Tuesday, November 15, 2011

ممبئي ۽ اسان جا فليٽ - الطاف شيخ


ممبئي ۽ اسان جا فليٽ
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه (Head) ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي ٻڌايو ته؛ هو پهرين الهاس نگر ۾ پنهنجي والده ڪوشيلا ٻائي ۽ ٻن ڀائرن پريمچند ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل سان گڏ رهيو ٿي. پوءِ آهستي آهستي قسطون ادا ڪري، هنن ممبئي شهر جي هڪ علائقي ’انڌيري‘ ۾ فليٽ خريد ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي زال هيما ۽ ٻارن (ونود، ڌيرج ۽ ورشا) سان، ان فليٽ ۾ شفٽ ٿيو. “هاڻ ڀر ۾ ئي هڪ ٻي گهڻ-ماڙ عمارت ٺهي رهي آهي، ان ۾ ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لاءِ فليٽ بڪ ڪيو اٿئون.” ٻلديو وڌيڪ ٻڌايو؛ “اسان سڀ ڀائر ڪجهه نه ڪجهه بچائي ان فليٽ جي قسط جي ادائگي ڪندا آهيون. اسان سادو پهري، سادو کائي، پئسو بچائي پنهنجو اجهو حاصل ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انڊيا ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ پئسي وارا به، سادگيءَ سان رهن ٿا. ڊاڪٽر ٻلديو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لعل ته لوڪل ريل گاڏين ۽ بسين ۾ يونيورسٽي پهچندا هئا، پر آئون ڏسندو هوس ته ڀر وارن ڊپارٽمينٽن جا سربراهه، اردو ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر صاحب علي ۽ گجراتي ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر رتي لعل روهت توڙي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي خاتون هيڊ ڊاڪٽر نيلوفر بروچا به عام پبلڪ ٽرانسپورٽ بس ۾ يونيورسٽي جي گيٽ تي اچي لهندي هئي، جتان پوءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ تائين پيرين پنڌ پهچندي هئي. اها به ڳالهه نوٽ ڪيم ته ملائيشيا وانگر، انڊيا جا به پروفيسر توڙي شاگرد، ڪپڙي پوشاڪ جي معاملي ۾ به سادگي پسند لڳا. ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو فنڪشن ٿيو ٿي ته پوءِ اوچا ڪپڙا پائي آيا ٿي،. خاص ڪري ڇوڪريون، تکن رنگن ۽ چمڪ وارين ساڙهين يا شلوار قميص ۾ نظر آيون ٿي.
ڊاڪٽر ٻلديو پهرئين ڏينهن کان مون کي پنھنجو فليٽ ڏسڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ چوندو رهيو.
“يار هتي گيسٽ هائوس ۾ رهي ڪري به تنهنجي ئي ته ماني کاوان پيو.” مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته ٻلديو جي فئملي کي ان تڪليف کان بچايان. هونءَ به منهنجي خوشي ان ۾ آهي ته هڪ هنڌ ويهي ڳري ماني يعني ٻوڙ ڀت ۽ اڦراٽا کائڻ بدران، هلندي چلندي ڪا سئنڊ-وچ يا سموسو پڪوڙو کائي ڇڏجي. پر ٻلديو نه مڙيو ۽ هڪ ڏينهن صبح ساڻ، يونيورسٽي پهچي مون کي ڪيڏانهن اڪيلي گهمڻ لاءِ وڃڻ بدران، پاڻ سان پنھنجي گهر هلڻ لاءِ چيائين؛ “منهنجو هڪ دوست ڪار کڻي ايندو، پاڻ ان سان گڏ، هڪ بجي اسان جي گهر  هلنداسين. ڊاڪٽر منوهر به هلندو ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ پريمچند به الهاس نگر کان انڌيري پهچي ويندو.
ممبئي شهر، سمجهو ته، ڪولابا کان ڏهيسر (Dahisar) تائين آهي. جيئن ڪراچي، ڪياماڙيءَ کان سرجاني ٽائون تائين آهي. اسان ممبئي يونيورسٽي ڪالينا ڪئمپس تي هئاسين، جيڪو ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو گرو مندر (نيو ٽائون). وري انڌيريءَ وارو علائقو ائين آهي، جيئن نيو ڪراچي يا سرجاني ٽائون ڏي ويندي، رستي تي نارٿ ناظم آباد جو حيدري وارو علائقو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي به، ڪراچيءَ وانگر ڏکڻ کان اتر ڏي پکڙيل آهي. اسان وٽ ڪراچي شهر جي وچ مان ڪا به لوڪل ريل گاڏي نٿي هلي پر ممبئي ۾ ٻن ٽن قسمن جون لوڪل ريل گاڏيون، ائين سمجهو کڻي ته، ڪياماڙي کان نيو ڪراچي ۽ سرجاني ٽائون، ڪياماڙيءَ کان لياقت آباد ۽ سهراب ڳوٺ تائين ته هلن ٿيون، پر اڳيان الهاس نگر ۽ پوني يعني ٺٽي ۽ حيدرآباد تائين هليون وڃن ٿيون. وچ شهر مان ريل گاڏي هلڻ ڪري، ممبئيءَ جا ڪيترا اهم علائقا ٻن حصن (ايسٽ ۽ ويسٽ) ۾ ورهائجي ويا آهن. جيئن سانٽا ڪروز ايسٽ به آهي ته ويسٽ به، کار ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. اهڙيءَ طرح، انڌيري ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. انهن جي ريلوي اسٽيشن هڪڙي ئي آهي پر ريلوي اسٽيشن مان نڪرڻ بعد توهان کي ان پاسي جي گيٽ مان نڪرڻ کپي، جنهن پاسي توهان کي وڃڻو آهي. مثال طور توهان کي سانٽا ڪروز ويسٽ ۾ ڪنهن جي گهر يا آفيس وڃڻو آهي، ته سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي پهچي، پوءِ ويسٽ واري پاسي کان نڪري آٽو رڪشا يا ٽئڪسي ڪجي. هڪ دفعي آئون ايسٽ گيٽ کان نڪري ٽئڪسي ڪرڻ وارو هوس، ته هڪ مڪاني مرهٺي مون کي سمجهايو ته اسٽيشن جو پليٽ فارم ٽپي ٻئي پاسي کان ٽڪئسي ڪريان ته منهنجو فائدو آهي، جو هن پاسي واري ٽئڪسيءَ کي ريل جا پٽا ٽپي وڃڻ لاءِ ڪافي اڳيان وڃي پوءِ ڦاٽڪ مان مڙڻو پوندو.
ممبئي جو هي حيدري نارٿ ناظم آباد وارو علائقو يعني “انڌيري” (Andheri) 1947ع ڌاري به هڪ ڏورانهون ڳوٺ هو، پر هاڻ انڌيري هڪ ماڊرن ٽائون ٿي ويو آهي. جنهن جي آدمشماري 40 لکن کان به مٿي ٿي وئي آهي. اولهه وارو پاسو يعني انڌيري ويسٽ گهڻو تڻو ڪلفٽن وانگر رهائشي علائقو آهي ۽ انڌيري ايسٽ رهائشي به آهي ته ڪمرشل به. ممبئي جو بين الاقوامي هوائي اڏو “ڇتراپتي شيوا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ” به انڌيري ايسٽ ۾ اچي ٿو، جيڪو اڳيان سانتا ڪروز علائقي سان وڃيو ملي. انڌيري جو علائقو هتي جي جهونين غارن کان به مشهور آهي، جيڪي مها ڪالي ديويءَ جون غارون سڏجن ٿيون. هتي جي گنيش ڀڳوان واري وانچا سڌي مندر ۾ (دادر واري مندر بعد) ٻئي نمبر تي پوڄارين جو وڏو تعداد اچي ٿو. انڌيري ايسٽ تي مارول ماروشي نالي هڪ اهم روڊ آهي، جنهن تي هتي جي مشهور وجئه نگر ڪالوني آهي، جنهن جو افتتاح بئريسٽر رجني پٽيل ڪيو هو جيڪو فلم ائڪٽريس اميشا پٽيل جو ڏاڏو ٿئي. وجئه نگر دراصل هتي جي سالياني گنيش ۽ گووندا مڪتي فاد وارن جشنن کان به مشهور آهي. انڌيري ايسٽ جي مارول ماروشي روڊ تي ڀاواني نگر نالي هڪ ٻي به مشهور رهائشي ڪالوني آهي. ڀاواني نگر ۾ 18 اتاهين عمارتن جو جهڳٽو آهي.
انڌيري ايسٽ ۽ ويسٽ، ممبئي جي ڪجهه وڏن مالن (Malls) ۽ سافٽ ويئر ڪمپنين کان به مشهور آهي. سڀ ۾ وڏو مال “انفنٽي” آهي، جنهن ۾ انڊيا جي سڀ کان وڏي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن BIG FM نالي آهي. انڌيري ريلوي اسٽيشن ’ممبئي سبربن ريلوي لائين‘ تي پنجون نمبر اسٽيشن آهي، جنهن تي تيز رفتار لوڪل گاڏيون به ترسن ٿيون. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان انڌيري لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهبو ته، رستي تي ممبئي شهر جون هيٺيون ريلوي اسٽيشنون اينديون:
چرچ گيٽ، مئرين لائينس، گرانٽ روڊ، ممبئي سينٽرل، مها لڪشمي، پاريل، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماتونگا، ماهيم، باندرا، کار، سانٽا ڪروز، وِلي پارلي، ۽ ان بعد انڌيري اسٽيشن اچي ٿي.
اسان کي ممبئي يونيورسٽي مان يعني سانٽا ڪروز واري علائقي مان، ڊاڪٽر ٻلديو جي هڪ دوست ڪرتار بچاڻي جي پٽ پران، پنهنجي ڪار ۾ کڻي اچي انڌيري ويسٽ ۾ پهچايو. رستي تي هڪ ٻن هنڌن تي پران ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل جو ڪم به هو. بهرحال جن رستن تان لنگهڻ ٿيو، انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن: مکرجي چوڪ، هنومان روڊ، جنهن جو اصل نالو شايد (Gaothan Rd)  آهي، مهاتما گانڌي روڊ، ساونت روڊ (G.H Road) پروفيسر N.S ڦادڪي روڊ، راجيو چوڪ، سوامي وويڪانند روڊ، سيزر روڊ ۽ آخر ويرا ڊيسائي روڊ تي پهتاسين. جتي ٺهيل اوچين عمارتن مان پالاش ٽاور نالي هڪ ۾ ڏهين فلور تي ڊاڪٽر ٻلديو وارن جو فليٽ آهي. مون کي به ممبئي ۾ هن قسم جي فليٽ ڏسڻ جو شوق هو. ممبئي ۾ زمين نيويارڪ جي مئن-هٽن واري علائقي کان به مهانگي آهي. سو گهر کان وري به فليٽ سستو پوي ٿو. ڪراچيءَ جي ان قسم جي فليٽن کان،  ممبئي جا هي فليٽ جيتوڻيڪ ننڍا آهن. ٻلديو جو هي فليٽ ٻن ننڍڙن ڪمرن، ڪچن ۽ هڪ ننڍڙي ٽي وي لائونج تي مشتمل آهي. قيمت ۾ پڻ ممبئي جا هي فليٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌ جي فليٽن کان تمام مهانگا آهن پر يارو هڪ ڳالهه حق جي ڪبي ۽ رهڻ وارن کي داد ڏجي ته هُنن هِنن فليٽن کي اندران توڙي ٻاهران ڇا ته صاف سٿرو رکيو آهي! اسلام صفائيءَ جي تلقين ڪري ٿو ۽ اسان مسلمان ڳالهيون ته وڏيون ڪريون ٿا، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي فليٽن ۾ رهڻ وارا ممبئي جا فليٽ اچي ڏسن. ٻلديو جي فلئٽ تان موٽڻ مهل، ٻيا فليٽ ڏسڻ ڪارڻ آئون ڪجهه فلور لفٽ بدران ڏاڪڻ ذريعي لٿس ۽ هيٺ لهي مون ڀر واري هڪ ٻه ٻي عمارت به اندران ڏٺي، جيڪي ٻلديو وارن جي عمارت کان ڪافي پراڻيون هيون، اهي پڻ اهڙيون ئي صاف سٿريون هيون. ان کان علاوه مون ڏٺو ته منجهند جي وقت به ٻلديو وارن، پاڙي وارن جو خيال رکڻ خاطر پنهنجي ٽي وي جو آواز آهستي رکيو. مون کي تعليم وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن سئيڊن جي مالمو شهر ۾ مسواڙ تي فليٽ حاصل ڪرڻ مهل، سوئيڊش عورت مونکي چيو ته؛ هوءَ پنهنجو فليٽ ڪنهن عرب يا پاڪستاني مسلمان کي هرگز نه ڏيندي، جو اهي گندگي کان علاوه گوڙ گهمسان ڪن ٿا ۽ پاڙيوارا شڪايتون ڪن ٿا. سنگاپور ۾ گهڻ-ماڙ عمارتون ٺاهڻ شروع ڪرڻ کان اڳ، اتي جي حڪومت فليٽن ۾ رهندڙن لاءِ نه فقط سخت قاعدا قانون ٺاهيا، پر ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏئي، ٻين لاءِ مثال قائم ڪيو. پر حيرت آهي ته ممبئي جا رهاڪو بنا ڪنهن حڪومتي سختيءَ جي گهڻ-ماڙ عمارتن ۾ “جيئو ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيو” جي پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيا آهن. شايد ان ڪري جو هتي جي ماڻهن ۾ تعليم آهي. هنن کي پنهنجي پاڙيوارن جو احساس رهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندن انهن سٺين ڳالهين ڪري، کين ڌارين ملڪن ۾ (يورپ توڙي عرب ملڪن ۾) عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment