Friday, November 11, 2011

اخبارن جو پکين جي بچاءَ لاءِ لکڻ - الطاف شيخ


اخبارن جو پکين جي بچاءَ لاءِ لکڻ
الطاف شيخ

ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اسان جي سنڌ جهڙي جاگرافيائي بيهڪ جيڪڏهن ملائيشيا، ٿائلنڊ، جپان جهڙن ملڪن جي نصيب ۾ هجي ها ته هو ڏورانهن ڏينهن کان ايندڙ هنن پرديسي پکين جي ايڏي ته پرگهور لهن ها، جو سئيڊن وانگر سنڌ ۾ به هي پکي فٽ پاٿن، بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان بي ڊپا ٿي ماڻهن جي پيرن اڳيان چُڳندا رهن ها ۽ سنڌ ۾ مهمان طور ايندڙ انيڪ ملڪن جا انيڪ جنسن جا پکي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو هلي ملي اچن ها، پر اسان جي سنڌ جي اها بدنصيبي آهي ۽ اسان جي ماڻهن جي اها جهالت آهي، جو هو قدرت جي هن نعمت جو خيال نٿا ڪن، نه وري منجهن ڪو احساس آهي. مقامي وڏيرا، سردار، آفيسر توڙي عام ماڻهو ته هنن پکين کي ماري منجهن ٽاهه وجهي رهيا آهن، پر هو ٻين ڌارين کي به گهرائي هُنن هٿان پنهنجي گهر جي سونهن تباهه ڪري رهيا آهن. صحافي نياز کوکر جي ’سچ‘ اخبار ۾ هڪ رپورٽ پڙهي هيم ته سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي اصل ۾ پنهنجن ملڪن ۾ گهڻي سردي پوڻ ڪري موت کان بچڻ لاءِ هجرت ڪن ٿا، پر وري به موت سندن پيڇو نٿو ڇڏي ۽ سرديءَ جي موت کان بچڻ لاءِ هزارين ميل سفر ڪندڙ هي پرڏيهي پکي، سنڌ پهچندي ئي بندوقن ۽ رڇن ذريعي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان ماڻهو جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جا رهواسي آهيون، انهن کي ڪو احساس جرم به نٿو ٿئي!

ساڳي ڳالهه ڪالم نويس  ماڪن شاهه رضوي به ڪئي آهي: ”حيرت ته اها آهي جو انهن ڏور کان آيل مجبور پکين جي موت تي اڄ تائين ڪو تڏو ناهي وڇايو ويو!“ ۽ پوءِ وري پاڻ  ئي جواب ۾ لکي ٿو: ”ان معاشري تي ڀلا ڪهڙي ميار ڪجي ته ڪيئن ڪجي، جنهن ۾ احساس مري ۽ جذبا جهري ويا آهن، جتي محبتن کي ڪارو ڪري ماريو ٿو وڃي، جتي ڪنوارين اکين ۾ ڪجل بدران لڙڪ ڀريا ٿا وڃن، جتي چڱ مڙسيءَ جي پڳ پاتل ڏسڻا وائسڻا ماڻهو اختيارن جي حاصلات لاءِ سڀ ڪجهه وساري ٿا ويهن، جتي سڪل درياءَ جو ڦٻايل پاڻي واپس وٺڻ جي جاکوڙ ڪرڻ بدران ان جي ويران ڪنارن تي خفتي ڪڪڙ ويڙهائي، لکين رپيا هارائي خوش ٿا ٿين، جتي نام نهاد شاعر تُڪبندي ڪري عوامي امنگن جي نالي تي فحش ڪلام لکي ڪئسٽ ڀرائيندا ۽ ڪمپنين کان پاڻ ڦُرائيندا آهن، جتي  تدريسي ادارن ۾ استاد ۽ مائٽ گڏجي اولاد کي ڪاپي ڪرائي، علم کان دور وٺي ويندا آهن، جتي تپيدار ۽ صوبيدار شهنشاهي اختيارَ رکندا هجن، جتي گلاب ڍڳين جي پڇن ۾ ٻڌا ويندا آهن، جتي سونهن شٽل ڪاڪ جهڙي برقعي ۾ قيد آهي، جنهن ديس جو هر ماڻهو شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، جتي هاڻ مينهن وسڻ ۽ يار ورڻ به ڇڏي ڏنو آهي، اتي تڏا وڇائي بيگناهه ماريل پکين جون عذر خواهيون وٺڻ وارو ڀلا ڪير هوندو...؟“
اڱارو 17 فيبروري جي هڪ سنڌي اخبار ’خبرون‘ سامهون اٿم. اخبار جي رپورٽر اڪبر شورو جي ڏنل هڪ خبر پڙهان ٿو:
جهمپير: سڀني خوبين جي مالڪ ڪينجهر ڍنڍ پرديسي پکين لاءِ ڪوس گهر بڻجي وئي آهي. شڪاري وائلڊ لائيف وارن کي رشوت ڏئي، پکي ماري، صبح سويري وڪري لاءِ کڻي وڃن ٿا. شڪارين جي مسلسل شڪار سبب پکي آڙي، نيرڳي، ڊگوش، ٿرانڊو، نيلس ۽ لالس جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، جيڪي پکي ڍنڍ ۾ ٽٻندي نظر ايندا هئا، اڄ اهي ڀڳل ٽنگن سميت ڍنڍ ڪناري نظر اچي رهيا آهن، جن کي به شڪاري پڪڙي کڻي وڃي وڪرو ڪن ٿا. ڪينجهر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڍنڍ پنهنجو اصلي حسن وڃائي ويٺي آهي. پکين جي نسل ڪشيءَ ۾ فشريز کاتو به ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويو آهي. سڄاڻ ڌرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پرديسي پکين جي نسل ڪشي خلاف قدم کنيو وڃي.
هنن پکين جي بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ اسان جا ڪيترائي اديب ڪالم لکندا رهن ٿا. ان سان گڏ ڪيتريون ئي اخبارون، خاص ڪري عبرت، ڪاوش، عوامي آواز وغيره اداريه لکنديون رهن ٿيون. 26 آڪٽوبر 1999ع جي ڪاوش اخبار منهنجي سامهون آئي، جنهن جو اداريو آهي: ”مهمان پکين کي جان جي امان ڏيو“ جنهن ۾ ان ڳالهه لاءِ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ته جڏهن به پرانهين پار کان پنهنجي جوءِ ڇڏي، سنڌ جي سرزمين تي ڪونجون ۽ ٻٽير پنهنجا پر پکيڙين ٿا، تڏهن آهيڙن ۽ ٻٽيرن جا خفتي ور کنجي فصلن ۾ لهي پون ٿا ۽ ڌڙا ڌڙ هڪ ٻئي پٺيان اهي معصوم ۽ اٻوجهه پکي جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي، هن علائقي جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، انهن جي نسل ڪشيءَ لاءِ ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪري، انهن مهمان پکين جي ميزباني، کين ڄار ۾ ڦاسائي، سندن ڳچين تي سير وهائي ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ انهن پرديسي پکين جي تحفظ لاءِ سرڪار طرفان ”جهنگلي جيوت“  (Wild Life) جو کاتو ٺهيل آهي، پر انهن جي ڪارڪردگيءَ کان ڪوبه مطمئن نه آهي. ڪاوش اخبار جي 7 نومبر 2006ع جي ڪاپي به منهنجي سامهون آهي، جنهن جي هڪ ايڊيٽوريل جو عنوان آهي، ”پرڏيهي پکين جي نسل ڪشيءَ جو نوٽيس ڪير وٺندو؟“
هن ۾ مٿينءَ ڳالهه جي نشاندي ڪئي وئي آهي. ”... سنڌ ۾ پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي ٻاهران آيل شڪارين جي هٿان گهڻي ٿئي ٿي ۽ پکين جي تحفظ لاءِ ذميواري اداري وائلڊ لائيف وارا پڻ ان قتل عام ۾ شامل ۽ شريڪ رهن ٿا. هو اهو قتل عام روڪڻ ته پنهنجي جاءِ تي، شڪارين کي مشروط طور تي اهڙيون سهولتون ۽ رهنمائي فراهم ڪندا رهن ٿا. هو پرڏيهي شڪارين جو پروٽوڪول ۽ خاطرداريءَ ۾ وسان نه گهٽائيندا آهن. دنيا جو فطرتي حسن انهن پکين سان ئي قائم آهي، پر ان شڪار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ان حسن کي به قتل ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو پيو وڃي...“
عوامي آواز جي 24 آڪٽوبر 2006ع جي ڪٽنگ اٿم، جنهن خبر جو عنوان آهي: ”سنڌ ۾ اتر جون هوائون شروع، پرديسي پکي پهچي ويا، عرب شڪارين جون به ڪئمپون قائم.
”ڳنهرو، روجهاڻ، اڇڙو، ڪانجهرو ۽ حمل ڍنڍ تي آڙين، نيرڳ، ڪهنگ، کنڀڙاٽي، انڌي سانءِ ۽ ٻين ناياب نسلن جي پکين تي شڪارين جا ڪڙڪا. ميهڙ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن ناياب پکين جي نسل ڪشيءَ جي مخالفت ڪري ڇڏي. قادر چانڊيو، نياز ڀٽي، حفيظ سنڌي، حبدار شاهه، گلزار چانڊيو، رياض چانڊيو، رياض جهتيال ۽ ٻين پاران حڪومت کان شڪار تي بندش جو مطالبو.“
شايد اهڙن ئي ظالم شڪارين لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:
ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
جو تو اچي ڪالهه، وڌو وڇ ورهن کي.
هنن پرديسي پکين جي مارا ماري جي سلسلي ۾ اخباري رپورٽر سائين بخش رند هڪ دلچسپ خبر ڏني آهي ته سنڌ ۾ پکين جي نسلن جي بربادي ان حد تائين وڌي وئي آهي، جو ملاح جن پکين کي حرام سمجهي نالو نه وٺندا هئا، اڄ انهن جو انت به ديڳڙي ۽ ڪڻڇيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. هن لکيو آهي ته منڇر ڍنڍ ۾ هونءَ ته لاتعداد پکي ڪُڪي، ٻگهو، سانهه، پرهي، ڪانئرو، ڪانيرو، گولاڙو، بگ، ڪينو، ڍنڍ، ڪينو، ڪوراچو، سانولو، کاراهي، چورٻائي، ڪار ٻائو، ٽِمر، گاجيرو، رتياگ، دلگ، سام، ٽيٽو، کڳ، ٽيٽو، ٽينگلو، لڪ، ڳاڙهي ڪنگڻي ۽ جهنگ ڪڪڙ وغيره اهڙا پکي آهن، جن کي اسان جا ماڻهو حرام سمجهي، انهن جو نالو نه وٺندا هئا، اهي به هاڻ شڪار ڪري کائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ جڏهن منڇر ڍنڍ جي هڪ جهوني رهواسي ڊمڻ ملاح کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته اصل ۾ اهي پکي حرام ناهن. مهاڻن، پيٽ ڀرائيءَ جي ڪري انهن کي حرام ٿي سمجهيو ۽ هاڻ جڏهن جيئڻ جا سڀ ذريعا ختم ٿي ويا ته پنهنجي غلطيءَ جو احساس به هاڻ ٿيو آهي، پر اهي پکي خريد ته ڪير به نٿو ڪري، پاڻ ئي کائي ڇڏيندا آهيون.
بهرحال حقيقت اها آهي ته قدرت طرفان اسان جي سنڌ کي پرديسي پکين جي شڪل ۾ جيڪو تحفو مليو آهي، ان جي بربادي اسان پنهنجن هٿن سان ڪري رهيا آهيون. دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ هجي، جتي ههڙن خوبصورت پکين جي اهڙي بيدرديءَ سان مارا ماري ٿيندي هجي، جهڙي اسان وٽ اڄ ڪلهه ٿي رهي آهي. پکي به ڇا سوچيندا هوندا ته هڪ طرف يورپ ڏي سندن ڪيڏو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف اسان وٽ سنڌ ۾ کين سک جو ساهه به پٽڻ نٿو ڏنو وڃي. يورپ جي ملڪن لاءِ ته لکي چڪو آهيان ته هي مهاجر پکي جڏهن ڏکڻ ۾ سيارو گذاري واپس اتراهن ملڪن ۾ پهچندا آهن ته هنن کي ننڍا وڏا مختلف اَن ۽ ٻج کارائين ٿا ته هو وڏي منزل طئي ڪري ٿڪجي پهتا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن کاڌي جي ڳولا ۾ پريشان نه ٿين. اتر جا ماڻهو هنن کي امن امان ۽ سونهن جي علامت سمجهن ٿا. هو هنن پکين جي حفاظت لاءِ اسان کي به منٿون، آزيون نيازيون ۽ پيغام موڪليندا رهن ٿا ته پکين جي نسل ڪشي نه ڪريو. سانگهڙ جي ڪنهن ڍنڍ تي هڪ نيرڳ (Mallard Anas) جهليو ويو، جنهن جي پيرن ۾ ٻڌل ڇلي تي لکيل هو:
“Save Us. Save the Nature”
هاليجي ڍنڍ جي هڪ ميربحر ٻڌايو ته هو سينڌر پکي (Teal) کي ڦاسائي، ان جون کنڀڙاٽيون ۽ پَر ڀڃي رهيوهو ته ان جي پيرن ۾ ٻڌل ويڪرن ڇلن تي لکيل هو:
“We beg your pardon,
Turn your gun aside.”
هڪ رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر لاءِ مشهور آهي ته هو پنهنجي شڪاري مهم جوين سان گڏ اهو ڇلو سڀني کي اڃان تائين فخر سان ڏيکاريندو آهي، جيڪو هن کي بندوق ذريعي ماريل رتونبي (Red Crested Pochard) جي پيرن ۾ ٻڌل مليو. ان تي لکيل آهي:
A Glance, not The bullet .... اسان کي نگاهن سان ڏسو، يعني اسان جو فقط ديدار ڪريو، بندوق جي گوليءَ کان ڪم نه وٺو.
ميوزيم ۾ رکڻ لائق پنهنجي Made in Spain  بندوق کي بئليسٽڪ ميزائل سڏيندڙ هن تعليم يافته شڪاريءَ پنهنجا ڪارناما ڳڻائيندي ٻڌايو ته، ”پکي جڏهن ڍنڍ ۾ ويهندا آهن ته هميشه جوڙي جوڙي ٿي ۽ ڳچي ڳچيءَ سان ملائي ويهندا آهن. مون هڪ دفعي ڳچي ڳچيءَ سان ملائي ويٺل سانهن پکين جي جوڙي تي فائر ڪيو. هڪ پکي ته بئلسٽڪ ميزائيل کان بچي نه سگهيو، جڏهن ته ٻيو ميزائيل جي رينج ۾ ئي نه آيو. بچي ويل پکي پنهنجي ساٿيءَ جي مرڻ تي تمام گهڻي دير منهنجي مٿان ريهون ڪري لامارا ڏيندو رهيو ۽ شڪار ٿيل پکيءَ جي پير ۾ ٻڌل ڇلي تي لکيل هو:
The Envoy of peace... from C. Sasha.
اسان جي هڪ سنڌي اخبار ۾ ”مسافر پکين جي موت جو ذميوار ڪير...!؟“ نالي هڪ ايڊيٽوريل ۾ هو ته اسان وٽ سنڌ ۾  مسافر پکين جي مقدر ۾ رڳو گوليون آهن. سياري جي موسم ۾ جڏهن پرديسي پکي اسان جي ديس جي ڍنڍن، ڍورن ۽ دُٻن تي لهن ٿا ته صبح ساجهر کان وٺي رات دير تائين رڳو بندوقن جا پڙاڏا گونجندي ٻڌا وڃن ٿا. غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقي سان پکين کي مارڻ، هتي جي ماڻهن جو ڪم ٿي چڪو آهي. انهن پکين جي تحفظ جي ڊاڙ هڻندڙ کاتي وائيلڊ لائيف جي ناڪاره پڻي سبب سرعام فطرت جي حسين ۽ ناياب نسل جي پکين تي ڪاهون ڪيون وڃن ٿيون. ڏينهن جو بندوقن ذريعي ۽ رات جو ڪوڙڪين، گلولين، ڊگهن رڇن ۽ ڪلو ذريعي پکين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. انهن پکين ۾ وڏي پيماني تي ڪونج، آڙي، هنجهر، طور، لاکي، جاني، چيڪلو، پڳو، پوراڙو، نيرڳي وغيره شامل آهن. ماحول جي سونهن تي اهڙا حملا ۽ فطرت سان دشمني رکندڙ پکين کي پنهنجي کاڄ بڻائيندڙ اهڙن ماڻهن کي قانون جي ڪابه پرواهه نٿي رهي. سستو تحفظ فراهم ڪندڙ جهنگلي جيوت کاتو به ان ڏس ۾ بلڪل اپاهج ۽ انڌو نظر اچي ٿو، سو انهيءَ کاتي جي اهڙي خاموشي کانپوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته صوفين جي ڌرتيءَ سنڌ ۾ پکين جي اهڙي غير قانوني ۽ غير اخلاقي موت جو ذميوار ڪير آهي؟

No comments:

Post a Comment