽ وٺي ٿي. ۲۴ ڪلاڪن ۾ مختلف ڪمپنين جون ڪافي ٽرينون ان روٽ تي هلن ٿيون. يورو اسٽار جون صبح شام ٻه ٽرينون ان روٽ تي هلن ٿيون. لنڊن کان فرانس ۾ داخل ٿي بيلجيئم ۾ برسلز کان ٿيندي اها ٽرين ايمسٽرڊم تائين ۳۵۷ ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري ٿي.

No comments:

Post a Comment