Saturday, November 12, 2011

ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج - الطاف شيخ


ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن ممبئي جي ڏاکڻن حصن ڪالبا ديوي ۽ ناريمن پوائنٽ وٽان چڪر هڻي، ممبئي يونيورسٽي موٽڻ لاءِ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تان سئنٽا ڪروز جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهيس. سئنٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي لهي، هڪ فوٽوگرافر کي ڪئميرا ڏنم ته منهنجا ورتل فوٽو CD تي لاهي ڪئميرا خالي ڪري ڏي. دڪاندار سخت بزي ٿي لڳو. “اڌ ڪلاڪ کن ترسي پوءِ اچي کڻو.” هن چيو. شام جا پنج کن ٿي رهيا هئا. فٽ پاٿ تي لڳل ڀاڄين، ميون، ڪپڙن، رانديڪن جي دڪانن تان ماڻهن جا ميڙ خريداري ڪري رهيا هئا. خريدارن ۾ گهڻيون عورتون هيون، جيڪي سج لهڻ ڪري شين جي اگهه ڪِرڻ جو فائدو وٺي خريداري ڪري رهيون هيون. تازين ڀاڄين توڙي مختلف قسم جي ميون جا رنگ ۽ عورتن جون ڪلرفل ڊريسون، گوڙ شور، مليل جليل خوشبوئون سڀ گڏجي، ملائيشيا جون پاسار مالمون (شام وارين بازارين) جي ياد ڏياري رهيون هيون. آئون مختلف گهٽين جا چڪر هڻندو هڪ مندر وٽان لنگهيس، ته ان وقت ان مندر مان نڪرندڙ منهنجي عمر جي زال مڙس مون کان سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن جو ڏس پڇيو. سمجهي ويس ته هي ڪنهن ٻئي شهر جا هتي آيا آهن ۽ هي مون کي هتي جو سمجهي مون کان رستو پيا پڇن. بهرحال آئون به هاڻ واپس ريلوي اسٽيشن ڏي پئي ويس. جتان مون کي فوٽو کڻڻا هئا. ان بعد بس يا رڪشا ۾ ڪالينا پهچڻو هو، جتي ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش هئي. هي انڊين جوڙو به مون سان گڏ هلڻ لڳو.


“توهان شايد ٻئي شهر جا آهيو؟” مون پڇيومان. جنهن تي هنن کلي چيو ته هو هن شهر ممبئي جا ئي آهن، پر انگلينڊ ۾ لڳاتار 15 کن سال رهڻ بعد، اڄ پنهنجي وطن مائٽن مٽن سان ملڻ آيا آهن. هنن ٻڌايو ته هو هن رياست جا مرهٺا آهن ۽ مون کان پڇڻ تي جڏهن مون ٻڌايومان، ته آئون سنڌي آهيان ته هو ٻئي زال مڙس تعريفن ۾ شروع ٿي ويا.
“توهان سنڌي لاجواب ماڻهو آهيو. جيترو تعليم جو توهان ماڻهن کي فڪر آهي، ايترو ڪنهن کي نه هوندو...” آئون وائڙو ٿي ويس ۽ حيرت مان سوچڻ لڳس، ته ننڍي کنڊ ۾ ته ڇا، ايشيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ ائين هلندڙ اسڪول به بند هجن، جيئن سنڌ جي ڳوٺن ۾ آهن. سنڌ ۾ تعليم جو ستياناس لڳو پيو آهي.
“I have yet to see a Sindhi who is uneducated...”
(توهان سنڌي پڙهيل ڳڙهيل آهيو. اهڙو ڪو سنڌي نه هوندو، جو اڻ پڙهيل هجي...) هو چوڻ لڳا.
آئون سوچڻ لڳس، ته هي ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪن. سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن ڏيکارڻ جي بدلي ۾ هي منهنجي ۽ منهنجي هم زبان ماڻهن جي ويٺا تعريف ڪن... سنڌ جو ڪهڙو ڳوٺ آهي. جتي جا ٻار تعليم کان محروم نه آهن؟ ڪيترن ڳوٺن ۾ اسڪول ئي بند پيا آهن. تعليم جون اعليٰ ڊگريون ته ڇا اسان جا ڪيترا ئي سنڌي B.A جهڙي معمولي ڊگري کان به خالي خولي آهن. ڳوٺن ۾ وڃي ڇا، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ئي ڪيترا اهڙا ميمبر ملي ويندا جيڪي مئٽرڪ پاس مس هوندا....
“هندستان جي ورهاڱي وقت توهان وٽ انڊيا ۾ ڪجهه به نه هو،” هن جي زال چيو؛ “پر ڏينهن رات محنت ڪري توهان سنڌي اڄ سکيا ستابا ٿي ويا آهيو.
آئون ڪجهه ڳالهايان، ان کان اڳ هن جي مڙس وارو ورتو؛ “آئون ته سڀني کي اهو ئي چوندو آهيان ته سنڌين مان سبق وٺو. سنڌي اها قوم آهي جنهن جو توهان کي ڪو فقير نه نظر ايندو...
آئون هڪ عجيب حالت ۾ هوس، ته هي سڀ ڪجهه ٻڌي کين ڪهڙو جواب ڏيان. مهرباني چوان يا چوان ته؛ توهان ڪهڙي قوم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو... خوش ٿيان، کِلان، رُئان ڇا ڪريان؟ هي زال مڙس آهن جيڪي هيڪاندو جذباتي ٿي جوش ۾ تعريف ڪندا وڃن. کين اها به ڄاڻ ناهي ته سنڌي ماڻهو سڀ کان گهڻا بيروزگار آهن، سنڌي ماڻهو معاشي طرح ايڏو ته مسڪين ٿيندا وڃن جو وتن پنهنجا ٻار ٻچا وڪڻندا...
“سنڌين ۾ ڏوهن جو انگ به نه برابر آهي. هنن جو واسطو فقط تعليم ۽ واپار سان رهي ٿو.” هنن وڌيڪ چيو؛ “چوري، مار ماران يا ڪنهن غير قانوني حرڪت جي ويجهو ته ڪو سنڌي وڃڻ ئي نٿو چاهي...
هو الائي ڇا ڇا تعريفون ڪندا رهيا ۽ آئون سوچيندو رهيس، ته هي شايد ڪا سنڌي اخبار يا ڪو سنڌي T.V چئنل نٿا ڏسن، جتان هر وقت ڌاڙن، اغوائن، ڪارو ڪارين، خونريزين، قبيلائي فسادن جون خبرون اينديون رهن ٿيون...!
پر نه هنن جيڪي ڳالهيون ڪيون پئي اهي سچ ۽ حقيقت تي مبني هيون. هنن انڊيا ۾ رهندڙ هندو سنڌين جون ڳالهيون پئي ڪيون. هو اسان مسلمان سنڌين ۽ اسان جي سنڌ کان واقعي اڻ واقف هئا، جو جڏهن مون چيو ته آئون پاڪستان کان هتي آيو آهيان ته هنن حيرت مان پڇيو، ته سنڌ جا سنڌي ته سڀ هيڏانهن لڏي آيا.
مڙس ٻڌايو ته هو انجنيئر آهي ۽ هن ممبئي جي سنڌي ڪاليجن K.C ڪاليج (ڪشنچند چيلا رام ڪاليج) ۽ TSEC ڪاليج (ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج) مان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس زال جنهن جو پڻ هن وانگر ممبئي جي هڪ غريب مرهٺا فئمليءَ سان تعلق هو، هڪ سنڌين جي ڪاليج (C.H.M. College) شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل مانسوکاڻي ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي.
“توهان جا سنڌي هتي ممبئيءَ ۾ اهڙا خيراتي ڪاليج نه اچي کولين ها، ته اسان جهڙن غريب گهرن جا ٻار ڪيئن پڙهي ڳڙهي روزگار کي لڳي سگهن ها؟” هنن چيو ۽ ريلوي اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا. آئون وري پنهنجي ڪئميرا کڻڻ لاءِ فوٽو گرافر وٽ هليو ويس.
مٿيون همراهه، سنڌين جي جن ڪاليجن جي ڳالهه ڪري رهيو هو، انهن مان ڪي سي. ڪاليج ممبئي جو پهريون ڪاليج آهي جيڪو هتي جي NAAC ڪائونسل مطابق،A  گريڊ ۾ مڃيو ويو. هي ڪاليج، ممبئي جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ آهي ۽ “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” جي بانين پرنسپال ڪي. ايم ڪندناڻي ۽ بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ امير سنڌي هندن کان چندا گڏ ڪري هي ڪاليج 1954ع ۾ کولرايو ۽ سنڌ جي سخي مرد ڪشنچند چيلارام نالي ڪيو.
هن ڪاليج ۾ سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس جي ڊگرين کان علاوه ڪيترن پروفيشنل ۽ ووڪيشنل ڪورسن ۾ گرئجوئيشن ڪرائي وڃي ٿي. جهڙوڪ؛ ماس ميڊيا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اڪائونٽس، فنانس، بئنڪنگ ۽ انشورنس، ڪمپيوٽر ائپليڪيشن، بايو ٽيڪنالاجي ۽ انڊسٽريل ڪيمسٽري وغيره.
ممبئي جي تعليمي ادارن ۾ توهان کي “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” (HSNCB) جو نالو هر وقت ٻڌڻ ۾ ايندو. پهرين آئون به وائڙو ٿي ويس، ته اهو ڪهڙو تعليمي بورڊ آهي. ڪٿي حيدرآباد جي سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن جي ڳالهه ته نه پئي ٿئي. پر پوءِ معلومات حاصل ڪيم، ته HSNCB اهو تعليمي بورڊ آهي، جيڪو هندستان جي ورهاڱي بعد سنڌ کان لڏي آيل سنڌين ممبئي ۾ اچي قائم ڪيو. پروفيسر ڪندناڻي ۽ وڪيل ايڇ جي آڏواڻي جهڙن تعليمي ماهرن ۽ هڏ ڏوکين انڊيا لڏي اچڻ بعد ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي، ته انسان ذات جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ جهڙي طرح سنڌي هندن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تعليمي ادارا پئي هلايا اهڙي طرح انڊيا ۾ به قائم ڪيا وڃن، جيئن سندن ڪميونٽي ۽ ٻيا مڪاني ماڻهو تعليم حاصل ڪري سگهن. ان خيال کان هنن “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” (HSNCB) قائم ڪيو، جنهن جو ڪم هو امير سنڌي ماڻهن کان چندا حاصل ڪري، معياري قسم جا ڪاليج ۽ اسڪول ٺهرائڻ. مٿيون ڪاليج ڪي سي (ڪشنچند چيلارام) ڪاليج ان سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي. ان کان اڳ پهريون ڪاليج سنڌ جي هندو ڌرمي اڳواڻ رشي ديارام گدومل نالي باندرا ۾ کوليو ويو ۽ “آر. ڊي. نئشنل ڪاليج” يا ٺلهو “نئشنل ڪاليج” سڏيو وڃي ٿو. هن ۾ آرٽس، ڪامرس، ميڊيا ۽ آءِ ٽي جون Faculties آهن. بهرحال سنڌين جي هن تعليمي بورڊ طرفان اڄ فقط ممبئي ۽ الهاس نگر ۾ سنڌين جا ٺهرايل سوين ڪاليج، هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن.
ٽي ايس اي سيTSEC  (ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج) پڻ مٿين سنڌين جي تعليمي بورڊ طرفان ممبئي جي علائقي باندرا ۾ ڪاليج آهي جيڪو فقط TSEC ۽ ٽي سيڪ  (Tee See)جي نالن سان پڻ مشهور آهي. مٿين جوڙي، جنهن مون کان سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن جو ڏس پڇيو، ان جي پوڙهي انجنيئر هن ڪاليج بابت ٻڌايو ته؛ هن ٿڌومل شاهاڻي TSEC انجنيئرنگ ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي هئي. هي ڪاليج به ممبئي جي ’A‘ گريڊ ڪاليجن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو ۽ ممبئي يونيورسٽي سانAffiliated  آهي. هن ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر، ڪيميڪل، اليڪٽرانڪس، ٽيلي ڪميونيڪيشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ميڊيڪل ۾B.E  پڻ ڪرائي وڃي ٿي. هن ڪاليج ۾ 50 سيڪڙو سيٽون سنڌي هندن لاءِ Reserve ٿيل آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته مشهور اسلامي چئنلPeace  وارو ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ پڻ سنڌي هندن جي مٿين ڪاليج “ڪشنچند چيلارام ڪاليج” مان انٽر ڪرڻ بعد، ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سان ممبئي ۾ ته ملاقات نه ٿي سگهي، باقي گهڻو اڳ جڏهن احمد ديدات جيئرو هو ته هن سان گڏ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي مسجد ۾ ملاقات ٿيندي هئي، جن ڏينهن ۾ هن تازوMBBS ڪئي هئي ۽ دعوا (واعظ ڪرڻ) جو طريقو سکي رهيو هو.
مٿي بيان ڪيل انجنيئر جي زال، ممبئي جي جنهن ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي، ان جو نالو هن SCHMC (شريمتي چاندي ٻائي همٿمل مانسوکاڻي) ڪاليج ٻڌايو. هي ڪاليج پڻ حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ جو ٺهرايل آهي ۽ ممبئي جي وڏن ڪاليجن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. منجهس آرٽس، سائنس، ڪامرس، مئنيجمينٽ، ماس ميڊيا ۽ IT ۾ گرئجوئيشن ڪرائي وڃي ٿي. مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي، ته هن ڪاليج ۾ 400 کن استاد ۽ ٻيو اسٽاف جو عملو پگهاردار آهي ۽ ڪاليج جي مٿين ڇهن برانچن ۾ 9500 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. هي ڪاليج الهاس نگر جي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون آهي. هن ڪاليج جو بنياد سال 1964ع ۾ رکيو ويو، جن ڏينهن ۾ “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” جو صدر شري گنگارام همٿ مل مانسوکاڻي هو ۽ هُن هِن ڪاليج جي ٺهرائڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو پئسو ڏنو.
بهرحال ممبئي پاسي لڏي آيل سنڌ جي هندن جا ان قسم جا ٺهرايل ڪيترا ئي ڪاليج آهن، جيڪي ممبئي شهر جي مختلف رستن تان لنگهندي نظر اچن ٿا ۽ هن وقت ٻه ٽي ٻيا نالا به ياد اچي رهيا آهن، جيئن ته:
1.         هاسا رام ريجهومل ڪامرس ڪاليج جيڪو پڻ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ آهي.
2.         مِٺي ٻائي موتيرام ڪندناڻي ڪاليج جيڪو باندرا ۾ آهي.
3.         آڏواڻي لا ڪاليج، باندرا، ممبئي.
4.         واتو مل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، وورلي، ممبئي.
5.         شري حشمتراءِ ائنڊ گنگا رام مئنيجمنيٽ انسٽيٽيوٽ الهاس نگر.
6.         ڊاڪٽر هيراننداڻي فارميسي ڪاليج، الهاس نگر.
7.         ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر.
8.         وليرام ڀيرومل ميلواڻي ماڊل اسڪول، گرانٽ روڊ، ممبئي.
9.         ماستر سيتلداس چانشيام داس پنواڻي هاءِ اسڪول ممبئي.
10.       سنڌ ماڊل اسڪول، گرانٽ روڊ، ممبئي،.... وغيره

No comments:

Post a Comment