Wednesday, November 30, 2011

ممبئي هڪ نظر ۾..-. الطاف شيخ


ممبئي هڪ نظر ۾...
الطاف شيخ
پنهنجي ۽ پڙهندڙن جي يادگيري خاطر ممبئي شهر جي تاريخ تي هڪ تڪڙي ۽ مختصر نظر وجهان ٿو. بامبي جيڪو اڄڪلهه ممبئي سڏجي ٿو ۽ زمين جو يڪو ٽڪرو نظر اچي ٿو، ايتري قدر جو ڪولابا جي ڏکڻ واري ڪنڊ کان سيان، کار ۽ انڌيري تائين بس يا ڪار ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو. اهو ستن ٻيٽن جو هڪ جهڳٽو هو، جن جي چوڌاري عربي سمنڊ جو پاڻي هو يا الهاس نديءَ جي ڇوڙ جو پاڻي هو. انهن ٻيٽن جا نالا هئا: ڪولابا، مئز گائون، پوڙهي مائيءَ وارو ٻيٽ، وادالا، ماهيم، ماتونگا ۽ سيان. اهي ٻيٽ، هندستان جي اشوڪا سلطنت جي حاڪم جي ملڪيت هئا.

راجا اشوڪا جي مرڻ بعد، هنن ٻيٽن تي مختلف هندو راجائن جو سن 1343ع تائين قبضو رهيو. ان سال گجرات جي مسلمانن، هنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو. ايندڙ ٻن صدين تائين، گجرات صوبي جا مسلمان حاڪم، هنن ٻيٽن جا مالڪ ٿي رهيا. اڄ به انهن ڏينهن جي هڪ مسجد، ماهيم ۾ موجود آهي.
سال 1534ع ۾ پورچوگالين، جن جي قبضي ۾ انڊيا جي اولهه ڪناري جا پانجم، دمان، ديو ۽ گوا جهڙا شهر اڳئين هئا، مسلمان حاڪمن کان بمبئي زوريءَ کسي ورتي. هنن ٻيٽن تي جتي جتي رومن ڪئٿولڪ (عيسائي) هئا، اتي گرجا گهر ٺاهيا ويا، جن مان اڄ به هڪ ”سينٽ ائنڊريو چرچ“ باندرا ۾  موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو مڃيو وڃي ٿو. بمبئي جي هنن ٻيٽن جي چوڪيداريءَ خاطر پورچوگالين سيان، ماهيم ۽ باندرا جهڙن علائقن ۾ ڪوٽ ٺاهيا، جيڪي اڄ به ڊٺل حالت ۾ موجود آهن. هنن مختلف ٻيٽن جو بمبئي نالو، انهن پورچوگالين رکيو. هو هنن ٻيٽن کي بام-بائيا(Bom- Baia) سڏڻ لڳا. جنهن جي پورچوگالي زبان ۾ معنيٰ آهي سٺو خليج (Good- Bay) پوءِ اهڙي طرح هي ٻيٽ بامبيا مان بامبي ۽ بمبئي سڏجڻ لڳا.
پورچوگالين جي قبضي ۾ هيءُ ٻيٽ 1534ع ۾ آيا. پورن 128 سالن بعد، سن 1662ع ۾ سندن پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين جي انگريز شهزادي چارلس ٻئي سان شادي ٿيڻ تي کيس ڏاج ۾ ڏنا ويا. چارلس صاحب کي پنهنجي زال کي وقت ڏيڻ جي فرصت نه هئي، سو هنن مهاڻن ماڇين جي رهائش وارن ٻيٽن تي ڇا ڌيان ڌري سگهيو ٿي. سال 1668ع ۾ هن هي ٻيٽ يعني بام بائيا (بامبي) ڏهه پائونڊ في سالي جي حساب سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا ته جيئن سندن دماغ ۾ ڪو ڪارآمد شغل هجي ته ڀلي ڪن. اهو هو قدر ان وقت هنن ٻيٽن جو! ظاهر آهي ته جتي ڀر ۾ احمد آباد، بڙودا، سومناٿ، حيدرآباد دکن ۽ پوني جهڙا شهر هجن، اتي هي گپ ۽ مڇرن هاڻا ويران ٻيٽ ڪهڙي ڪم جا. ڪنهن کي نئين گهر ٺاهڻ جو شوق هو ته هو گنگا، جمنا يا مُولا ۽ موٺا جهڙين ندين جي ڪناري تي ٺهرائيندو، جتي هر وقت مٺو پاڻي موجود رهيو ٿي ۽ سواريءَ لاءِ ٻيڙيون هليون ٿي يا هيڏانهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ جتي کٻڙ ۽ تمر جهڙا جهنگلي ٻوٽا هئا؟.
هنن ٻيٽن (بام-بيا يعني بمبئي) جي سڀني نگيٽو نقطن جي باوجود، هڪ پازيٽو ۽ فائديمند ڳالهه ضرور هئي. جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دماغ ۾ هئي. اها هيءَ ته؛ وقت سان گڏ هاڻ جهازن جي سائيز وڏي ٿي رهي هئي. گجرات وارا بندرگاهه سورت، ڀاؤنگر، مانڊوي وغيره ننڍن جهازن لاءِ ته صحيح هئا، پر يورپ کان ايندڙ نون جهازن لاءِ سورت جهڙا بندرگاهه تانگها ثابت ٿي رهيا هئا. ان مقابلي ۾ بمبئي قدرتي طور اونهو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني هونءَ ئي ڪنهن اونهي بندرگاهه جي ڳولا ۾ هئي، سو هنن ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ سندس پورچوگالي نالي بام-بائيا کي بدلائي بامبي رکيو. ٻيٽ تي رهندڙ مڪاني مهاڻا ۽ ڪولهي ذات جا ماڻهو، هن کي ممبا سڏڻ لڳا، جيڪو ممبا ديوي جي نالي تي هو، جنهن لاءِ بابل ناٿ وارو مندر منسوب ٿيل هو. هي مندر اڄ به چوپاٽي وٽ آهي.
بمبئيءَ کي پارسين به ڏاڍو ٺاهيو. پارسي ايران جي شهر پارس جا رهاڪو هئا. هو اڄ کان 900 سال کن اڳ گجرات لڏي آيا، جتان پوءِ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به اچي رهيا. پنهنجا مندر ‘Fire Temples’ ۽ مُردن جي نيڪال لاءِ ”خاموشيءَ جا کوهه“(Tower of Silence)  ٺهرايائون. ڪراچيءَ ۾ به سندن هڪ مندر صدر ۾ آهي ۽ ٽاور آف سائلينس ڊفينس مارڪيٽ جي ڀرسان آهي. هيءَ واپاري ڪميونٽي آهي جنهن جو انڊيا ۾ ۽ انڊيا کان ٻاهر واپار هليو ٿي. انگريزن جي سڏ تي جيڪو پهريون پارسي بمبئي لڏي آيو، سو سن 1640ع ۾ دورابجي نانا ڀائي پٽيل هو. پوءِ ته ڪيترا ئي، ممبئيءَ ۾ اچي رهيا. نه فقط رهيا پر انگريزن سان بيحد وفادار ٿي رهيا. هنن پنهنجا طور طريقا، زبان، ڪپڙو گندي، ويندي کائڻ پيئڻ انگريزن جي اسٽائيل جو رکيو. ايتري قدر جو 1689ع ۾ جڏهن جتي ڪٿي پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، ته مڪاني راجائن ۽ يورپين بمبئي وارا هي ٻيٽ وڌيڪ سلامت ۽ هائيجنڪ ڏسي مٿن قبضي ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا، پر هن پارسي واپاري جي پٽ رستمجي دورابجي پٽيل (جنم 1667ع، وفات 1763ع) بمبئي ۾ رهندڙ ڪولهي قبيلي جي ماڻهن کي ساڻ وٺي، هر حملي ڪندڙ جو مقابلو ڪيو ۽ انگريزن پاران بمبئي جي حفاظت ڪئي. هنن مهاڻن ماڇين جي قبيلي، ڪولهين جون ڪجهه اڏاوتون اڄ به ماهيم، باندرا ۽ کار وغيره ۾ نظر اچن ٿيون.
سر جارج آڪسنڊن بمبئي جو پهريون انگريز گورنر ٿيو. جنهن بعد مسٽر گرالڊ اونگر(Gerald Augier)  ٿيو، جنهن گجراتي واپارين، پارسي جهاز-سازن ۽ مسلمان ۽ هندو ڪاريگرن کي اوسي پاسي جي علائقن مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪئي. جنهن ڪري بمبئي يڪدم مشهور ٿيندو ويو. هن اڄ واري فورٽ علائقي ۾ بمبئي قلعو ٺهرايو، جيڪو هينئر صفا ڊهي ويو آهي، پر قلعي (فورٽ) ڪري اڄ به بمبئي جو هي علائقو فورٽ سڏجي ٿو. ان کان علاوه هن گورنر امن امان خاطر قاعدا قانون سخت ڪيا، جيئن هر امير واپاري توڙي غريب پورهيت بمبئي ۾ سڪون ۽ امن محسوس ڪري.
هن شهر جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿي) جي سامهون جيڪو آزاد ميدان آهي، اهو اڄ کان 200 سال اڳ چراگاهه هو، جنهن تي فورٽ واري علائقي جا ماڻهو پنهنجا ڍور چارڻ لاءِ ايندا هئا. پوءِ سال 1838ع ۾ انگريز سرڪار چارڻ جي في “Grazing Fee” لڳائي، جيڪا ڪيترا غريب ماڻهو ڀري نٿي سگهيا. سندن مجبوري ڏسي، سر جمشيدجي جيجاڀائيءَ سامونڊي ڪناري ڀرسان ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ پنهنجي کيسي مان 20 هزار رپيا خرچ ڪري، چارڻ لاءِ زمين هٿ ڪئي، جتي غريب غربو بنا ڪنهن في ڏيڻ جي پنهنجا وهٽ چاري سگهيو ٿي. وقت سان گڏ اهو علائقو ”چرني“ سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو پوءِ جڏهن پڪا ڏامر جا روڊ ٺهيا ته هتان لنگهندڙ روڊ جو نالو چرني روڊ رکيو ويو ۽ ريلوي لائين وڇائڻ بعد اسٽيشن جو نالو به چرني رکيو ويو.
پارسي جتي به رهن، اتي پنهنجو مندر ٺاهين، جنهن ۾ ڏينهن رات باهه ٻرندي رکن ۽ ان کان علاوه ”خاموشيءَ جو ٽاور“ ٺاهين. هو پنهنجن عزيزن مائٽن جي لاشن کي ساڙڻ يا دفن ڪرڻ بدران “Tower of Silence” تي ڇڏي اچن، جيئن سرڻيون، ڪانگ ۽ ٻيا گوشت کائيندڙ پکي هنن کي کائي ختم ڪري ڇڏين. مالابار ٽڪريءَ تي جيڪو پارسين جو ٽاور آهي، اهو 1672ع ۾ پارسي سيٺ ’مودي هِيرجي واچها‘ ٺهرايو ۽ ساڳئي سال هن سيٺ پنهنجي گهر مودي خانا جي سامهون باهه جو مندر ٺهرايو. اڄ اهي ٻئي عمارتون قائم آهن، جن کي اڃا به وڌيڪ بهتر ۽ وڏو ڪيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آدمشماري وڌڻ، وڻن جي ڪپجڻ ۽ بسين لارين ۽ هوائي جهازن جي آواز ڪري وڏن پکين جو تعداد گهٽجي ويو آهي ۽ اهو مُردو جنهن کي هڪ ڏينهن اندر سرڻيون، ڳجهون، ڪانگ ڪٻريون چٽ ڪري ويون ٿي، ان کي ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ٽي ٽي ڏينهن به لڳيو وڃن.
ممبئيءَ جو نئون علائقو جيڪو ”نَوي ممبئي“ سڏجي ٿو Salsette ٻيٽ جو حصو آهي. ان سان بمبئي جي ستن ٻيٽن کي سيان وٽ 1803ع ۾ ڪاز-وي ذريعي ڳنڍيو ويو. جيئن سنگاپور ڏيڍ ميل جي پُل ذريعي، ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. اڄ وارو ڪولابا ڪاز-وي، جيڪو ڪولابا ٻيٽ کي بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائي ٿو، 1838ع ۾ ٺاهيو ويو. ماهيم ۽ باندرا ٻيٽن کي ملائڻ وارو ڪاز-وي (پل) 1845ع ۾ ٺاهيو ويو. جنهن تي ٽوٽل خرچ ڏيڍ لک رپيا آيو، جيڪو سموري جو سمورو، جمشيدجي جيجاڀائيءَ جي زال، ليڊي هوا ٻائيءَ ڏنو.
سر رابرٽ گرانٽ (سندس ڄم جو سال 1779ع ۽ وفات جو 1838ع هو.) 1835ع کان مرڻ گھڙيءَ تائين، بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾، بمبئيءَ کي اوسي پاسي جي شهرن سان ملائڻ لاءِ ڪيترا ئي روڊ ٺهيا. بمبئيءَ جو مشهور گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج به، هن صاحب جي ياد ۾ چندا جمع ڪري ٺهرايو ويو.
اپريل 1853ع ۾ انڊيا جي پهرين ريل گاڏي، بمبئي جي وڪٽوريا ٽرمينل (CST) کان ٿاني 21 ميلن جو سفر طئي ڪرڻ لڳي ۽ 1860ع ڌاري بمبئي کان گجرات جي مختلف شهرن تائين ريل گاڏيون هلڻ لڳيون. ان سان گڏ اسٽيمر سروس به شروع ٿي وئي. بمبئيءَ کان انگلينڊ جي مختلف بندرگاهن تائين آگ بوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) هلڻ لڳا. گجرات ۽ آس پاس کان ريل رستي ڪپهه بمبئي پهتي ٿي، جتان پوءِ ڪَلَ تي هلندڙ جهازن ذريعي انگلينڊ جي بندرگاهن ۾ آندي وئي ٿي ۽ اتان جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا آيو ٿي. سال 1861ع ۾ آمريڪا ۾ سِول جنگ لڳڻ ڪري، آمريڪا کان يورپ ڏي ڪپهه اچڻ بند ٿي وئي. ان ڪري انڊيا جي ڪپهه جي ڊمانڊ وڌي وئي. جنھنڪري انڊيا جي زميندارن، ان فصل مان خوب ڪمايو.
جيڪي آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز)، بمبئي ۽ لنڊن وچ ۾ هلڻ شروع ٿيا هئا، تن کي لنڊن پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. سال 1869ع ۾، سوئيز ڪئنال کلڻ تي، لنڊن ۽ بمبئي هيڪاندو ويجها ٿي پيا ۽ اٽلي، يونان ۽ فرانس جا بندرگاهه ته اڃا به ويجها ٿي پيا. جنھن بعد، بمبئي ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿي ويو. جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ ڪيترا ڌڪا (Wharf) ٺهڻ لڳا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به اچڻ لڳا. ويندي حاجين جا جهاز، جيڪي پهرين سورت بندرگاهه مان ويندا هئا، سي هاڻ بمبئيءَ مان وڃڻ لڳا. بمبئي، جنهن جي 1780ع ۾ 13700 آدمشماري هئي، سا صديءَ پڄاڻان، سال 1880ع ۾ ست لک ٿي وئي. ان کانوري 26 سالن بعد، سال 1906ع ۾، ڏهه لک ٿي وئي.
سگهو ئي (۱۸۵۸ع ۾) پهرين آزادي جي جنگ (۱۸۵۷ع واري سپاهي بلوي) بعد، جڏهن جهانسي جي راڻي پٺيءَ سان ٻڌل ٻار سميت مارجي وئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني تي غلط انتظام هلائڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ هاڻ انڊيا تي انگلينڊ جو شاهي گهراڻو  Directحڪومت ڪرڻ لڳو. سال 1862ع ۾ سر بارٽل فريئر پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1867ع تائين گورنر ٿي رهيو. 1864ع ۾ سندس ياد ۾ هارن بي روڊ تي ڦوهارو ٺـهرايو ويو، جيڪو پوءِ يونان جي ديوي فلورا نالي منسوب ڪيو ويو. هن گورنر جي اچڻ کان اڳ، سال 1860ع ۾ بمبئي شهر کي تلسي ۽ ويهار ڍنڍن مان نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. بعد ۾ تانسا ڍنڍ مان به پائيپ لائين ذريعي ڪڍي پھچايو ويو.
اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، يعني 1850ع کان 1900ع تائين، بمبئيءَ ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون عمارتون ٺهيون. جن کي اڄ به سياح ڏسڻ اچن ٿا ۽ بمبئيءَ لاءِ باعثِ فخر آهن. انهن عمارتن مان ڪجهه هن ريت آهن: وڪٽوريا ٽرمينس، جنرل پوسٽ آفيس، ميونسپل ڪارپوريشن، پرنس آف ويلس ميوزيم، راجا ٻائي ٽاور، بامبئي يونيورسٽي، ايلفنسٽن ڪاليج، ڪواسجي جهانگير پارڪ، ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪسٽم هائوس، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ (PWD) بلڊنگ وغيره وغيره جيڪي بمبئي جي سڃاڻپ (Land Marks) آهن.
بادشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي مئري جي دهلي ۾ اچڻ جي ياد لاءِ، سال 1911ع ۾ گيٽ وي آف انڊيا ٺاهيو ويو. بمبئي بندرگاهه جا ڪيترا ئي Docks واڊيا فئملي ٺهرايا، جيڪا انگريزن جي چوڻ تي سورت کان لڏي بمبئي اچي رهي. سال 1870ع ۾، بمبئي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو. سال 1885ع ۾ پرنسيز ڊاڪس ٺهيا ۽ 1891ع ۾ وڪٽوريا ڊاڪس ۽ ميري ويدر ڊراءِ ڊاڪس ٺهيا.
اوڻهين صديءَ جي آخر وارن سالن دوران، بمبئي ۾ ببونڪ پليگ (وبا) پکڙجي وئي. جنهن ۾ انساني جانين جو ڪافي نقصان ٿيو. بهرحال ان مان اهو فائدو ضرور ٿيو ته بمبئي شهر جي صفائي سٿرائيءَ تي سخت ڌيان ڏنو ويو.
سال 1885ع ۾ بمبئيءَ جو چارلس فارجيٽ نالي هڪ پوليس سپرنٽنڊنٽ جڏهن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري، پنهنجي وطن انگلينڊ وڃي رهيو هو ته بمبئي جي ماڻهن هن لاءِ روئي ڏنو. کيس ايڏو پسند ڪيو ويو ٿي! اهو ان ڪري جو هن امير توڙي غريب کي برابر ٿي سمجهيو ۽ ڏوهاريءَ کي نٿي بخشيو. هڪ انگريز ڪانسٽيبل، مڪاني ماڻهن سان کھرو ڳالهايو ته ان کي به هن نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. هن امير پارسي مافيا کي به موچڙا هنيا، جن فاڪلينڊ روڊ واري علائقي ۾ شراب جو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ ’پلي هائوس‘ (جيڪو پوءِ Pillhouse سڏيو ويو) ۽ ڇوڪرين جو ڌنڌو هلايو ٿي.
لارڊ سئنڊهرسٽ، 1895ع کان 1900 تائين، بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ به، بمبئي اندر ڪافي سڌارا ۽ رونقون آيون. سندس وڃڻ بعد، سندس ياد ۾ 1910ع دوران سئنڊهرسٽ روڊ ٺاهيو ويو ۽ 1921ع ۾ سندس نالي Sandhurst ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي. اهي ٻئي، اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. سال 1915ع ۾ پورٽ ٽرسٽ وارن جي ريلوي بالارڊ پيئر کان وادالا تائين ٺاهي وئي جنهن جي پاسن تي اناج ۽ تيل جا وڏا گدام (ڊيپو) ٺاهيا ويا. سال 1927ع ۾ انگلينڊ جي ميٽروپوليٽن ورڪرس جي ٺهيل لوڪوموٽو اليڪٽرڪ ريل گاڏي بمبئي ۽ پوني جي وچ ۾ هلائي وئي. بمبئي جيم خانا 1875ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ فقط انگريزن ۽ يورپين کي وڃڻ جي اجازت هئي. هن جيم خانا کي ڏسي بمبئي جي ٻين ڪميونٽين به پنهنجا پنهنجا جيم خانا ٺاهيا. جيئن؛ هندو جيم خانو، پارسي جيم خانو، مسلم جيم خانو وغيره.
تاريخ 7  آگسٽ 1942ع تي، آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي پهرين تاريخي سيشن گوواليا ٽئنڪ ميدان تي ٿي، جنهن ميدان تي 1885ع ۾ ڪانگريس جنم ورتو هو. اها هيءَ سيشن هئي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) جو اعلان ڪيو. ان بعد، انگريزن ڪيترن ئي انڊين ليڊرن کي جيل ۾ وڌو. پر ”انڊيا ڇڏيو“ تحريڪ جي جوش (Momentum) کي ڪو به ٺاري نه سگهيو. نيٺ انگريزن کي ننڍو کنڊ ڇڏڻو پيو. تاريخ 15 آگسٽ 1947ع تي، انگريز فوجي بمبئي جي ”گيٽ وي آف انڊيا“ واري دروازي مان نڪري انگلينڊ ڏي روانا ٿيندڙ جهازن ۾ وڃي ويٺا ۽ ان سر-زمين کي گڊ باءِ چيائون، جنهن تي سندن وڏا 282 سال اڳ داخل ٿيا هئا. اڄ اهو ميدان، جنهن تان انگريزن خلاف Quit India جو سڏ ڏنو ويو هو، ”آگسٽ ڪرانتي ميدان“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
سال 1960ع ۾ بامبي رياست کي، ٻن رياستن ۾ ورهايو ويو؛ مهاراشٽرا رياست (جنهن ۾ مرهٺي ڳالهائي وڃي ٿي) ۽ گجرات رياست (جتي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائي وڃي ٿي.) بمبئيءَ جو شهر، مهاراشٽرا رياست ۾ آيو. سال 1994ع ۾ جيئن ئي BJP شِو-سينا وارن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت آئي ته هنن 1995ع ۾ هن شهر جو نالو بمبئي مان بدلائي ممبئي رکيو.

No comments:

Post a Comment