Thursday, November 10, 2011

اسان جو ’نان- پيٽارين‘ زرداري - الطاف شيخ


اسان جو ’نان- پيٽارين‘ زرداري
الطاف شيخ
سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ فنڪشن ۾ ٻارن جي ادب، شاعري، افسانا، آتم ڪٿا، ناول ۽ تحقيق جي بهترين ڪتابن جي ليکڪن کي به ايوارڊ ڏنا ويا. ايوارڊ يافته اديبن مان هڪ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کي شيلڊ ڏيڻ لاءِ، مون کي عزت بخشي وئي.
ڊاڪٽر زرداري جو 400 کن صفحن جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ سندس آتم ڪٿا آهي، جيڪا هن وڏي محنت ۽ سچائيءَ سان لکي آهي. ڪيتريون ئي پنهنجيون ۽ پنهنجي فئملي ۽ راڄ ڳوٺ جون ڳالهيون، جيڪي عام حالتن ۾ اسين ٻڌائيندي شرمايون ۽ گهٻرايون ٿا. ڊاڪٽر صاحب وڏي ادبي سچائيءَ سان بيان ڪيون آهن، جيئن اسان انهن اوڻاين ۽ ڪمزورين کي Identify ڪري سگهون ۽ انهن خامين ۽ خرابين کي دور ڪري سگهون. اهي ڳالهيون نه فقط لائق زرداري يا ان جي ڳوٺ ۽ ماحول سان تعلق رکن ٿيون پر اسان جي سڄي سنڌ سان وابسته آهن. اسان رڳو پنهنجي تعريف ٻڌڻ وارن مان ٿي پيا آهيون. اسان ۾ يا اسان جي معاشري ۾ جيڪي ڪمزوريون يا خرابيون آهن، انهن کي محسوس ڪندي به نٿا مڃيون ۽ جڏهن مڃيون ئي نٿا ته پوءِ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿا جستجو ڪري سگهون. جڏهن ته  ڊاڪٽر صاحب بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، نه فقط وڏي دليريءَ سان لکيو آهي پر ان کي سختيءَ سان ننديو به آهي. جيئن ڊاڪٽر صاحب جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا ڏهن سالن جي به مس هئي. ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ لکيو آهي ته ننڍي عمر ۾ جڏهن ڇوڪر توڙي ڇوڪريءَ جي سوچ اڃا پختي نه ٿي آهي ته اها شادي ڄڻ گُڏي گُڏيءَ جي شادي ٿيو پوي. اهڙي شاديءَ بابت ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته... ”اسان جي ٻهراڙيءَ جي سنڌي سماج ۾ اهو جائز هو ۽ صدين کان ائين ٿيندو آيو آهي. گهوٽ 70-80 سالن جو ته ڪنوار سورنهن سالن جي! يا ائين به عام نظر اچي ٿو ته ڪنوار ٽن سالن جي ته گهوٽ ٽيهن سالن جو. اهو رواج، عين اسلامي سمجهيو ويندو هو، پوءِ سماج ۾ کڻي ڪهڙيون به بُرايون پيدا ٿين. سماج کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي...“

ڊاڪٽر زرداريءَ، ويندي پنهنجي ناني لاءِ، لکيو آهي ته هن 16 سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي چوڏهن سالن جي پوٽِي ان ڇوڪريءَ جي پنجاهه سالن جي پيءُ کي ڏني، جنهن ڇوڪريءَ بعد ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي کوهه ۾ اڇليو هو.
ڊاڪٽر لائق زرداريءَ، ڳوٺ ۾ رهي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏي جدوجهد ۽ جفاڪشي ڪئي، ان جو احوال اڄ جي شاگرد کي پڙهڻ کپي، جيڪو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ خوش نصيب هوندي به پنهنجو پاڻ کي ارهو ٿو سمجهي. نه رڳو هڪ شاگرد کي پر هر سنڌيءَ کي، پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي، ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا پڙهائڻ کپي. منهنجو گهڻو وقت ٻاهر رهڻ ۾ گذري ٿو، ان ڪري آئون سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڻ واقف رهان ٿو. اسان وٽ ڪو به نئون ڪتاب ڇپجي ٿو ته بڪ اسٽال وارا ڪجهه مهينن بعد اهو ڪتاب هٽايو ڇڏين. ظاهر آهي ته وٽن ڪتاب رکڻ لاءِ معمولي جاءِ ٿئي ٿي. منهنجي قسمت ۾ شايد هي ڪتاب پڙهڻو هو. هڪ ڏينهن، سنڌ سيڪريٽريٽ مان نڪري رهيو هوس ته سامهون ڊاڪٽر لائق زرداري نظر آيو. اسان جي هڪ ٻئي سان پهرين جي ڪا واقفيت نه هئي. آئون مڙي ئي ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ هوندو آهيان ته نئين ماڻهوءَ سان زوريءَ پيو ڳالهائيندو آهيان ۽ کانئس سندن ڳوٺ جو ۽ خاص ڪري سندس اولاد جي تعليم بابت پڇندو رهندو آهيان ته انٽر بعد هو ڇا ڪندا. فوج ۾ ڇو نٿا وڃن، وغيره. سامهون ڊاڪٽر لائق کي ايندو ڏسي مون کي ساڻن ڳالهائڻ جي ڪشش ٿي. خوش خير عافيت بعد خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب نه فقط تعليم يافته ماڻهو آهي پر ليکڪ پڻ. پاڻ پٺيان موٽي، پنهنجي ڪار مان پنهنجي آتم ڪٿا ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ ڪڍي آڻي ڏنائين. ان بعد آئون اهو ڪتاب کڻي جهاز تي آيس ته ڪئپٽن بشير وسطڙو مون کان اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ورتو.
”يار هي ته اسان جو ڳوٺائي آهي. هي ڪتاب آئون ضرور پڙهندس.“ نوشهرو فيروز جي ڪئپٽن بشير وسطڙو چيو.
هفتي کن کانپوءِ، ڪتاب واپس ڪرڻ تي هن ڏاڍي تعريف ڪئي؛ ”يار ٻروچ واهه جون ڳالهيون لکيون آهن.“
ڪتاب پڙهڻ بعد مون به اهو ئي رايو اختيار ڪيو. آئون ڪو به ڪتاب ٻيو دفعو ورلي پڙهندو آهيان پر علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ وانگر هن ڪتاب کي ٻيو دفعو پڙهيم. منهنجي اها خواهش آهي ته هن ڪتاب کي هرهڪ سنڌي پڙهي. هيءُ ڪتاب نه فقط ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا آهي پر هڪ دور جي تاريخ آهي. جاگرافي آهي. اسان جي سوسائٽي ۽ معاشري جي عڪاسي آهي. اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا ان ۾ All is Well ناهي پر ڪيتريون خاميون ۽ ڏک پڻ آهن. اڄ به اسان جا معصوم ٻار اغوا ٿي خرڪار ڪئمپن ۾ ڏکن جي زندگي گذارين ٿا ۽ ٻئي پاسي سندن مائٽ غمن ۾ مريو وڃن. ظالم هميشه طاقتور ۽ پئسي وارو هجڻ ڪري اڄ به آزاد نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر لائق زرداري ۽ سندس دوست جو خرڪارن حوالي ٿي وڃڻ واري ڳالهه پڙهي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ڪيئن هو اسڪول جي عمر جا ٻار ڪوئيٽا گهمڻ وڃن ٿا، جتي ڏاڙهيءَ سان هڪ مولوي کين ريهي ريبي هڪ مهيني جي ڪلارڪي لاءِ چوي ٿو ۽ ڪيئن ٻيو ظاهري طرح نيڪ مولوي کين ٽرڪ ۾ کڻي پنجگور کان به پري خرڪارن حوالي ڪري ٿو ۽ هي ٻار ٻين ٻارن سان گڏ، قيد کان به خراب زندگي گذارين ٿا. هيءَ ڳالهه 1962ع جي آهي. ڊاڪٽر زرداري پنهنجي ڪٿا ۾ لکي ٿو ته اچ به خرڪار ڪئمپون موجود آهن. اڄ به معصوم ٻارن کي ڌُتاري اوڏانهن سخت پورهئي لاءِ نيو وڃي ٿو... ڊاڪٽر زرداري پنهنجن انهن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته، ”بغير ڪنهن قصور ۽ اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ هيس... اڪيلائيءَ جون اڻ کُٽ واٽون ۽ راهون هيون... جن زندگيءَ جي سفر ۾ ٿڪائي وڌو.“
منهنجي سوچ ۽ ويچار تي پهرو،
منهنجي مرڪڻ ۽ کِلڻ تي پهرو،
منهنجي روئڻ ۽ سُڏڪڻ تي پهرو،
منهنجي تڙپڻ ۽ لُڇڻ تي پهرو..
هن خرڪار ڪئمپ ۾ چاليهه مزور، ٽيهه کن گڏهه، ڇهه بندوقن سان چوڪيدار ۽ ٻه منشي هئا. اهڙا ڪيترا ئي ٽولا بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ۾ مشغول هئا، جيڪي شهرن جي بازارين ۽ هوٽلن تان ماڻهن کي، خاص ڪري ٻارن کي، مختلف دلاسا، لالچون ۽ سبز باغ ڏيکاري ڦاسائيندا هئا ۽ انهن کي ٽرڪن رستي ڪئمپ تي پهچائيندا هئا...
ڊاڪٽر زرداري ڪاوش اخبار جي هڪ تازي خبر ڏي پڻ ڌيان ڇڪايو آهي ته اهي ظالم اڄ به ساڳيون ڪاروايون ڪندا رهن ٿا. ڪاوش اخبار جي اها خبر هن ريت آهي:
”خرڪار ڪئمپ مان هڪ نوجوان فرار ٿي پير جي ڳوٺ پهتو، جنهن ٻڌايو ته هو ملتان جو آهي.
اٺن سالن جي عمر ۾ هن کي پٺاڻ اغوا ڪري ويا ۽ کيس 15 سالن بعد اتان ڀڄي نڪرڻ جو موقعو مليو. هن کي ڪوئيٽا لڳ خرڪار ڪئمپ ۾ رکيو ويو، جتي ڪم کان انڪار ڪندڙن کي گولي هڻي ماري ڇڏيندا هئا...“
اسان وٽ اجايا سجايا جهيڙا به ڏاڍا آهن. لئه خاطر، داداگيري ڪارڻ يا عزت جو سوال وٺي، معمولي ڳالهه تي ٻئي سان جهيڙو ڪري ويهنداسين. پوءِ ٻئي ڌريون سورن ۾! ٻنهي جو جهُڳو ئي جهڻ. عيش وڪيلن ۽ پوليس جو، سال پيا ڪيس هلن. انهيءَ دوران ٻئي ڌريون دربدر ۽ ٻار ٻچا رُلندا رهن ٿا. هڪڙي اهڙي جهيڙي جو احوال، ڊاڪٽر زرداريءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ به لکيو آهي، ان مان اسين سنڌي پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي تباهيءَ جو سبب، اهي اجايا سجايا جهيڙا به آهن. اڄ به سنڌ انهن قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاريءَ جي چڪر ۾ ٻري رهي آهي. ڊاڪٽر زرداري، هڪ اهڙي ڪارو ڪاريءَ جو به احوال لکيو آهي جيڪو ننڍپڻ ۾ هن جي سامهون رونما ٿيو. پر هن ۾ مرد پنهنجي پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن ناتوان عورت- ماءُ، ڀيڻ يا زال کي ڪُهڻ بدران، هڪ عورت پنهنجي بيوفا مڙس کي، ٻين جا لوڙها ٽپڻ تان ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري ڇڏي ٿي.
ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي اها ڳالهه پڙهي حيرت ٿي ته هن جي ڳوٺ جا ٻار، اسڪول توڙي گهٽين ۾ پٽڪا ٻڌي هلندا هئا ۽ پوءِ جڏهن هو اٺين ڪلاس ۾ پهتو ۽ موري جي اسڪول ۾ داخلا ورتائين ته اتي به ڪجهه ڏينهن لاءِ پٽڪو ٻڌي ڪلاس ۾ ويندو رهيو. پوءِ شهر جي ڇوڪرن جي تنگ ڪرڻ تي اهو لاهي ڇڏيائين. اهو پڙهي مون کي ملائيشيا جا ڳوٺ ياد اچي ويا، جتي جي مدرسن ۾ اڄ به ملئي ٻار پٽڪن سان ويندي نظر اچن ٿا.
بهرحال هڪ دفعو آئون وري پڙهندڙن کي هي ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ پڙهڻ لاءِ چوندس ڇو جو هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ سبق آموز ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. هيءُ ڪتاب، حيدرآباد مان انٽيل ڪميونيڪيشن وارن پڇيو آهي، جن جو فون نمبر 2721172 آهي يا ليکڪ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اهو ڪتاب ڪٿي وڪرو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر زرداري جو ڪراچي جو نمبر 34630176- 021 آهي ۽ موري جو 411757-0242 ۽ موبائيل نمبر 8232848-0302 آهي.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 23 آگسٽ 1943ع تي مورو تعلقي جي ڳوٺ محمد موسيٰ ۾ احمد خان زنگاڻي جي گهر ۾ ڄائو. (زنگاڻو، زرداري قبيلي جو هڪ پاڙو آهي) پاڻ پرائمري تعليم جا ڇهه درجا پرائمري اسڪول مڪراري مان ڪيائين. ان بعد مورو ۽ نوابشاهه مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. پاڻ B.A ۽ MA (پوليٽيڪل سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪيائين. ان بعد 1975ع ۾ وڪالت ۽ 1980ع ۾ Ph.D ڪيائين. سندس ٿيسز جو عنوان هو ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو.“
ڊاڪٽر زرداري ويهن سالن جي ڄمار کان مختلف نوڪريون ڪيون جيئن ته ورڪ مستري روڊس (هالاڻي) کان ناڪي منشي ٽائون ڪميٽي (مورو) تائين. اهي نوڪريون 2-2 مهينا ڪيائين. ان بعد 1965ع کان وٺي 1970ع تائين سانگهڙ، خيرپورميرس، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ٽريننگ اسڪولن ۾ ڊرائنگ ٽيچرس ٿي رهيو. ان بعد هالا، سجاول، مورو، ڪوٽڙي جهڙن شهرن جي ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو سلسلو 1994ع تائين هليو. ان بعد ٻه سال ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يونيسڪو، اسلام آباد ۾ رهيو ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري اينڊ ڪلچر، نوابشاهه جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 2003ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ، ڊگري ڪاليج مورو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. اڄ ڪلهه سائين جن هڪ دفعو وري بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاهه ۾ ڊائريڪٽر جنرل جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
زرداري صاحب تاريخ، سياست ۽ ادب جي موضوعن تي ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکي چڪا آهن. سندن ڇپايل ڪتابن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن.
تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو.
هن ڪتاب ۾ 1843ع کان وٺي 1936ع تائين برطانوي دور ۾ سنڌي عوام جي مختلف سياسي تحريڪن، خاص ڪري خلافت تحريڪ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ذڪر تفصيل سان ڪيل آهي.
واليءِ سنڌ ميان نورمحمد ڪلهوڙو.
غدار سنڌ.
هي ڪتاب اردو ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب ”ڪِيا نائون مل غدار تها“ جي جواب ۾ لکيل آهي.
مجذوب حافظ علي مراد زرداري.
هي ڪتاب هڪ بزرگ جي فڪر ۽ زندگيءَ جي حالات تي مشتمل آهي.
لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين سفرنامو.
سائين جو لکيل هي سفرنامو پڻ پڙهڻ وٽان آهي. بيحد دلچسپ ۽ معلومات آهي. سفرنامي تان ”ڪراچي کان هنزا“ سفرنامو به ياد اچي ويو، جيڪو سائين جي ٻئي نمبر پٽ حاڪم علي (جيڪو ڪراچي ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر آهي) جي گهر واري عائشه زرداري جو لکيل آهي. ڊاڪٽر لائق زرداري نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنهنجي اولاد کي به گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياريائين. اڄ سندس پٽن مان ڪو ڊاڪٽر آهي ته ڪو انجنيئر يا ڪو ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ آهي. سندس تمنا به اها آهي ته سندس اولاد، تعليم جي لاٽ کي روشن ڪندو اچي. پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيم روح رهاڻ“ ۾، انتساب به ان حوالي سان ڪيو اٿن.
پنهنجي اولاد کي،
ان اميد سان ته،
اهي منهنجي روشن ڪيل ڏيئي مان
ڏيئو ٻاري، پنهنجي قوم جي،
اونداهي مستقبل جي راهه ۾،
مون کي وڌيڪ روشن ڪندا.
نوٽ: مٿئين مضمون جي عنوان ۾ مون کي مجبورن ”نان پيٽارين“ لفظ ٽنبڻو پيو آهي ڇو جو اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا پڙهيل جنهن سان به کڻي ڪنهن زرداريءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هن جو هروڀرو ملڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ ڏي ڌيان هليو وڃي. جيتوڻيڪ پيٽارو مان نه فقط آصف علي زرداري (ڪِٽ نمبر 991) پڙهيو پر ٻيا به ڪيترا ئي زرداري جهڙوڪ ڪئڊٽ علي زرداري، ڪئڊٽ اصغر زرداري، ڪئڊٽ سڪندر زرداري ۽ ٻيا ڪيترا ئي پڙهيا پر ملڪ جي وزيراعظم محترما بينظير سان شادي بعد ۽ خاص ڪري هاڻ ملڪ جو صدر ٿيڻ بعد ڪيترن لاءِ، خاص ڪري اسان پيٽارين لاءِ، زرداري معنيٰ ڪئڊٽ آصف علي! ان ڪري پڙهندڙن کي ان غلط فهميءَ مان ڪڍڻ خاطر، شروع ۾ ئي لکيو اٿم ته هتي اسان واري پيٽارو جي زرداريءَ جو نه پر هڪ ’غير پيٽارين‘ جو احوال ٿا ڪريون.
هونءَ ڏٺو وڃي ته پيٽارين زرداري وانگر هي زرداري صاحب (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري) به اسان لاءِ هڪ اهم زرداري آهي، جيڪو پنهنجي قبيلي جو پهريون اعليٰ تعليم يافته شخص آهي. ساڳي وقت اسان جي پيٽارو واري زرداري کي به هتي ڪريڊٽ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ڊاڪٽر لائق زرداري جي لکڻين جو قدر ڪيو ۽ سندن پهرين ڪتاب جي اڌ کان وڌيڪ ڇپائي پنهنجي کيسي مان ڏني ۽ سندس ان همٿ افزائي ڪري ڊاڪٽر صاحب اڄ تائين لکندو اچي ۽ سندس ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي پورهيو مختلف ڪتابن جي شڪل ۾ اسان اڳيان آهي.

No comments:

Post a Comment