Thursday, November 10, 2011

ٺڳ ايجنٽن کان پاڻ بچايو - الطاف شيخ


ٺڳ ايجنٽن کان پاڻ بچايو
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ڊبل روٽيءَ واري جي ڳالهه پئي ڪئي ته ڪيئن کيس لاهور جو هڪ ٺڳ ۽ ظالم ايجنٽ، ولايت ۾ نوڪريءَ جا ڏٽا ڏيئي، پئسا هڪ طرف ڦري ويو ته سندس زندگي خطري ۾ ٻي طرف وجهي ويو. وري به، بقول سندس، پاڻ خوش نصيب چئبو جو زندگي بچي ويس ۽ پنهنجي وطن سلامت موٽي آيو. جڏهن ته سندس ڪيترن ساٿين مان ڪي بند ڪنٽينرن ۾ سفر ڪرڻ ڪري گهُٽجي مري ويا ته ڪي يورپ جي بارڊرن تي پوليس فائرنگ ۾ مري ويا ته ڪي ننڍين ۽ ڪمزور ٻيڙين ۾ رات جو لڪي سمنڊ اڪرڻ دوران ٻڏي مئا. اڄ به ان قسم جا ڪيترا ئي ظالم ۽ ٺڳ ايجنٽ، ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندا رهن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا غريب ۽ بيوس، لاچار ۽ مجبور، ٻچڙيوال ۽ بيروزگار ماڻهو انهن ٺڳ ايجنٽن کي سچار سمجهي، سندن ڳالهين تي وسهجيو وڃن. جيڪڏهن ڪٿي عوام خبردار ٿيو وڃي ۽ کين ڪجهه هوش اچي ٿو ته هي ظالم ايجنٽ کين وري پنهنجن نون ايجاد ڪيل دامن ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاسائڻ جي ڪن ٿا.
اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ کي، سندس غريب ماءُ پيءُ، ڏينهن رات پورهيا ڪري پڙهايو. هوءَ بيحد محنتڻ ۽ هوشيار هئي. مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ سٺي ڊويزن کڻڻ بعد، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرانڪ B.E ۾ به سٺي پوزيشن کنيائين. ان بعد سال کن سرڪاري نوڪرين لاءِ فارم ڀريندي ۽ انٽرويو ڏيندي رهي پر نوڪري حاصل ڪري نه سگهي. هاڻ ته هن جي شادي ٿي وئي ۽ ”هائوس وائيف“ ٿي زندگي گذاري رهي آهي، پر مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو هوءَ هيڏو پڙهڻ جي باوجود اڄ بنا نوڪريءَ جي گهر ويٺي آهي. افسوس ان جو به اٿم ته هن چڱيءَ طرح تعليم حاصل ڪري سٺين مارڪن سان امتحان پاس ڪيا ۽ کيس اليڪٽرانڪس جي وڏي ڄاڻ آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڪٿي ڪا سرڪاري نوڪري يا ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ کيس ڪو، لائق جاب ملي وڃي، جتي هوءَ پنهنجو ورٿ ثابت ڪري ڏيکاري. هتي فقط ان پهلوءَ بابت لکندس ته نوڪرين جي ڳولا ۾ هن ڇوڪريءَ وانگر اسان جا انيڪ بيروزگار گريجوئيٽ، ٺڳن هٿان ڦربا رهن ٿا. نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هن ڇوڪريءَ راولپنڊيءَ جي ڪنهن روزگار ڏياريندڙ ايجنسيءَ جو اشتهار اخبار ۾ ڏٺو ۽ کين ٻه سؤ رپين جو پي آرڊر موڪلي کانئن فارم گهرايائين. فارم ڀري وري پي آرڊر جي صورت ۾ سندن لکڻ موجب هڪ هزار رپيا في به موڪلي ڏنائين. ان بعد هن کي خط مليو ته سندس لاءِ نوڪري تيار آهي پر ڪمپني جي آفيس ۽ ٻي خرچ پکي لاءِ پنج هزار رپيا موڪلي ته کيس نوڪريءَ جو آرڊر ڏنو وڃي. نوڪريءَ لاءِ پريشان هن ڇوڪريءَ، پئسن لاءِ مائٽن کي چيو، جن اتفاق سان مون سان ڳالهه ڪئي. مون راولپنڊي پنهنجي هڪ دوست کي ان بابت فون تي ٻڌايو ۽ خبر پئي ته راولپنڊيءَ ۾ اهڙي نه ڪا ايجنسي آهي ۽ نه آفيس. هي سڄو ڪم ”پوسٽ باڪس“ ذريعي پيو هلي. بهرحال هيءَ ڇوڪري وڌيڪ پئسا وڃائڻ کان بچي وئي، پر هن ٻڌايو ته ڳوٺ جي هڪ ٻن ٻين ڇوڪرين جن 5000 رپيا موڪليا، انهن کي به نوڪريءَ جو آرڊر نه مليو ۽ هاڻ ته خط لکڻ تي جواب به نٿو ملي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان قسم جا ٺڳ ايجنٽ، مجبور ۽ غريب ماڻهن کان ڪيئن پئسو ڦرين ٿا.
اڄ ڪلهه ته پڪڙ ڌڪڙ کان بچڻ ۽ Safe طريقو استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجي ۽ ڌارئين ملڪن جا ٺڳ E-mail جي مدد وٺن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڌارين ملڪن ۾ اهي ٺڳيون آپريٽ ڪرڻ وارا گهڻو ڪري اسان جي ئي ملڪ جا ماڻهو آهن جن کي هاڻ اتي جي Nationality آهي. مختلف نوڪرين جي آفر ڪرڻ لاءِ هو ”اِي ميل“ ذريعي خط لکن ٿا ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته ولايت ۾ ماڻهن جي کوٽ آهي، سو سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي مٿن ٿورو ٿا ڪن. ماڻهو نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا، ان سان گڏ هڪ سؤ کن ڊالر (اٺ هزار رپيه) کن في جا به موڪلين ٿا. ان بعد وري کانئن وڌيڪ پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ اڳلو ائين ئي سمجهي ٿو ته اجها ته هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا آئي... پر سندن پئسن مان اهي ٺڳ ايجنٽ موج مزا ڪندا رهن ٿا. مون سمجهيو ته ان قسم جون جهاز رانيءَ سان واسطو رکندڙ اي ميلون فقط مون جهڙن ماڻهن کي ملن ٿيون، جيڪي انهن بيوقوفين جي ڳالهين تي کلي Erase ڪري ڇڏيندا هوندا. پر ڪيترن ڏينهن کان ڏسان پيو ته ڪڏهن گمبٽ کان آگيڏنو سولنگي ته ڪڏهن ٺلهه جيڪب آباد کان الهداد چاچڙ ۽ ٻين ڳوٺن جا بيروزگار نوجوان يا انهن جا مائٽ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان منهنجو فون نمبر هٿ ڪري مون کان ان بابت صلاح پڇندا رهن ٿا ۽ ٻيا ته خبر ناهي ڪيترا هوندا، جيڪي صحيح صلاح نه ملڻ تي ڦربا هوندا. ان کان علاوه ٻيون به خبر ناهي ڪهڙين نوڪرين لاءِ ٺڳيءَ جون آڇون هجن. هتي آئون فقط هڪ نوڪريءَ بابت پڙهندڙن کي خبردار ڪندس، جنهن بابت ڏسان پيو ته گذريل ٻن ٽن سالن کان اخبارن ۽ هاڻ وري Email ذريعي ماڻهن کي هرکايو پيو وڃي. اها آهي پاڻيءَ جي ”ڪروزر جهازن“ تي نوڪري جي آڇ. ڪروز جهاز پاڻيءَ جا خوبصورت فائيو اسٽار هوٽلن جهڙا پئسينجر جهاز ٿين ٿا، جيڪي يورپ جي مختلف ملڪن کان علاوه، آمريڪا، جپان ۽ آمريڪا- انگلينڊ جي وچ ۾ هلن ٿا. هنن جهازن تي مسافرن لاءِ شاپنگ مال، جمناسٽڪ ڪلب، والي بال ۽ نيٽ بال کيڏڻ جو گرائونڊ، سئمنگ پول، بال روم (ڊانسنگ روم) جهڙيون شيون پڻ ٿين ٿيون. هنن جهازن تي مسافرن جي رهائش لاءِ ڪمرا يا کاڌو پيتو، يورپ جي فائيو اسٽار هوٽلن جي برابر جو ٿئي ٿو.
اڄ ڪلهه مسافر کڻندڙ توڙي سامان کڻندڙ جهازن جو تعداد بنهه ٿورو وڃي ٿيو آهي جو هر ملڪ پنهنجي ڌرتيءَ تي پوکيل اناج ئي کائي ٿو، ٻين ملڪن کان نٿو گهرائي. ويندي موٽر ڪارن جا ڪارخانا به هر ملڪ ۾ ٿي پيا آهن. ڪو ورلي ٻاهران گهرائڻ پسند ڪري ٿو ۽ هوائي جهازن جي ايجاد بعد هاڻ ته مسافر جهاز به ٿورا ٿي پيا آهن. ويندي حاجي سڳورا به ستن ڏينهن جو سامونڊي سفر ڪري جدي پهچڻ بدران هوائي جهاز ۾ ٽن ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃن. ٻي ڳالهه ته پاڻيءَ جي جهاز جو سفر ڪو سستو ناهي. لنڊن کان نيويارڪ، هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ اڌ لک رپيا آهن ته پاڻيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ پنج لک رپيا ٿئي ٿي، ڇو جو فقط ٻن هفتن لاءِ جهاز جي ڪمري جي مسواڙ لڳائي وڃي ته اڍائي لک ٿئي ٿي جو ڪراچيءَ جي شيرٽن هوٽل جي به هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڏهه هزار رپين کان مٿي آهي. اهڙيءَ طرح، هفتو اوٽ ۽ هفتو موٽ، کاڌي جو حساب لڳايو وڃي ۽ ان بعد ڀاڙو ته وڃيو پنج لک جي ويجهو ٿئي. سو پاڻيءَ جي جهاز ۾ امير ماڻهو ئي سفر ڪن ٿا پوءِ انهن ۾ ڪي فئمليءَ سان موڪلون ملهائين ٿا، ڪي هني مون ملهائين ٿا، ڪي امير وانديون عورتون ۽ مرد، پئسو خرچڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ سفر ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح هوائي جهاز ۾ پڙهيل ڳڙهيل، سمارٽ ۽ سهڻيون ڇوڪريون ڪم ڪار لاءِ رکيون وڃن ٿيون، تيئن هنن بحري جهازن تي وڏي چونڊ بعد ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون. يعني هو جوان هجن، چست هجن، همت واريون هجن ۽ ان کان علاوه کين گهٽ ۾ گهٽ ٽي زبانون اچڻ ضروري آهن، جيئن جهاز تي سفر ڪندڙ عزت ماب مسافرن جي ڳالهه سمجهي سگهن. ان معاملي ۾ مون ڏٺو آهي ته ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، اسپين ۽ پورچوگال جهڙن يورپي ملڪن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪامياب ٿين ٿا. ڇو ته سامونڊي ڪنارن جا رهواسي هجڻ ڪري ۽ ننڍي هوندي کان ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ جي تجربي ڪري، هڪ ته هو سامونڊي زندگي کان ڊڄن نٿا ۽ نه هنن کي ايتري سي سڪنيس ٿئي ٿي. اسڪولن ۾ انگريزي سکڻ بعد هو آسانيءَ سان ٽي زبانون ڳالهائي سگهن ٿا. ڇو جو ڊئنمارڪ جي رهاڪو جي مادري زبان کڻي ڊئنش آهي پر هو سئيڊش ۽ نارويجن زبانون به سمجهي سگهي ٿو ۽ ٿوري ئي پرئڪٽس سان ڳالهائي به سگهي ٿو. اهي ٽئي زبانون هڪ ٻئي سان ايترو ملن ٿيون جيترو سرائڪي ۽ پنجابي يا وري سرائڪي ۽ سنڌي. اهڙيءَ طرح، ساڳيو حال اسپين ۽ پورچوگال جي زبانن جو آهي. اهي به ٻئي هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. اڄ کان 50 سال کن اڳ، جڏهن آئون سامونڊي زندگيءَ ۾ آيو هوس ته ان وقت فقط اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ فائر فائيٽنگ، Survival at Sea جهڙا ڪورس ڪرڻ ضروري هئا. جهاز جو هيٺيون عملو خلاصي بورچي، تيل وارا، آگ وارا، بئرا، اسٽيورڊ فقط پنهنجي ڪم ۽ قابليت آهر چونڊيا ويندا هئا، پر هاڻ ويهارو سالن کان بين الاقوامي طور اهو ضروري ڪيو ويو آهي ته جهاز تي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارو چاهي ڀنگي هجي، هن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي سڀ ڪورس پهرين ڪري. اهي ڪورس ان ڪري ضروري ڪيا ويا آهن، جيئن جهاز تي باهه لڳي، يا جهاز ٻڏي وڃي ته پنهنجو ۽ ٻين جو بچاءُ ڪري سگهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، جڏهن هزارين اميدوار جهاز جي ڪنهن نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا ته ڪي چند خوش نصيب ئي چونڊجن ٿا. جيئن ته اهي مسافر بردار جهاز گورن جا آهن ته هو پنهنجا گورا ئي رکن ٿا. جهازن جا مالڪ پنهنجن جهازن تي سفر ڪندڙ مسافرن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري ڇوڪريون رکن ٿا. سي به، جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته، هو چونڊي چونڊي نوجوان، سهڻيون، پڙهيل ڳڙهيل ۽ يورپي نسل جون رکن ٿا. ان هوندي به مون ڏٺو آهي ته مسافر دانهن ڪندا رهندا آهن ته اڃا به وڌيڪ سهڻيون، چئيوان ۽ وندرائيندڙ هجن. هاڻ ان (Scenario تناظر) ۾ سوچيو ته هنن مسافر جهاز (ڪروزرن) لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي مئٽرڪ پاس ڇوڪرن کي اِي ميل ڪيو وڃي ٿو، جن جا نه سامونڊي ڪورس ٿيل آهن ۽ نه کين يورپ جون ٽي زبانون اچن ٿيون. ان مان اندازو لڳايو ته ان قسم جي نوڪرين لاءِ اشتهار ڏئي يا اِي ميل ڪري غريبن سان ڪيڏي وڏي جاڙ ڪئي وڃي ٿي. اسان جي غريب ماڻهن جي مجبورين مان ناجائز فائدو وٺي کين ڦريو وڃي ٿو ۽ هي ٺڳ ايجنٽ اهڙي نموني جا اِي ميل ڪن ٿا ڄڻ سوين جهازن تي نوڪريون خالي هجن ۽ بس فقط ڏهه هزار ڪاغذن جو خرچ پکو موڪلڻ سان نوڪريءَ جو آرڊر ملي ويندو. بيروزگاري ۽ غربت جا ستايل ۽ اهڙين نوڪرين جا قاعدن قانون کان اڻ واقف اسان جا سٻاجهڙا، انهن ظالم ۽ ٺڳ ماڻهن جي مِٺين مِٺين ڳالهين ۾ اچي پاڻ کي ڦرايو ويهن. اهو سوچي نيٺ اڄ سوچيم ته پڙهندڙن کي ان جي پسمنظر کان واقف ڪريان جيئن اسان جا ماڻهو ان قسم جي ڪوڙڪن کان پاڻ بچائي وجهن.

No comments:

Post a Comment