Thursday, November 10, 2011

قذاقن جي عجيب دنيا... - الطاف شيخ


قذاقن (pirates) جي عجيب دنيا...
الطاف شيخ
ملائيشيا جي ملاڪا نار، جنهن جي ڪپر تي منهنجو گهر هو اتان هڪ ٻيڙيءَ ذريعي، هتي جو هڪ سردار مون کي ملاڪا نار جي ٻي ڀر تي هڪ ويران ٻيٽ تي وٺي آيو. منهنجي چوڻ تي هن مون کي انڊونيشيا جي هڪ اهڙي خاندان سان ملائڻ ٿي چاهيو جنهن جو ابن ڏاڏن کان Piracy جو ڪم رهيو آهي. چوڌاري سوين ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ هي ٻيٽ هو، جيڪو ظاهري طرح ته انساني آباديءَ کان خالي لڳو ٿي پر پوءِ سونهين ذريعي جيئن جيئن گهاٽي جهنگل ۾ اندر گهڙندا وياسين ته پهرين رول ڪتا ۽ ڪڪڙ نظر آيا ۽ پوءِ پيرين اگهاڙين ٻار ۽ پوءِ بيحد گهاٽي جهنگل ۾ جتي ماڻهوءَ جي قد جيڏو ته گاهه هو، جهوپڙيون ۽ ملئي نموني جا گهر ظاهر ٿيا. مون کي 1987ع جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن مهيني ٻن جي موڪل تي آئون ڳوٺ آيو هوس ۽ ڀر واري ڳوٺ جو وڏيرو مون کي، منهنجي چوڻ تي، قاضي احمد واري پاسي کان هڪ وڏي ٻيڙيءَ تي جيپ رکي درياهه ٽپي سن شهر ۾ سائين جي ايم سيد سان به ملڻ ويا هئاسين ته ڪچي جي ٻيلي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڌاڙيلن سان به ملڻ ويا هئاسين. انهن جي ۽ هنن انڊونيشيا جي ڌاڙيلن جي ڪا مختلف زندگي نه آهي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جو سنڌي ڌاڙيل اسان جي معاشري ۾ انصاف نه هجڻ ڪري، وڏيرن سردارن جي ظلمن ڪري پنهنجي نارمل زندگي ڇڏي مجبور ٿي هينئن لـِـڪ ۽ ڏوهه جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ هي ملئي نسل جو سامونڊي ڌاڙيل ڪجهه بيروزگاري ڪري ڪجهه ان کي اباڻو ڌنڌو سمجهي هنن انڊونيشي ويران ٻيٽن تي لـِـڪَ جي زندگي گذاري رهيو آهي.

“اڄ جڏهن توهان جو علائقو ايڏو ته خوشحال ٿي ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو روزگار لاءِ هتي اچن ٿا پر توهان اهي ئي چوريءَ جا ڪم ڪندا رهو ٿا؟” مون هڪ رٽائرڊ پوڙهي چور (Pirate) کان پڇيو.
هن سامونڊي درياهَ (ملڪا نار) جي هـُـن ڪپر واري ملڪ ملائيشيا ترقي ڪئي آهي”، هن وراڻيو، “ڪپر جي هـِـن پار اسان جو انڊونيشيا جهڙو هو تهڙو ئي آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته هي اسان جي وڏن جو ڌنڌو آهي (يعني جهازن جي ڦر ڪرڻ) ۽ هن کي اسان مردن جو ڪم سمجهون ٿا.”
هن ڪراڙي رٽائرڊ قزاق مڙس جو هڪ جملو: “اسان وٽ تيسين ڪنهن کي بالـغ نه سڏيندا آهيون جيسين هو ملاڪا نار مان لنگهندڙ ڪنهن جهاز مان ڦـُـر ڪري اچي-” ٻـُـڌي مون وانگر ڪيترن کي سنڌي جي مشهور ليکڪ نسيم کرل جو افسانو “پهرين مراد” ياد ايندو هوندو. جنهن ۾ چـُـور پنهنجي پٽ کي ٿـُـڪ بـُـجو ڪندو رهي ٿو ته سڄو ڏينهن رڳو کٽون پيون ڇـِـنين. منهن ۾ڏاڙهي مـُـڇ اچي وئي اٿئي پر اڃا ڪا ڪنهن جي مينهن ڍڳي چورائي نه آيو آهين.” هو پنهنجي دوستن اڳيان منهن کڻڻ جهڙو نه رهيو آهي، جيڪي هن کي هر وقت اهو ڏوراپو ڏيندا رهن ٿا ته تنهنجو پٽ اڃا بالغ نه ٿيو آهي ڇا. “منهنجا ماڻهن سان پير ڀريل آهن”، هـُـو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو، “تون جنهن پاسي ويندين توکي مدد ڪرڻ ۽ لڪائڻ لاءِ منهنجا دوست نظر ايندا!” وغيره وغيره. ۽ پوءِ هن جي پٽ کي غيرت اچي ٿي ۽ رات اندر درياهه ٽپي ڪنهن جي ٿـُـلهي متاري مينهن چورائي کڻي اچي کٽ جي پائي سان ٻڌي ٿو. صبح جو ان کي ڏسي پيءُ کي به خوشي ٿئي ٿي. “واهه جي چوري ڪئي اٿئي، ڀاڳين کي بخار چڙهي ويا هوندا.” پر پٽ پيءُ جي واکاڻ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري سمهي رهي ٿو. ٿوري دير به ڪا مـَـسَ ٿي ته مـِـينهن جا مالڪ پيرا کڻي اچي هنن وٽان نڪتا. ٻاهران سڏ ٿيڻ تي پيءُ هنن سان ملڻ ويو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد اندر آيو ۽ پٽ کي ننڊ مان اُٿاري ڦٽ لعنت ڪري چيس ته تون مينهن چورائي آيو آهين سا به منهنجي دلبر ۽ بهادر دوست جي! هاڻ هو اندر چڪاس ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مون لاءِ ته ٻـُـڏي مرڻ آهي.”
پٽ پيءُ سان تکو ٿيندي چيو ته “خبردار بابا جي چوري باسي اٿئي. هي منهنجي پهرين مراد آهي. گهر آيل مهمانن کي نيرن ڪرائي پوءِ وٺي اچ.
جيسين مهمان نيرن ڪن تيسين پٽ مينهن کي سير وڌي ۽ پوءِ وڏي کڏ کوٽي ان ۾ دفن ڪري مٽي ورائي مٿان کٽ رکي سمهي رهيو. هوڏانهن مينهن جي ڳولا وارا نيرن ڪري اندر آيا. هنن هڪ هڪ ڪنڊ ڳولي پر کين پنهنجي ڀلوڙ مينهن نظر نه آئي. موڪلائڻ وقت پنهنجي دوست کي ڀاڪر پائي چيو “مبارڪون هجنئي اڄ توکي پٽ ڄائو آهي.”
سو هتي جي ڌرتي يعني  Malay Archipelagoجي ڪيترن  piratesجي ڪهاڻي ۽ ڪلچر ڪجهه ڪجهه ساڳيو آهي. جن ڏينهن ۾ هندستان ۾ اورنگزيب مغل بادشاهه جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن وليم ڪڊ نالي هڪ قزاق هندستان جي مالابار ڪناري وٽان لنگهندڙ جهازن جي لاءِ وڏي باهه ٻاري هئي. پاڻ انگريز هو پر هن ڌارين جهازن تي ته ڦر ڪئي ٿي پر پنهنجن کي به نه بخشيو. ڪئپٽن ڪڊ (هن قسم جا سڀ ڌاڙيل ڪئپٽن سڏجن ٿا جو اهي ڌاڙيلن جي گئنگ جا ليڊر هجڻ سان گڏ نيويگيشن جي به ڄاڻ رکن ٿا) پهرين نيويارڪ پاسي ننڍا ننڍا ڌاڙا هڻندو رهيو. وڏو دلير هو سو انگلنڊ جي حڪومت هن کي هڪ جهاز تي 34 کن توبون (Cannons) هڻائي ڏنيون ته هو مئڊا گاسڪر ٻيٽ جي اردگرد موجود قزاقن کي تباهه ڪري ۽ اتان لنگهندڙ فرانس جي جهازن کي سوگهو ڪري.
ڪئپٽن ڪڊ انگريز سرڪار کان مليل 80 خلاصي ڇڏي هڪ سؤ کن رهزن قسم جا غنڊا جهاز تي چاڙهيا ۽ خوب ڦرلٽ مچائي ۽ مئڊا گاسڪر کي ڇڏي اچي انڊيا جي ڪناري کان نڪتو ۽ فرانس جا جهاز ته ڇا پر جنهن حڪومت کيس پگهار تي رکيو هو، انهن جي به جهازن تي حملا ڪري سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال لٽيو. ان بعد مال جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهتو ته هو جهلجي پيو. کيس لوهي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري انگلنڊ پهچايو ويو، جتي هن کي موت جي سزا ڏني وئي. ڪئپٽن ڪڊ جو موت تمام خوفناڪ قسم جو ٿيو، جنهن رسيءَ سان کيس ڦاهيءَ لاءِ ٽنگيو پئي ويو، اها ٻه دفعا ڇڄي پئي ۽ پوءِ ٽئين دفعي سندس مڻڪو ٽٽي پيو ۽ موت آيس. سندس مرڻ بعد کيس تارڪول (ڏامر) ۾ ٻوڙي رسين ذريعي ٿيمس ندي مٿان لڙڪايو ويو. ڪئپٽن ڪڊ تمام مختصر عرصو قزاق رهيو پر ڏاڍا ماڻهو (جهازي) ماريائين ۽ وڏي ڦرلٽ ڪيائين. ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت سندس شعر نما تقرير تمام مشهور آهي. چي:
My name was Captain Kidd, when I sailed, when I sailed,
And so wickedly I did, God's laws I did forbid, when I sailed, when I sailed
I murdered William Moore, and laid him in his gore,
Not many leagues from shore, when I sailed.
Farewell to young and old, all jolly seamen bold,
You're welcome to my gold, for I must die, I must die.
Farewell to Lunnon town, the pretty girls all round,
No pardon can be found, and I must die, I must die, Farewell, for I must die.
Then to eternity, in hideous misery, I must lie, I must lie.
سترهين ارڙهين صديءَ ۾ انگريز، فرينچ، اسپيني، پورچو گالي هڪ طرف ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کي پنهنجيون ڪالونيون ٺاهيندا ويا (ٻين لفظن ۾ انهن ملڪن مان قيمتي مال جا جهاز ڀرائي پنهنجي ملڪ ڏي کڻائي پئي ويا) ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ مان- خاص ڪري اولهه واري ڪناري جي ملڪن جا ڏَٽا مـُـٽا شيدي جهلي انهن کي غلام ڪري آمريڪا وڪري لاءِ موڪليندا رهيا، جتي سندن ٻين يورپي ڀائرن کي پوک جي ڪم ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ سستو مزور ٿي کتو. آمريڪا ۾ جيڪا پوک ٿي ٿـِـي- خاص ڪري تماڪ، ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺاهي وئي ٿي، شراب ٺاهيو ويو ٿي، ڪافي وغيره ۽ کاڻين مان جيڪو سون چاندي ۽ هيرا جواهر نڪتا ٿي، انهن جا جهاز ڀري پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪليا ٿي. هي سمورا يورپي ملڪ، هاڻ سڌري پيا آهن ۽ وتن ٿا اسان جهڙن کي نصيحتون ڪندا نه ته انهن ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان هر وقت لڳي رهي ٿي. هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۽ هڪ ٻئي جون چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ لاءِ هنن پگهارن تي قزاق (سامونڊي ڌاڙيل) رکيا جن کي پوءِ ڦـُـرمان اهڙو مزو آيو جو هنن پنهنجن کي به نه ڇڏيو. مٿن ڪنٽرول ڪرڻ مسئلو ٿي پيو. انهن ئي سامونڊي ڌاڙيلن (pirates) مان هڪ چارلس بيلاني هو جنهن پوءِ پنهنجن ئي انگريز جهازن جي آمريڪا جي ڪناري وٽ ڦـُـر شروع ڪري ڏني ۽ هو ان ڦرلٽ مان ايڏو ته مالدار ۽ طاقتور ڌاڙيل ٿي پيو جو هو وقت جي حڪومتن کي چئلينج ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري آمريڪا (USA) جو ڪجهه حصو انگريزن جي قبضي ۾ هو ته ڪجهه فرينچن جي. ڪجهه ڊچن جي ته ڪجهه هسپانوي ۽ جرمن جي ۽ اهي يورپي قومون ننڍي ننڍي ڳالهه تان آمريڪا جي سرزمين تي به وڙهي رهيون هيون ته پنهنجي يورپ کنڊ ۾ به ته ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ به. سموري جنگ زمين هٿ ڪرڻ، اهم سامونڊي رستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، واپار تي پنهنجو قبضو رکڻ تي هئي ۽ انهن ڦورن حڪومتن کي ڦرڻ لاءِ وري سندن ڦورو ڌاڙيل پيدا ٿي پيا هئا. هـِـن ڌاڙيل هڪ واهه جي ڳالهه ڪئي ته انگريز حڪومت اسان کي  Scoundrels(ڦورو، ڌاڙيل) ٿي سڏي. دراصل ڦورو ته پاڻ به آهن. فرق فقط اهو آهي جو هو قانون جي ڇٽيءَ هيٺ غريب ماڻهن کي ٿا ڦـُـرين ۽ اسان انهن چور اميرن کي ٿا ڦـُـريون ۽ پنهنجي همٿ سان.
چارلس بيلاني اهو مشهور قزاق آهي، جنهن 1717ع ۾ اعلان ڪيو هو ته،
I am a free prince! I have as much authority to make war on the whole world.”
آئون آزاد شهزادو آهيان! مون کي به ايتري طاقت آهي جو سڄي دنيا سان جنگ جوٽي سگهان ٿو، ڀلي کڻي مخالف ڌر کي هڪ سؤ جهاز هجن ۽ وڙهڻ لاءِ هڪ لک ماڻهن جي فوج هجي...
اڄ جي دور جو ماڻهو ان ڳالهه کي شايد ٻٽاڪ سمجهي پر ان دور جي حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان زماني ۾ سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) هڪ خوفناڪ شيءِ هئا جن وڏن وڏن پهلوانن جي دلين ۾ به ڏهڪاءُ پيدا ٿي ڪيو. جي ڪي قزاق جيئن ته اميرن ۽ حڪومتن کي ڦـُـريندا هئا، ان ڪري اِهي ماڻهن لاءِ هيرو به هئا. اهو ئي سبب آهي جو قزاق (Pirates) تي تمام گهڻيون فلمون ٺهيون آهن جن ۾ ڪي  Horrorفلمون آهن ڪي مزاحيه ۽ رومانس سان ڀرپور.
قذاقن  Piratesتي ٺهندڙ فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته 1952ع جي هڪ فلم Against All Flags ٿي ياد اچي جيڪا اسان تعليم دوران 1963ع ۾ چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي جنهن ۾ ائنٿوني ڪئن کي ڏسي اسان به مئرين اڪيڊمي جي ڏکي پڙهائيءَ کي ڇڏي ڪئپٽن بدران  Pirateٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳا هئاسين. فلم جي هيروئن مورين اوهارا ئي هئي جنهن جي هن فلم ۾ قميص هيٺان باڊي (بريزئر) نه پائڻ ڪري مغرب ۾  به وڏو گوڙ متو هو! ڪهڙو ته فضيلت وارو زمانو هو! اڄ ته پاڪستاني فلمي اداڪارائون به  kissingجا سين ڀرائيندي فخر ٿيون محسوس ڪن ۽ وزيرائون فرينچ ڪوچن کي پيون ڀاڪر پائين. بهرحال  مورين اوهارا هن فلم ۾ قزاقن جي ليڊر ۽  Pirate Shipجي ڪئپٽن ٿي آهي. انهن ئي ڏينهن جي هڪ ٻي مشهور فلم  Blackbeard the Pirateآهي. بليڪ بيئرڊ ارڙهين صديءَ جو بيحد خطرناڪ قزاق ٿي گذريو آهي سندس وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ ڪري بليڪ بيئرڊ نالو پيو. کيس مارڻ لاءِ ورجينيا (آمريڪا) جي حڪومت انعام رکيو هو. آخر ٻن ماهر نيوي جي ڪئپٽنز کي بندوقن ۽ توبن سان ٻه جهاز ڏئي وڏي فوجي عملي سان بليڪ بيئرڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هڪ ڪئپٽن ۽ ڪيترائي سپاهي مارجي ويا پر آخرڪار بليڪ بيئرڊ (جنهن جو اصل نالو ايڊورڊ ٽيچ هو) سر ڌڙ کان ڌار ڪري ورجينيا جي گورنر وٽ پهچايو ويو جيڪو ڪيترا ڏينهن بانس جي ڏنڊي تي لڙڪايو ويو جيئن قزاق بنجڻ جا شوقين بليڪ بيئرڊ جي انجام مان سبق حاصل ڪن.
فلمن ۾  The Devil ship Piratesبه گهڻي مشهور ٿي. هيءَ 1964ع جي انگلينڊ جي ائڊوينچر نموني جي فلم آهي. ان کان علاوه انگريز ليکڪ رابرٽ لوئيس اسٽيونس جي ناول ٽريزر آئلڊ تي به ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن.
قزاقن ۽ انهن جي سامونڊي ڌاڙن بابت سڀ کان بهترين ڪتاب 1724 جو ڇپيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي: A General History of the Robberies & Murders of Notorious Pirates
چيو وڃي ٿو ته سامونڊي ڌاڙيلن (قزاقن) جا پنهنجا قائم ڪيل اصول (Code of Conduct) هو جنهن تي سڀني قزاقن سختيءَ سان عمل ڪيو ٿي. ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت کان سخت سزا ڏني وئي ٿي ۽ انهن سزائن ۾ عام سزا اها هئي ته ان قزاق کي بنا کاڌي پيتي جي ڪنهن اهڙي ويران ٻيٽ تي اڇلايو ويو ٿي جتي ڪوبه ماڻهو ڇيڻو نه هجي ۽ هو بـُـک وگهي مري وڃي يا کيس نانگ بلائون ۽ جهنگلي جانور چيري ڦاڙي ڇڏين. ان سزا مان ڪو خوشنصيب ئي بچي سگهندو هو.
قزاقن لاءِ سڀ جهاز هڪ جهڙا هئا، هو بنا شڪ جي دلير هئا. اسانجو اڄ جو سنڌي ڌاڙيل پنهنجو پاڻ کي وڏو پهلوان ۽ خوفناڪ  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ڌاڙا ۽ اغوائون ڪندو پر فقط پنهنجن سنڌي مسڪينن جي. پنجابي پٺاڻ کان ڪنبندو وتندو. سترهين ارڙهين صدي جي ڌاڙيلن کان وقت جون حڪومتون به ڊنيون ٿي- اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قزاقن کي ٺاهڻ ۾ به سندن هٿ هو. قزاقن جو ڪم جهاز ڦـُـرڻ هو. هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڌاڙي هيٺ آيل جهاز سندن ملڪ جو آهي يا ڪنهن دشمن ملڪ جو. ڪيترائي قزاق (Pirates) ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي بين الاقوامي شهرت جا مالڪ ۽ Legends بنجي ويا. بليڪ بيئرڊ قزاق- جنهن جنگي جهاز جي پورچوگالي ڪئپٽن کي سندس ئي ڪن، نڪ ۽ چپ وڍي کائڻ لاءِ مجبور ڪيو. هڪ ٻئي قذاق وليم ڪڊ ڦر هيٺ آيل جهاز جي سڄي عملي کي رسين سان ٻڌي سخت اُس ۾ واريءَ مٿان تيسين سڙڻ ڏنو جيسين هنن لڪل خزاني بابت نه باسيو ته هنن اهو سون ڪهڙي هنڌ لڪايو آهي ۽ ايوري نالي قزاق نه فقط ڦر ڪئي پر انڊيا جي مغل گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.
انگريز قزاق ايوري (جنهن جو سڄو نالو  Henry Averyهو، 1653ع ۾ انگلنڊ جي شهر پـِـلاءِ مائوٿ ۾  جنم ورتو، هي اهو قزاق آهي جيڪو پڪڙجڻ يا لڙائيءَ ۾ مارجڻ بنا، ڦـُـر جي مال سان رٽائرڊ ٿيو. ايوري برٽش نيوي ۾ Sailor (خلاصي) هو. سال 1671ع ۾ جڏهن انگريزن جي جهازن الجيريا جي شهر الجيرس تي گولي بازي ڪئي ته ان وقت به ايوري برٽش جي هڪ جهاز تي هو. پوءِ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڪجهه وقت ڪئريبين سمنڊ تي قزاق (Pirate) ٿي سمنڊ تي هلندڙ  جهازن تان ننڍيون ڦـُـرون ڪيون. ان بعد آفريڪا جي اولهه ڪناري تي اچي غلامن جو بزنيس ڪيو. هي ۽ هن جا ڌاڙيل ساٿي ڇا ڪندا هئا جو آفريڪا جي ڪناري تان واپارين کان غلام خريد ڪري آخر ۾ انهن وڪرو ڪندڙ سيٺين کي اغوا ڪري پنهنجي جهاز تي کڻي ايندا هئا ۽ کين لوهي زنجيرن سان ٻڌي رکندا هئا. قزاق جي حيثيت سان ايوري هڪ ئي سفر آمريڪا کان انڊيا تائين ڪيو جنهن ۾ هن کي ايڏو ته مال ۽ ملڪيت ڦٻيو جو هن قزاق (هينري ايوري) جي مال غنيمت (booty) لاءِ فريزر جهڙي مشهور  ليکڪ لکيو آهي ته ايوري جو اهو سفر The single richest crime in  history هو.
قزاق ايوري کي وڏو مال ملڪيت هندستان جي مغل بادشاهه اورنگزيب جي جهاز “گنج سوائي” تان حاصل ٿيو جنهن کي هلائڻ وارو فتح محمد نالي ڪئپٽن هو. هن جهاز تي سون چاندي، سڪن ۽ “ ڳهه ڳٺن کان علاوه مغل حاڪمن لاءِ سريتون(Concubines) ۽ مسافر به چڙهيل هئا. گنج سوائي جهاز تي به توبون بندوقون هيون. ٻنهي ڌرين جي ويڙهه هلندي رهي پر آخرڪار قزاق ڪامياب ٿيا. قزاق جي انگريز هجڻ ڪري انڊيا ۾ انگريزن جي “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي ڪافي بدنامي ٿي جو وقت جي حاڪم “اورنگزيب بادشاهه” جي خزاني جو جهاز ڦـُـريو ويو هو. ڪاوڙ ۾ آيل اورنگزيب انگريزن جي چئن فئڪٽرين کي بند ڪري انهن جي انگريز آفيسرن کي قيد ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ اورنگزيب کي خوش ڪرڻ لاءِ برطانيا جي پارليامينٽ ڪئپٽن هينري ايوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو وعدو ڪيو ۽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ڪئپٽن وليم ڪڊ جهڙي قابل ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو ويو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ تباهي مچائيندڙ قزاق جو خاتمو آڻي.
 پوءِ ڇا ٿيو؟
ڪئپٽن وليم ڪڊ پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو؟ شايد هو پنهنجي حساب سان ٿيو- جو هو ماڳهين پاڻ به وڏو قزاق(Pirate)  ٿي ويو-- ۽ سمنڊ تي هلندڙ جهازن تي ڌاڙا هڻڻ لڳو. ان بابت يعني ڪئپٽن ڪڊ (Captain Kidd) جو احوال شروع ڪري چڪو آهيان.


No comments:

Post a Comment