Friday, November 11, 2011

ڪيڏو لُڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيھر ٽرڙا - الطاف شيخ


ڪيڏو لُڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيھر ٽرڙا
الطاف شيخ

گذريل مضمون  ۾ ڪانگ پکيءَ تي چيل ڪجهه بيتن جي ڳالهه ڪئيسين، اهڙيءَ طرح ٻين پکين بابت پڻ اسان جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آهي. سچل سرمست جو هڪ بيت آهي.
سگهو اڏامي آءُ، پکيئڙا پرينِ جا،
سڀ کنڀ ڪريان تنهنجا، ساڻ جواهر جڙاءُ،
عطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ،
ساري سنهيا، آڻي ڏج عجيب جا
شاهه لطيف فرمائي ٿو ته انسانن کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃاهه آهي، جو هو وڳر ڪيو پاڻ ۾ پريت ونڊين ٿا، پر هيڏانهن انسان انسان کان وئون پيو وڃي!
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو.
ڪَنگ هڪ قسم جو پاڻيءَ جو پکي ٿئي ٿو، جنهن جو رنگ اڇو ٿيندو آهي. سندس ڳچي ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿين، پير ۽ چهنب ڪاري ٿئيس. بقول محمد ابراهيم لاشاريءَ جي، هي پکي ٻگهه جو قسم سمجهڻ کپي. جيتوڻيڪ قد ۽ وزن ۾ ٻگهه کان ننڍو ٿئي ٿو. ڪنگ جي خوراڪ مڇي، ڏيڏر، تڏ وغيره آهي. سر سهڻيءَ ۾ شاهه لطيف ڪنگ ۽ ٻگهه تي هن طرح نظر وڌي آهي.
ڪانڌي ڪَنگ ٿياس، وَهَڻُ جنازو سُهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکين مَلَڪَ ڏِٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.

مٿئين بيت ۾ وَهَڻُ جو مطلب پاڻي جو وهڪرو آهي. مَلَڪَ معنيٰ ملائڪ، حساب پڇندڙ فرشتا (منڪير ۽ نڪير)، ڪاڍو ميهار ڏي تانگهه آهي معنيٰ هن جي ڪشش (تانگهه) ميهار ڏي ئي آهي. سهڻيءَ جو ميهار لاءِ نينهن اَمر آهي. موت کانپوءِ به سهڻيءَ جي دل جو لاڙو ميهار ڏي آهي. مٿين بيت ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو، ته ڪنگ سندس ڪانڌي ٿيا ۽ درياهه جو وهڪرو سندس جنازو، ٻيٽن جي ٻگهن کيس ڪلها ڏنا. حساب پڇندڙ فرشتا اچي اڳيان بيٺس، ته به من جو لاڙو ميهار ڏانهن هوس. شاهه جو ٻيو شعر آهي:
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.
پاڻي جي پکين جو ذڪر شاهه صاحب هڪ جدا سر ڪارايل ۾ ڪيو آهي. هنج ۽ للو پکي پاڻيءَ وارن پکين ۾ سٺي مهانڊي وارا ۽ وڻندڙ پکي ٿين ٿا. ڪنگ ۽ ٻگهه پکي به ٽنگن ڊگها، اڇا پکي ٿين ٿا، جن جو گذران جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته پاڻي جي جيتن ۽ مڇين تي آهي، پر ٻنهي قسم جي پکين جي ڊيل ڊول ۾ وڏو فرق آهي. شاهه صاحب پنهنجي ديس جي انهن پکين کي ڏسي ٿو. هو هنج کي خاص انداز ۾ نصيحت ڪندي چوي ٿو ته:
هاريا هنج ٻگهن سين، ڪيهي ٻڌين ٻيلهه،
ميرو مٽائيج تون، اڇي ڪر اڪيل،
ڪنگن سان ڪويل، للا جم لڙ پئين.
مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي مضمون ”شاهه جي شاعريءَ ۾ پکين جو ذڪر“ ۾ مٿين بيت جي ڏکين لفظن جي معنيٰ هن ريت لکي آهي ته هاريا معنيٰ بيڪار، ٻيلهه معنيٰ دوستي، اڪيل معنيٰ اڪلائڻ، ڪُويل معنيٰ بي وقتو، جم معنيٰ ڇو، لڙ پوڻ معنيٰ پاڻيءَ ۾ ترڻ.
شاهه جو هڪ ٻيو بيت آهي:
هنجن سان هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين،
ٻگهن سان ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌجين ڪڏهين.
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو هڪ بيت آهي:
هنج ته تيئن هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو،
هي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
۽ شاهه لطيف جو هنجن بابت اهو بيت ته هر ڪنهن ٻڌو هوندو ته:
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.
ڍنڍ جي پکين ۾ ڪانگ جهڙا ڪارا پکي به ٿيندا آهن، جن کي ڪانيئرو سڏيندا آهن، انهن جون عادتون نه هنجن جهڙيون هونديون آهن، نه وري للن جهڙيون. مڇيءَ جي ورن لاءِ پاڻيءَ کي ميرو لڙو ڪري ڇڏيندا آهن، شاهه لطيف فرمائي ٿو:
سر وڃايو سرهو ڪو وڙن ڪانيرن،
آڌي رات اٿي ڪري، ددا دانهون ڪن،
سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چڻي.
ڪانوَ  جو رات جو لنوڻ سنڌي رسمن موجب بدسوڻ آهي. مٿين بيت ۾ شاهه صاحب ان ڏانهن اشارو ڪندي ڪانئرن جي بد ذات (بي وڙائتي عادت) ڏي اشارو ٿو ڪري. هنج پاڻيءَ جو پکي آهي. هنج ٻين ڍنڍن وارن پکين جيان خوراڪ ۾ مڇي جي در ۽ گاهه تي گذران نه ڪندو آهي. هن جو چوڻو ماڻڪ ۽ موتي هوندا آهن. هنج اونهي جو اسرار ڄاڻندو آهي. سوين فوٽن جو غوطو هڻي، وڃي موتي کڻي موٽندو آهي. هنج پکي پٿر کي پاڻي ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هو هڪ موتي پيٽ ۾ ڳهي، پنهنجي اڃ بک لاهيندو آهي. اهو موتي ڳري کاڄ بڻجي ويندو آهي ته هو هفتن جو ڍؤ پنهنجي جسم ۾ ڀري ڇڏيندو آهي. ڀٽائي هنج لاءِ هڪ هنڌ چوي ٿو:
ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
چلر ۾ چهنب هڻي، مڇي کين نه اي،
لوڪ نه لکئائي، جيلاهه ڀوڻن ٻگهن ته گڏئا.
شاهه جو هڪ ٻيو بيت آهي:
سرهو سر وڃايو، ڪوڙن ڪانئيرن،
رٺا روهه وڃن، تنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.
مولانا دين محمد وفائيءَ شاهه جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته، هيءَ دنيا ساگر آهي، سالڪ هن هنج پکي مثل آهن. هن دنيا ۾ نفساني خواهشن جا موئرا ۽ ڪاٺ جا ڪرنگهه ٺاهي، نيڪ انسانن جي ڦاسائڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن ٿا، تنهن ڪري شاهه صاحب انهن حالتن ڏانهن پنهنجي شعر ۾ اشارا ڪيا آهن. سالڪ کي چوي ٿو ته، دنيا جي گندگين کان جند ڇڏائي اڳتي وڌ، نه ته شڪارين جو طعام ٿي ويندين.
آءُ اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پارهيڙي پهه ڪري.
پرديسي پکين ۾ پاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ پکي ٻگهه به آهي، جنهن کي اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪي ماڻهو درويش پکي سمجهندا آهن ۽ کيس ٻگهه ڀڳت به چون، ته ڪي هن کي احمق ۽ بي افعالو پکي ڪوٺين. سنڌيءَ جو ڪالم نويس ابراهيم لاشاري صاحب ٻگهه پکيءَ لاءِ لکي ٿو ته، هي ڪنگ وانگر پاڻيءَ جو پکي آهي. رنگ جو اڇو ٿيندو آهي، ڳچي ڊگهي، پير ۽ چهنب ڦڪي ٿيندي اٿس. ڪيترن ٻگهه پکين جي ٽِڪڻ (مٿو) به ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻن ٻگهن کي مٿي تي گل جهڙي چوٽي به ٿيندي آهي. ٻگهه پکي اڪثر ڪري هڪ ٽنگ تي بيهندو آهي. ٻگهه جون اکيون هميشه پوريون (بند) پيون هونديون آهن. جڏهن مڇي يا ٻيو ڪو شڪار  نظر پوندو اٿس، ته امالڪ ٽپ ڏئي، ان جو شڪار آسانيءَ سان ڪري وٺندو آهي. ٻگهه پنهنجي خوراڪ اڪثر ڪري دٻُن مان در، مڇي، ڏيڏر، گاهه، جيت ۽ ڪِن ڦِٿ به کائيندو آهي. شاهه لطيف ٻگهه جو ذڪر هن طرح فرمايو آهي:
ٻگهن سان ٻاڻ هڻي، اڏاڻو آڪاس،
جتي پرين سندياس، سو سر مٿي هنجڙو.
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو هڪ بيت آهي:
سڪ روحاني سامين، جسمي جاهلن،
ٻگهه نه مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي.
سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين ۾ ڪونج جو وڏو شان آهي. هوءَ سونهن ۽ امن جو پکي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٽولن ۾ ٿي هلڻ ڪري هي پکي ٻڌيءَ ۽ ڀائپيءَ جي علامت پڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڪونج کي به اسان جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. راڳيندڙن هن کي راڳن، ڪافين ۽ ڳيچن ۾ ڳايو آهي. ملائيشيا ۾ هندو سنڌين وٽ ڪاڄن ۾ ڪنوار جي سونهن جي شان ۾ اهو راڳ اڪثر ڳايو ويندو آهي ته:
ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي،
سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار اٿئي.
ڪونج جي ڊگهي ڳچي سونهن جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. شاهه صاحب هن مهمان پکيءَ لاءِ چوي ٿو:
قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.
شاهه لطيف سر ڏهر ۾ خاص طور ڪونج پکيءَ کي ڳايو آهي:
روههِ راماڻا ڪن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،
ڪرڳَلُ ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.
روهه معنيٰ جبل ۽ راماڻا معنيٰ دانهون، ڪوڪاٽون ڪرڳل معنيٰ هل هلاچو ۽ رائي جي معنيٰ به جبل آهي. ان ئي سر ۾ هڪ ٻئي بيت ۾ آهي:
وَڳَرَ وِيا وَهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي!
ڪندينءَ ڪوهه رهي، سَرَ ۾ سپرين ري؟
هڪ ٻئي بيت ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:
ڪونجون ٿيون ڪُڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون،
ٻچا پوءِ اَٿَن، وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونج پکيءَ تي شيخ اياز جو هڪ خوبصورت شعر هن ريت آهي ته:
ڪونج ڪَرڪي پئي، ڪا اتر پار جي،
ياد آئي اسان کي وري يار جي!
بهرحال پکين کي خاص ڪري پرديسي پکين کي، جن ۾ ڊگوش، آڙيون، نيرڳ سارس، ٽيٽيهر به اچي وڃن ٿا، اسان جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجن شعرن ۾ ياد ڪيو آهي، جيئن دادوءَ جي مشهور شاعر بشير سيتائيءَ جو هڪ سهڻو شعر آهي:
منهنجي لڙڪن جي ڍنڍ تي سارس،
تون لٿو هئين، سا اڄ سڪي وئي آ.
دادوءَ جي هڪ ٻئي شاعر ابل اداس ٻٻر به سارس کي هن ريت ياد ڪيو آهي:
سارس جهڙا خواب لٿا هن،
نيڻن جي اڄ ڍنڍ ۾ ڪيڏا.
نوجوان شاعر ابل اداس جي شاعري اڪثر سوجهرو رسالي ۾ اچي ٿي، جنهن تان مون هي مٿيون شعر کنيو آهي. بشير سيتائيءَ جو هڪ ٻيو شهر آهي:
ذهن جي منڇر تي يادن جا لٿا آهن ڊگوش،
پر غمِ دوران به ڪيڏو آشڪار الامان.
ڊگوش هڪ خوبصورت بدڪ جهڙو پکي ٿئي ٿو، جنهن کي هيڏانهن يورپ ۾ ”پن ٽيل“ سڏين. سندس ڪيتريون ئي جنسون آهن، جن مان ڪي هيڏانهن سئيڊن ۽ ناروي پاسي نظر اچن ٿيون، ڪي روس جي اتراهن ۽ بلقاني رياستن ۾، پر ڊگوش جون سڀ جنسون، سياري ۾ سنڌ جي ڍنڍن تي اچيو نڪرن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو بيحد خوبصورت پاڻيءَ جو پکي نيرڳ آهي، جنهن کي هتي يورپ ۾ ”مالارڊ اناس“ سڏين ٿا. هن پکيءَ جون پڻ ڪيتريون ئي جنسون سنڌ ۾ اچن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي برانچ جي سيڪريٽري بلوچ صحبت علي، جيڪو هاڻ پاڻ کي ”تنها“ صحبت سڏائي ٿو،  جو هڪ شعر آهي:
ابر اڀري آئيا، وٺو ڪيڏو مينهن،
نيرڳ تنهنجو نينهن، ٿيو ڪينجهر ڪپ سان.
۽ آخر ۾ هڪ دفعو وري بشير سيتائيءَ جو هڪ شعر جنهن ۾ هن ٽيٽيهر (پلوور پکيءَ) کي ياد ڪيو آهي، چي:
تنهنجي ڪن تي ڪو نه پون ٿيون، هنجن جون ٻوليون،
ڪيڏو لڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيھر ٽرڙا...

No comments:

Post a Comment