Thursday, November 10, 2011

اَمي تماڪي ڪو تو ڀالو ڀاشي... - الطاف شيخ


اَمي تماڪي ڪو تو ڀالو ڀاشي...
(آئون توسان ڪيڏو ته پيار ڪريان ٿي)
الطاف شيخ
محترمه رشيده حجاب ٻڌايو ته هن زبيده ڪاليج مان B.Sc ڪرڻ بعد، سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ Ph.D ڪئي. پاڻ پهرين ڇوڪري هئي جنهن هن سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ گولڊ ميڊلسٽ رهي. ان بعد پاڻ سڄي عمر درس و تدريس جي شعبي ۾ رهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ ٽيچنگ ڪيائين جهڙوڪ زبيده ڪاليج حيدرآباد، ان بعد ان ئي ڪاليج جي پرنسپال به ٿي رهي. ان کان علاوه سکر ڪاليج، نزهت ڪاليج حيدرآباد، وومين ڪاليج ڪراچي جي پڻ پرنسپال ٿي رهي. ان بعد ڪاليجن جي ڊائريڪٽر ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي رهي. 2002ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ادي رشيده حجاب جي شادي 1969ع ۾ جناب انور علي راڄپر سان ٿي. کيس چار ڌيئون آهن. وڏي ڌيءَ انيتا زخرف اعليٰ تعليم ڪئناڊا مان حاصل ڪئي ۽ اتي ئي پنهنجي مڙس نويد پيرزادو ۽ ٻن ٻارن معروف مجتبيٰ ۽ روز علي شاهه سان گڏ رهي ٿي. ٻي ڌيءَ عينا سعيده پڻ ڪئناڊا ۾ رهي ٿي، جتي هن جو مڙس علي رضا مهراڻ يونيورسٽي مان B.E ڪرڻ بعد هاڻ ڪئناڊا ۾ ME ڪري رهيو آهي. هن کي به ٻه ٻار آهن. حسين علي ۽ عائشه لنتا.
 
آپا جي ٽين ڌيءَ ڊاڪٽر امير پارس ڄامشوري مان MBBS ڪئي ۽ سندس مڙس محمد عالم نوناري انجنيئر آهي. کين به ٻه ٻار آهن: مريم فاطمھ ۽ سعد. آپا جي ننڍي ڌيءَ ثنا آغا خان ڪاليج مان MBBS ڪرڻ بعد، هاڻ اتي ئي پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهي آهي. سندس گهوٽ جو نالو حيدر علي آهي.
رشيده حجاب ادبي دنيا ۾ هڪ مٿانهون نالو آهي. لڳي ٿو ته نوڪري ۽ ٻارن ۾ بزي ٿي وڃڻ ڪري، هن بعد ۾ لکڻ ڇڏي ڏنو يا گهٽائي ڇڏيو. نه ته سٺ ستر واري ڏهي ۾ سندس ڪهاڻيون مهراڻ، روح رهاڻ، مارئي، نئين زندگي، سهڻي ۽ هلال پاڪستان جهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون ٿي. ڪي ڪهاڻيون ته تمام گهڻيون پسند ڪيون ويون، جهڙوڪ:
چڻنگ.
ڪنڊن جي سيج.
ديوي ۽ ديوتا.
مَـڪِ روءِ مَ ڪي رڙ، وغيره.
بهرحال هي سڀ پراڻيون ڳالهيون، ان ڏينهن حيدرآباد ۾ هلندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ ڏيڻ واري فنڪشن دوران ياد اچي ويون. فنڪشن جي ڪارروائيءَ جو تفصيل هتي نه ڏنو اٿم جو اهو ٻئي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ اچي ويون. فنڪشن وارو ڏينهن، ڪيترين ئي اخبارن ۽ ٽي وي چنئلن جا نمائندا ۽ فوٽو گرافر نظر اچي رهيا هئا. KTN ۽ مهراڻ ٽي وي وارن مون کان به انٽرويو اچي ورتو. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي KTN گهڻو ڏسن ٿا پر هاڻ هنن ۾ ”مهراڻ“ وڌيڪ پاپولر ٿيندي وڃي. ٿوري ئي عرصي ۾ لڳي ٿو ته مهراڻ وارن وڏي محنت ڪئي آهي. آئون اڄ ڪلهه عبرت اخبار ۾ ڪالم لکان ٿو. سو ٻئي ڏينهن ان خبر جي ڪٽنگ پاڻ وٽ محفوظ رکڻ لاءِ ته سنڌي ادبي سنگت، اسان چڱن مڙسن جي ادبي خدمتن جي مڃوتي ۾ اسان کي ايوارڊ سان نوازيو، عبرت اخبار ئي خريد ڪيم. عبرت اخبار پڙهي افسوس ٿيو ته ان ۾ نه اسان کي ايوارڊ ملڻ جي خبر ۽ نه تصوير. آخر ڪاوش اخبار گهرايم ۽ پوءِ خبر پئي ته عوامي آواز، هلال پاڪستان ويندي سوڀ اخبار به اها خبر نه فقط تفصيل سان ڏني آهي پر فوٽو به ڏنو آهي. هن عمر ۾ مون لاءِ فوٽو يا ڪا خبر اچڻ ڪا اهم ڳالهه ناهي پر عبرت اخبار جي انهن افعالن تي ٻه ٽڪا افسوس ضرور ٿيو. هونءَ به عبرت اخبار وارا ڪڏهن ڪالم جو اڌ کائي ويندا ته ڪڏهن وري سڄو ڪالم گم ڪري ڇڏيندا. مالڪ لک عزتون ڏيندا، پر سندن اخبار جو ڪم هلائيندڙ، هر ڳالهه کي Casual پيا وٺندا. اخبار جي نيوز ايڊيٽر کي فون ڪري ان ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايم.
”سائين مون کي خبر ناهي. رات جي نيوز واري ايڊيٽر جو ڏوهه آهي.“
وري رات واري نيوز ايڊيٽر کي فون ڪيم ته وراڻيائين؛ ”سائين فوٽو گرافر نئون هو. ان کي خبر ئي نه هئي ته توهان عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکو ٿا.“ جواب مليو.
وراڻيومانس ته؛ ”پوءِ ڪاوش اخبار ۽ ٻين اخبار وارن کي شابس هجي جو هنن جي اخبارن ۾ نه لکڻ جي باوجود، هنن اسان جي تصوير ڏني آهي.“
بهرحال عبرت اخبار وارن سان ڪڏهن ڪالم گم ڪرڻ تي، ڪڏهن ڪالم کي صحيح جاءِ نه ڏيڻ تي، ڪڏهن پروفن جي چُڪن تي شڪوه شڪايتون لڳيون رهن ٿيون. عبرت اخبار جي آفيس ۾ جنهن سان به کڻي ڳالهاءِ ته آخر ۾ چوندو؛ ”سائين توهان سوچي نٿا سگهو ته اسان توهان جو ڪالم ڪيڏي خيال سان ٿا ڇپيون. توهان سوچي به نٿا سگهو ته توهان جي ڪالم اچڻ جو اسان کي ڪيڏو انتظار ٿو رهي...“
اهي ساڳيون شڪايتون ۽ عبرت اخبار وارن طرفان ساڳيا جواب، مون جهڙن ٻين ڪالم لکڻ وارن کي به ملندا رهندا هوندا. عبرت جي انهن افعالن تان هڪ بنگالي ڇوڪري ياد ٿي اچي، جيڪا اڄ کان 47 سال اڳ، جڏهن بنگلاديش جي شهر چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران، منهنجي بنگالي روم ميٽ کي خط لکندي هئي. هوءَ هميشه خط ۾ اهو جملو لکندي هئي ته:
”تمي وشئس ڪوتي پارونا، اَمي تماڪي ڪوتو ڀالي ڀاشي.“
(تون اندازو نٿو ڪري سگهين ته آئون توسان ڪيڏو پيار ڪريان ٿي.)
جواب ۾ نيٺ منهنجي روم ميٽ لکيس ته؛ ”جنهن ردي اخبار جي ڪنڊ تي تون هر دفعي اهو جملو لکي مون ڏي موڪلين ٿي، مون کي ان مان ئي اندازو ٿيو وڃي ته تون مون سان ڪيڏو پيار ڪرين ٿي!“
عبرت اخبار وارا به هر وقت اهو ضرور چوندا رهن ٿا ته؛ کين اسان جا ڪالم وڻن ٿا، پر رکي رکي ليکڪن سان جيڪي جُٺيون پٺيون ڪن ٿا، ان مان اندازو ٿيو وڃي ته هو اسان جهڙن ليکڪن کي ۽ انهن جي ڪالمن کي ڪيڏو پسند ڪن ٿا.
بهرحال ردي اخبار جي ڪنڊ تي، خط لکڻ جي باوجود منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽ کي پنهنجي هم زبان دوشيزه جون ٻيون ڪيتريون ئي ادائون پسند اچي ويون. هو ساڻس شادي ڪري اڄ ڏينهن تائين خوش زندگي گذاري رهيو آهي. گذريل سال، سلهٽ (بنگلاديش) سندن گهر ويو هوس ته ”اَمي تُماڪي ڪوتو ڀالو ڀاشي“ لکڻ واري ڇوڪري اسان وانگر ناني ڏاڏي ٿيو ويٺي هئي.
عبرت اخبار جي باوجود ڪوتاهين جي سندن ڪي ڪي ادائون اهڙيون آهن جو اسان جهڙن ڪيترن ليکڪن جو ساٿ ساڻن قائم دائم رهندو اچي. عبرت اخبار وارن جي اها ڳالهه پڻ تعريف جوڳي آهي ته اها صبح ساڻ نيٽ تي اچيو وڃي ۽ ولايت ۾ رهندڙ سنڌي اڄ ڪلهه گهڻي کان گهڻا، عبرت اخبار ئي پڙهن ٿا. ايتري قدر جو ڪراچيءَ ۾ جيسين اخبار وارو اخبار اڇلائي وڃي، ان کان اڳ منهنجي ڇپيل ڪالم بابت Comments جو، ڪڏهن ڪوالالمپور کان غلام علي سولنگي جو ته ڪڏهن شاهه عالم کان ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻيءَ جو، ته ڪڏهن وري ترنگانو کان مير الهداد ٽالپر جو فون يا اِي ميل پهچيو وڃي.
(نوٽ: ڪولالمپور، شاهه عالم ۽ ترنگانو ملائيشيا جا شهر آهن، جتي اسان کان چار ڪلاڪ اڳ سج اُڀري ٿو.)

No comments:

Post a Comment