Tuesday, August 24, 2021

وقت چورائڻ به حرام آهي الطاف شيخ

وقت چورائڻ به حرام آهي

الطاف شيخ



ڪجھه سالن بعد  جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ دفعي وقت کان وڌيڪ ڪار پارڪ ڪرڻ تي منهنجو چالان ٿي ويو. دڪانن تان ڪم لاهي موٽيس ته ڪار جي ونڊ اسڪرين ۾ پرچو لڳل ڏٺم. ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيس ڀر ۾ ئي هئي. اندر داخل ٿيان ته اتي جو پوليس DSP سِک هو جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي. مون کي خبر نه هئي ته هو هتي ملاڪا جي هن علائقي ۾ بدلي ٿي آيو آهي. هو مون کي هر وقت مانيءَ جي دعوت ڏيندو رهيو ٿي. مون کي ڏسي چيائين ته “سٺو ٿيو جو چالان بهاني توکي اچڻو پيو. لنچ جو ٽائيم آهي، اچو ته هڪ انڊين جي هوٽل تان ماني کائي اچون. اڄ بنا مانيءَ جي توکي وڃڻ نه ڏيندس.” هو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هتي، پر سٺي پنجابي ۽ اڙدو ڳالهائي سگھيو ٿي. مون پنهنجي اڪيڊمي جي ڪيترن فنڪشنن تي ساڻس گڏ سندس فئمليءَ کي به گھرايو هو ۽ هو مون کي هر وقت سندس گھر هلي ماني کائڻ لاءِ چوندو هو - جنهن لاءِ آئون نٽائيندو رهيس ٿي پر اڄ بچڻ جي واهه نه هئي. نيٺ چيومانس ته هل ته ماني کائون پر ڪنهن اهڙي ريسٽورنٽ ۾ وٺي هل جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي ماني کائي وٺون. هو هڪ گجراتيءَ جي ئي هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ اجايو تڪلف ڪري ٻه ٽي ڊش گھرايائين، جنهن جو ويهه ڊالر بل آيو. (ملائيشيا ۾ ٽِپ جو رواج ناهي.) مانيءَ بعد موٽي سندس آفيس ۾ آياسين ته چيومانس “سردار جي! هن علائقي جو مالڪ ٿي ڪري مون تي اڄ اجايا پنج رنگٽ (ملئي ڊالر) ڏنڊ لڳي ويا آهن!”


مون سمجھيو، هو اها چالان جي پرچي ڦاڙي ڇڏيندو - ظاهر آهي هو اعليٰ آفيسر ٿيو، هو ڇڏي به سگھيو ٿي، پر هن منهن تي مرڪ آڻي چيو ته؛ “سر! ڏوهه ڪرڻ ڪري اهو جرمانو سرڪار سڳوريءَ کي ڏيڻو ته پوندو.” ۽ ڪائونٽر تي وڃي مون پنج رنگٽن جي رسيد ڪٽرائي. ان سان گڏ هتي جي ڪامورن کي ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ جي ڳالهه مونکي سمجھه ۾ آئي - يعني هن پنهنجي کيسي مان وِيهه رنگٽ خرچي مون کي ماني کارائي پر سرڪار کي پنج رنگٽ جو نقصان ڪنهن صورت ۾ نه پهچايو. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي دماغ ۾ آهستي آهستي سمجھه ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ ڌيان ۾ اچي ٿو ته هنن ملڪن جي ترقيءَ جو راز ڪهڙو آهي.

بقول اسان جي هڪ پياري دوست - درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جي - جيڪو مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته گڏ هو پر گڏ گڏ ڪيترائي جهاز پڻ هلاياسين. هن کي به مون وانگر ماستريءَ جو شوق رهيو آهي ۽ مون سان گڏ ملائيشيا جي ملاڪا واري مئرين اڪيڊميءَ ۾ هن به وڏو عرصو پڙهايو. هو ملائيشيا جي ماڻهن جي پنهنجي وطن جي ماڻهن سان اڪثر ڀيٽ ڪندو رهيو ٿي. هن کي ٻنهي طرفن جي ماڻهن ۽ مسئلن جي هڪ جھڙائي حيرت واري لڳي ٿي، پر هن کي هر وقت اهو خدشو رهيو ٿي ته اسان وٽ سنڌ ۾ تعليم نه هجڻ ڪري اها ترقي ناهي، اها صحيح سوچ ۽ فڪر ناهي، جنهن ۾ ملئي ماڻهو تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هيءَ ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ اچي رهيا هئاسين. هو اڪثر ملئي ماڻهن جون ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو ۽ هنن جي سوچ جو قدر ڪندو هو. ڪي ملئي جهازران دوست جن جا جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندا رهيا ٿي، اهي چوندا هئا ته “توهان اهو ضرور چئو ٿا ته توهان جو ملڪ اسلام جي نالي تي ٺهيو، پر ظاهري طرح ڪا به اسلامي شيءِ نظر ته نٿي اچي! هر ڳالهه ۾ ٺڳي، هر شيءِ ۾ ملاوت، شراب، شباب کان رشوت ۽ چور بازاري! چوڌاري شرڪ جي اها حد جو جتي ڪٿي فالون ڪڍڻ وارن جا اشتهار، جتي ڪٿي ماڻهو قبرن کي پيا چمن ۽ پڙ چاڙهين - انسان ته انسان پر مانگر مڇن کان به عورتون پٽ ٻار جو اولاد پيون گھرن....”

منهنجا ملئي دوست ٻڌائين ٿا ته هنن جو به ڪنهن زماني ۾ اهو حال هو پر تعليم عام ٿيڻ ۽ مذهب جي صحيح ڄاڻ هنن جي سوچ بدلائي ڇڏي. اسان وٽ صحيح سوچ ناهي. بقول ڪئپٽن مخدوم جي اسان وٽ سوئر جي گوشت کي ته حرام سمجھي ان کان پاسو ڪيو وڃي ٿو پر رشوت جي پئسي مان ورتل مال کي حرام نٿو سمجھيو وڃي. ملئي ماڻهو رشوت جي پئسي کي ته حرام سمجھي ٿو پر ڊيوٽي ٽائيم جي چوريءَ کي به حرام سمجھي ٿو. هو ان عبادت کي به صحيح نٿو سمجھي جيڪا ڊيوٽي واري ٽائيم ۾ ڪئي وڃي ٿي - جنهن وقت لاءِ پگھار ڪارخاني جو مالڪ يا سرڪار ڏئي ٿي.

ان ڳالهه جو مثال هن قصي مان سمجھي سگھو ٿا جيڪو ملائيشيا جي ڪنهن سفرنامي ۾ به شايد بيان ڪري چڪو آهيان. ملاڪا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ تي هن رياست جي انڪم ٽئڪس ڪمشنر گھرايو. آئون سندس آفيس ۾ پهتس ته ان وقت لنچ ٽائيم ختم ٿيڻ تي هو. صاحب جي ڪرسي خالي هئي. آئون سامهون رکيل ٽن ڪرسين مان هڪ تي ويٺس ته آفيس جي ٻئي پاسي واري ورانڊي ۾  صاحب کي مصلي تي ڏٺم، جيڪو نماز پڙهي هاڻ دعا گھري رهيو هو. ملائيشيا جي سرڪاري توڙي نجي آفيسن ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن لنچ بريڪ ٿئي ٿي، جنهن ۾ هرڪو نه فقط ماني کائي وٺي پر آرام به ڪري. ائين ڪرڻ سان لنچ بعد باقي اڍائي ڪلاڪ نوڪريءَ جا هرڪو تازو توانو رهي ٿو ۽ ڪم ۾ ڪارڪردگي (Efficiency) بهتر رهي ٿي. پڙهندڙ چوندا ته ايڏي ڊگھي رسيس! هائو، پر هر ماڻهو ۸ کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪم ڪري ٿو. ان ۾ هو ڪنهن دوست يار کي پنهنجي آفيس ۾ ته گھرائي ڪچهري نٿو ڪري پر ڪنهن سان فون تي به نٿو ڳالهائي. يورپ ۽ جپان وانگر ڪنهن کي آفيس جو نمبر ڏيڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. هر هڪ کي وقت جو پابند بنائڻ لاءِ ڪارڊ پنچ ڪرڻ جو سسٽم آهي. وزيراعظم، وزيرن، سيڪريٽرين کان هڪ عام ڪلارڪ لاءِ ضروري آهي ته هو اٺين بجي اندر آفيس پهچي وڃي ۽ ٽائيم مشين ۾ پنهنجو ڪارڊ پنچ ڪري. اهڙي طرح ساڍي چئين بجي موڪل مهل پنهنجو ڪارڊ پنچ ڪري، جيئن ثبوت خاطر لکت ۾ رهي ته هي آفيسر يا ڪلارڪ، پرنسپال يا پروفيسر ساڍي چئين تائين پنهنجي ڪم جي جاءِ تي موجود رهيو. اسان وٽ آفيسن ۾ وڃ ته صاحب توڙي ٻيا ننڍا آفيسر يارهين ٻارهين کان اڳ آفيس ۾ نظر نه ايندا. هڪ اڌ ڪلارڪ ويٺو هوندو جيڪو صاحب جو ڍڪ ڍڪڻ لاءِ آيل ماڻهن کي اهو چئي پيو ٽاريندو ته صاحب ميٽنگ ۾ آهي، انسپيڪشن لاءِ فيلڊ ۾ آهي، هن کي صلاح مشوري لاءِ چيف منسٽر گھرايو آهي... وغيره وغيره. پر هر سڌريل ملڪ وانگر ملائيشيا جي به جنهن به آفيس وڃ ته گورنر ۽ چيف منسٽر کان سيڪريٽري ۽ پوليس ڪمشنر، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ ڪلارڪ تائين پنهنجي نوڪريءَ واري جاءِ تي موجود هوندو ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول هوندو. دراصل اهي ڳالهيون ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهن. اسان وٽ هڪ ته صاحب موجود نه هوندو پر جي آخرڪار ملي به ويو ته هو ٿڏي تي ڪم ڪرڻ بدران آيل ما ڻهوءَ کي اهڙا بهانا ۽ ڳالهيون ٻڌائيندو جيئن هو ان ئي خوف ۾ رهي ته اهو ڪم هرگز ٿيڻو ناهي - ٻين لفظن ۾ هو رشوت ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي. سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ رشوت کي به ايترو ئي خراب ۽ حرام سمجھيو وڃي ٿو جيترو ڪم کان غيرحاضريءَ کي. اهو ئي سبب آهي جو هي انڪم ٽئڪس ڪمشنر لنچ بريڪ ختم ٿيڻ کان پنج ڇهه منٽ دير سان آفيس جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته مون کان معافيون وٺڻ لڳو ته مون کي سندس اچڻ لاءِ انتظار جي زحمت ڪرڻي پيئي.

“مڙيئي خير آهي انچق (جناب). توهان نماز پئي پڙهي،” مون چيومانس. ان تي هن سمجھايو ته؛ “اهو ثواب بدران گناهه جو ڪم آهي جو سرڪاري ڊيوٽيءَ ۾ وقت جي گھوٻي هڻان، جنهن لاءِ سرڪار پگھار ڏئي ٿي”.

اهڙي ملڪ مان اسان آيا هئاسين جو پهرين ته ان قسم جون ڳالهيون اسان کي سمجھه ۾ نه پئي آيون. اسان سمجھيو ٿي ته فقط رشوت ڏوهه آهي، گناهه آهي. پر هاڻ اها ڳالهه سمجھه ۾ اچڻ لڳي ته ڊيوٽي ٽائيم پنهنجي ڪم يا وندر پٺيان ضايع ڪرڻ به اهڙو ئي گناهه آهي – ڇو جو اسان کي پگھار ته فل ٽائيم جو ملي ٿو. اهو ائين آهي جيئن گراهڪ کي تور ۾ هن جي ڏنل پئسن جي بدلي گھٽ ملهه جو سامان ڏجي.

ملائيشيا، ٿائلنڊ، جپان جهڙن ملڪن ۾ پوليس کاتي کي به ٻين کاتن وانگر ايڏو مددگار ۽ صاف سٿرو ڏسي اسان ماڻهن کي حيرت ٿئي ٿي. هنن جو اهو موٽو هجي يا نه هجي پر هنن جي سٺي اخلاق، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ ۽ نيازمندي ۽ نئڙت کي ڏسي ازخود دل ۾ خيال اچي ٿو ته واقعي هتي جي پوليس جو ڪم آهيخلق جي خدمت ڪرڻ”. جيستائين توهان ڪو ڏوهه نٿا ڪريو ته توهان هنن لاءِ باعزت شهري آهيو. امير توڙي غريب ڪنهن مسئلي لاءِ پوليس کي سڏ ڪندو ته هو به هن کي “سر” چئي مخاطب ٿيندو. هڪ SP رئنڪ جي پوليس آفيسر جو لکيو اٿم ته ڪوالالمپور ۾ هن کان رستو پڇيم ته هن مون کي “سر” چئي رستو سمجھايو. ان جو سبب پڇڻ تي هن ٻڌايو ته توهان اسان لاءِ Sir يعني صاحب ئي ته ٿيائو جو اوهان، يعني عوام جي ڏنل ٽئڪسن مان اسان کي پگھار ملن ٿا  ۽ اسان جي گھرن جو چلهو ٻري ٿو ۽ اسان جا ٻچا تعليم حاصل ڪن ٿا...

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment