Saturday, November 26, 2011

بمبئي پريزيڊنسي - الطاف شيخ


بمبئي پريزيڊنسي
الطاف شيخ
منهنجي خيال ۾ مون لاءِ هتي ٻه ڳالهيون مختصر طور سمجهائڻ ضروري لڳن ٿيون. جيئن پڙهندڙن کي، خاص ڪري سنڌ جي رهاڪن کي، ڪجهه ڄاڻ ٿي سگهي ته؛ سنڌ جو ممبئيءَ سان ماضيءَ ۾ ڪهڙو تعلق هو. ان لاءِ بامبي پريزيڊنسي ۽ ممبئي جي تاريخ تي ڪجهه سٽون لکان ٿو.
”بامبي پريزيڊنسي“ انگريز راڄ (British India)  جو هڪ صوبو هو، جيڪو سترهين صديءَ ۾ هڪ واپاري ڪوٺي  (Trading Post) طور، ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ٺاهيو ويو. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني ڇا هئي؟ انگريزن جي هيءَ هڪ واپاري ڪمپني هئي، جنهن ۾ انگريزن جا شيئر هئا. ظاهري طرح هن ڪمپنيءَ جو اهو ئي ڪم هو ته ايشيا جي ملڪن ۾، خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾، واپار ڪري ڪارخانا لڳائي يا ڪچو مال خريد ڪري پنهنجي وطن انگلينڊ موڪلي، جتي فئڪٽرين ۾ پروسيس ٿي اهو سامان واپس انڊيا وڪيو وڃي. جيئن ڪڻڪ ۽ ڪپهه انگلينڊ موڪلي وئي ٿي، جتي بسڪيٽ ۽ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا ۾ وڪرو ٿيا ٿي.


بامبي پريزيڊنسي ۾ پهرين برٽش Settlement ۱۶۱۸ع ۾ قائم ٿي، جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ انڊيا جي گجرات صوبي جي سورت شهر ۾ فئڪٽري کولي. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو ممبئي ستن ٻيٽن جو ويران جهڳٽو هو. واپار وڙو سڀ ڀر وارن بندرگاهن؛ سورت، پور بندر، اوکا، مانڊوي، ڀاؤ نگر ۽ ويرا ول جهڙن بندرگاهن ذريعي هليو ٿي. جيڪي اڄ گجرات رياست ۾ آهن. بهرحال انگريزن ان وقت جي حاڪم مغل شهنشاهه جهانگير کان اجازت وٺي 1618ع ۾ سورت ۾ فئڪٽري لڳائي. ان جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ مغل بادشاهه سان لکت ۾ معاهدو ڪيو. هتي اهو به لکندو هلان ته انڊيا ۾ انگريزن جي نازل ٿيڻ کان گهڻو اڳ، پورچوگالي گجرات جي ڀر وارن علائقن گوا، دمان، دِيُو (Diu) ۽ پنجم ۾ چڱيءَ طرح Settle ٿيل هئا. هنن اٽڪل ۸۰ سال کن اڳ، ۱۵۳۴ع ۾ ممبئي تي به قبضو ڪري ڇڏيو هو پر هنن وٽ ممبئي جي ڪا اهميت نه هئي، جيڪي سِم ۽ پوسل وارا ويران ٻيٽ هئا. بهرحال انهن ٻيٽن تي جيڪي ڪولهي قبيلي جا مهاڻا ۽ ٻيا ماڻهو رهيا ٿي، انهن لاءِ هنن هڪ ٻه گرجا گهر ۽ عيسائي ٻاوا رکي ڇڏيا هئا، ته مڪاني ماڻهن کي عيسائي بنائيندا رهن.
انگريزن ست اٺ سال سورت ۾ ساهه پٽي، هاڻ ڀر وارن ٻيٽن (بمبئي) تي نظر رکي. ان سان گڏ ڊچن جي به بمبئي تي اک هئي. هنن ۱۶۲۶ع ۾ بمبئي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. ۱۶۵۳ع ۾ پورچوگال بمبئي کي وڪڻڻ جي ڳالهه چوري پر پوءِ ڪو صحيح خريدار نه ملڻ تي، ماٺ ڪري ويهي رهيا. ۱۶۶۱ع ۾ پورچوگال جي بادشاهه جي هڪ شهزادي ڪئٿرين (Catherine of Braganza) جي برطانيا جي شهزادي چارلس ٻئي سان شادي ٿي ۽ پورچوگال جي بادشاهه طرفان بمبئي جا سمورا ٻيٽ چارلس کي ڏاج ۾ ڏنا ويا. چارلس توڙي برطانيا جي حڪومت کي سمجهه ۾ نه آيو ته انهن ٻيٽن جو ڇا ڪارج ٿي سگهي ٿو. آخر ڇهه ست سالن بعد چارلس صاحب پنھنجي پيءُ بادشاهه سلامت ۽ حڪومت جي صلاحڪارن کان صلاح مشورو ڪري ۱۶۶۸ع ۾ بمبئي ۱۰ پائونڊ سالياني مسواڙ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ڪئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، هنن ٻيٽن کي سڌاريو. اوسي پاسي جي ماڻهن کي رهائش جون سهولتون ڏنيون، امن امان قائم رکيو. اچڻ وڃڻ جون سهولتون قائم ڪيون ۽ واپاري ۽ امير هڪ طرف ته پورهيت ۽ بيروزگار ٻئي طرف، ممبئي جي هنن ٻيٽن تي اچي رهڻ لڳا، جن کي بعد ۾ سمنڊ ڀري ’بمبئي‘ هڪ يڪو شهر بنايو ويو. جنهن کي اڄ اسان ڏسون ٿا ۽ ممبئي جي نالي سان سڏجي ٿو. بهرحال هيءَ بمبئي جنهن کي ۱۶۶۸ع تائين ڪنهن پڇيو به ڪو نه ٿي ۽ ملڪ جي بادشاهه جي پٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ (يعني مهيني جي مسواڙ هڪ پائونڊ کان به گهٽ ٿي) تي حاصل ڪيو. اهو بمبئي ويهن سالن بعد ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ سڀ کان لاڀائتي شيءِ ثابت ٿي. ڏسندي ئي ڏسندي، بمبئي اهڙو ته شهر ۽ بندرگاهه ٿي ويو جو فقط ٽئڪس مان ئي وڏي ڪمائي ٿيڻ لڳي.
سترهين صدي پوري ٿي ۽ ارڙهين صدي شروع ٿي. مغلن جي طاقت گهٽجڻ ۽ وکرڻ لڳي. ڏکڻ ۾ (يعني بمبئي جي اوس پاس) مرهٺا حاڪم طاقتور ٿيڻ لڳا ۽ هنن ڪونڪان ۽ گجرات جا ڪجهه حصا مغلن کان کسي ورتا. مغلن جو ڪنٽرول گهٽجڻ تي مڪاني نواب ۽ راجا ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ سميت پنهنجيون خودمختيار رياستون ٺاهي پنهنجي هلائڻ لڳا ۽ پوءِ مرهٺن جي انگريزن سان اڻبڻت شروع ٿي ۽ ۱۷۷۴ع ڌاري ”ائنگلو مرهٺا جنگ“ شروع ٿي ۽ ۱۷۸۲ع ۾ ٻئي ڌريون ان فيصلي تي پهتيون ته بمبئي سان گڏ سالستي وارو حصو (اڄ وارو نَوي ممبئي، الهاس نگر وغيره) انگريزن کي ملندو ۽ ڀاروچ وارو علائقو مرهٺا حاڪم ”سنڌيا“ حوالي ٿيندو. سال ۱۸۰۰ع ۾ انگريزن سورت کي به بمبئي سان ملايو ۽ ۱۸۰۳ع ۾ ٻي ائنگلو-مرهٺا جنگ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڀاروچ ۽ ڪائرا (جيڪو هاڻ کيدا ضلعو ٿو سڏجي) ملي ويو. جنهن جي تصديق بڙودا (گجرات) جي گائيڪواد حاڪمن لکت ۾ ڪئي.
انگريز، بمبئي پريزيڊنسي ۾ ايترو ڪجهه آڻڻ بعد به ماٺ ۾ نه رهيا. هنن پنهنجي راڄ کي وڌندو ڏسڻ چاهيو ٿي. ننڍي کنڊ جون حالتون به هنن جي قبضي لاءِ سازگار ٿينديون ويون پئي. مغل سلطنت توڙي مرهٺا، تمام گهڻو وکري ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي.
ماڻهن کي نه امن امان هو، نه روزگار. هر وقت جهيڙن جهٽن جو راڄ رهيو ٿي. سمجهو ته اهو حال هو، جيڪو اڄ جي اپر سنڌ جو آهي. انگريزن پنهنجي علائقي ۾ ڪارخانا، تعليمي درسگاهه، رستا، اسپتالون وڏي ڳالهه امن امان قائم ڪري مڪاني ماڻهن کي خوش ڪري ڇڏيو هو. امير امير عيسائي ۽ پارسي به ٻيا شهر ڇڏي بمبئي ۽ انهن علائقن ۾ اچي رهڻ لڳا، جن تي انگريزن جو ڪنٽرول هو. ان ڪري انگريزن مڪاني حاڪمن کان هڪ طرف علائقا کسيا ٿي، ته ٻئي طرف عوام احتجاج ڪرڻ بدران خوشيون ڪيون ٿي. سال ۱۸۰۳ع تائين ته انگريزن جي هٿ هيٺ فقط بمبئي، سورت ۽ بانڪوٽ هئا پر ۱۸۲۷ع تائين بمبئي پريزيڊنسي ۾ گجرات جا ڪجهه ضلعا به اچي ويا. ڪاٺياواڙ ۽ ماهيڪنٿا رياستن جي نوابن پنهنجو پاڻ کي انگريزن سان گڏ رکڻ جو اعلان ڪيو. مرهٺا گهراڻي جو آخري پيشوا حاڪم ”باجي رائو ٻيو“ جنهن انڊيا کي انگريزن جي ڳَٽَ کان آزاد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو، تنهن کي کڙڪي  (Khadki)جي لڙائي ۾ انگريزن طرفان شڪست آئي. انگريزن کيس قتل ڪرڻ بدران هڪ وڏي پگهار تي پينشن تي رکي ڇڏيو، ته زندگيءَ جا باقي ڏينهن هاڻ ماٺ ڪري پنهنجي منهن ويٺو عيش ڪر. سندس سلطنت جو وڏو حصو پوني، احمد نگر، ناسڪ شولاپور، بيلگائون، ڪالادگي ۽ ڌرواد وغيره کي انگريزن بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ان جي Settlement مونٽسٽارٽ ايلفنسٽن جي ڏينهن ۾ ٿي، جيڪو ۱۸۱۹ع کان ۱۸۲۷ع تائين بمبئيءَ جو گورنر هو. هن گورنر جي پاليسي اها ئي رهي ته گهڻي کان گهڻو امن امان قائم ڪيو وڃي، جيئن ماڻهو سک ۽ سڪون سان پنهنجي پنهنجي پورهئي کي لڳا رهن ۽ هر هنڌ خوشحاليءَ جو عالم هجي ۽ ماڻهو سڪون جي ننڊ سمهن. هن ڪورٽون، اسڪول ۽ ريل جا رستا قائم ڪيا. اڳتي هلي يمن جو بندرگاهه عدن، جيڪو انگريزن جي قبضي ۾ هو، ان جو انتظام هلائڻ لاءِ ان کي ۱۸۳۹ع ۾ بمبئي پريزيڊنسي سان ملايو ويو. هينئر ته اهي پوڙها الله کي پيارا ٿي ويا پر ستر واري ڏهي ۾ به ڪيترا ئي اهڙا يمني عرب مليا، جن جا ابا ڏاڏا مرهٺا يا گجراتي هئا، جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ بمبئي کان لڏي عدن ۾ اچي رهيا. يا ڪيترا پوڙها يمني عرب انڊيا سان واپار وڙو هجڻ ڪري اردو ڳالهائيندا هئا. اهڙي ئي هڪ عدني عرب جي پٽ محمد مبارڪ جو دلچسپ احوال پنهنجي سوئيڊن واري سفرنامي (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا) ۾ ڪيو اٿم، جتي جي يونيورسٽيءَ مان اسان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي هئي.
سال ۱۸۳۹ع ۾ بمبئي پريزيڊنسي سان عدن کي شامل ڪرڻ بعد انگريزن سگهو ئي سنڌ فتح ڪئي ۽ ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ کي به بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو. ان بعد ۱۸۵۳ع ۾ سنڌيا طرفان پانچ محل به ليز تي حاصل ڪيو. انگريز راڄ ۾ عوام گهڻي ڀاڱي خوش ۽ پر سڪون هو. سال ۱۸۵۷ع ۾ انگريز حڪومت کي جهٽڪو لڳو. جڏهن بقول انگريزن جي، مڪاني ماڻهن سندن حڪومت خلاف بلوو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ لارڊ ايلفنسٽن بمبئي جو گورنر هو. هي ايلفنسٽن مٿي ذڪر ڪيل ايلفنسٽن جو ڀائٽيو هو ۽ بمبئي جو ۱۸۵۳ع کان ۱۸۶۰ع تائين گورنر ٿي رهيو. ڪراچي جو ايلفنسٽن روڊ يا ممبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج وغيره سندس نالي تي آهن. بهرحال ۱۸۵۷ع ۾ انگريزن خلاف ڪراچي، احمد آباد ۽ ڪولهاپور وغيره جي مڪاني فوجين گوڙ برپا ڪيو پر انهن تي انگريز ڪنٽرول ڪري ويا.
سر بارٽل فريئر، جيڪو ڪراچي جو ڪمشنر ٿي رهيو ۽ سنڌي الف ب ٺاهڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، اهو جڏهن بمبئي جو ۱۸۶۲ع کان ۱۸۶۷ع تائين گورنر ٿيو، ته ملڪ جي زراعت ۾ وڏو سڌارو آيو. آمريڪا جي سول جنگ ڪري يورپ ۾ آمريڪا کان ڪپهه پهچي نه پئي سگهي، جنهنجو پورائو انڊيا مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ ڪپهه ڪيو. جنھن سببان، زميندارن ۽ هارين خوب پئسو ڪمايو. سر بارٽل فريئر، روڊن ۽ ريلوي لائينن جو ڄار وڇايو. اڄ جيڪي هي ممبئي ۾ اعليٰ قسم جون عمارتون ڏسو ٿا، اهي سر بارٽل فريئر جي ڏينهن جون آهن.
انگريزن بمبئي پريزيڊنسي کي چئن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ جي انتظام لاءِ ڪشمنر مقرر ڪيو هو. اهي چار ڊويزنون هن ريت هيون؛ گجرات، دکن، ڪرناٽڪ ۽ سنڌ. اهي چار ئي ڊويزنون، ۲۶ ضلعن ۾ ورهايون ويون. سنڌ کي ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، ٿرپارڪر ۽ ‘اپر سنڌ فرنٽيئر’ ضلعن ۾ ورهايو ويو. مختلف نوابن ۽ راجائن جي رياستن جا الڳ ۳۵۳ يونٽ ٺاهيا ويا. سنڌ ۾ اهڙي هڪ رياست خيرپور هئي، جيڪا ميرن حوالي هئي.
سال ۱۹۵۷ع واري بلوي/ انقلاب/ يا آزاديءَ جي جنگ بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ برطانيا جو راڄ قائم ڪيو ويو. ويهين صدي شروع ٿي. سال ۱۹۳۲ع ۾ عدن کي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي، بمبئي کان ڌار ڪيو ويو. صوبائي حڪومتون ٺاهڻ لاءِ، ۱۹۳۷ع ۾ اليڪشن ڪرائي وئي. بمبئي ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس کٽيو ۽ بي جي کر چيف منسٽر ٿيو. پر پاڻ هتي سنڌ صوبي جو احوال ڪنداسين.
سنڌ صوبي جي ليجسليٽو اسيمبلي لاءِ ۶۰ سيٽون رکيل هيون. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جيڪا سنڌ اتحاد پارٽي به سڏي وئي ٿي، ان سڀ کان گهڻيون يعني ۲۲ سيٽون کٽيون. اها پارٽي سنڌ صوبو ٿيڻ تي ۱۹۳۶ع ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ شاهه نواز ڀٽو ٺاهي هئي. پارٽيءَ ضرور کٽيو پر انهن ٻنهي صاحبن، اليڪشن ۾ هارايو. عبدالله هارون، لياريءَ مان مقابلو ڪيو، جيڪا سيٽ سندس مخالف الله بخش گبول کٽي ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي واري سيٽ، جنهن لاءِ شاهه نواز ڀٽو اميدوار بيٺو ھو سا شيخ عبدالمجيد سنڌي کٽي ويو. بهرحال هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي ٺاهڻ وارن ۾ جي ايم سيد صاحب، الله بخش سومرو ۽ يار محمد جوڻيجو جهڙا ماڻهو پڻ هئا.
اليڪشن بعد، سنڌ جي گورنر، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي کي، ڪابينا ٺاهڻ لاءِ چيو. لاڙڪاڻي واري سيٽ، جيڪا شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کٽي، ان جو واسطو ”سنڌ آزاد پارٽي“ سان هو جنهن هن اليڪشن ۾ ۳ سيٽون کٽيون.
سر غلام حسين هدايت الله ۲۸ اپريل ۱۹۳۷ع کان ۲۳ مارچ ۱۹۳۸ع تائين سنڌ جو چيف منسٽر ٿي رهيو. ان بعد خان بهادر الله بخش سومرو، پوءِ مير بنده علي خان ٽالپر ۽ هڪ دفعو وري خانبهادر الله بخش سومرو چيف منسٽر ٿيو. جنهن بعد ۱۹۴۲ع کان ۱۹۴۷ع آگسٽ تائين، هڪ دفعو ٻيهر سر غلام حسين هدايت الله چيف منسٽر سنڌ ٿيو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ سنڌ جي تاريخ ۾، اڄ تائين، سر غلام حسين هدايت الله سڀ کان وڏو عرصو وزيراعليٰ ٿي رهيو. پاڻ سنڌ جو پهريون مسلمان گورنر پڻ ٿي رهيو. جيئن ئي بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ صوبو ڌار ٿيو ته سنڌ جو پهريون گورنر سر لانسلاٽ گراهم ۱۹۳۶ع کان ۱۹۴۱ع تائين ٿيو. ان بعد سر هگ ڊو (جنهن نالي ڪراچي واري ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي آهي) ۱۹۴۱ع کان ۱۹۴۷ع تائين ٿيو. پوءِ، پاڪستان ٿيڻ تائين، ۸ مهينا کن سر رابرٽ فرانسز مُودي گورنر ٿيو. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع کان ۴ آڪٽوبر ۱۹۴۸ع تائين، سر غلام حسين هدايت الله گورنر ٿيو.

No comments:

Post a Comment