Wednesday, November 09, 2011

ممباسا جو علي ڏنو وسرام هاءِ اسڪول - الطاف شيخ



ممباسا جو علي ڏنو وسرام هاءِ اسڪول
الطاف شيخ
توهان جو جيڪڏهن ممباسا، نئروبي يا ڪينيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اچڻ ٿئي ته اتي رهندڙ اسماعيلين (آغا خانين) سان خبر چار ڪري هنن کان سندن فئملي بابت پڇي سگهو ٿا ته سنڌ، ڪڇ يا گجرات کان هنن جا وڏا ڪڏهن ۽ ڪيئن آفريڪا ۾ آيا. آفريڪا ۾ پهرين ڪهڙي شهر ۾ آيا ۽ پهرين ڪهڙو ڌنڌو يا مزوري ڪيائون... وغيره. هر هڪ جي دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪهاڻي آهي. 1970ع وارن ڏينهن ۾ جڏهن منهنجو ممباسا، زئنزيبار ۽ لارينزو مارڪس (هاڻ اهو شهر موپوتو سڏجي ٿو) اچڻ ٿيو ته منهنجي ڪيترن ئي اسي نوي سالن جي پوڙهن اسماعيلين سان ملاقات ٿي جن گجراتي ڳالهائي ٿي ۽ ڪن سنڌي به ڳالهائي ٿي يا شايد اها ڪڇي گاڏڙ سنڌي هئي، انهن مان ڪيترائي پهرين جنريشن جا ماڻهو هئا ۽ هنن پنهنجو فرسٽ هئنڊ اڪائونٽ ٻڌايو ٿي ته هو ڪيئن سورت، ڀاءُ نگر يا ڪراچيءَ کان ڪاٺ جي ڪمزور ٻيڙن ذريعي آفريڪا آيا. ان سفر ۾ ڪيترا ڪمزور دلين ۽ صحت وارا ته رستي تي ئي مري ويا ٿي جيڪي سلامت پهتا ٿي تن کي به سڄو سفر Sea Sickness ساڻو ڪري وڌو ٿي. هڪ ڪراڙي ٻڌايو ته انهن سڙه ذريعي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن تي جيڪڏهن ڪارگو ۾ چانور هوندا هئا ته اسين خوش ٿيندا هئاسين ته جيڪڏهن جهاز توائي ٿي ويو ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ گهڻا ڏينهن لڳي ويا ته کائڻ لاءِ ڪارگو مان چانور ڪڍي موت سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. پاڻيءَ لاءِ هر وقت آسمان ڏي اکيون هونديون هيون ته مينهن وسي ته چمڙي جي چادرن ۾ گڏ ڪري دٻا ڀرجن. لنگر کڻڻ وقت جيڪو پاڻي کڻندا هئاسين اهو هفتي ڏيڍ ۾ ختم ٿي ويندو هو، جو اهو هڪ مقرر انداز ۾ کڻندا هئاسين جو ان جهاز ۾ ماڻهن کي به وهارڻو پيو ٿي ته واپار لاءِ کنيل وکر به کڻڻو پيو ٿي. هوا جو رخ سڻائو هوندو هو ته ٻن اڍائي هفتن ۾ به پهچي وڃبو هو نه ته سورت کان زئنزيبار پهچڻ ۾ مهيني کان مٿي لڳي ويندو هو، خاص ڪري تڏهن جڏهن هوا لڳڻ بند ٿي ويندي هئي، يا پٺيان لڳڻ بدران سامهون کان لڳڻ شروع ٿي ويندي هئي.

اڄ کان هڪ ٻه صدي اڳ آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو انڊيا جي ماڻهن لاءِ ائين هو جيئن اسان لاءِ ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ دبئي، ڪويت يا سعودي عرب هو. انڊيا جا ماڻهو پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ آفريڪا ايندا هئا جتي هنن کي روزگار حاصل ڪرڻ جا بهتر طريقا ميسر هئا. جيتوڻيڪ سفر جون صعوبتون هڪ طرف هيون ته آفريڪا جي جنگلي قبيلن، نانگن بلائن، وڇن سؤپيرين ۽ ٻين وحشي جانورن جو خوف ٻئي طرف هو. پوءِ هنن اهي سڀ Risk کنيا ٿي. منجهانئن ڪي ڪامياب ٿيا ٿي ته ڪي سامونڊي ڇولين ۽ مِرن جو به کاڄ ٿي ويا ٿي.
انڊيا کان جيڪي به آفريڪا ڏي آيا ٿي ته هو پهرين زنجبار (Zanzibar) لٿا ٿي جو اهو ٻيٽ پهرين ٿو اچي. زئنزيبار ۾ هنن اتي جي پهرين آيل اسماعيلي، گجراتي ۽ سنڌين جي دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪري تجربو هڪ طرف حاصل ڪيو ٿي ته پئسو ڏوڪڙ، مڪاني رسم و رواج ۽ نمونا سمونا ۽ سندن زبان سواحلي سکي ٿي. ان بعد هو مٿي تي سامان جون هڙون رکي آفريڪا جي اندروني ويجهن حصن ۾ ريزگاري وڪرو ٿي ۽ پوءِ سائيڪلن تي سامان رکي ڪجهه وڌيڪ اندر ويا ٿي. پوءِ ڪجهه پئسو بچت ٿيڻ تي ڪجهه ڏورانهين ڳوٺن ۾ دڪان کوليا ٿي. انڊيا کان آيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان آفريڪا جي ماڻهن کي وڪيو ٿي ۽ هاٿين جو عاج، لونگ، ڪافي، چانهه ۽ ٻيو سامان اتان خريد ڪري ممباسا ۽ زئنزيبار وڏين سيٺين ڏي موڪليو ٿي، جن اهو سامان انڊيا ۽ عرب ملڪن ڏي موڪليو ٿي. ان سڄي ڀڄ ڊڪ ۾ هر وقت ڪمائي نٿي ٿي. ڪيترا دفعا مڪاني ماڻهو اوڌر کائي ويا ٿي، چوريون ۽ ڌاڙا به عام هئا. مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ هئڊو بخار (Yellow Fever) جهڙين خوفناڪ بيمارين جو هر وقت ڊپ پڻ رهيو ٿي. نه رڳو ننڍو واپاري مارجي ويو ٿي پر وڏا وڏا سيٺ به فقير ٿي ويا ٿي. خاص ڪري جهاز ٻڏڻ تي هنن جو هر مال لڙهي ويو ٿي. مڪاني لڙائين خاص ڪري پهرين جنگ عظيم ۾ ته ڪيترائي ترپٽ ٿي ويا. پر ان هوندي به هنن پرديسي سوداگرن همت نٿي هاري. بئڊلڪ جي حالت ۾ هڪ علائقو ڇڏي ٻئي ۾ وڃي ڀاڳ آزمايو ٿي. پئسو ڪمائڻ ۽ خوشحال ٿيڻ تي نه فقط هنن پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان کي سُکي بنايو ٿي پر مڪاني ماڻهن جو به سوچيو ٿي، خير خيرات ڪيا ٿي، ڏکويل انسانن جي خدمت ڪئي ٿي. انگريزن جي راڄ ۾ جيئن ئي تعليم عام ٿي ته هو پاڻ به پڙهيا ۽ مڪاني ماڻهن جي ڀلي لاءِ هنن خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون کوليون. جيئن ممبئي ۾ پارسين، سنڌي هندن، بوهرين، کوجن، گجراتين، عيسائين ۽ ويندي يهودين جا ڪيترائي خيراتي اسڪول، اسپتالون، پارڪ، مسافرخانا، کيڏڻ جا ميدان ۽ يتيم گهر آهن، تيئن آفريڪا جي هنن شهرن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جا ٺهيل آهن. هو هتي اچڻ وقت غريب هئا، مسڪين هئا. هنن محنتون ۽ پورهيا ڪيا، پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي. ڪي الله کي يڪدم پيارا ٿي ويا ڪي وڏا امير ٿي ويا. هنن پنهنجي ڪمايل دولت ۾ هتي جي ماڻهن جو به حصو سمجهيو ۽ هنن انهن ماڻهن جي به سک ۽ ڀلائيءَ جو سوچيو.
اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن آئون پهريون دفعو ممباسا آيو هوس ته ان وقت به ۽ هاڻ به ممباسا ۾ “علي ڏنا وسرام هاءِ اسڪول (AVHS)” اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايم. ممبئي جي ساسون لئبرري، گرانٽ ڪاليج، وي ٽي اسٽيشن وانگر يا ڪراچي جي ڊي.جي.ڪاليج، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ امپريس مارڪيٽ وانگر ممباسا جي هن اسڪول (هاڻ شايد ڪاليج ٿي ويو آهي) جي بلڊنگ به اهڙي آهي جو هتي ايندڙ هر ٽوئرسٽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ هن اسڪول جي عمارت اڳيان بيهي تصوير ڪڍرائي ٿو. منهنجو هي سفرنامو جنهن اخبار، رسالي يا ڪتاب ۾ ڇپجي ان جو ايڊيٽر يا پبلشر جاءِ جي قلت ڪري شايد تصويرون نه ڏئي سگهي ۽ پڙهندڙ اهڙين تصويرن ڏسڻ کان محروم رهجي وڃن ان ڪري ممباسا ۽ نئروبي جون تصويرون NET تي وجهي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙ هي تصويرون picasa.com جي ويب سائيٽ کولي ان ۾ search جي خاني ۾ Altaf Shaikh Mombasa ۽ اهڙيءَ طرح “الطاف شيخ نئروبي” ۽ “الطاف شيخ ڪينيا” لکي آفريڪا بابت منهنجن فوٽن جا مختلف آلبم ڏسي سگهن ٿا. انهن مان ڪجهه فوٽو “گوگل اميجز” ۾ به مٿيان عنوان انگريزيءَ ۾ لکڻ سان اچي سگهن ٿا.
ممباسا جو علي ڏنا وسرام (Allidina Visram) هاءِ اسڪول ٺهرائڻ وارو علي ڏنو ڪير هو؟
سيٺ علي ڏنو وسرام ڪائرا ڳوٺ جو ڪڇي آغا خاني (اسماعيلي) هو جيڪو 1863ع ۾ (يعني اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ) هندستان جي ملبار ڪناري کان جهاز رستي زئنزيبار ٻيٽ تي پهتو. هو ان وقت ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو هو. زئنزيبار جي مختلف خوجا ۽ گجراتي سيٺين وٽ مزوري پورهيو ڪري هن آفريڪا جي باگامويو ڳوٺ کان پنهنجي ڌنڌي جي شروعات ڪئي. هن اتي ويهي اُجي جي تائين پنهنجو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ واپار وڙي ۾ هن کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي. ايتريقدر جو 1899ع ۾ جڏهن هو 50 ورهن جي ڄمار جو هو ته امام سلطان محمد شاهه هن کي ممباسا لاءِ پارت ڪئي، ته ان شهر کي به هو پنهنجو ڪري سمجهي. علي ڏنو هاڻ سڄي تر ۾ سيٺ سڏيو ويو ٿي ۽ هن جا ڪيترائي ڌنڌا هليا ٿي. اناج کان علاوه آفريڪا جي ڏورانهن علائقن ۾ پنهنجا نائب موڪلي لونگن، ميڻ (Wax) ۽ عاج جو سوڌو ڪيو ٿي جنهن جي بدلي ۾ هن انڊيا کان گهرايل ڪپڙو وڪيو ٿي. يورپ کان ايندڙ شڪار جي شوقينن کي هن بندوقون، ڪارتوس ۽ ٻيو شڪار جو سامان سپلاءِ ڪيو ٿي. انگريزن جڏهن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ شروع ڪئي ته ان تي ڪم ڪندڙ سوين مڪاني شيدي مزورن ۽ انڊيا کان گهرايل سک پورهيتن جي کاڌي پيتي جو سامان سيٺ علي ڏني وسرام ڪيو ٿي ۽ انگريزن پوءِ هن کي pay ڪيو ٿي. ريلوي لائين ٺهڻ بعد سيٺ وسرام يوگنڊا جي ڪيترن ئي شهرن: ڪمپالا، جنجا، اينتيبي ۽ ماساڪا ۾ پنهنجا واپاري مرڪز کوليا. هن ڪپهه جي خريداري، ٽاڻڻ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. هن وٽ 100 کان به مٿي دڪان ٿي ويا هئا، جتي انڊيا کان ايندڙ خوجن نوڪري ڪئي ٿي. ڪجهه پئسو ٿيڻ تي هن کين پنهنجو الڳ ڪاروبار شروع ڪرڻ تي همٿايو ٿي. اڄ به ممباسا ۽ نئروبيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون اسماعيلي فئمليون آهن جيڪي ٻڌائين ٿيون ته هنن جا وڏا جڏهن مسڪينيءَ جي حالت ۾ آفريڪا جي ڪناري تي پهتا ته سيٺ علي ڏني وسرام هنن لاءِ روزگار مهيا ڪيو. ان وقت جي آغا خان سيٺ علي ڏني وسرام جي انسان ذات جي خذمتن خاطر کيس ’وزير‘ جو خطاب ڏنو جيڪا هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
سيٺ علي ڏني وسرام جي سماجي ۽ خيراتي ڪمن ۽ سندس مختلف بزنس جي لسٽ تمام ڊگهي آهي. هو هڪ اهم شخصيت سمجهي وڃي ٿي. آخر ۾ مختصر طور هي لکندو هلان ته هڪ سج ٻه پاڇا. ڌنڌي جي لحاظ کان سيٺ وسرام جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا. ان جو سبب پهرين وڏي لڙائي هئي. ’فرسٽ ورلڊ وار‘ ۾ جتي دنيا جا ٻيا ملڪ عتاب ۾ اچي ويا اتي آفريڪا ۾ به مصيبت ۽ ڏڪار جي حالت پئدا ٿي وئي. ماڻهو اوڌرون کائي ويا، ڌنڌو ڌاڙي بيهي ويو. آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين دڪاندارن تي سڀ کان گهڻو اثر ٿيو. سيٺ وسرام به وڏي نقصان ۾ اچي ويو، جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ هو نيون راهون ڳولهڻ لڳو. هو ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا ۾ اکين سان پنهنجي بزنس جي تباهي ڏسي ڪانگو ڏي روانو ٿيو، جيئن اتي ڪو هٿ پير هڻي سگهي پر افسوس جو کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي. هو وري پنهنجو ڌنڌو ڄمائي نه سگهيو. هر هنڌ هن کي ناڪامي نظر اچڻ لڳي. 1916ع ۾ 66 ورهن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. اڄ سندس ٺهرايل اسڪول اڳيان بيهي اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ههڙو خوبصورت اسڪول ٺهرائڻ واري انسان جي دل ڇا ته خوبصورت هوندي. توهانجو ممباسا اچڻ ٿئي ته هن اسڪول کي ضرور ڏسجو.

No comments:

Post a Comment