Thursday, November 10, 2011

ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ اسماءِ ۽ ٻيا... - الطاف شيخ


ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ اسماءِ ۽ ٻيا...
الطاف شيخ
جيئن اسان وٽ اتراهن جابلو ۽ سرد علائقن کان ماڻهو هيٺ ڏاکڻن علائقن ڏي ايندا رهيا ٿي ۽ ايندا رهن ٿا، پوءِ ڏکڻ ۾ توڙي سنڌ هجي يا گجرات، مهاراشترا هجي يا تامل ناڊو، نسبتن موسم ۽ حالتون بهتر آهن. خاص ڪري چوڌاري سمنڊ جو ڪنارو هجڻ ڪري هتي سياري ۾ نه ايڏو سيءُ پوي ٿو ۽ نه اونهاري ۾ ايڏي گرمي ٿئي ٿي. پوک به سٺي ٿئي ٿي. هماليا جبلن جي قدمن ۾ يا سوات وزيرستان ۾ سياري ۾ کڻي بادام، اخروٽ ۽ زردالون ٿيندا هجن پر اسان جو پيٽ ته انُ (ڪڻڪ، چانور وغيره) ئي ڀري سگهي ٿو. توهان ڪڏهن به ۽ ڪنهن دور ۾ به اهو نه ٻڌو هوندو ته ڪراچي يا حيدرآباد مان پاڙن جا پاڙا گلگت ۽ چترال لڏي ويا. دهلي ۽ بڙودا جا ماڻهو ڪارگل ۽ ليهھ لڏي ويا. توڙي کڻي اونهاري ۾ اتراهان علائقا سرسبز ۽ سهڻا لڳندا هجن! چرچو مشهور آهي ته ڪنهن چتراليءَ چيو هو ته؛ جنهن علائقي کان آيو آهي اهو سرسبز جنت جو ٽڪرو آهي. ان تي ٽنڊي آدم جي رهاڪوءَ چيس ته؛ پوءِ اهڙي جنت کي ڇڏي هيڏانهن دوزخ ۾ ڇو آيو آهين؟

اهو ئي حال يورپ جي اتراهن ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جو هو، جنهن کي پاڻ اسڪنڊينيويا جا ملڪ سڏيون ٿا. گذريل صديءَ جي شروع تائين هو ڏکڻ ڏي لڏي آيا ٿي پر ڏاکڻن ملڪن جي ڪنهن اسپيني، اطالوي، يوناني يا فرينچ جو دماغ خراب نٿي ٿيو جو هو پنهنجو وطن ڇڏي اتر ڏي وڃي سئيڊن يا ناروي ۾ رهائش اختيار ڪري، جتي اونهاري جي مهينن ۾ به ڏڪڻيءَ وارو سيءُ رهي ٿو. جتي جو سيارو اونداهه انڌوڪار آهي، جو ڏينهن جو ٻه چار ڪلاڪ مس ٿئي ٿو. باقي رات ئي رات آهي. اونداهه ئي اونداهه آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسڪئنڊينيوين ملڪن جون ڇوڪريون سهڻيون هجڻ ڪري باقي يورپي مٿن موهت رهيا آهن پرمحبوبائن جي ملڪن جي سخت سيءَ ۽ جياپي جون حالتون ڏکيون هجڻ ڪري، هنن عشق تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو ٿي يا ڇورين کي پنهنجي وطن ڀڄائي آيا ٿي.
گذريل صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾، ٻاڦ ۽ ڊيزل انجڻين جي ايجاد بعد جنريٽر ٺهيا ۽ اليڪٽرڪ سٽيءَ روشنائي پيدا ڪئي. گهرن ۾ هيٽنگ سسٽم شروع ٿيو ۽ يورپ جي اترادين (سئيڊن، نارويجن، فنس ۽ ڊئنش ماڻهن يعني انگلنڊ، پورچوگال، اٽلي، فرانس ۽ اسپين) لڏپلاڻ کي گهٽايو. بلڪه هاڻ ته انهن ڏاکڻن ملڪن جا ماڻهو به اتراهان ملڪ گهمڻ لڳا، خاص ڪري اونهاري جي موسم ۾. جيئن اسان وٽ اڄ ڪلهه اونهاري جي موڪلن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ٻارن کي ڪوهه مري، سوات، چترال، گلگت، اسڪردو گهمائڻ وٺي وڃن ٿا پر صدين تائين اتر طرف ماڻهن جو رخ گهٽ هجڻ ڪري اسڪينڊينيويا جي ملڪن کي ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ گهٽ ٿي رهي. هاڻ ته ٽي وي، ريڊيو، انٽرنيٽ ڪري سڄي دنيا ڳنڍي پئي آهي، پر اڄ کان هڪ صدي اڳ تائين اهڙن ملڪن (توڙي جپان) جون حالتون مختلف هيون. جپان جي موسم اهڙي ظالم کڻي نه چئجي پر هنن وري ڪنهن ڌارئين کي جاپان جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نٿي ڏنو. ٻين سان ڏيٺ ويٺ نَهَه برابر هجڻ ڪري ناروي، ڊئنمارڪ، سئيدن، فنلئنڊ پاسي جا ماڻهو فقط عيسائيت کان واقف هئا. وڌ ۾ وڌ کڻي يهودين کان، جو اتي عيسائي ۽ ڪجهه يهودي رهيا ٿي. اسلام ته ڇا پر هو هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم کان به اڻ واقف هئا، جيڪو ڏور اوڀر جي سڀني ملڪن تائين پکڙجي چڪو هو. گذريل صديءَ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جو سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڃڻ شروع ٿيو ته هنن کي اسلام، هندو ڌرم وغيره جي معلومات اتي پهچندڙ پاڪستاني، انڊين، ايراني، عراقي مسلمانن، هندن ۽ سکن کان پئي. ستر جي شروع وارن سالن ۾، جڏهن عربن تيل مهانگو ڪيو ۽ نيويارڪ جي 11 سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ هنن اترادي ماڻهن کي عربن ۽ مسلمانن ۽ سندن مذهب اسلام جي خبر پئي. جپان جي به عام ماڻهوءَ کي اسلام جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ستر واري ڏهي کان پئي، جڏهن تيل جي مهانگي ٿيڻ ڪري جپان جي واپار وڙي جي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو جپان، جتي خوبصورت پلاسٽڪ ٿيلهين (Shoppers) جي شروعات ٿي ۽ ڪا شيءِ وٺڻ تي دڪاندار ٻه ٻه، ٽي ٽي فالتون ٿيلهيون به ڏئي ڇڏيندا هئا. تيل مهانگي ٿيڻ تي اهي به بند ٿي ويون، جو اهي تيل مان ٺهيون ٿي. جاپاني عورتون ڀاڄي ڀُتي يا ڪو سيڌو وٺڻ لاءِ گهران ڳوٿريون يا پني جا لفافا کڻي نڪرڻ لڳيون. جپاني حڪومت جا سربراهه هلي ملي سعودي عرب، ڪويت ۽ دبئي، اتي جي حاڪمن سان ملڻ ويا ته تيل جي سپلاءِ ۽ قيمتن تي نظرثاني ڪريو. هر عام ماڻهو پڇڻ لڳو ته اهي عرب ڪير آهن، ڇا آهن... وغيره ۽ مون کي ياد آهي ته ان بعد جاپان جي T.V تان نه فقط عرب ملڪن جون ڊاڪيومينٽري فلمون پر پهريون دفعو جپان جي ٽي ويءَ تان ٻانگ ۽ حج ڪرڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو ۽ پوءِ ته 1980ع بعد، جپاني ٽي ويءَ تان عربي زبان به سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ جپاني ڇوڪري عربي سيکاري ٿي، جنهن جو احوال جپان جي سفرنامي ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. اهو ئي حال، يورپ جي هنن اتراهن ملڪن جو هو، جتي گذريل صديءَ جي اڌ تائين ته شايد ئي ڪو مسلمان عام طرح نظر آيو ٿي. 1980ع کانپوءِ اسان کي ڪوپن هيگن، مالمو، اسٽاڪهوم، اوسلو ۽ ٻين وڏن بندرگاهن ۾، جڏهن اسان جو جهاز انهن بندرگاهن ۾ پهتو ٿي ته گس پنڌ تي ڪنهن اسلامي ملڪ جي باشندي سان ملاقات ٿي ٿي. وڏن سفرن ڪري اسان کي گوشت ۽ حلال شين جي دقت ٿي ٿي، جيڪي شيون يورپ جي هنن اتراهن ملڪن ۾ ناپيد هيون. اتر ڪوريا يا چين ۾ وري به رڍون ٻڪريون ملي ويون ٿي ۽ ڪيترا ئي مڪاني مُلان ڪاسائي ملي ويا ٿي جن جهاز تي اچي، جهاز جي ڊيڪ تي جانور ذبح ڪري ڏنا ٿي پر هيڏانهن نه بازارين ۾ ائين وهٽ مليا ٿي ۽ نه ڪو مفتي مولوي مليو ٿي جيڪو حلال حرام جي صحيح فتويٰ ڏئي يا جانور ذبح ڪري ڏئي.
اتر ڪوريا، وچ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ته اتي جي مڪاني آفيس وارن (جن اسان جي جهاز جي اتي سار سنڀال ٿي ڪئي) کي ٻڌائڻو پيو ٿي ته اسان جي جهاز تي سڀ مسلمان آهن ۽ اسان جهاٽڪي وارو گوشت کائڻ بدران ذبح ٿيل جانور جو ئي گوشت کائون ٿا. ان حلال سان گڏ ڪنهن مولوي مفتي جو سرٽيفڪيٽ هجڻ به ضروري آهي. اسان هنن کي آسٽريليا مان ورتل حلال گوشت ۽ اتي جي مولويءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو. مون کي ياد آهي ته ان کانپوءِ هڪ دفعي اسان کي هنن ملڪن مان ڪنهن هڪ مان، سرٽيفڪيٽ (فتويٰ) سان گڏ گوشت ملي ويو. اسان ڏاڍو خوش ٿياسين، مهينو سوا ان ملڪ جي مختلف بندرگاهن مان ٿي جڏهن وطن ورڻ لاءِ ڪوچ ڪري رهيا هئاسين ته اسان مان ڪنهن کڻي مڪاني ايجنٽ آفيسر کان پڇيو ته توهان هي حلال گوشت ڪيئن هٿ ڪيو. توهان کي هي حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف ته ٿي هوندي.“
”نه هرگز نه.“ هن وراڻيو، ”جيئن توهان ٻڌايو هو تيئن اسان ٻڪرين ۽ رڍن جا گلا ڪٽي گوشت ٺاهيوسين ۽ توهان جي ڏيکاريل سرٽيفڪيٽ واري مولويءَ کي آسٽريليا خط لکي سرٽيفڪيٽ گهرايوسين.“ اسان اهو ٻڌي دنگ رهجي وياسين. خلاصين سان به ڳالهه نه ڪئي سين ته ماڳهين جهاز تي بلوو نه ڪن. جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو سو ته ٿي چڪو. بچيل گوشت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اڇلي، يڪدم موراڪو پهچي اتان اڳتي جي سفر لاءِ وري نئون گوشت ورتوسين.
پر پوءِ مون ڏٺو ته ستر واري ڏهي جي ٻئي اڌ ۾ عراقي ۽ فلسطيني عربن جي لڏپلاڻ ڪري، آهستي آهستي يورپ جي اتراهن ملڪن جي ڪن شهرن ۾ حلال گوشت ۽ ڪجهه ٻيون کاڌي جون حلال شيون ملڻ لڳيون. خاص ڪري ڊئنمارڪ جي ڪوپن هيگن ۽ ٻين شهرن ۾ عام ٿي ويون. انهن شهرن ۾ پاڪستان کان ڪيترا ئي لڏي آيل قادياني ۽ مسلمان بنگالي به نظر اچڻ لڳا. مسلمان ڪاسائين ۽ حلال شيون وڪڻندڙ دڪاندارن مان هڪ عبدالحميد نالي فلسطيني دڪاندار به هو. پاڪستان کان ڊئنمارڪ ايندڙ اسان جا جهاز گهڻو ڪري هن ڪاسائيءَ کي حلال گوشت جو آرڊر ڏيندا هئا. عبدالحميد بعد ۾ ابينرا (Abenra)  شهر ۾ شاورما (عربي ”ٻوٽي گوشت“) جي به ريسٽورنٽ کولي.
عبدالحميد فلسطين جو رهاڪو هو جنهن جو ننڍپڻ لبنان جي مهاجر ڪئمپ ۾ گذريو. شاديءَ بعد هو ڪجهه سال سعودي عرب ۾ رهيو، ان بعد دبئي ۽ دوحا دربدر رهيو، جتي پوليس جي اجائي سجائي سختي ۽ پڇاڻي ڪري هن عرب دنيا کي خدا حافظ چيو ۽ 1978ع ڌاري ڊئنمارڪ ۾ اچي سياسي پناهه ورتي. انهن ڏينهن ۾ سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ نه فقط سياسي پناهه سولائيءَ سان ملي وئي ٿي پر ڪو بيروزگار ايشيائي يا آفريڪي نوڪري لاءِ آيو ٿي ته ان کي به بنا ڪنهن گهڻي ڊوڙ ڊڪ جي هنن ملڪن ۾ رهائش ملي وئي ٿي. ڇو جو هنن ملڪن جي ماڻهن کي دنيا جي غريب، ڏتڙيل ۽ مجبور ماڻهن لاءِ همدرديون هڪ طرف هيون ته ٻئي طرف آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري هنن ملڪن جي حڪومتن چاهيو ٿي ته ڌارين ملڪن جا رهاڪو هتي اچي Settle ٿين ۽ سندن ملڪن جي ڪارخانن، فئڪٽرين ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪري پاڻ به سُکيا ستابا ٿين ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ به هٿ ونڊائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن پورهيي بدران ٽوٽپڻي کان ڪم ورتو. نوڪري يا ڪو جاب ڪرڻ بدران، بيماري ۽ ٻين بهانن کان ڪم وٺي سرڪار طرفان ملندڙ سوشل (خيرات) تي گذارو ڪيو. عبدالحميد فلسطيني انهن مان نه هو. هو پنهنجو پورهيو ڪندو رهيو. هتي هن جو ذڪر ان ڪري به کڻي ويٺو آهيان جو نه فقط پاڻ محنت ڪيائين، پر پرديس ۾ رهي پنهنجن ٻارن کي به سٺي تعليم ۽ تربيت ڏنائين. سندس 28 سالن جي ڌيءَ اسماءِ اڄ ڊئنمارڪ جي مشهور سماجي ورڪر ۽ سياستدان آهي.
عبدالحميد جي ڇهن ٻارن مان اَسماءِ هڪ آهي، جيڪا 1981ع ۾ ڄائي. 2004ع ۾ ڪوپن هيگن ڪاليج آف سوشل ورڪس مان Social Work ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه ماسٽرس ڪري رهي آهي. اسماءِ اسڪول جي ڏينهن کان ئي ڊئنمارڪ ۾ مشهور ٿي، جڏهن هن ”سوشل ڊيمو ڪريٽرڪ يوٿ آف ڊئنمارڪ“ ۾ حصو وٺي مڪاني ماڻهن جي امتيازي سلوڪ (Discrimination) جي خلاف مهم هلائي.
2005ع ۾ اسماءِ ڊئنمارڪ جي شهر اوڊينسي جي سٽي ڪائونسل جي ميمبر چونڊي وئي. هوءَ ميڊيا ۾ مشهور ان وقت ٿي جڏهن هن ڪنهن سرڪاري ميٽنگ ۾ مرد حضرات سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو. هن مردن سان کيڪارڻ وقت، فقط پنهنجو ساڄو هٿ پنهنجي سيني تي ٿي رکيو. ڊئنمارڪ جي اخبار Jallands Posten جڏهن خاڪا ڏئي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي ته اسماءِ کي ڊئنمارڪ جي يارهن کن مسلم آرگنائيزيشن پنهنجو Spokesperson چونڊيو، جيئن هوءَ پوليس ۽ واسطيدار حاڪمن سان ڳالهائي سگهي.
اسماءِ عبدالحميد کي، Adam go Asmma”“ ٽي وي پروگرام ڪري به وڏي شهرت ملي. هتي جي مشهور ڊئنش ميزبان آدم سان گڏ اسماءِ ٽي وي پروگرام ڪيا پر هي پهريون دفعو هو جو ڊئنمارڪ جي ڪنهن ڊئنش پروگرام ۾ ڇوڪريءَ حجاب ٻڌي پروگرام ڪيا. اسماءِ جي حجاب ٻڌڻ تي، جتي مسلمان عورتن واکاڻ ڪئي اتي مڪاني ماڻهن سخت مخالفت به ڪئي.
بهرحال  اسماءِ هاڻ ڊئنمارڪ جي پارليامينٽ جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي.
حجاب لاءِ اسماءِ هڪ هنڌ چيو هو ته:
Wearing a head scarf does not mean that I am oppressed or deprived. The values on which I live my life are Islamic and not Arab. The Arab way of thinking discriminates against women. I make my choices in the light of my religion.
هڪ ڌارئين پناهه وٺندڙ ڇوڪريءَ جو، يورپ جي ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي اثر رسوخ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. ڊئنمارڪ ۾ نه فقط اسماءِ اهم شخصيت سمجهي وڃي ٿي پر ٻيا به ڪجهه مسلمان آهن جن مختلف تعليمي ۽ هنري ڪمن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، خاص ڪري سياست ۾. ناصر خاضر نالي هڪ عرب به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ڊئنمارڪ جي پارليامينٽ جو ميمبر آهي ۽ ڊئنمارڪ جي سوشل لبرل پارٽي ۽ لبرل الائنس جو نمائندو آهي. سندس پيءُ فلسطيني ۽ ماءُ شامي عرب آهن. سندس جنم 1963ع ۾ دمشق (شام) جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ٿيو. هن جي پيءُ گهڻو ئي چاهيو ته شام، سعودي عرب يا دبئي وغيره ۾ رهي ڪا نوڪري يا پورهيو ڪري پر فلسطيني هجڻ ڪري کيس جتي ڪٿي ڌتڪاريو ويو ٿي. ٻيو ته ٺهيو پر شام ۾ سندس زال جي ڳوٺ ۾ به کيس سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو. بلڪ سندس زال کي ڳوٺ جا ماڻهو اهو چئي چيڙائيندا هئا ته هن هڪ ڌارئين اجنبيءَ سان شادي ڪئي آهي. آخر هو بيزار ٿي يورپ هليا آيا. انهن ڏينهن ۾ سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن کي پنهنجن ڪارخانن لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي ۽ ناصر خاضر جو پيءُ، زال ۽ ٻارن کي شام ڇڏي هيڏانهن ڊئنمارڪ هليو آيو. ڪجهه سالن بعد، 1974ع ۾ سندس باقي ٻار، ڳوٺ ڇڏي ڪوپن هيگن ۾ هڪ فلئٽ ۾ اچي ساڻس رهيا. انهن ڏينهن ۾ ناصر خاضر ڏهه يارنهن سالن جو مس هو. هن ڪوپن هيگن ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1983ع ۾ Rysensteen Gymiasium مان گريجوئيشن ڪئي.

No comments:

Post a Comment