Thursday, November 10, 2011

يورپ جون مسجدون ۽ احمديا ڪميونٽي - الطاف شيخ


يورپ جون مسجدون ۽ احمديا ڪميونٽي
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ اسڪينڊينيوين ملڪن جي سڀ کان وڏي مسجد جامع مسجد (The Grand Mosque) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي. ڪوپن هيگن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مسجدون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪوپن هيگن يورپ جو اهم ۽ وڏو شهر آهي. ان کان علاوه ڪوپن هيگن تمام وڏو ۽ مرڪزي ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه ۽ ڊئنمارڪ ملڪ جي گاديءَ جو شهر آهي. جتي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا سفارتخانا، هوائي ۽ شپنگ ڪمپنين جون آفيسون ۽ واپاري ڪوٺيون آهن. جنهن ڪري آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان، نوڪريءَ ۽ واپار خاطر هتي رهن ٿا. ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جا Immigrants (سياسي پناهه هيٺ يا ٻين طريقن سان) هتي جا شهري ٿي ويا آهن. ان کان علاوه ڪيترا ئي هتي جا ۽ ٻين يورپي ملڪن جا رهاڪو، جيڪي هتي جا شهري آهن، ٻاهران ايندڙ داعي مولوين جا ليڪچر ٻُڌي مسلمان ٿي ويا آهن. ڪوپن هيگن ۾ ڀر وارن ملڪن کان ڪجهه سستائي هجڻ ڪري ۽ حلال کاڌن جا گهڻا دڪان هئڻ ڪري سئيڊن، ڊئنمارڪ، پولينڊ ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جا مسلمان ڪوپن هيگن ۾ ايندا رهن ٿا، ڪوپن هيگن ۾ حلال گوشت جا ايڏا دڪان ۽ ڪارخانا آهن جو دبئي، سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن ملڪن کي هو ڳائو ۽ ٻاڪرو گوشت، قيمون، ويندي ڪباب ۽ ڪٽليٽ، ايڪسپورٽ ڪن ٿا ۽ توهان سوچي سگهو ٿا ته عرب، ويلي تي ڪا ٻوٽي به ته نه رڌيندا هوندا. ڊئنمارڪ کي، سعودي عرب جهڙن ملڪن مان هرسال گوشت ۽ کير مکڻ مان ڪروڙها ڊالرن جي ڪمائي ٿئي ٿي. توهان شايد اهو سوچيندا هجو ته هي امير عرب ملڪ، پاڪستان جهڙي ويجهي ملڪ مان گوشت ڇو نٿا گهرائين؟ اهو شايد ان ڪري جو هو اخبارن ۾ پڙهندا هوندا يا اکين سان ڏسندا هوندا ته، اسان وٽ ڪهڙي قسم جي ڪراڙن ۽ بيمار ڍورن جو گوشت Unhygienic طريقي سان ڪٺو ۽ کليل سوزوڪين ۾ ٽرانسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. بهرحال، ڪوپن هيگن ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ ۽ ٻاهران گهمڻ لاءِ ايندڙ مسلمانن جو وڏو تعداد هجڻ ڪري، سڀ کان گهڻيون مسجدون آهن. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهڻ دوران، اسان به گوشت ۽ فروٽ لاءِ، ڪوپن هيگن ايندا هئاسين. پڙهندڙن کي شايد حيرت ٿئي ته، پاسپورٽ کڻي اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، گوشت يا ڀاڄي ڀُتي وٺڻ، يا نماز پڙهڻ لاءِ ايندا هئاسين! ظاهر آهي، مالمو سئيڊن ۾ آهي ۽ ڪوپن هيگن ڊئنمارڪ ۾ آهي. تنهن ڪري بنا پاسپورٽ جي ٽريول ڪرڻ، ناممڪن ڳالهه آهي. جيڪي هتان ٿي ويا آهن يا جن کي جاگرافيءَ جي ڄاڻ آهي، اهي سمجهي سگهن ٿا ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن ائين آهن، جيئن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي، يا کڻي چئجي ته سکر ۽ روهڙي. مٿين شهرن، يعني مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ هلندڙ عام فيرين يا هوور ڪرافٽ (Hoover Graft) جو ڀاڙو جيتوڻيڪ وڏو آهي، پر ڪن ڪن مهينن ۾ جڏهن سردي سخت هوندي آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ماڻهو گهٽ نڪرندا آهن ته پولينڊ جهڙي ملڪ جون فيريون جيڪي سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي فيرين کان سونهن، سهوليت ۽ سيفٽيءَ ۾ ڪجهه گهٽ درجي جون ٿين، فقط 11 سئيڊش ڪرونا وٺنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ 4 رپئي جو سئيڊش ڪرونو هجڻ ڪري، 110 رپيا ڀاڙو ٿيو ٿي. ايتري ڀاڙي مان هنن فيرين جي مالڪن جي تيل جا پئسا به نٿا نڪري سگهن. اهي وري شراب ۽ بيئر جهڙيون شيون، هنن فيرين تي وڪڻي، فائدو ڪڍي وٺندا هئا. اهي شيون، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڏو ٽئڪس هجڻ ڪري انهن ملڪن ۾ تمام مهانگيون ملن ٿيون. فيري (Ferry) دراصل هڪ تانگهو پئسينجر جهاز ٿئي ٿي، جيڪا ٻن ويجهن بندرگاهن جي وچ ۾ هلي ٿي. پوءِ ڪن جو ڪلاڪ کن جو سفر ٿئي، جيئن مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ آهي. ڪي فيريون ڏورانهن بندرگاهن جي وچ ۾ هلن، جيئن مالمو کان گڊانسڪ (پولينڊ) هلندڙ ڦيريون 18 ڪلاڪ وٺن ٿيون ۽ اهي مسافر جيڪي انهن فيرين ۾ سمهڻ چاهين، سي وڌيڪ ڀاڙو ڏيئي ڪئبنون به بُڪ ڪرائي سگهن ٿا. نه فقط پئسينجر پاڻ پر انهن سان گڏ سندن ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ، هنن فيرين ذريعي سمنڊ ٽپن. جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪن وڏين فيرين تي بسون ۽ ريل گاڏيون به سوار ٿين. انهن فيرين جي هيٺينءَ ڊيڪ تي ريل جا پٽا ٺهيل ٿين، جيڪي ڪناري تي ٺهيل ريل جي پٽن سان ڀيچي ٿي بيهن ۽ ريل ڪناري تان فيريءَ ۾ ۽ فيريءَ تان ڪناري تي آرام سان چڙهي ۽ لهي سگهي. بهرحال اسان ڊئنمارڪ ۽ ڀر وارن اتراهن ملڪن ۾، مسجدن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڊئنمارڪ ۾، سرڪاري انگن اکرن مطابق ٻه لک کن مسلمان رهن ٿا ۽ 50 کن مسجدون آهن، جن ۾ ڪجهه اهلِ تشيع وارن جون پڻ آهن. انهن مسجدن مان ڪي پاڪستانين جون سڏجن ٿيون، جن ۾ اڙدو خطبو ٿئي ٿو. ڪي موراڪش يا ترڪن جون پڻ آهن، جن ۾ عربي يا ترڪي زبان ۾ خطبو ٿئي ٿو. اهڙين مسجدن جي آس پاس، اها زبان ڳالهائيندڙ ڪميونٽي رهي ٿي. هڪ ئي زبان، جيڪا سڀني کي سمجهه ۾ اچي، اها اڳ ۾ ته ناممڪن ڳالهه هئي جو هتي ڀانت ڀانت جي ملڪن جا ماڻهو اچي نڪتا هئا. البته هاڻي سندن اولاد، يعني جيڪا نئين جنريشن اچي جوان ٿي آهي، اها هتي جي مڪاني زبان ڊئنش سمجهي ٿي.

هونئن هنن ملڪن ۾ آيل ڌارين ملڪن جا ڪيترا مسلمان، پنهنجي ملڪ، زبان ۽ نظريات مطابق ورهايل هئا. هتي جي اخبار Jyllands Posten جڏهن خاڪن ڇپڻ جي شرارت ڪئي ته سڀ مسلمان هڪ ٿي ويا ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن سان گڏ ڊئنمارڪ جا مسلمان به هن اخبار ۽ حڪومت جي پاليسين خلاف، جلسا جلوس ۽ مظاهرا ڪندا رهيا. سعودي عرب جهڙي ملڪ، جڏهن ڊئنمارڪ کان ڪابه شيءِ خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته صحيح معنيٰ ۾ ڊئنمارڪ پريشان ٿي ويو ۽ هن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته سندس ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن ۾ مسلمان نه فقط وڏي اڪثريت (گهڻائي) رکن ٿا، پر طاقت پڻ. ڊئنمارڪ جي ”مسلم ڪائونسل“ هتي جي سڀ کان وڏي آرگنائيزيشن آهي، جنهن جا اڌ لک کن مسلمان ميمبر آهن. هن آرگنائيزيشن جو Spokesman عبدالواحد پيڊرسين، هتي جو مقامي ڊئنش گورو آهي، جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي مالمو يونيورسٽي سان وابسته هوس، پيڊرسين ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ اسلام قبول ڪيو هو ۽ 1997ع ۾ ڪوپن هيگن جي ان مسجد جو پهريون مقامي گورو امام ٿيو، جنهن هتي جي ڊئنش زبان ۾ خطبو پڙهيو. نه ته هن کان اڳ هميشه ترڪي، انگريزي يا ڪڏهن ڪڏهن اڙدو زبان ۾ پڙهيو ويو ٿي. امام صاحب (عبدالواحد پيڊرسين) ٻڌايو ته؛ ڪوپن هيگن شهر جو ميئر چاهي ٿو ”جامع مسجد (Grand Mosque) ڪوپن هيگن“ جيترو جلد ٺهي سگهي، اوترو سٺو ۽ مسلمانن جي دل رکڻ لاءِ ان جهڙي هڪ ٻي به مسجد ٺهڻ کپي.
ڊئنمارڪ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ مشغول بندرگاهه آرهوس  (Arhus) ۾، جتي اسان کي ستر وراي ڏهي ۾ ڪيترا ئي دفعا جهاز کي آڻڻو پيو، پڻ هڪ وڏي مسجد ٺهي رهي آهي. هتي جي مسلمانن جو خيال هو ته؛ اها مسجد ترڪيءَ جي بلو مسجد جهڙي ٺاهي وڃي. ان مسجد جي ڊئنش پروجيڪٽ آرڪٽيڪٽ سان خيالن جي ڏي وٺ بعد سندن اهو فيصلو ٿيو آهي ته هن مسجد جو نقش نگار، اسلامي عمارتسازيءَ جهڙو ۽ مڪاني ڊئنش آرڪيٽيڪچر جهڙو هجڻ ضروري آهي.
ڊئنمارڪ توڙي سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ ۾، ڪجهه مسجدون آهن جيڪي احمديا مسلم ڪميونٽي جون مسجدون سڏجن ٿيون. اهي مسجدون قاديانين ٺهرايون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته احمدي فرقي جا ماڻهو، جنهن به ملڪ ۾ رهن ٿا ته هو آرگنائيزڊ طريقي سان رهن ٿا. هنن ۾ ڏوهن جو سيڪڙو، ٻين ڌارين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. هنن جو گهڻو ڌيان تعليم ڏي آهي. هو سٺين نوڪرين ۾ آهن ۽ ٻين Immigrants کان خوشحال زندگي گذارين ٿا. پئسي وارا هجڻ ڪري، هنن جون مسجدون به اعليٰ درجي جون آهن. اهڙي ئي هڪڙي مسجد ”نصرت جهان“ ڪوپن هيگن ۾ آهي. هو ڪنهن کي به پنهنجي مسجد ۾ نماز پڙهڻ کان جهلين نٿا پر پاڻ ٻي ڪنهن مسجد ۾ نماز پڙهڻ بدران ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ جي ٺهيل مسجدن ۾ وڃن ٿا. سئيڊن جي ٽئين نمبر وڏي شهر گوٿنبرگ ۾ به قاديانين جي ”ناصر مسجد“ نالي هڪ تمام وڏي عبادتگاهه آهي. منجهس پنج وقت نماز ٿئي ٿي ۽ مون کي هن ۾ ٿيندڙ نماز ۽ اسان جي ملڪ جي مسجدن ۾ ٿيندڙ نماز ۾، ڪو فرق نظر نه آيو. هيءَ مسجد گهمڻ وقت، ٽوئرسٽن ۾ مون سان گڏ هڪ تاجڪستان جو مولوي به هو جنهن ويجهڙائيءَ ۾ قاهري جي الاظهر يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪئي آهي. هو بيروزگار هجڻ ڪري، هن احمديه ڪميونٽي جي ڪنهن مسجد ۾ پگهار تي امام ٿيڻ چاهيو ٿي. سندس پڇڻ تي ته هو ڪنهن مسجد جو امام ٿيڻ ٿو چاهي ۽ کيس اها نوڪري ملي سگهندي ته مسجد ناصر جي هڪ نمازيءَ سمجهايس ته ”هيءَ مسجد اسان جي احمديا مسلم ڪميونٽي جي آهي جنهن جو سرپرست اڄڪلهه حضرت مرزا مسرور احمد آية الله آهي جيڪو Promised Messiah ۽ امام مهدي جو پنجون خليفو آهي. اسان جي مسجدن جا امام فقط ”جامعھ احمديا“ جا گرئجوئيٽ ٿيندا آهن.“
هن جو مطلب ڇا هو ۽ جامعھ احمديا ڪٿي آهي... مون هن کان احمديا فرقي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي چاهي پر هو اسان کان به ڪو وڌيڪ مشغول ٿي لڳو. هن جلدي جلدي پني ڀور تي info@alislam.org اي ميل ائڊريس لکي،  منهنجي نالي ڪئي ۽ پاڻ ڪار ۾ سوار ٿي ويو. وڃڻ وقت اهو چيائين ته:
You can get more information by Contacting this email.

No comments:

Post a Comment