Monday, November 14, 2011

مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي - الطاف شيخ


مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي
الطاف شيخ
سال 1947ع ۾ انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ ورهاڱي جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. پنجاب ۽ بنگال صوبن جا اڌ انڊيا پاسي ۽ اڌ پاڪستان پاسي آيا. سنڌ ۾ مسلمانن جي گهڻائي هجڻ ڪري، سنڌ جو سڄو صوبو پاڪستان پاسي آيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن توڙي هندن ۾ ڪو اهڙو جهيڙو جهٽو نه رهيو، پر ٻين صوبن جون حالتون ڏسي جتي ڪٿي تمام گهڻو خوف طاري ٿي ويو. سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترا ئي هندو اهو فيصلو نه ڪري سگهيا، ته پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ رهجي يا وطن ڇڏجي. چڱيءَ طرح سوچڻ يا صلاح مشوري جو وقت نه هو ۽ ديکا ديکيءَ ۾ سنڌ اندر رهندڙ هندن جو تمام وڏو حصو سنڌ ڇڏي، انڊيا جي ڀر وارن رياستن گجرات ۽ راجستان روانو ٿي ويو. ڪيترا ته جوڌپور ۽ اجمير جهڙن ويجهن شهرن ۾ ئي رهي پيا. هنن کي اها اميد هئي ته هي هنگاما عارضي آهن ۽ هو هتان وري واپس پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌن ڌاڙين کي وڃي لڳندا پر ائين نه ٿيو ۽ پوءِ هو پنهنجو مستقبل انڊيا جي شهرن ۾ ئي جوڙڻ لڳا. هنن لاءِ اتي هر ڳالهه نئين هئي. هو هٿين خالي هئا. نئون ماحول ۽ نيون ملڪي حالتون هيون. هو دربدر ۽ بي گهر ٿي ويا. محلاتن ۾ رهڻ وارا، ڪارخانن ۽ ڪوٺين جا مالڪ، هٿين خالي ٿي پيا. پر هي ڪمال آهي ۽ دنيا هنن جي ترقيءَ تي ايتري ئي حيرت کائي ٿي جيتري ٻي وڏي لڙائي بعد تباهه ٿي ويل جپانين ۽ جرمنن جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ تي تعجب کائي ٿي.


لڏ-پلاڻ بعد، سنڌين کي اجهو ڏيڻ لاءِ انڊيا جي حڪومت ڪنڊلا بندرگاهه وٽ گهر ٺاهي رهڻ لاءِ زمين ڏني، ته هو گانڌيرام نالي شهر اڏي رهن. پر جيئن چوڻي مشهور آهي ته؛ روم ڪو هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيو هو، سو گانڌيرام شهر به ڪو هڪ ڏينهن يا هڪ سال ۾ نٿي ٺهي سگهيو. سنڌ کان انڊيا لڏي آيل سنڌي هندن ائين ٻهراڙيءَ ۾ رهي پنهنجي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙڻ بدران هٿ پير هڻي پنهنجي وجود کي قائم رکڻ ٿي چاهيو. خود ترسي ۾ مبتلا ٿيڻ بدران هنن هر قسم جو پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ چاهيو ٿي. ان ڪري هنن ممبئي (بمبئي) جهڙي وڏي شهر ڏي لاڙو رکيو، جتي پورهئي، ڪمائڻ، تعليم ۽ ڌنڌي ڌاڙي جا ڪيترا ئي موقعا ملي سگهيا ٿي. ممبئي جي ڀرسان انگريزن جي ڏينهن جي ٺهيل ڪلياڻ ڪئمپ هئي، جيڪا هنن ٻي وڏي لڙائي جي اطالوي سپاهين کي قيد رکڻ لاءِ ٺاهي هئي. لڏي آيل سنڌين رهائش لاءِ هن ڪئمپ کي به غنيمت سمجهيو، جتان هنن کي ممبئي جو شهر 50 کن ميلن جي فاصلي تي مس ٿي پيو. هو هتي رهي ممبئي ۾ واپار وڙو ڪري سگهيا ٿي. اڳتي هلي هن نئين شهر جو نالو الهاس نگر پيو. اڄ الهاس نگر ۾ ايترا ته سنڌي رهن ٿا، جو ڌاريان ماڻهو هن شهر کي سنڌو نگر به سڏين ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان، ته جنهن ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌارئين ڌرتي تي سنڌي هندن پاڻ کي نه رڳو Settle ڪيو پر پاڻ کي خوشحال به ڪيو. هنن هر فيلڊ ۾ نه رڳو پاڻ ترقي ڪئي پر هنن مڪاني ماڻهن گجراتين، راجستانين، مرهٺن وغيره لاءِ به تعليمي ادارا، صحت گهر، پارڪ ۽ مسافر خانا ٺهرايا. ويندي هنن جي وهٽن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ۽ اس ۽ مينهن کان بچڻ لاءِ ڇپر ٺهرايا. سنڌي هندن جي اها ڳالهه نه فقط کين دنيا جي ٻين قومن کان الڳ ڪري ٿي، پر سندن هم وطن سنڌي مسلمانن کان به جدا ڪري ٿي. منجهن اها ڪهڙي خوبي هئي جنهن کين هيڏي وڏي Crisis ۾ به همت هارڻ نه ڏني؟ ان جو جواب آڪٽوبر 1983ع ۾ دهلي ۾ ٿيل ”سنڌي ڪانفرنس“ ۾، جنهن ۾ انڊيا جي صدر ۽ وزيراعظم به شرڪت ڪئي، مسز اندرا گانڌيءَ ڏنو آهي جنهن سنڌين جي تعريف ۾ هنن ٽن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي ته سنڌين ۾Intelligence ،Enterprise  ۽Adaptability  آهي.  منهنجي خيال ۾ سندن انهن خاصيتن ڪري هو ورهاڱي کان به گهڻو اڳ برمودا ۽ لاس پاماس ٻيٽن تي به وڃي Settle ٿيا. هنن لاءِ نئون ماحول، نئون معاشرو، نئين زبان، نئين آبهوا- ڪابه شيءِ رنڊڪ ثابت نٿي ٿئي. مٿين تقرير ۾ اندرا گانڌيءَ اهو به چيو ته هن 1930ع واري ڏهي ۾ سِسلي (اٽلي) جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ سنڌي (هندو) جو دڪان ڏٺو. ڏکڻ قطب جي ويجهو فاڪلئنڊ ٻيٽن تي سنڌين کي رهندي ڏٺو...
بهرحال وطن مان جلاوطن ٿيل سنڌي اڄ پهرين کان وڌيڪ سکيا ستابا آهن. بقول هڪ پوني ۾ رهندڙ سنڌيءَ جي:
“The Challenge was great... But Our response was even greater”
هن وڌيڪ ٻڌايو، ته سنڌ ۾ ته هنن جون فقط چند ڪمپنيون هيون: ڪي سي بلو اسٽار، موٽواڻي شڪاگو ريڊيو ۽ جي بي منگهارام بسڪٽ ڪمپني وغيره، پر پوءِ لڏپلاڻ بعد اسان جي ماڻهن گاجرا گيئرس، ڪرشنا اسٽيل، آڏواڻي Oerliron، ويسٽن ٽي وي، ويسٽرورڪس، اسڪائر ۽ انڊيا بڪ هائوس ڪمپنين جا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا.
سنڌ ڇڏڻ بعد سنڌي هندو ممبئي ۽ ان جي آس پاس نظر آيا ٿي، پر اڄ هندستان جو ڪهڙو شهر آهي، جتي سنڌي فئملين جي ڪا ڪالوني نه آهي. ڪن انهن شهرن جي سبزي منڊين تي قبضو ڪري ورتو، ته ڪن ڪپڙي جي هول سيل مارڪيٽن تي. ڪيترا سنڌي مختلف شهرن جي ٽرانسپورٽ هلائين ٿا، ته ٻيا سرڪاري آفيسن ۽ روڊ رستا ٺاهڻ جا ٺيڪا کڻن ٿا. ڪي سنڌي انڊيا جي مختلف ڳوٺن ۾ کوري جون سرون ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا، ته ڪيترن قبيلائي عورتن کي پنهنجي سونهن برقرار رکڻ لاءِ باڊين ۽ بلائوز وڪڻڻ جو ڪاروبار جاري رکيو آهي. جنهن جو احوال سنڌي اديب لڇمڻ ڪومل پڻ پنهنجي آپ بيتيءَ ۾ ڪيو آهي.
ورهاڱي کان اڳ ورلي ڪو سنڌي ڪروڙ پتي هو. اڄ فقط الهاس نگر ۾ 50 کان مٿي سنڌي ڪروڙ پتي آهن. سڄي هندستان ۾ اڄ ”هندوجا برادرز“ امير ترين سنڌي آهن، جن وٽ ذاتي ملڪيت 10 ارب رپيا آهي. 1947ع کان اڳ واسيا مل آسومل، پوهو مل برادرس، ڪشنچند چيلا رام، چنراءِ ۽ چوٽرمل سنڌين جون ڪمپنيون تمام وڏيون سمجهيون ويون ٿي، اڄ هڪ سئو کان مٿي سنڌين جون اهڙيون ڪمپنيون آهن.
مورجاڻي وارن جو سڄي دنيا ۾ جينز جو بزنيس هلي ٿو ۽ سندن ساليانو ٽرن اوور هڪ بلين ڊالر کان مٿي آهي. ميلواڻي ۽ شيام ساني جو عمارتسازي ۾ نالو آهي، جن ويندي ميامي (فلوريڊا آمريڪا) جي اعليٰ علائقن ۾ عمارتون ٺاهيون آهن. رام ڪرپلاڻي جنهن جو احوال ٽرنيڊاڊ، برمودا ۽ ڪيوبا ٻيٽن وارن سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان، پنهنجي وڌندڙ بزنيس ۽ خير جي ڪمن کان مشهور آهي ۽ ويسٽ انڊيز جي هن ٻيٽ ٽرنيڊاڊ جو هي بي تاج بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هتي جو “Ram the Magician” نالي هڪ شيدين (Negro) جو راڳ آهي، جيڪو هتان جي مڪاني ريڊيو اسٽيشن ٽرنيڊاڊ تان براڊ ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي وزيراعظم جارج چئمبر کي صلاح ڏني وئي آهي ته توکي جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته رام ڪرپلاڻي کان رهنمائي وٺ. گاني جون اهي سٽون هن ريت آهن:
Everything Mr. Ram puts his hand to
Turns from a shack to a mansion
So, Gerorge Chamber, you should see
Mr. Ram Kripalani.
If you can’t run the country,
Call in Kripalani.
سنڌ جا هندو، خيرات ۽ چندا ڏيڻ ۾ به انڊيا اندر مشهور آهن. ويجهڙائيءَ ۾ نائيجيريا جي شهر لاگوس اندر، سنڌي بزنيس-مين ”چنرائين“ ممبئي جي وويڪانند ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ کي 30 لک رپيا چندي ۾ ڏنا. جڏھن تهIn-laks  فائونڊيشن (جيڪا اِندرو ۽ لڪشمي شيوداساڻي جي نالي آهي) پوني جي ساڌو واسواڻي اسپتال کي ريسرچ ورڪ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا Donate ڪيا آهن. اها فائونڊيشن هر سال انڊيا جي 200 شاگردن کي ولايت ۾ پڙهڻ جي اسڪالر ڏئي ٿي. هوتچند گوپالداس ۽ خوشي ڪندناڻي جهڙن سنڌين ممبئي ۾ نه فقط ڊزن کن ڪاليج کوليا آهن، پر انهن مان ڪي ڪي ته ٽاپ جا ڪاليج مڃيا وڃن ٿا. سنڌين جي اسپتال جسلوڪ (جيڪا جسوتي ۽ لوڪومل نالي آهي) نه فقط ممبئي جي پر انڊيا جي بهترين اسپتال مڃي وڃي ٿي. تعليم جي سيڪٽر ۾ سنڌين جي ”ميران ايجوڪيشن سوسائٽي، پوني“ به وڏي خدمت انجام ڏيندي اچي.
پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي، ته ممبئيءَ ۾ فليٽن ٺاهڻ جو ڪم سنڌين شروع ڪيو ۽ اڄ به نه فقط اوچين عمارتن ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ پر خالي پلاٽن تي گهر اڏي ڏيڻ ۾ ڪيتريون سنڌين جون ڪمپنيون انڊيا ۽ انڊيا کان ٻاهر مشهور آهن، جن مان هڪ ميلوانيءَ بابت مٿي لکي چڪو آهيان، جنهن جي بلڊرس ڪمپني آمريڪا ۾ به گهر ٺـاهي ٿي. راهيجا برادرس ممبئي ۾ هڪ هزار کان به مٿي Ownership تي فليٽ ٺاهيا آهن. ڄيٺي سپاهيمالاڻي جون ”نو جيون“ نالي ٺاهيل ماهيم، چيمبر ۽ وچ ممبئي ۾ ڪالونين جي هر ڪو واکاڻ ڪري ٿو. اتور سنگتاڻي جي پوني ۾ نه فقط وڏي بلڊنگ ڪنسٽر ڪشن ڪمپني آهي، پر هو ”پونا هيرالڊ“ اخبار به هلائي ٿو. ممبئي ۾ هيرانند وارن جا ٺهيل ٽائون به ڏسڻ وٽان آهن پر چون ٿا ته سڀ کان وڏو بلڊر ڀائي پرتاپ آهي، جنهن ڪنڊلا بندرگاهه لاءِ به جاڙا شهر (Twin Cities) ٺاهيا آهن. هڪ اديپور جيڪو رهائشي شهر آهي ۽ ٻيو گانڌيدام، جيڪو ڪمرشل آهي.
انڊيا ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌين انفرادي طور به پنهنجو نالو مشهور ڪيو آهي. ڊاڪٽر ميندا ”انڊين ميڊيڪل ائسوسيئيشن“ جو صدر رهي چڪو آهي. اهڙي طرح پروفيسر جي. آر ملڪاڻي ”انڊين فلاسافيڪل“ ڪانگريس جو ۽ رام ڄيٺملاڻي ”انڊين بار ڪائونسل“ جو صدر رهي چڪو آهي. اڄڪلهه جي. جي مير چنداڻيUNI (يونائيٽيڊ نيوز آف انڊيا) ايجنسي جو سربراهه آهي. انڊيا جي مشهور اخبار ”بزنيس انڊيا“ کي اشوڪ آڏواڻي هلائي رهيو آهي. پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي ڪنيا ڪماري شهر جي ”وويڪاندا راڪ ميموريل ڪميٽي“ جو سربراهه آهي. جسٽس نين MRTPC ڪميشن جو صدر رهيو. جسٽس چئناڻي ممبئي هاءِ ڪورٽ جو صدر رهيو. پروفيسر ٽي. ايم. آڏواڻي ممبئي ۽ ڪشمير يونيورسٽين جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ڪي. ايل پنجابي (ڪيترن سنڌين جي ذات ’پنجابي‘ آهي، جيئن پنجابين جي سنڌو آهي) مهاراشٽرا صوبي جو چيف سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ سڌواڻي گجرات صوبي جو چيف سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر ڪي. اي. آڏواڻي ممبئي جي 125 سال پراڻي ۽ ايشيا جي سڀ کان وڏي لاڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو.
ٽي. وي. منسوکاڻي HMT (هندستان مشين ٽولز) جو سربراهه آهي. ڦيرواڻي صاحب ٽرڪون ٺاهيندڙ ڪمپني اشوڪ ليلئنڊ جو هيڊ آهي. سمتاڻي ”ڀارت هيوي اليڪٽريڪل“ جو ۽ ٽي. اين ادناڻي سينٽرل واٽر ائنڊ پاور ڪميشن جو وڏو آهي. جي. ايس رامچند ”انڊين ڪرڪيٽ“ جي اڳواڻي ڪري ٿو. ايم ڪي ڪرپلاڻي ڪئناڊا ۾ انڊيا جو سفير آهي ۽ وشنو آهوجا روس ۾ سفير آهي. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ڪيترن جو اهو ئي خيال آهي ته اهي خوجن، بوهرين ۽ ميمڻن وانگر فقط واپار ۾ دلچسپي رکن ٿا، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته هي سنڌي واپاري طبيعت جا هوندي به فوج ۾ آهن ۽ ڪي سنڌي ته جنرل ۽ ائڊمرل جي عهدن تائين به پهتا آهن. مثال طور ميجر جنرل هيرا، وائيس ائڊمرل ٽهلياڻي، ائڊمرل نندا وغيره سنڌي آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڄاوا هاڻ انڊيا ۾ رهن ٿا.
ورهاڱي (1947ع) کان اڳ فلمي دنيا ۾ ٻڍو آڏواڻي، هري شيودا ساڻي جهڙن چند سنڌين نالو پيدا ڪيو هو. هاڻ ته جي پي سپي ۽ اين سي سپي جهڙا ڪيترائي سنڌي فلم انڊسٽري ۾ آهن. ٽاپ جا فلم ڊائريڪٽر گووند نهلاڻي (آڪروش)، راج سپي، رميش سپي، ڪمار شاهاڻي ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي آهن. ان کان علاوه سڌير، مچ موهن، راج ڪرن (مهتاڻي)، اسراڻي، شيلاراماڻي، ببيتا، ساڌنا ۽ ٻين سنڌي فلمي اداڪارن نالو روشن ڪيو آهي.
ڌرمي دنيا ۾ دادا جشن واسواڻي، سنت ليلا شاهه، دادا چيلا رام (نج ٿانوَ) سنڌين جي گرو نانڪ مشن، برهمڪماري جهڙيون آرگنائيزيشنون نه فقط انڊيا ۾ پر انڊيا کان ٻاهر به قدر جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون، بلوراڻي، شانتي هيرانند، سي ايڇ آتما، ماسٽر چندر، ڪملا ڪيسواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، ديپڪا ڪرپالاڻي، چئناڻي سسٽرز ۽ هوند راج ڏکايل جهڙن سنڌين جي ميوزڪ جي دنيا ۾ وڏي Contribution آهي.
انڊيا جي سياست ۾ به سنڌ کان انڊيا لڏي آيلن جو وڏو حصو رهيو آهي، جن مان آچاريه ڪرپالاڻي اهم نالو آهي. جئرامداس انڊيا جي پارليامينٽ جو نه فقط ميمبر رهيو، پر ڪابينا جو وزير ۽ گورنر به ٿي رهيو. ايل ڪي آڏواڻي به نه فقط وزير ٿي رهيو آهي، پر انڊيا جي سياست ۾ اڳيان اڳيان آهي. اهڙي ئي اهم حيثيت هاشو آڏواڻيءَ جي مهاراشٽرا رياست جي سياست ۾ آهي. سچيتا ڪرپالاڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام، پروفيسر اين آر ملڪاڻي، رام ڄيٺملاڻي، ڪرشنا ڪرپالاڻيءَ پنهنجو نالو پارليامينٽ جي حوالي سان روشن ڪيو آهي.
جيستائين واپار ۽ پئسو بچائڻ آهي، ان ۾ ته سنڌي هندوءَ جو نه چيني مقابلو ڪري سگهندو نه ڪو پارسي يا يهودي. جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته هندستان ۾ ڪوبه سنڌي فقير نظر نٿو اچي، ته هو واقعي صحيح ٿو چوي ۽ هنن سنڌين لاءِ مشهور گانو ”مٽيءَ مان سون بنائڻ وارا سنڌي“ آهي.
انگريزي ادب جي ليکڪ آسڪروائلڊ جو چوڻ آهي ته؛ اسان سڀني کي پنج حواس ضرور آهن. پر جيستائين اسان وٽ ڇهون حواس پئسي ٺاهڻ جو نه آهي، اسان باقي پنجن حواسن مان ڪو فائدو حاصل ڪري نٿا سگهون.
منهنجي خيال ۾ هندستان اندر رهندڙ سنڌي هندن، آسڪروائلڊ جي هن چوڻيءَ تي صحيح طرح عمل ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment