Friday, December 17, 2021

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾ - خادم رند

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾

خادم رند



آگسٽ ۲۰۱۹ع ۾ گلگت ۽ ھنزه واري يادگار ۽ حسين ٽوئر جون يادون اڃان ذهنن ۾ تازيون ھيون ته ۲۰۲۰ع جي آگسٽ مھيني ۾ دلبر دوست مجيد منگي ۽ مان ھڪ دفعو ٻيھر گلگت بلتستان جي دلڪش جابلو ماٿرين ڏانھن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺاسين. گذريل ڀيري اسان گلگت ۽ ھنزه سان گڏ پاڪستاني ڪشمير جا ڪجھ علائقا گهمي ڏٺا ھئا پر ھن ڀيري اسان جي خواھش ھئي ته گلگت بلتستان جو ڪو ٻيو پاسو ڏسجي. مجيد ۽ مان پنھنجي پنھنجي منھن سان انٽرنيٽ تي ٽوئرسٽ ڪمپنين جا گلگت بلتستان بابت مختلف پيڪيجز جاچيندا رھياسين. آخر استور ۽ اسڪردو جي ۱۲ ڏينھن واري ھڪ ٽوئر پيڪيج تي متفق ٿي ڪمپني وارن سان معاملو طئي ڪري ٽوئرازم جي مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب اڌ رقم کين ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽ وسيلي موڪلي ڇڏيسين. ٽوئر جي شروعات ۱۲ آگسٽ تي صبح جو سوير اسلام آباد مان ٿيڻي ھئي، ان ڪري مان ۱۰ تاريخ تي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتس. جتان اڍائي وڳي ڪوچ ذريعي راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو. جڏھن ته مجيد ۽ ان جي ٻن دوستن ۱۱ آگسٽ تي شام جو ڪراچي کان اسلام آباد جھاز وسيلي پهچڻ جو پروگرام ٺاھيو ته جيئن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان بچي سگهجي.


مجيد وڏي عرصي کان قمبر ڇڏي حيدرآباد ۾ رھي ٿو. جڏهن ته ٽوئر تي گڏ ايندڙ سندس ويجها دوست محمد اسلم ميمڻ ۽ امان الله سومرو به حيدرآباد سان ئي واسطو رکن ٿا. اڳ ۾ لاڙڪاڻي کان راولپنڊي تائين ڪوچ ۱۶ کان ۱۷ ڪلاڪ وٺندي ھئي پر موٽر وي ايم ۵ (سکر کان ملتان) جي تعمير کانپوءِ مفاصلو وڏي حد تائين گهٽجي تقريبن ۱۴ ڪلاڪن جو وڃي بيٺو آھي. اھڙي سھولت ڪري سوھان ڪوچ صبح جو ساڍي چئين وڳي ڌاري راولپنڊي جي پير وڌائي اڏي تي اچي لاٿو. ڪمپني وارن اسان سڀني جي لاءِ راولپنڊي جي ايليگنٽ ھوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي ڇڏي ھئي پر قاعدي موجب بڪنگ جو وقت منجهند جو ۱۲ وڳي کان شروع ٿيڻو ھو پر پوءِ به مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ لاءِ مون ٽوئر ڪمپني جي مالڪ ۽ سٺي دوست وليد لوڌي کي ڪال ڪئي جنھن پهرين ئي ڪال اٽينڊ ڪري ٻڌايو ته توهان ايليگنٽ ھوٽل تي پهچو مان اتي ئي موجود آھيان. راولپنڊي ۾ ان وقت ھلڪو مينھن وسي رھيو هو، جنھڪري روڊ رستا آلا ٿي چڪا ھئا. رڪشا ڊرائيور ٻڌايو پئي ته گذريل ٽن ڏينھن کان ھتي وقفي وقفي سان مينھن وسي رھيو آھي. خوشگوار موسم جو مزو وٺندي ۽ ڊرائيور سان ڪچهري ڪندي خبر ئي نه پئي ته رڪشا ايليگنٽ ھوٽل تي اچي بريڪ ڏني. مون اڃان ڪال لاءِ موبائيل ڪڍي ئي مس ته سامھون وليد تي نظر پئي، جيڪو ھوٽل جي مک دروازي تي بيٺو ھو. مختصر حال حوال کانپوءِ ھن چانھ جي صلاح ھنئي پر مون کيس ٻڌايو ته اھو ڪم اڳ ۾ ئي اڏي تان ڪري آيو آھيان. ھوٽل تي پهچڻ وقت ساڍا پنج کن ٿيا ھئا ۽ اڃان چٽو ڏينھن نه ٿيو ھو. گذريل ڏينھن کان سفر ۾ رھڻ ڪري ڪافي ٿڪاوٽ محسوس ٿي رھي ھئي تنھنڪري وليد کان موڪلائي ھوٽل جي ٻي فلور تي ۱۰۶ نمبر ڪمري ۾ اچي سامان رکيم. ڪجھ وقت آرام ڪري ھوٽل تي ڪم ڪندڙ ھڪ ڇوڪري کان نيرن بابت پڇيو جنھن تي ھن ٻڌايو ته اسان وٽ فقط چانھ ۽ سنيڪس ھوندا آھن، باقي توهان چئو ته ڪنھن ٻي ھنڌان آڻي ڏيان. مون اھڙي آڇ تي ھائوڪار ڪئي ۽ ٽي وي آن ڪري ڪو خبرن وارو چينل ڏسڻ لڳس. ھوٽل جي ڪمري ۾ ڪجھ ڪلاڪ گذارڻ کانپوءِ خيال آيو ته سڄو ڏينھن ھڪ ھنڌ ويھي يا سمھي گذارڻ کا بهتر ٿيندو ته راولپنڊي جو ھڪ اڌ ڪو مشھور ھنڌ گهمي وٺجي. انڪري فيصلو ڪيم ته علامه اقبال پارڪ جو چڪر لڳائجي جيڪو ھوٽل کان وڌ ۾ وڌ ۱۵ منٽن جي مفاصلي تي ھو. شام جو ۵ وڳي ڌاري ھوٽل مان نڪري اسٽيڊيم روڊ سان پنڌ ڪندو اچي پارڪ پهتم. جنھن پارڪ کي ھينئر علامه اقبال جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، تنھن جو اڳوڻو نالو نواز شريف پارڪ آھي. نالو مٽائڻ وارو اھڙو ڪارنامو ڪنھن ٻي نه پر اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ صدر جنرل پرويز مشرف سرانجام ڏنو ھو. مزي جي ڳالھ ته ايتري تشھير ۽ وڏا وڏا پينا فليڪس ڇپائڻ کانپوءِ به ماڻهو ان کي اڃان تائين نوازشريف پارڪ ئي سڏين ٿا. اھو پارڪ مري روڊ ۽ اسٽيڊيم روڊ جي ڪنڊ تي آھي ۽ ان جي آمھون سامھون راولپنڊي جي مشھور فوڊ اسٽريٽ ۽ ان جي ڀرسان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آھي، جتي ماضيءَ ۾ ڪيترا ئي ڏيھان ڏيھي مقابلا منعقد ٿي چڪا آھن. ان ڏينھن پنڊي ۾ ڪافي گرمي ۽ ٻوسٽ ھو. ايتري تائين جو پارڪ تائين پهچندي پگهر جي ڪري منھنجا ڪپڙا آلا ٿي چڪا ھئا. جيئن ته ۲۰۲۰ع جي فيبروري مھيني ۾ ڪورونا جو وائرس پاڪستان ۾ به تشريف فرما ٿي چڪو ھو، ان لاءِ پارڪ ۾ داخل ٿيندڙ ھر ماڻهوءَ لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنل ھو. مون ھوٽل تان ماسڪ نه کنيو ھو، ان ڪري پارڪ جي گيٽ تان ھڪ پٺاڻ ڇوڪري کان ماسڪ خريد ڪري پاتم. گرمي يا ڪورونا جي ڀوَ ڪري پارڪ ۾ ڪي گهڻا ماڻهو ته موجود نه ھئا پر پوءِ به فيملين ۽ اڪيلن فردن جو چڱيرڙو انگ نظر اچي رھيو ھو. پارڪ تمام وڏو ۽ مڪمل طور ساوڪ سان ڀريل ھو. ھت مختلف قسمن جي گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ گاھن جي ذڪر لائق ميڙي چونڊي ڪئي وئي ھئي. پارڪ ۾ ماڻهن جي سھولت ۽ تفريح لاءِ واڪنگ ۽ جوگنگ ٽريڪ، ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ رنگ برنگي بينچون، سهڻا ڇاپرا ۽ ٻارڙن لاءِ مختلف قسمن جا جهولا موجود ھئا. ڪيترن ئي قسمن جي جانورن جا لائيف سائيز ۽ اصليت جي قريب مجسما پڻ پارڪ جي خوبصورتي ۽ ڪشش جو سبب بڻجي رھيا ھئا. مزي جي ڳالھ ته ايترن مجسمن مان مون کي ڪو ھڪ به ڀڳل ٽٽل يا خراب حالت ۾ نظر نه آيو. پارڪ ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيل ھو ۽ گند ڪچري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڪچري دان رکيل ھئا. سٺي ڳالھ ته ماڻهن ان تي عمل به ڪيو پئي، جنھن ڪري سموري پارڪ ۾ ڪٿي به گندگي نظر نه آئي. پارڪ ۾ ڪو ريسٽورنٽ يا ڪيفي کولڻ جي اجازت نه ھئي، باقي سنيڪس ۽ ڊرنڪس کپائڻ وارا ضرور موجود ھئا، جن کان کاڌي پيتي جون ڪجھ شيون خريد ڪري ماڻهو پاڻ کي يا ٻارڙن کي تازو توانو ڪري ٿي سگهيو. علامه اقبال پارڪ يقينن ھڪ شاندار تفريحي جڳھ آھي، جتي پهچي انسان ڪجھ وقت لاءِ شھر جي گوڙ گهمسان کان آجو ٿي سڪون حاصل ڪري سگهي ٿو. مون پنھنجي اندر ۾ انھن مڙني پورھيت ھٿن لاءِ ڏاڍو پيار ۽ احترام محسوس ڪيو، جن جي محنت اھڙي عاليشان ۽ مثالي پارڪ کي جنم ڏنو ھو. 

مجيد ۽ ان جا دوست رات ۹ وڳي ڌاري خير سان ھوٽل تي پهچي ويا. پياري دوست مجيد سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪافي ڏينھن کانپوءِ ملاقات ٿي ھئي. مجيد ۽ سندس دوستن سان زبردست ڪچهري ٿي، جنھن بلڪل تازو توانو ڪري ڇڏيو. اسان واري ڪمري جي اي سي ۾ ڪو مسئلو ٿي پيو ھو، جنھن کي درست ڪرڻ لاءِ ھوٽل وارن ڪنھن ھمراھ کي موڪليو پر ھن کان معاملو حل ٿي نه سگهيو. آخر ھوٽل انتظاميا اسان کي ۱۱ وڳي ڌاري ٽئين نمبر فلور تي ۲۰۷ نمبر ڪمري ۾ منتقل ڪيو، جيڪو اڳ واري ڪمري کان ڪشادو ۽ سھولت وارو ھو. رات جي ماني کائي جلدي سمهڻ جي تياري ڪئي سين، ڇاڪاڻ ته ٻي ڏينھن سوير سفر تي نڪرڻو ھو. 

ايليگنٽ ھوٽل جي ۲۰۷ نمبر ڪمري ۾ سڀ کان اڳ مجيد ۽ منھنجي اک کلي ان وقت صبح جا پوڻا پنج ٿيا ھئا. ٻين ساٿين کي سمھندو ڇڏي اسان ٻئي واڪ ڪرڻ جي ارادي سان ھوٽل کان ٻاھر آياسين. روڊ ۽ رستا پُسيل ھجڻ مان ظاھر ھو ته گذريل رات به راولپندي ۾ مينھن وسيو ھو. پلر جي پالوٽ ڪري موسم ڏاڍي مزيدار ۽ پر سڪون ٿي پئي ھئي. اسان ڪچهري ڪندا راولپنڊي ۽  اسلام آباد جي دنگ تائين پهچي اتان واپس ورياسين ڇاڪاڻ ته ھوٽل تي پهچي ستل دوستن جي به سار لهڻي ھئي ۽ سفر جي تياري به ڪرڻي ھئي. ھوٽل تي پهتاسين ته اسان وارا ٻئي دوست ننڊ مان اٿي ڪچهري ۾ مشغول ھئا. سنگت جي صلاح بيٺي ته ھيٺ ھلي چانھه پيئجي انڪري مجيد ۽ مونکي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھيٺ اچڻو پيو. اسان ھڪ ھوٽل واري کي چانھه جي آرڊر سان گڏ ڪرسيون ٻاھر روڊ جي وٽ ۾ رکرائڻ لاءِ چيو ته جيئن صبح جي تازگي مان ٿورو مزو وٺي سگهجي. چانھه پي واپس پنھنجي ھوٽل تي موٽي ھرڪو تياري ۾ لڳي ويو. تياري مان مقصد ته نه رڳو پاڻ کي تيار ڪرڻو ھو پر پنھنجو پنھنجو سمورو سامان به ٿيلھن وغيره ۾ سنڀالي پيڪ ڪرڻو ھو. ٽوئر ۾ پنھنجي سامان جي حفاطت ۽ ترتيب سان پيڪنگ نھايت اھم معاملو ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته ڪنھن شيءِ جي گم ٿيڻ يا ڀڄي پوڻ جي صورت ۾ ٽوئر جا اڳيان مرحلا ڏاڍا ڏکيا ۽ تڪليف وارا ٿي سگهن ٿا. خاص طور ھڪ اھڙو ٽوئر جنھن ۾ ماڻهوءَ کي تقريبن ھر روز ڪنھن نئين ھوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ رھڻو پوي ۽ صبح سان وري سامان به پيڪ ڪرڻو پوي. اسان چانھه پي جلدي واپس  ورياسين.

ھوٽل مان سڀ ڪم اڪلائي ھيٺ لٿاسين ته اسان کان اڳ ٽوئر تي ھلندڙ سياحن مان ڪيترا ئي پهچي چڪا ھئا ۽ ٻه گاڏيون (ھڪ وين ۽ ھڪ ڪوسٽر)  به ھوٽل ٻاھران بيٺل ھيون. ٿوري دير ۾ رھيل سياح به پهچي ويا ۽ سڀني جو سامان به گاڏين مٿان ترتيب سان رکجي ويو. اسان چئني کي ٻين اٺن ڄڻن سميت وين ۾ سيٽون ڏنيون ويون. ڪوسٽر ذريعي سفر ڪندڙ سياحن ۾ ڪجھ تعداد عورتن ۽ ٻارن جو به ھيو جن جي رنگبرنگي لباسن ماحول کي خوبصورت ٿي بڻايو. ۷ لڳي ۲۰ منٽن تي گاڏين ايليگنٽ ھوٽل کي پوئتي ڇڏيندي سفر جي شروعات ڪئي. اسان واري وين جو ڊرائيور ڪو مذهبي ماڻهو ھو انڪري گاڏي گيئر ۾ وجهڻ کان اڳ پاڻ به سفر جي ڪا دعا پڙھيائين ۽ ٻين کي به اھڙي تاڪيد ڪيائين. ڪن سندس تاڪيد تي عمل ڪيو ۽ ڪي وري ھڪٻئي جو منھن تڪيندا رھيا. مجيد مونکي آھستي چيو ھي ملان اڳتي ھلي الائي ڇا ڪندو؟

وين ۾ اسان چئن ڄڻن مجيد منگي، محمد اسلم ميمڻ، امان الله سومري ۽ مونکان کانسواءِ حيدرآباد جا ۲ ڇوڪرا دائود احمد قريشي ۽ بلال احمد قريشي، سکر جو خادم حسين مھر، ڪراچي جو عمر اسد، پشاور جا اويس خان ۽ صنماد خان ۽ ٻه ٽوئرسٽ ڪمپني جا گائيڊ عدنان اقبال ۽ سعد حيات سوار ھئا. دائود قريشي، بلال قريشي، عمر اسد، اويس خان ۽ صنماد خان شاگرد ھئا ۽ کين گهمڻ ڦرڻ جو ڏاڍو شوق ھو. دائود احمد قريشي پاڪستان جي مشھور اداڪار مصطفيٰ قريشي جو پوٽو آھي. حسن ابدال جي ويجهو برھان انٽرچينج وٽان موڙ ڪاٽي وين نئين تيار ٿيل ھزاره موٽروي يا M-۱۵ تي اچي چڙھي. ۱۸۰ ڪلوميٽر طويل ۽ پاسن کان محفوظ بڻايل اھو موٽر وي حويليان، ايبٽ آباد، مانسهرا، شنڪاري ۽ بٽگرام کان ٿيندو ٿاڪوٽ تي دنگ ڪري ٿو. موٽروي تي جبلن کي اندران ڪٽي ۵ سرنگون به ٺاھيون ويون آھن جن مان ٻه ايبٽ آباد وٽ ۽ ھڪ ھڪ بٽل، ڪارمانگ ۽ مانسهرا وٽان آھن. ڏکڻ کان اتر طرف ويندڙ ھزاره موٽروي جو منصوبو ٽن مرحلن تي مشتمل ھو. ٽئين ۽  آخري مرحلي جي تڪميل کانپوءِ موٽروي جو افتتاح جولاءِ ۲۰۲۰ع ۾ ڪيو ويو ھو.

ساڍي ڏھين ڌاري نيرن لاءِ بالاڪوٽ جي پائن ويو ريسٽورنٽ ۾ اچي ڊاٻو ڪيوسين. اھو ڪافي وڏو ريسٽورنٽ ھو جنھن ۾ پارڪنگ لاءِ به ڪشادي جڳھ مخصوص ٿيل ھئي. نيرن مان فارغ تي ڪجھ سياح ريسٽورنٽ جي سامھون وارن دڪانن تان ھلڪي ڦلڪي خريداري ڪرڻ لڳا جن ۾ اسان واري چؤڪڙي به پٺتي نه رھي. مجيد منگي ھڪ دڪان تان ڪي شيون خريد ڪيون ۽ اتفاق سان ساڳيون شيون اسلم ميمڻ وري ڪنھن ٻي ھنڌان خريد ڪيون. اگهن بابت ھڪٻئي کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اسلم ميمڻ مجيد منگي جي ڀيٽ ۾ گهٽ قيمت تي خريداري ڪئي ھئي. اسلم مجيد کي چيو ته تون خريداري ۾ اجائي تڪڙ ڪندو آھين جنھن تي مجيد وراڻيو ته ڇا به ڪيان پر ميمڻ ۽ منگي جو فرق ته لازمي رھڻو آھي. نيرن ڪري سڀ تازا توانا ٿيا ۽ سوائين ٻارھين وڳي اڳتي جو سفر شروع ٿي ويو. درويش آباد، ڪيوائي، پارس، مالڪنڊي، فريد آباد، شينو، اوچري ۽ جريد نالي ڳوٺن يا ننڍڙن شهرن کي ڪراس ڪندي سوائين ٻي وڳي ڌاري ڦاگل پهتاسين جتي ٻيپهري جي نماز لاءِ ڪجھ دير لاءِ گاڏي روڪي وئي. مسجد سان گڏ ھڪ مدرسو به ھو جنھنڪري اڇين ٽوپين وارا کٿابي چڱي تعداد ۾ نظر ٿي آيا. سياحن کي شل نه ڪجھ نظر اچي سو ھنن کٿابي ڇوڪرن جون تصويرون وٺڻ شروع ڪيائون. مدرسي جي ھڪ ملان کي اھا ڳالھ نه وڻي سو ٻاھر اچي کٿابين کي دڙڪا ڏيڻ لڳو جنھن تي اھي ويچارا ترت اتان کسڪي ويا. مجيد ۽ مان انهن کٿابين جي مستقبل بابت ٿي ڳالهايو ته آخر مدرسي مان سند حاصل ڪري اھي پنھنجي گهر ۽ سماج جي بهتري لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندا؟ ويھ پنجويھ منٽن جي وقفي کانپوءِ ڪاغان، (ڪاغان جيتوڻيڪ مانسهرا ضلعي جي وڏي علائقي جو نالو آھي پر ان نالي سان ھڪ وسندي به آھي) راجوال ۽ ٻين وسندين مان گذرندي ۽ فطرت جا حسين مظھر پسندي شام جو ۴ وڳي مشھور تفريحي ماڳ ناران اچي پهتاسين. ناران پهچڻ کان ڪافي وقت اڳ وين جي ساڄي پاسي واري پوئين ٽائر ۾ ڪو مسئلو پيدا ٿي پيو ھو جنھنڪري ان جي رفتار متاثر ٿي رھي ھئي. ناران پهچندي اھو مسئلو ايترو ته شديد ٿي چڪو ھو جو ڊرائيور کي مجبورن گاڏي باءِ پاس تي ھڪ مستري وٽ آڻڻي پئي. جيستائين گاڏي جو مسئلو حل ٿئي تيستائين سڀئي سياح ٽولا ٺاھي ھيڏانھن ھوڏانھن چڪر لڳائيندا ۽ فوٽوگرافي ڪندا رھيا. بلال قريشي کي به موقعو ملي ويو ۽ ھن پنھنجي بلاگ لاءِ مون سميت ڪجھ ٻين ساٿين کان ناران جي سونھن سوڀيا ۽ سياحتي اھميت بابت رايا وٺڻ شروع ڪيا. (سندس ولاگ يوٽيوب چينل تي رکيل آھن) ڪلاڪ کن ۾ گاڏي جو مسئلو حل ٿيو ۽ اسان سڀ اچي سيٽن تي ويٺاسين. راولپنڊي مان گڏ نڪرندڙ ڪوسٽر کي آخري ڀيرو اسان بالا ڪوٽ ۾ ڏٺو ھو جتي ان ۾ سوار ڪجھ سياحن سان مختصر حال حوال به ٿيا. ان کانپوءِ اھو ڪوسٽر ۽ اسان واري وين پنھنجي پنھنجي منھن سان منزل طرف روان دوان رھيا باقي اسان واري وين جي سست رفتاريءَ ڪري اندازو ھو ته ڪوسٽر گهڻو اڳتي نڪري چڪو ھوندو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ بٽه ڪنڊي پهتاسين پر ٽائر وارو مسئلو مرمت کانپوءِ به مڪمل طور حل نه ٿي سگهيو ھو. انڪري اسان مان اڪثريت جو خيال ھو ته وين اھڙي حالت ۾ وقت سان استور پهچي نه سگهندي  ستين وڳي ڌاري ڪجھ کائڻ پيئڻ لاءِ بيسر علائقي جي مشھور معروف مون ريسٽورنٽ تي اسٽاپ ڪيوسين. اتي ئي ھياسين ته سج لھي ويو انڪري نمازين نماز پڙھي ورتي. مون اسٽار ريسٽورنٽ کان اسان جو سفر ته وري شروع ٿي ويو پر پڪ نه ھئي ته رات استور ۾ رھڻي پوندي يا ڪنھن ٻي ھنڌ. جيئن ئي بابوسر ٽاپ (بلندي ۴۱۷۳ ميٽر يا ۱۳۶۹۱ فوٽ) جون چاڙھيون شروع ٿيون ته وين جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي ۽ استور پهچڻ وارو خيال ديواني جي خواب جيان لڳڻ شروع ٿيو. ھونئن به ھڪڙي ڏينھن ۾ راولپنڊي کان استور پهچڻ واري شيڊيول يا منصوبي بابت سنگت صبح کان ئي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رھي ھئي. اڪثريتي ساٿين خاص طور مجيد جو خيال ھو ته ٽوئرنگ ڪمپني ھڪ ڏينھن ۾ ايڏو ڊگهو مفاصلو رکي بلڪل غلط ڪيو آھي. واقعي اھا ڳالھ درست ھئي ڇاڪاڻ ته ايتري ڊگهي مسافت سياحن کي تفريح مهيا ڪرڻ جي جاءِ تي کين تڪليف ڏيڻ جي مترادف ھئي. راولپنڊي کان استور جو مفاصلو ۴۹۵ ڪلوميٽر آھي پر جيئن ته ان جو وڏو حصو ڏکين ۽ خطرناڪ پهاڙي رستن تي مشتمل آهي تنھنڪري ان کي طئي ڪرڻ جو  امڪاني وقت ۱۲ ڪلاڪ مقرر ٿيل آھي. ان جو مطلب ته جيڪڏهن وين بلڪل صحيح حالت ۾ ھجي ھا ته پوءِ به رات جو ۱۰ وڳي کان اڳ استور نه پهچي سگهي ھا. قصو مختصر ته بابو سر ٽاپ جون آخري چاڙھيون چڙھندي وين اڳتي چرڻ کان مڪمل جواب ڏئي بيٺي. اتي رات جا تقريبن پوڻا نوَ ٿيا ھئا. طئي ٿيو ته وين کي ڪنھن گاڏيءَ سان ٽوچن ڪري بابوسر ٽاپ جي چوٽيءَ تائين پهچائجي ۽ سڀ سياح به ڪنھن ٻي گاڏي وسيلي مٿي پهچن. وين مان ٻاھر نڪري ڪنھن سواري جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. سيءُ ايترو ته شديد ھو جو سڀني ڄڻن کي ڏڪڻي وٺي وئي. شڪر ٿيو جو جلد ھڪ اھڙي وين ملي وئي جنھن ۾ ٻه يا ٽي ماڻهو سوار ھئا جنھن اچي بابوسر ٽاپ تي لاٿو. توڙي دير ۾ اسان واري وين به ڪنھن گاڏيءَ جي سھاري مٿي پهچي وئي ۽ اسان ان ۾  سوار ٿياسين ڇاڪاڻ ته اتان کان لاھي وارو رستو ھو. استور پهچڻ وارو خيال ته سڀني جي ذهنن مان ڪڏھوڪو نڪري چڪو ھو بس ھينئر اسان کي ڪنھن اھڙي اجهي جي ضرورت ھئي جتي رات جا ٻه چار پھر خير سان گذاري سگهجن. ساڍي نائين ڌاري اسان کي شائن اسٽار ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ جي صورت ۾ گهربل اجهو نظر آيو ۽ سڀئي ڄڻا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ھوٽل جي عمارت اندر داخل ٿيڻ لڳاسين.

اھڙي نموني ۱۲ آگسٽ واري سفر جي پڄاڻي رات جو مانسهرا ضلعي جي ھڪ ننڍڙي وسندي جي شائن اسٽار ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ ۾ ٿي. نالي ۾ ته اھو ھوٽل ھو پر رھائش جي لاءِ ان ۾ ڪجھ سادا سودا ڪمرا ٺهيل ھئا جن ۾ پٽ تي قالين وڇايل ۽ ڀتن جي وٽ سان ميرا ۽ مر ھاڻا طول وھاڻا رکيل ھئا. اسان چئن ڄڻن يعني مجيد، محمد اسلم، امان الله ۽ مون ھڪ ڪمري ۾ ديرو ڄمايو. ٿوري دير ۾ ٻه ھمراھ سمهڻ لاءِ ھنڌ بسترا کڻي آيا جيڪي خوشقسمتيءَ سان ڪافي صاف سٿرا ھئا. ماني لاءِ وڏي ھال ۾ اچي ويٺاسين پر کاڌي جي صورتحال اھا ھئي جو مونکي ”بک ۾ بصر به ڀلو“ واري سنڌي چوڻي ياد آئي. اسان وارو ڪمرو رات گذارڻ لاءِ ٿلهي ليکي ٺيڪ ھو پر ان سان لڳ واش روم مٿان ٽين جي ڇت پيل ھئي جيڪا تيز ھوا ۾ سڄي رات کڙڪندي رھي. مونکي ڀؤ ھو ته تيز ھوا ۾ ٽين واري اھا ڇت ڪٿي اڏامي نه وڃي پر شڪر آ جو اھڙي نوبت نه آئي.

صبح جو ۴ وڳي ڌاري ٽوئر گائيڊن سعد ۽ عدنان اچي اسان کي ننڊ مان جاڳايو ۽ چيو ته جلدي تيار ٿيو ته ھتان نڪرون جو موسم ڏاڍي خراب آھي. اھڙي اونداھي واري وقت ڪچي ننڊ مان اٿاري سفر اڳتي وڌائڻ واري اھا نويد شايد ئي ڪنھن کي وڻي ھجي پر پوءِ به سڀ ساٿي مختصر وقت ۾ تيار ٿي اچي وين ۾ ويٺا. فجر جي نماز لاءِ وين ڪنھن نامعلوم وسندي ۾ روڊ جي ڀرسان ھڪ مسجد اڳيان اچي بيٺي. مسجد جي ڀرسان ڪو جابلو نالو وھي رھيو ھو جنھن جو پاڻي ڏاڍو صاف سٿرو ۽ ٿڌو ھو. ڪجھ مفاصلو طئي ڪيوسين ته ۱۳ آگسٽ واري سج جي ڪرڻن اسان جو رستي تان ويندي آڌر ڀاءُ ڪيو. اسين هينئر بابوسر پاس يا ٽاپ واريون لاھيون لھي چڪا هياسين.

بابوسر ٽاپ ۱۵۰ ڪلوميٽر ڊگهي ڪاغان ماٿري کي اتر ۾ گلگت بلتستان سان قراقرم ھاءِ وي وسيلي ڳنڍي ٿو. انڪري ئي بابوسر ٽاپ کي خيبر پختونخوا صوبي ۽ گلگت بلتستان جي حدبندي به تصور ڪيو ويندو آھي. اسين ۱۳۶۹۱ فوٽ اونچائي واري بابوسر ٽاپ تان ھيٺ لھي گلگت بلتستان جي ديامير ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿي وياسين جيڪو گلگت بلتستان جو گرم ترين ضلعو سڏيو وڃي ٿو. چيلاس ديامير ضلعي جو ھيڊڪوارٽر آھي.

گلگت بلتستان کي اھو نالو پيپلزپارٽي جي سرڪار دوران ۲۰۰۹ع ۾ ڏنو ويو ھو جڏهن تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري جي خاص ڪوششن سان گلگت بلتستان کي نه رڳو نالو ڏنو ويو پر محدود اختيار پڻ ڏنا ويا ھئا. انهيءَ کان اڳ ۱۹۷۰ع ۾ ھن علائقي کي ھنزه ۽ نگر رياستن سميت اترين علائقن جو نالو ڏئي وفاقي سرڪار جي انتظام ھيٺ ڏنو ويو ھو. گلگت بلتستان جي پکيڙ ۷۲۹۷۱ ڪلوميٽر آھي. ۲۰۱۷ع جي آدمشماري موجب ان جي ڪل آبادي ۱۴۹۲۹۲۴ ماڻهن تي مشتمل آھي. انتطامي لحاظ کان ھن کي ٽن ڊويزنن ۽ چوڏھن ضلعن ۾ ورھايو ويو آھي. بلتستان ڊويرن ۾ اسڪردو گهانچي، شِگر، خارمانگ ۽ رونڊو ضلعا، گلگت ڊويزن ۾ گلگت، گِذر، ھنزه ۽ نگر ضلعا جڏهن ته ديامير ۾ ديامير،  استور، ٽانجر، ڊاريل ۽ گُپس ـ ياسين ضلعا شامل آھن. گلگلت بلتستان جو ھيڊ ڪوارٽر گلگت ۽ وڏي ۾ وڏو شھر اسڪردو آھي جنھن جي آبادي ۲۱۴۸۴۸ آھي. ٻن لکن کان مٿي آبادي وارو ٻيو شھر گلگت آھي. آبادي جي لحاظ کان گلگت بلتستان جو وڏي ۾ وڏو ضلعو گلگت جڏھن ته ايراضيءَ جي حوالي سان وڏي ۾ وڏو ضلعو ھنزه آھي.سياري ۾ اسڪردو جو گرمي پد ڪاٽو ۲۰ ۽ استور جو ڪاٽو ۱۶ سينٽي گريڊن تائين ويندو آھي.

جاگرافيائي حوالي سان گلگت بلتستان جون حدون ڏکڻ ۾ آزاد ڪشمير، اولھ ۾ خيبر پختونخوا صوبي، اتر ۾ افغانستان، اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ چين ۽ ڀارتي قبضي ھيٺ آيل ڪشمير ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ لداخ سان ملن ٿيون. گلگت بلتستان بنيادي طور جابلو ۽ پهاڙي علائقن ۽ ماٿرين تي مشتمل آھي جنهن جون ڪيتريون ئي چوٽيون سڄو سال برف جي تھن سان ڍڪيل رھن ٿيون. ھت دنيا جا ٽي وڏا جابلو سلسلا قراقرم، ھماليا ۽ ھندوڪش موجود آھن. انهن سلسلن جون ۵ اھڙيون جابلو چوٽيون آھن جن جي اونچائي ۸۰۰۰ ميٽرن کان مٿي آھي ۽ ۵۰ کان مٿي اھڙيون جابلو چوٽيون به آھن جن جي اونچائي ۷۰۰۰ ميٽرن کان وڌيڪ آھي. ڪي ٽو، نانگا پربت، راڪا پوشي، ترچ مير، براڊ پيڪ ھتان جي ڪجھ مشهور جابلو چوٽين جا نالا آھن، جن کي سر ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا جبل چاڙھو پاڪستان ايندا رھندا آھن. ھتي قطبن کانپوءِ دنیا جا سڀ کان وڏا ۽ مشهور گليشيئر به آھن. اھڙن گليشيئرن ۾ بيافو، باتورا، بالتورو، سياچن، پاسو ۽ ڪجھ ٻيا شامل آھن. خوبصورت ڍنڍن جي به ھت ڪا کوٽ نه آھي. ھتان جي ڪجھ مشهور ڍنڍن ۾ شوسر، نالتر، ستپارا، ڪاتزورا، زاربا، ڦوروڪ، بيارسا، رُش،  ڪرومبر، راما، ڪچورا ۽ ٻيون ڳڻائي سگهجن ٿيون. ندين جي سلسلي ۾ به گلگت بلتستان پنھنجو مٽ پاڻ آھي. گلگت ندي، شيوڪ ندي، شِگر ندي، سالتورو ندي، ھُوشي ندي، ھِسپر ندي، رُوپل ندي، شِمشال ندي، گِذر ندي، ڪرامبر ندي، نالتر ندي، نبرا ندي وغيره ھتان جي ڪجھ ندين جا نالا آھن. انکانسواءِ اسان جي ان داتا سنڌوندي جو تمام وڏو حصو به ھن خوبصورت ۽ حسين علائقن مان گذري ٿو.

فطري حسن کانسواءِ گلگت بلتستان جهنگلي جيوت جي حوالي سان به وڏو شاھوڪار علائقو آھي. جهنگلي حيات جون ھتي ۳۰۰ کان وڌيڪ جنسون ملن ٿيون جن ۾ خطري ھيٺ آيل برفاني چيتي (Snow Leopard) ۽ ناسي رڇ (Brown Bear) کي دنيا م خاص اھميت حاصل آھي. ھن علائقي جو مشهور ۽  پالتو بڻايل جانور ياڪ (Yak) ۽ مارڪو پولو رڍ (Marco Polo Sheep) به سموري پاڪستان مان رڳو ھتي ئي ملن ٿا.

۱۹۷۸ع ۾ قراقرم ھاءِ وي جي تعمير کان اڳ گلگت بلتستان جو ملڪ جي ٻين حصن سان رابطو تمام ڏکيو بلڪ ڪٽيل ھوندو ھو،  ڇاڪاڻ ته سخت مشڪل ۽ برف سان ڍڪيل جابلو رستن ۽ ماٿرين کي تن ڏينهن ۾ عبور ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه ھئي. چين ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيل قراقرم ھاءِ وي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي نه رڳو ملڪ جي مڙني علائقن ۽ شهرن سان ڳنڍي ڇڏيو پر ھتان جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ تي به وڏا مثبت اثر وڌا. پاڪستان ۾ تعليم جي مجموعي شرح ۶۰ سيڪڙي کان گهٽ آھي پر گلگت بلتستان ۾ ۹۰ سيڪڙي کان وڌيڪ ماڻهو پڙھيل لکيل آھن. مطلب ته تعليمي ترقيءَ ۾ ھتان جا ماڻهو ملڪ جي چئني صوبن کان اڳتي نڪتل آھن. گلگت بلتستان ۾ ماڻهن جي اڪثريت اسماعيلي فرقي سان واسطو رکي ٿي ۽ مذهبي حوالي سان ھتان جا ماڻهو ٿڌي دماغ وارا آھن. اهو ئي سبب آھي ته ھتي مذهبي انتها پسندي جو ڪو وجود ناھي. شينا، بروشسڪي ۽ بالتي ھتان جون مک ٻوليون آھن پر انهن کانسواءِ ڪجھ ٻيون ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون. مختلف قوميتن وارا ماڻهو هڪٻئي سان رابطي لاءِ گهڻو ڪري اردو ٻولي ڳالھائين ٿا.

۶ وڳي ڌاري نيرن لاءِ ھڪ ننڍي آبادي گني ۾ اسٽاپ ڪيوسين. سڀئي ڄڻا ريسٽورنٽ جي مٿئين حصي ۾ ويٺاسين جتان سنڌو درياھ جي وھڪري جو آواز ته ٻڌڻ ۾ آيو ٿي پر گهاٽن وڻن جي ڪري درياھ تي نظر نٿي پئي. اڌ ڪلاڪ کن ۾ نيرن ڪري اڳتي راھي ٿياسين. پوڻين اٺين ڌاري راءِ ڪوٽ شھر مان گذرندڙ سنڌو درياھ مٿان اڏيل خوبصورت پل ڪراس ڪري ڊوئيان چيڪ پوسٽ تي پهتاسين جتان استور ضلعي جون حدون شروع ٿين ٿيون. ۱۰ بجي خير سان استور پهچي وياسين. گلگت بلتستان ۾ موبائيل نيٽورڪنگ جو وڏو مسئلو آھي انڪري اسان جي ساٿين وٽ مختلف ڪمپنين جي سمن ڪم نٿي ڪيو. استور پهچي خبر پئي ته اسان سان راولپنڊي مان گڏ نڪتل ڪوسٽر جنھن ۾ ڪجھ فيمليون به سوار ھيون سو گذريل رات ھڪ وڳي ڌاري ھتي پهتو ھو جنھنڪري ان ۾ سفر ڪندڙ سياحن کي وڏي تڪليف مان گذرڻو پيو ھو.

قراقرم ھاءِ وي کان استور تائين روڊ ته ڪافي بهتر ھو پر جبلن کي ڪٽي تيار ڪيل ور وڪڙن واري ان رستي تي ڊرائيونگ دوران وڏي احتياط ۽ صبر جي ضرورت آھي. استور واري سموري رستي سان ھڪ پاسي وڏا جبل آھن ته ٻي پاسي گهڻي ھيٺاھين تان وھندڙ استور نديءَ جو تيز وھڪرو. ھتان جي ٻين ندين ۽ نئين جيان استور ندي به اڳتي ھلي سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انھي حالت ۾ تڪڙ ۽ لاپرواهي جي ٿورڙي به گنجائش نه آھي. استور گلگت بلتستان جي ۱۴ ضلعن مان ھڪ ضلعو آھي. ان سان گڏ استور سمنڊ جي سطح کان ۸۵۰۰ فوٽ بلند ھڪ خوبصورت پھاڙي ماٿري به آھي جنھن جي ڊيگھ ۱۲۰ ڪلوميٽر ۽ پکيڙ ۵۰۰۰ ڪلوميٽرن تائين آھي. استور کي چراگاھن جي سرزمين به سڏيو ويندو آھي. ھتي سياحت جي حوالي سان ڪيتريون ئي بهترين جايون آھن جن مان ديوسائي وارا اونچا ميدان، راما ڍنڍ، منيمرگ، راٽو ڳوٺ ۽ روپل ماٿري ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪافي مشھور ۽ معروف آھن.

استور ۾ شينا (Shina) اڪثريت جي ٻولي آھي جنھن جا ڪيترا ئي لھجا ٿين ٿا. رابطي جي زبان طور اردو ڳالھائي وڃي ٿي. اسان ۱۳ آگسٽ واري ڏينھن استور پهتاسين ۽ ٻي ڏينھن تي ملڪ جي آزاديءَ جو ڏينھن ھو پر اتان جي ماڻهن ۾ ان حوالي سان ڪا به گرمجوشي ۽ تحرڪ نظر نه آيو. ھونئن سموري گلگت بلتستان جا ماڻهو پنھنجي علائقي جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسين ۽ ترجيحن تي وڏا اختلاف ۽ ناراضگي رکن ٿا جن جو ھو سدائين اظھار به ڪندا رھندا آھن.

جيتوڻيڪ اسان واري وين جي ڊرائيور استور تائين ڏاڍي سٺي ۽ محفوظ ڊرائيونگ ڪئي ھئي پر پوءِ به مون سميت ڪجھ دوستن محسوس ڪيو ته ٽوئرنگ ڪمپني جي انتظاميه ھن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ مان خوش ۽ مطمئين نه آھي. استور ۾ اسان کي ڪنھن سادي سودي بلڪ ڌتڙيل ھوٽل جي ٻن ننڍڙن ڪمرن ۾ ترسايو ويو جتي آرام ڪرڻ جي ته ٺهيو پر ڍنگ سان ويھڻ جي به جاءِ نه ھئي. پر پاڻ کي اھو سوچي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رھياسين ته ڪجھ وقت کانپوءِ راما ماٿري لاءِ نڪرڻو آھي انڪري مڙئي وقت گذاري وڃبو. ڪوسٽر وارن سياحن کي ھتان جي ھڪ سٺي ھوٽل ”استور ان ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ“ ۾ رھايو ويو ھو. اسان کي ڪمپني وارن ٻڌايو ته ھوٽل ۾ ھينئر ڪو ڪمرو خالي ناھي نت توهان کي به اتي ئي رھايون ھا. راولپنڊي مان نڪرڻ وقت  سياحن جو گهڻو سامان ڪوسٽر جي ڇت تي لوڊ ڪيو ويو ھو جنھن ۾ منھنجو ٿيلھو به شامل ھو. هينئر تائين ٿيلھو نه ملڻ ڪري مون لاءِ مسئلو ھو ته لٽي ڪپڙي ۽ ٻي ضروري سامان کانسواءِ تيار ڪيئن ٿجي. آخر ۴ يا ۵ ڀيرا گائيڊ سعد حيات کي ڪالون ڪرڻ کانپوءِ مس وڃي ٿيلھو مون تائين پهتو. ايتري دير جو نتيجو اھو نڪتو جو سڀ کان آخر ۾ تيار ٿيڻ وارو شخص مان ھيم. ڪمپني جا گائيڊ ۽ منتظم ٽوئر جي اڳئين مرحلي جا انتظام ڪرڻ ۾ ايترا ته مشغول ھئا جو کين اسان جي ماني ٽڪي به ياد نه ھئي. نيٺ اسان پنھنجي مڙسي يعني مجيد منگي جي پيسن تي سامھون واري ھوٽل ۾ ۳ وڳي کانپوءِ مانجهاندو ڪري بک مان جان ڇڏائي.

۱۳ آگسٽ واري اھا رات اسان کي راما ماٿري جي سرسبز ميدانن (Rama Meadows) تي  گذارڻي ھئي. راما وارا اھي سر سبز ميدان ۱۰۸۰۰ فوٽن جي بلندي تي آھن ۽ اتي پهچڻ لاءِ جبلن ۽ پھاڙن کي ڪٽي ڪچو دڳ ٺاهيو ويو آھي، جنھن تان ڪنھن عام گاڏي جو گذرڻ ڏکيو ۽ خطرناڪ سمجهو وڃي ٿو. انڪري ئي ڪمپني راما لاءِ ٽن فور ويل گاڏين جو بلو ڪيو ھو. شام جو ۴ وڳي ڌاري گاڏين ۾ اچي ويٺاسين. اسان جنھن گاڏي ۾ ويٺاسين ان جو ڊرائيور ھتان جو مقامي رھواسي ھو ۽ سندس مادري ٻولي شينا ھئي. رستي ۾ ھن سامهون ايندڙ گاڏين جي ڊرائيورن سان پنھنجي ٻوليءَ ۾ سلام دعا ٿي ڪئي. شينا جيئن ته کُهري ٻولي آھي انڪري ائين ٿي لڳو ڄڻ ھنن ھڪٻئي کي دڙڪا ٿي ڏنا. استور کان راما ماٿري جو مفاصلو ۱۱ ڪلوميٽر آھي پر خراب ۽ پٿريلي رستي ڪري اھو تقريبن مني ڪلاڪ ۾ طئي ٿي سگهيو. دائود ۽ بلال استور ان ھوٽل ۾ ڪوسٽر ذريعي پهتل اسان جي ٻين ساٿين سان ملي آيا ھئا ۽ ھينئر اسان کي ٻڌائي رھيا ھئا ته ان گروپ ۾ ڪجھ ڇڙن کانسواءِ ٽي شادي شده جوڙا آھن جن مان ٻن جوڙن کي ٻار آھن ۽ ٽئين جوڙي جي نئين شادي ٿيل آھي. اھڙي نموني ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندا راما جي سرسبز ۽ سڪون ڏيندڙ ميدانن تي اچي لٿاسين. ھتي نه رڳو ساوڪ سان ٽمٽار ميدان آھن پر شاھ بلوط (Oak Tree) ۽ ڪجھ ٻين وڻن جو ججهو تعداد به ماحول جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪري ٿو. راما ماٿري ۾ سياري جو شديد برفباري ٿيندي آھي جنھنڪري سال جا ۷ يا ۸ مھينا ھتان جا سمورا دڳ ۽ رستا برف جي تھن ھيٺان ڍڪجي ويندا آھن. سال جو وڏو عرصو سياحت جي خاتمي سان مقامي ماڻهن جو روزگار به شديد متاثر ٿيندو آھي. واضح رھي ته سياحت گلگت بلتستان جي آمدني جو مکيو وسيلو آھي. راما تي ماڻهن جو چڱو تعداد نظر آيو جيڪي گهڻي ڀاڱي پنھنجي ذاتي گاڏين وسيلي گهمڻ آيا ھئا. ھتي کاڌي پيتي لاءِ ڪجھ عام رواجي ھوٽل ۽ ڪيبنون به ھيون جتان مردن سان گڏ عورتون ۽ ٻارڙا مختلف قسمن جون شيون خريد ڪري رھيا ھئا. ساوڪ سان ڀريل حسين ۽ دلڪش فطرتي منظرن کي پسي ماڻهوءَ کي جيڪا خوشي ۽ سڪون حاصل ٿئي ٿو سا خوشي ۽ سڪون راما پهتل ماڻهن جي چهرن مان به بلڪل واضع ھو. حقيقت اھا آھي ته راما جي روپ ۾ فطرت ماءُ جي ھنج ۾ اچي اسان سڀني به تازگي ۽ فرحت محسوس ٿي ڪئي. راما تي اھو نالو اتان کان ۱۳ ڪلوميٽر پري ساڳي نالي واري ڳوٺ تان پيل ٿو ڏسجي. مجيد منگي، اسلم ميمڻ، امان الله سومرو ۽ مان گھمندا ڦرندا ھڪ خوبصورت نديءَ تي اچي بيٺاسين جتي اڳ ۾ ڪيترا ئي ڏيھي سياح موجود ھيا. ڪن نديءَ جي ٿڌي پاڻيءَ مان ھٿ منھن ٿي ڌوتو، ڪن گروپ فوٽو ٿي ورتا ۽ ڪن وري حسين منظرن جي فوٽوگرافي ٿي ڪئي. اسان جو ٽولو به سهڻن منظرن جي فوٽوگرافي ۾ مصروف ٿي ويو. مون اتي ڪجھ اھڙا پکي ڏٺا جيڪي سنڌ ۾ نٿا ملن پر مون وٽ ھڪ عام ڊجيٽل ڪئمرا ۽ موبائيل فون ھئي جنھن سان کين محفوظ نه ڪري سگهيس. ھتي ٿورو گهڻو زونگ کانسواءِ ٻيو ڪو به موبائيل نيٽورڪ ڪم نٿو ڪري انڪري ھڪ حوالي سان ڏاڍو سڪون لڳو پيو ھو. سج لٿي ڌاري سيءُ ۾ چڱو واڌارو ٿي ويو ۽ اوندھ به ٿيڻ لڳي انڪري گاڏين ۾ ويھي ڪجھ ھيٺاھينءَ تي ”راما ان ھوٽل اينڊ ڪيمپنگ سائيڊ“ تي آياسين جتي اسان کي رات خيمن (Tents) ۾ گذارڻي ھئي. راما ميدانن واري تفريح گاھ تي جيڪي به ھوٽل آھن تن وٽ سياحن کي خيمن ۾ ترسائڻ جو بندوبست هوندو آھي ڇاڪاڻ ته اھڙي حسين ۽ فطرتي ماحول ۾ سياحن جي اڪثريت خيمي اندر رات گذارڻ کي ترجيح ڏيندي آھي. اسان به خيمي اندر جيڪا رات گذاري سا يقينن ھڪ منفرد ۽ مثالي رات ھئي جنھن جون خوشگوار يادون وڏي عرصي تائين ذھنن ۾ محفوظ رهنديون. اسان واري سموري ٽولي لاءِ ٽن خيمن جو بندوبست ٿيل ھو جن مان ھڪڙو ته ڪمري جيڏو وڏو ھو جنھن ۾ ڪراچي کان آيل ڪٽنبن کي رھايو ويو ھو. اسان چئن دوستن پنھنجي لاءِ ھڪڙو ڪنڊائتو خيمو پسند ڪيو. رات جو ڪچهري ۾ سکر جو خادم حسين مھر به اچي شامل ٿيو. اسان مان ڪنھن کيس رات اتي ئي گڏجي گذارڻ جي آڇ ڪئي جيڪا ھن قبول ڪئي ۽ ٿوري دير کانپوءِ پنھنجو سمورو سامان به اتي کڻي آيو. اسان مان سڀني کان گهڻو سامان منھنجي ھن نالي ڀائي وٽ ھو. ھو سياحت جو تمام گهڻو شوقين آھي ۽ گهڻي گهمڻ ڦرڻ ڪري کيس خبر پئجي چڪي آھي ته سفر دؤران ڪهڙين ڪهڙين شين جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. ڪچهري ڪندي ڪافي وقت گذري ويو پر رات جي مانيءَ جو اڃان تائين ڪو امڪان نظر نٿي آيو. آخر پڇا ڪرڻ سان خبر پئي ته اسان واري ٽولي ۾ شامل ماين ھوٽل وارن کي جهلي ڇڏيو ھو ته ھو ماني تيار نه ڪن ڇاڪاڻ ته اھي پاڻ سڀني لاءِ رات جي ماني تيار ڪنديون. ان جو مطلب ته اسين سڀ ھاڻي ماين جي رحم ڪرم تي ھياسين ته جڏهن به چاھين ۽ جهڙي به چاھين ماني کارائين. ان رات اسان واري ٽولي کانسواءِ ٻين به ڪافي سياحن جا خيما لڳل ھئا جن خيمن جي ڀرسان باھ جا مچ ٻاري ۽ وڏي آواز ۾ گانا ھلائي ناچ ٿي ڪيو. اسان جو خيمو جيتوڻيڪ وٿيرڪو ھو پر پوءِ به گانن، ٽهڪن ۽ ھوڪرن جو آواز اسان جي ڪنن تائين پهچي رھيو ھو. گلگت بلتستان جي ماڻهن جي اھا وڏي خوبي آھي ته اھي مجموعي طور امن پسند، مذهبي انتھاپسندي کان پري ۽ عورتن جي عزت ڪرڻ وارا آھن. انڪري ھتي اھڙي قسم جي ناچ ۽ گاني واري مخلوط پارٽين تي ڪير به اعتراض نٿو ڪري. اسان مان به ڪن خيمي مان ٻاھر نڪري چڪر لڳايو ٿي. سڀني کي ڏاڍي بک لڳي ھئي نيٺ ساڍي يارھين وڳي ڌاري محمد اسلم ماني کڻائي آيو. ماني جو خاص آئٽم برياني ھو ۽ ان سان گڏ دال ماني به ھئي. دال ماني ته گذاري لائق ھئي برياني بس اھڙي ھئي جهڙي سنڌ ۾ ڇوڪرڙيون ھڪٻئي سان راند روند ڪندي تيار ڪنديون آھن. اسان لاءِ جيئن ته اھا نام نھاد برياني کائڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه ھئي سو مجبورن پيٽ جي باھ کي ٿڌو ڪيوسين.

ماني کائي ٻاھر آياسين. سيءُ چڱو ھو پر جيڪيٽون ۽ ٻيا گرم ڪپڙا پهرڻ ڪري ٿڌ سھڻ جوڳي ٿي پئي ھئي. اسان واري ٽولي مان ڪافي ڄڻا اڳ ئي حالن حوالن ۾ محو ھيا ته اسان به خير سان پهچي وياسين. لڳ ڀڳ ھڪ وڳي تائين ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪري ھرڪو پنھنجي پنھنجي خيمن ڏانھن واپس ورڻ لڳو.

راما ماٿريءَ جهڙي سڪون بخش مقام تي خيمي يا تنبو ۾ ھڪ يادگار رات گذاري صبح ساڍي ستين ڌاري مونکي جاڳ ٿي. ٿوري ٿوري وٿيءَ سان ٻيا ساٿي به اٿندا ويا. منھنجي خواھش ھئي ته صبح جو سوير اٿي راما ماٿري تي اڀرندڙ سج جو منظر ڏسجي پر رات جو گهڻي دير تائين جاڳڻ ڪري سويري نه اٿي سگهيم. ۱۴ آگسٽ واري ان صبح جو اسان کي راما ڍنڍ لاءِ روانو ٿيڻو ھو انڪري جلدي نيرن ڪري اچي گاڏين ۾ ويٺاسين. اسان سڀني پنھنجو سامان سھيڙي رکيو ھو پر سعد ۽ عدنان (اسان جا ٽوئر گائيڊ) چيو ته سامان خيمي ۾ ئي رھڻ ڏيو ڇاڪاڻ ته ڍنڍ کان واپسيءَ تي ھتي ئي اچبو. اسان کانئن پڇيو ته پوءِ سامان جي حفاظت ڪير ڪندو؟ تنھن تي جواب ڏنائون ته سامان تي پهري جي ضرورت ناهي ڀلي پيو ھجي ڪو به نه کڻندو. اسان سنڌ جي ماڻهن لاءِ اھڙي دعويٰ جيتوڻيڪ حيرت جهڙي ھئي پر پوءِ به گائيڊن جي مشوري تي سڀني کي لاچار عمل ڪرڻو پيو. ٺيڪ ۹:۴۵ تي گاڏين راما ان ھوٽل اينڊ ڪيمپنگ سائيڊ کان راما ڍنڍ لاءِ مٿاھينءَ ڏانھن سفر شروع ڪيو. ۱۵ کان ۲۰ منٽن جي ڊرائيو کانپوءِ ٽئي فور ويل گاڏيون راما ليڪ جي بيس ڪئمپ تي اچي بيٺيون. ھي آخري پوائنٽ آھي جتي گاڏين ذريعي پهچي سگهجي ٿو. ھتان کان راما ڍنڍ تي پهچڻ لاءِ سوڙھو ۽ چاڙھيءَ وارو ڏکيو رستو شروع ٿئي ٿو جنھن کي انگريزيءَ ۾ Hiking Track سڏبو آھي. ان ڏکئي ۽ ٿڪائيندڙ رستي تان ڪي ماڻهو پيدل، ڪي موٽر سائيڪلن تي ۽ ڪي گهوڙن تي چڙھي وڃي رھيا ھئا. بيس ڪئمپ وٽان موٽر سائيڪلون ۽ گهوڙا ڪرائي تي ملي ٿي سگهيا. ڪجھ ماڻهن خاص طور نوجوانن وٽ پنهنجون به موٽرسائيڪلون ھيون جن تي ڪجھ سر ڦريا پنھنجي ڊرائيونگ جون مھارتون پڻ ڏيکاري رھيا ھئا. مجيد منگي ۽ امان الله سومري ڍنڍ تي ھلڻ کان نابري واري. خادم حسين مھر موٽر سائيڪل ڪرائي تي وٺي روانو ٿيو جنھن تي مجيد چيو ته مھر صاحب جي تياري ته مائونٽ ايوريسٽ سر ڪرڻ واري ھئي پر افسوس ته ھلي راما ڍنڍ تائين به نه سگهيو! اسلم ميمڻ، دائود قريشي ۽ مان پيدل مٿي ھلڻ جو فيصلو ڪيو. ٿورو اڳتي وڌڻ سان رستي جي ڏکئي ھجڻ جو ڪافي شدت سان احساس ٿيو پر اسان ٽنھي جون وکون لڳاتار وڌنديون ئي رھيون. اسلم ته رستي سان ھلندي ڪٿي پوئتي رھجي ويو پر دائود ۽ مان سهڪندا ۽ ساھيون پٽيندا ھڪٻئي سان گڏ ھلي رھيا ھياسين. راما ڍنڍ تائين پهچڻ لاءِ رستي ۾ ٽي برفاني ڇپون يا گليشيئر اچن ٿا جن مان ٻن تي مٿان چڙھي ۽ ھڪ کي پاسي کان ٽپي گذرڻو پوي ٿو. گليشيئر مٿان گذرڻ  موٽرسائيڪل سوارن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو ڇاڪاڻ ته برفاني تھن مٿان ٽائرن جي ترڪڻ جو وڏو امڪان ھو. رستي تي ھڪ ٻه جوس، پاڻي ۽ چپسن جا اسٽال به نظر آيا جن جي اھڙي مشڪل رستي ۾ واقعي ضرورت به ھئي.

راما ڍنڍ ھڪ پھاڙي ڍنڍ آھي جيڪا راما جي سرسبز ميدانن کان ۴ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. سمنڊ جي مٿاڇري کان ۱۱۵۰۰ فوٽ مٿانھين واري ان ڍنڍ جو پاڻي سياري ۾ شديد ٿڌ سبب ڄمي ويندو آھي. ڍنڍ تي پيدل ماڻهو عام طور سوا کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين پهچي وڃي ٿو پر ان جو مدار رستي جي حالت تي به ھوندو آھي. مان ۽ دائود قريشي به تقريبن سوا ڪلاڪ ۾ مٿي پهچي وياسين. راما ڍنڍ استور ضلعي جو ھڪ اھم سياحتي ماڳ (Touring Destination) آھي جتي ھر سال سياحن جو وڏو تعداد گهمڻ اچي ٿو. راما ڍنڍ چؤڌاري وڏن وڏن جبلن سان گهيريل آھي. ھتان جڳ مشھور نانگا پربت واري چوٽي به نظر ايندي آھي. اسان ڀيري جيئن ته موسم  صاف نه ھئي تنھنڪري چوٽي ڌنڌلي ٿي نظر آئي. ڪيترا ئي سياح راما ڍنڍ واري فطري ماحول مان مزو وٺڻ ۽ اتان نانگا پربت جا سج اڀرڻ ۽ لھڻ وارا شاندار منظر پسڻ لاءِ رات تنبن ۾ گذاريندا آھن. تنبو يا خيما في رات جي حساب سان سياحن کي مهيا ڪرڻ ھن علائقي جي ماڻهن جو ھڪ عام ڪاروبار آھي جنھن وسيلي ھو مناسب آمدني حاصل ڪري ٿا وٺن. سياري ۾ سياح گهٽ ھوندا آھن ته خيمن جا اگھ به لٿل ھوندا آھن پر اونھاري ۾ سياحن جو تعداد وڌڻ سان اگھ به وڌي ويندا آھن. خيمن سان گڏ اڪثر ڪاروبار ڪندڙ کاڌي پيتي جون شيون به رکندا آھن جن جو اگھ بازار کان ڪافي وڌيل ھوندو آھي. مثال طور ڏيڍ ليٽر واري پاڻي جي بوتل جيڪا بازار ۾ ۵۰ يا ۶۰ رپين ۾ ملي ٿي سا ھتي ۱۰۰ رپين ۾ وڪرو ٿي رھي ھئي. جيتوڻيڪ اھو آگسٽ جو مھينو ھو پر راما ڍنڍ جو پاڻي ڪچڙي منجهند ڌاري به ڏاڍو ٿڌو ھو. ڪيترا ئي سياح ڍنڍ جي ٿڏي پاڻيءَ مان ھٿ منھن ڌوئي يا پير پسائي رھيا ھئا پر ڪيترا ته وھنجي به رھيا ھئا. مون به پاڻيءَ جو گرمي پد معلوم ڪرڻ لاءِ ڍنڍ مان ھٿ منھن ڌوتو. پاڻي ٿڌو ۽ بئنڪ صاف سٿرو ھو. راما ڍنڍ تي کاڌي پيتي جي شين لاءِ ھڪ ڪچو دڪان ۽ ننڍڙو چانھ جو اسٽال به ھيو. دڪان تي پيٽرول به ميسر ھو ڇاڪاڻ ته ڪيترا ماڻهو ھت پيدل نه پر موٽر سائيڪلن ذريعي اچن ٿا. مجيد منگي جيتوڻيڪ بيس ڪئمپ وٽ ڍنڍ تي ھلڻ کان انڪار ڪيو ھو پر پوءِ خيال مٽجڻ ڪري گهوڙي تي سوار ٿي مٿي پهچي ويو ۽ کيس اتي ڏاڍو مزو آيو. مجيد جي گهڻي وقت کان عادت آھي ته ھو لڳ ڀڳ ڏھاڙي يوگا ۽ مراقبو (Meditation) ڪندو آھي. انکانسواءِ ڪنھن خوبصورت فطري منظر وٽ به موقعو ملڻ تي ڪجھ وقت لاءِ مراقبي ۾ ويھي رھندو آھي. انڪري راما ڍنڍ جهڙو پرسڪون ۽ روح کي راحت ڏيندڙ فطري منظر ھجي ۽ مجيد ڪجھ ساعتون مراقبو نه ڪري اھو ممڪن نه ھو. مون مراقبي ۾ ويٺي سندس ڪجھ تصويرون ورتيون. راما ڍنڍ تي گروپ جي سڀني ساٿين کي ڏاڍو مزو آيو.

ٻارھين وڳي ڌاري گڏيل صلاح سان واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. رستي تان موٽندي جگلوٽ جو ھڪ نوجوان ڪچهري ڪندو هليو. ھن فيصل آباد جي ڪنھن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ھئي. ڪافي سلجهيل ۽ روشن خيال ٿي لڳو. مجموعي طور گلگت بلتستان ۽ خاص طور پنھنجي شھر جگلوٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ بابت مفيد معلومات ڏنائين. ھن جو سنڌ ۾ به اچڻ ٿيو ھو جتان جي گرميءَ جون ڏاڍيون دانھون ٿي ڪيائين. سياست ۾ به ڪافي دلچسپي ھيس انڪري چڱو وقت ملڪي سياست ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي ناجائزين ۽ زيادتين تي به گفتگو ڪندو رھيو. ھڪ وڳي تائين واپس بيس ڪئمپ پهچي وياسين. واپسي وارو پنڌ لاھي ھجڻ ڪري ڏاڍو سھنجو ثابت ٿيو. اتان ئي جگلوٽ وارو نوجوان اسان کان موڪلائي پنھنجي منزل طرف روانو ٿي ويو پر ان کان اڳ اسان کيس ڪولڊ ڊرنڪ پياريو. جڏهن سڀ ساٿي بيس ڪئمپ پهچي ويا ته اسان به پنھنجي گاڏين ۾ اچي ويٺاسين ۽ کل ڀوڳ ڪندا ڪجھ وقت ۾ راما ان ھوٽل ٻاهران اچي لٿاسين. اسان واري خيمي ۾ ھر شيءِ ساڳي ترتيب ۾ پئي ھئي جنھن ۾ صبح رکي ويا هئاسين. منجهند جي ماني کائي ڪجھ وقت تنبوءَ ۾ آرام لاءِ ليٽي پياسين.

رٿيل پروگرام موجب ٽين وڳي اسان کي گلگت بلتستان جي قومي راند پولو جو مقابلو ڏسڻ لاءِ وڃڻو ھو. اھو مقابلو ۱۴ آگسٽ تي ملڪ جي آزادي وارين تقريبن جي سلسلي ۾ استور ۽ گوري ڪوٽ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيڻو ھو. پولو اسٽيڊيم اتان ويجهو ھو تنھنڪري ٿوري وقت ۾ پهچي وياسين. اسان جي پهچڻ کان ٿورو اڳ ميچ شروع ٿي چڪو ھو. اسان به سڌا اسٽيڊيم اندر داخل ٿياسين جتي تماشائين جي ھوڪرن ۽ ڪوڪرن سان گڏ مقامي سازندن زبردست قسم جون ڌنون ٿي وڄايون. تماشائين جو وڏو تعداد پنھنجي پنھنجي ٽيم جي حمايت ڪري رھيو ھو. جڏهن به ڪنھن ٽيم بال کي مخالف ٽيم جي گول ڏانھن ٿي وڌايو ماڻهن جا ھوڪرا ٿي پئجي ويا. پولو ميدان پاڻي ھاري آلو ڪيو ويو ھو ته جيئن گهوڙن جي ڊوڙڻ ڪري مٽي نه اڏامي سگهي. پولو راند ڪيڏي نه تيز ۽ خطرناڪ ٿي ٿئي ان جو اندازو مونکي ميچ ڏسڻ کانپوءِ ٿيو. ٻنھي ٽيمن جا ڪجھ رانديگر هڪٻئي جون اسٽڪون لڳڻ ڪري زخمي به ٿي پيا جيڪا پولو جي راند ۾ ھڪ عام ڳالھ آھي. ۲ ته اھڙا به رانديگر ھئا جن جي نرڙ ۽ ٺوٺ وٽان رت وھي رھيو ھو پر پوءِ به اھي آخر تائين راند ۾ مشغول رھيا. ۲ نوجوان ميچ دوران ميدان تي موجود ھيا جن جو ڪم ڪنھن رانديگر جي ھٿ مان ڪريل اسٽڪ کيس واپس ڪرڻ ھو. اھو پرجوش ميچ سخت مقابلي کانپوءِ استور جي ٽيم کٽي ورتو.  استور جي رانديگرن کي پيليون شرٽون جڏهن ته ميچ ھارائيندڙ گوري ڪوٽ جي ٽيم کي اڇيون شرٽون پاتل ھيون. سموري ميچ دؤران تماشائين جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھيو. آخر ۾ ھڪ تقريب ٿي جنھن ۾ کٽندڙ ٽيم جي ڪيپٽن کي ٽرافي سان گڏ ۱۰ ھزار روڪ انعام طور ڏنا ويا. مجيد به فاتح ٽيم کي ۵ ھزار انعام طور ڏنا ۽ مختصر تقرير ڪئي جنھن ۾ ھن ٻنھي ٽيمن کي بھترين راند کيڏڻ تي داد ڏنو. تقريب کانپوءِ ٽيم جو آيل مهمانن سان گڏ گروپ فوٽو ٿيو جنھن ۾ اسان جي ساٿين به حصو ورتو. پنجين ڌاري واپس پنھنجن خيمن تي آياسين جتان ڪجھ وقت ۾ سامان سڙو سھيڙي راما ماٿري کي الوداع ڪري واپس استور ڏانھن وڃڻو ھو. اسان جون ٽئي فور ويل گاڏيون شام جو ڇھين وڳي تائين استور ان ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ پڄي ويون. اھو استور جو سڀ کان سٺو ھوٽل سمجهو وڃي ٿو جتي اسان جي گروپ جا ڪجھ ساٿي ۱۲ آگسٽ واري رات ترسيا ھئا. ساڳي رات اسان وين واري ٽولي بابوسر ٽاپ کان ڪجھ ھيٺ ڀرو ھڪ ننڍڙي وسنديءَ جي مڙئي سڙئي ھوٽل ۾ گذاري ھئي. ۹ وڳي ڌاري رات جي ماني لاءِ ھوٽل جي ھال ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿياسين. ھتي اسان کي ڪافي بهتر ۽ نسبتن معياري کاڌو مليو. ھوٽل انتظاميه جو چوڻ ھو ته ھنن پنھنجي هوٽل لاءِ ڪراچيءَ مان ڪڪ گهرايو آھي. ماني کائي ۽ ھڪٻئي سان ڪچهري ڪري ھرڪو پنھنجي پنھنجي ڪمرن ڏانهن روانو ٿي ويو. مجيد، خادم مھر ۽ مان ھوٽل تان لھي شھر جو چڪر لڳائڻ وياسين پر بازار گهڻي ڀاڱي بند ٿي چڪي ھئي انڪري ھڪ ميڊيڪل اسٽور تان ڪجھ اسٽريپسلز وٺي واپس ورياسين. ھوٽل جي ڇت جي خالي حصي تي اسان جي گروپ جا ڪجھ ساٿي ٽولن جي صورت ۾ ويٺا ھيا جن مان ھڪ ٽولي ۾ اسان به شامل ٿياسين. مجيد ۽ منھنجا روم ميٽ اسلم ميمڻ ۽ امان الله سومرو به ان ٽولي ۾ ئي ويٺا ھئا. موسم ڏاڍي وڻندڙ ھئي. چانھ پي ۽ ڪلاڪ سوا ڪچهري ڪري اسان واري چؤنڪڙي پنھنجي ڪمري ڏانھن رخ رکيو.

استور ان ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ جو ڪمرو جنھن ۾ اسين چئن ڄڻن رات گذاري ڪافي صاف سٿرو ۽ آرام وارو ھو. ڪشادي واش روم جي ڪا به شيءِ ٽٽل ڦٽل يا خراب ٿيل نه ھئي. ٻيو ته گرم پاڻي به ججهي مقدار ۾ موجود ھو. رات جو آرام ۽ سڪون واري ننڊ ڪري صبح جو سويري ئي جاڳ ٿي وئي. مجيد اسان کان اڳ ۾ اٿي ڪيڏانھن نڪري ويو ھو. ھو آيو ته ٿوري ڪچهري کانپوءِ تياري ۾ لڳي وياسين. سڀ کان پهريان مجيد ۽ مان نيرن لاءِ ھوٽل جي ھال ۾ اچي ويٺاسين. ٿوري ٿوري وٿي سان ٽوئر تي آيل ٻيا مرد ۽ مايون به ھال ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا. رسمي سلام دعا کانپوءِ نون آيلن به اڳ ويٺلن سان ڪچهريءَ ۾ پنھنجو حصو ٿي ڳنڍيو. ڪنھن ٽوئرنگ ڪمپني سان گڏ سياحت ڪرڻ جو ھڪ مثبت پاسو اھو به آھي ته ماڻهوءَ کي ملڪ جي مختلف قومن جي سياحن سان ملڻ جلڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. جڏهن سمورو ٽولو ھال ۾ گڏ ٿي ويو ته ھوٽل جي ويٽرن نيرن لڳائڻ شروع ڪئي.

اڄ (۱۵ آگسٽ ۲۰۲۰ع) اسان کي ٽوئر جي طئي ٿيل شيڊيول موجب استور جي ھڪ  خوبصورت سياحتي ماڳ ڊرلي ڍنڍ (Dirley Lakeٖ) لاءِ روانو ٿيڻو ھو. ڪمپني انتظاميه ٻڌايو ته ڍنڍ تي ھلڻ لاءِ ۱۱ وڳي استور مان نڪربو، جنھن جو مطلب ته اسان وٽ اڃان ٻه اڍائي ڪلاڪن جو وقت ھيو. اھو ھاڻي اسان تي ڇڏيل ھو ته وٿيءَ وارو اھو سمورو وقت ھوٽل تي ويھي گذاريون يا استور شھر جو چڪر لڳايون. ھينئر تائين اسان استور جا ڪجھ حصا فقط گاڏيءَ جي اندران ئي ڏٺا ھئا. منھنجو پڪو ارادو ٿي بيٺو ته فارغ وقت ۾ شھر گھمي ڏسجي ڇاڪاڻ ته باقي بچل ٽوئر ۾ ٻيھر اھڙو موقعو نه ملڻو ھو. مون پنھنجي ٽنھي ساٿين مجيد، اسلم ۽ امان الله کي اھڙي آڇ ڪئي پر انھن ڪا خاص دلچسپي نه ڏيکاري. نيٺ مان اڪيلو ئي استور شھر گهمڻ لاءِ نڪري پيس. اسان وارو ھوٽل شھر کان ڪو گهڻو پري نه ھو انڪري ٿوري پنڌ کانپوءِ مختلف قسمن جي دڪانن واري بازار شروع ٿي وئي. چڱو اڳتي وڌيم ته ھڪ چوڪ آيو جتان بهتر سمجهيم ته ڪنھن کان پڇا ڪجي ته شھر جا مک حصا ڏسڻ لاءِ ڪهڙي رستي سان وڃڻ بهتر ٿيندو. روڊ جي ڀڪ ۾ بيٺل ھڪ نوجوان کان ان حوالي سان پڇا ڪيم جنھن چڱو ڊگهو تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ چيو ته توهان ڪنھن سواريءَ تي وڃو ڇاڪاڻ ته پنڌ پري آھي انڪري ٿڪجي پوندئو. مان کيس چيو ته ھيڏانھن پنڌ ڪري ٿو وڃان باقي واپسي کڻِي ڪنھن سواري تي ڪندم. مان ھن کي مھرباني چئي اڳتي وڌڻ لڳم ته چيائين مان توهان سان گڏجي ٿو ھلان پنھنجي ڪمپني به رھندي ۽ شھر به ڏسي وٺبو. ٿورو اڳتي ڪو ھوٽل ڏسي چيائين ته چانھ وغيره پي پوءِ ٿا اڳتي ھلون پر مون مھرباني چوندي کيس ٻڌايو ته مون وٽ بلڪل محدود وقت آھي انڪري ترسون نٿا. رستي ۾ ھڪٻئي جو تعارف ڪرائڻ سان گڏ مان کانئس استور ۽ اتان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن بابت معلومات وٺندو رھيس. نوجوان پنھنجو نالو عبدالڪريم ٻڌايو ۽ پيشي جي لحاظ کان ھو وڪيل ھو. ھن ھاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ وڪيلن جي ھڪ پئنل سان گڏجي وڪالت ٿي ڪئي جن ۾ ڪجھ سنڌي وڪيل به شامل ھئا. مونکي پنھنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنائين جنھن تي سندس پورو نالو محمد عبدالڪريم مصطفوي لکيل ھو. سنڌ سان گهڻو لڳاءُ ٿي ڏيکاريائين جنھن جو سبب ڪراچيءَ مان سندس روزگار جو حصول به ٿي سگهيو ٿي. ڪارڊ ڏيندي خواهش ڏيکاريائين ته اڳتي ھڪٻئي سان رابطي ۾ رھنداسين.

استور مونکي ھڪ ننڍڙو، روايتي ۽ پراڻو شھر لڳو. ڪيترن ئي دڪانن کي  پراڻي وقت وارا ڪاٺ جا وڏا دروازا لڳل ھئا. ماڻهو به مجموعي طور لباس ۽ طبيعت ۾ بلڪل سادا سودا نظر آيا. مونکي ھتي ڪجھ پٺاڻ نظر آيا جن بابت عبدالڪريم کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اھي وڏي عرصي کان پر ٿوري تعداد ۾ آباد آھن. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪو پٺاڻ مستقبل طور ھتي رھائش اختيار ڪري ٿو تنھن سان مقامي ماڻهو مٽي مائٽي ڪندي نٿا ڪيٻائين. ڪچهري ڪندا ھڪ مصروف چوڪ تي آياسين جنھن بابت عبدالڪريم ٻڌايو ته ھي ھتان جو مشھور ”پريشان“ چوڪ آھي. ھن چوڪ تي ھڪ خوبصورت اسٽيچو وسيلي گهوڙي تي سوار نوجوان کي گلگت بلتستان جي قومي راند پولو کيڏندي ڏيکاريو ويو آھي. پريشان چوڪ جي ويجهو ئي آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي بلڊنگ نظر آئي جنھن جي مک دروازي اڳيان آرمي جا ڪجھ با وردي سپاھي سيڪيورٽيءَ جون ذميواريون نڀائي رھيا ھئا. مونکي ڪئمرا ھٿ ۾ ڏسي انھن مان ڪنھن ھٿ جي اشاري سان منع ڪئي ته ھت فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه آھي جڏھن ته منھنجو اھڙو ڪو به ارادو نه ھو. پريشان چوڪ وٽان واپس ھوٽل وڃڻ لاءِ مون عبدالڪريم کان ڪنھن مناسب سواري بابت پڇا ڪئي جنھن تي ھن ٻڌايو ته استور ۾ اچ وڃ لاءِ واحد سواري ٽئڪسي ڪار ئي آھي. اتي ئي ڪار ملي وئي پر عبدالڪريم اتان ئي موڪلايو جو کيس ڪنھن ٻي پاسي وڃڻو ھو. موڪلائڻ وقت چيائين ته استور ۾ ڪو به ٽئڪسي وارو ڪنھن کان وڏيڪ يا ناجائز ڀاڙو نه وٺندو آھي تنھنڪري ھي به اوترو ئي وٺندو جيڪو سندس حق ھوندو. ٽئڪسي وارو ڪنھن ٻي رستي سان ھليو ۽ ساڍي ڏھين وڳي ھوٽل پهچايائين. رستي ۾ وھي کائي موٽيل ڊرائيور سان حال حوال ٿيندا رھيا. ھن ٻڌايو ته ”مان تعليم کاتي ۾ ملازم آھيان ۽ ڊيوٽي کانپوءِ ھي پنھنجي گاڏي ھلائيندو آھيان“. وڪيل عبدالڪريم جيان ھن جي مادري ٻولي به شينا  ھئي. ڪرايو ڏيڍ سئو گهريائين پر مون پاران ۲ سئو ڏيڻ تي چيائين ”اھو نٿو ٺھي توهان اسان جا مھمان آھيو“.

ھوٽل تي آيم ته سنگت پنھنجي تياري مڪمل ڪري ڪچهري ۾ مشغول ھئي. مونکان به استور شھر بابت پڇڻ لڳا ته ڪيئن لڳو. ٿوري دير ۾ گروپ جا سڀ سياح پنھنجي پنھنجي سامان سميت اچي ساڳين گاڏين ۾ سوار ٿيا جن تي راما ميڊوز ۽ راما ڍنڍ تي ويا هئاسين. پوءِ خبر پئي ته استور کان اسڪردو ۽ واپس استور تائين ڪمپني ساڳيون ئي فور ويل گاڏيون بڪ ڪرائي ڇڏيون ھيون. ۱۱ وڳي ڊرلي ڍنڍ جو سفر شروع ٿيو. استور مان نڪري گوري ڪوٽ مس پڳاسين ته اسان واري گاڏي جو ٽائر پنڪچر ٿي پيو جنھنڪري سڀ ھيٺ لٿاسين. گوري ڪوٽ ڏاڍي سرسبز ۽ سهڻي وسندي آھي انڪري ڪي فوٽوگرافي ۾ مصروف ٿي ويا ته ڪن وري ڀر واري بيڪري ۽ جنرل اسٽور جو رخ رکيو. تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ۾ ٽائر وارو مسئلو حل ٿيو ۽ گاڏي اڳتي رواني ٿي. گوري ڪوٽ کان اڳتي ڊرلي ڍنڍ وارو رستو گهڻي ڀاڱي ڪچو، پٿريلو ۽ ورن وڪڙن وارو آھي جنھن کي فور ويل گاڏيون ئي بهتر نموني منھن ڏئي سگهن ٿيون. رستي سان ڏاڍا سهڻا ڳوٺ ۽ ٻنيون ھيون. رستي جي ساڄي ۽ ڪڏھن کاٻي پاسي کان وھندڙ استور ندي ۽ ٻين پھاڙي وھڪرن مٿان لوھي تارن ۽ ڪاٺ جي تختن جي مدد سان جوڙيل ھتان جون روايتي پليون به نظر مان گذريون. ان رستي سان استور جي فطرتي سونھن ۽ سوڀيا ڏسي مان ته حيران ٿي ويس. ھتان جا ماڻهو مالي حوالي سان ته کڻي مسڪين ۽ غريب آھن پر فطرتي سونھن، صاف شفاف پاڻي ۽ گدلاڻ کان پاڪ آبھوا جي حوالي سان وڏا شاھوڪار ۽ امير آھن. ھتان جي ڳوٺن ۽ ننڍڙين وسندين جي سونھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. منھنجي جنھن به انساني آباديءَ تي نظر ٿي پيئي تنھن جي ڀرسان ڪنھن ٿڌي ۽ صاف شفاف پاڻيءَ جو وھڪرو ضرور موجود ھو. اھڙي حسين ۽ نيڻ ٺار منظرن ۾ مونکي گاڏيءَ جا شديد جهاڪا ۽ لوڏا به محسوس نه ٿي ٿيا. رستي ۾ ھڪ اھڙو شاندار منظر اکين آڏو آيو جو تقريبن سڀني ڪجھ وقت لاءِ اتي ترسڻ جي خواھش ڏيکاري. برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ جو اھڙو ته  شفاف وھڪرو جو اندران مختلف رنگن جا پٿر به ظاھر ٿي ٿيا. ھڪ پاسي پھاڙ ته ٻي پاسي ساوڪ سان ڀريل ميدان. نه ڪو شور ۽ نه ئي ڪا گندگي.

ڊرلي ڍنڍ ڏانھن ويندڙ ان حسين ماڳ تي ۲۰ منٽ کن ترسي پنھنجي دل ۽ دماغ کي تازو ڪري اڳتي روانا ٿياسين. فور ويل گاڏي سرسبز ۽ خوبصورت فطري منظرن، ننڍين ننڍين انساني وسندين ۽ پوکن جو ديدار ڪرائيندي ڊرلي ڍنڍ کي ويجهو پوندي ٿي ويئي. استور جي ماٿري ۽ گلگت بلتستان جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪڻڪ، ٻٽالون ۽ مٽر پوکيا وڃن ٿا. ان رستي سان به اسان اھي پوکون ڏٺيون. ٻنين ۾ ڪم ڪار ڪندي مرد تمام ٿورا ۽ عورتون وڌيڪ نظر آيون. عورتون ته اسان وٽ سنڌ ۾ به ڍور ڍڳي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿيون پر گلگت بلتستان جون عورتون سماجي ۽ معاشي حوالي سان گهڻي بهتر حالت ۾ آھن. عورتن ۾ ايترو ته اعتماد  ھو جو رستي سان گذرندڙ ھر گاڏي کي سڌي منھن سان ٿي ڏٺائون. ھونئن به حجاب، خوف ۽ اعتماد جي کوٽ عورت جي فطرت ۾ شامل ڪي جبلتون ناھن پر اھي مردن پاران اخلاق جي نالي ۾ ٺاھيل ۽ زوري مڙھيل قاعدا قانون آھن جن جو مقصد عورتن کي ثانوي درجي جو انسان ثابت ڪرڻ آھي. مونکي حيرت گاڏڙ خوشي ٿي ته ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر عورتن کي مٿن تي انگريزي ٽوپلا، ھٿن ۾ گلوز ۽ منھن تي ماسڪ (شايد ڪورونا کان احتياط ڪريٖ) پاتل ھئا. اھي عورتون گاھ لڻي ان جا ڳنڍا ٺاھي رھيون ھيون. اصل ۾ اھا سياري جي تياري ھئي ته جيئن پنھنجي چوپائي مال لاءِ گاھ پٺو گڏ ڪري رکجي. سياري واري سخت ۽ طويل موسم اچڻ کان اڳ اتان جا ماڻهو کاڌي پيتي جي شين کانسواءِ ٻارڻ جو به ججهو ذخيرو گڏ ڪري رکندا آھن ته جيئن اھي پاڻ ۽ سندن مال ۷ کان ۸ مھينا خير سان گذاري سگهن. واضح رهي ته سموري گلگت بلتستان ۾ گئس دستياب نه آھي انڪري اتان جا ماڻهو رڌ پچاءُ يا شديد ٿڏ کان بچڻ لاءِ ڪاٺ جو استعمال ڪندا آھن.

منجهند جو اڍائي وڳي ڌاري بهترين سياحتي ماڳ ڊرلي ڍنڍ پڄي وياسين. ڊرلي ڍنڍ رتو يا راتو ماٿري (Rattu Valley) جي ڳوٺ ڊرلي يا ڊارلي (Dirley/Darlay) ۾ واقع آھي. ھن ڍنڍ جو مفاصلو استور کان ۴۹ ڪلوميٽر آھي پر پٿريلو ۽ ڏکيو ھجڻ ڪري ڪنھن سنئين سڌي روڊ جي مقابلي ۾ تقريبن ٽيڻ تي وقت لڳي ٿو وڃي. ۲۰۰۵ع ۾ پوندڙ وڏي مينھن ڪري جبلن تان لھندڙ تيز وھڪرن ڊرلي ندي جي مک وھڪري ۾ ٻوڏ آڻي ڇڏي جنھن جي نتيجي ۾ ڊرلي ڳوٺ تقريبن ٻڏي ويو. پاڻي جي گهڻائي ھڪ وڏي ڍنڍ کي جنم ڏنو جيڪا ۶ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اڏيل گومي ڳوٺ سان وڃي لڳي. پراڻو ڳوٺ ٻڏي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن ڍنڍ جي ڀرسان نئين سري سان ڊرلي بالا نالي ڳوٺ ٻڌو. ڊرلي بالا ۾ ڇوڪرن جو ھاءِ اسڪول، ڇوڪرين جو مڊل اسڪول ۽ بي ايڇ يو (اسپتال) قائم ٿيل آھي. انھن ادارن مان نه رڳو ڊرلي بالا ڳوٺ جا رھواسي پر ڀر وارن ڳوٺن ۽ وسندين جا ٻارڙا ۽ وڏا به سھولتون حاصل ڪندا رھن ٿا. ڊرلي ڍنڍ چوڌاري ڊگهن پھاڙن ۽ سرسبز ميدانن سان گهيريل آھي. ڪجھ بلند ترين جابلو چوٽيون ته جولاءِ ۽ آگسٽ مھينن ۾ به برف جي تھن سان ڍڪيل رھنديون آھن. راما ڍنڍ جيان ھتان به نانگا پربت جو ن برف سان ڍڪيل خوبصورت چوٽيون نظر اينديون آھن. ڊرلي ڍنڍ مڇي جي شڪار (Fishing) لاءِ گهڻي مشھور آھي. استور ايندڙ سياحن مان ڪيترا ئي ھت گهمڻ ۽ فشنگ لاءِ ايندا رھن ٿا. اسان جي پهچڻ کان اڳ پاڻ واري ٽولي جون ٻئي گاڏيون پهچي چڪيون ھيون. اسان سڀني مان ڪنھن به مڇي جو شڪار نه ڪيو باقي ڍنڍ جي پاسن کان تانگهي پاڻيءَ اندر گهري ٿڌي ۽ صاف شفاف پاڻيءَ مان لطف ضرور ورتو. ڍنڍ تي پهچي سموري سنگت ننڍن ننڍن ٽولن ۽ فردن ۾ ورھائجي وئي ۽ ھرڪو پنھنجي پنھنجي منھن سان فطرت جي ان عاليشان مظھر مان مزو وٺڻ لڳو. مون به اسٽل فوٽوگرافي سان گڏ ڪجھ وڊيو ڪلپس فلمايون. ڍنڍ کي گھمي ڦري ڏسڻ کانپوءِ مان ڳوٺ اندر ويم جتي گهمندي ڦرندڙ مجيد ملي ويو ۽ ٿورو اڳيان اسلم ۽ امان الله به نظر اچي ويا. ڳوٺ ۾ ڪنھن جابلو وھڪري مٿان پراڻي وقت جي ھڪ خوبصورت ڪاٺ جي پل ٺهيل ھئي. پل ته زبون ھجڻ ڪري ڪنھن جي استعمال ھيٺ نه رھي ھئي پر پوءِ به اسان ان مٿان بيھي ڪجھ تصويرون ورتيون. ڳوٺ جي مک رستي تي ماڻهن جو ھڪ چڱو ٽولو نظر آيو. معلوم ٿيو ته اھي گلگت بلتستان ۾ ۱۵ نومبر ۲۰۲۰ع تي ٿيندڙ عام اليڪشن لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوار لاءِ ورڪ تي آيل آھن. انھن مان پارٽيءَ جي مقامي اڳواڻ اسان سان پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ اسان سان گرمجوشيءَ سان ملندي حال حوال ورتا. گلگت بلتستان جا ماڻهو وڏي حد تائين ذوالفقار علي ڀٽي جا شيدائي آھن انڪري اھي سنڌ جي ماڻهن کي گهڻي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ڪجھ وقت ان اڳواڻ ۽ ٻين ورڪرن سان ڪچهري ڪري کانئن موڪلايوسين.

چڱي وقت تائين ٽنگون ھڻڻ ڪري سڀني کي ڏاڍي بک لڳي ھئي انڪري ھڪ ننڍڙي هوٽل تي اچي ويٺاسين جنھن جو نالو لون چوڌري ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ ھو. ھوٽل مالڪ پنجاب جي ڪنھن علائقي مان اچي اھو ھوٽل کوليو ھو. ڊرلي بالا ڳوٺ ۾ ڪجھ ٻيا به ھوٽل ۽ دڪان ھئا. سڀني ھوٽلن ۾ رھائش جو بلو به ٿيل ھو ڇاڪاڻ ته اتي سياحن جو چڱو تعداد ايندو رھي ٿو جن مان ڪي رات به رھندا ھوندا. اسان اتي جيڪا مٽن ڪڙھائي کاڌي تنھن جي ذائقي جو ڪو جواب ئي نه ھو. حقيقت اھا آھي ته اھڙي سوادي مٽن ڪڙھائي مون شايد ڪڏهن نه کاڌي ھوندي. ٻيو ته ماني به تازي ۽ ڇلڪي سميت پيٺل ڪڻڪ جي اٽي مان تيار ٿيل ھئي. وري چانھ به اھڙي ئي مزيدار ملي. ھوٽل مالڪ وٽ تازي گوشت جي حصول لاءِ ڪجھ ٻاڪرو مال موجود ھو. مونکي اھو ھوٽل وارو مڪمل پروفيشنل لڳو جنھن وٽ پنھنجي گراھڪ کي مطمئين ۽ خوش ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ھو. شام ٿي چڪي ھئي انڪري سڀني واپس ورڻ جي تياري ڪئي. ساڍي پنجين ڌاري ٽنھي گاڏين واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته رستي جي پاسي کان ٽولي سان گڏ بيٺل ھڪ ڇوڪرو پنھنجي ھٿ ۾ ڪجھ مڇيون لڙڪايون بيٺو ھو. اسلم ڊرائيور کي گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو ۽ جيئن ئي گاڏي بيٺي ته ان ڇوڪري مڇيون اچي اسلم حوالي ڪيون. معاملو اصل ائين ھو ته اسلم ڳوٺ جي انھي ڇوڪري کي ٽرائوٽ (Trout) مڇيون ھٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چيو ھو، جيڪي ھن واعدي موجب ھٿ ڪري کيس حوالي ڪري ڇڏيون. ڇوڪري معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڪا ڳالھ ناهي توهان مهمان آھيو. مڇيون بلڪل جيئريون ھيون جن کي رات جو گوري ڪوٽ جي ڪنھن هوٽل ۾ محمد اسلم ميمڻ جي ٽرائوٽ مڇي کائڻ واري شوق جي تڪميل لاءِ قربان ٿيڻو ھو.

ڊرلي ڍنڍ تان واپسيءَ وارو سفر رات جو ساڍي اٺين وڳي گوري ڪوٽ جي ھوٽل گرين ھيون ريزورٽس تي اچي پورو ٿيو. اسان کي رات ان ھوٽل ۾ گذارڻي ھئي انڪري ٿورو گهڻو سھولتن جو جائزو وٺڻ لڳاسين. ھوٽل جا بيڊ روم ڪافي وڏا ۽ بسترا صاف سٿرا ھئا پر ڪمرن ۾ اٽيجڊ واش روم نه ھيا. وري ٻي مصيبت ته واش روم بلڪل سوڙھا، گندا ۽ بيڊ رومن کان ۱۰ کان ۱۲ ڏاڪا مٿي ھيا. مطلب ته جيڪڏهن ڪو پوڙھو يا ڪمزور گراھڪ ھجي ته ڏاڪا چڙھڻ ۽ لھڻ ۾ ئي پورو ٿي وڃي. سو اھي حال ھيا گرين ھيون ريزورٽس جا. شايد ھوٽل جي ڪشادن بيڊ رومن، وڏي لان ۽ وڏي ڪوٺي جي ڪري سڀني ساٿين بڇڙن واش رومن کي برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اسان چارئي ڄڻا فريش ٿي ڪوٺي تي وڃي ويٺاسين. مٿي ڪرسين سان گڏ ھيٺ ويھڻ ۽ ليٽي پوڻ جي سھولت به ھئي انڪري سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ ڪري ڪافي ڄڻا ليٽي پيا. رات جي ماني ۾ ڪجھ بار بي ڪيو آئٽم شامل ھئا پر عجيب اتفاق يا ٻيو ڪجھ ته ڪا به شيءِ صحيح نموني پڪل نه ھئي. اھڙي ڪچي گوشت کي بار بي ڪيو جي جاءِ تي ھاف فرائي چڪن يا مٽن جو نالو ڏجي ھا ته بهتر رھي ھا. اسلم ميمڻ جي شاندار جدوجهد سان ھٿ ڪيل مڇيون به ھوٽل جي باورچين جي قابليت جي نذر ٿي ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيون. کاڌي مان ته کڻي بلڪل مزو نه آيو باقي ھوٽل وارن چانھه ڏاڍي ٺاھوڪي پياري. رات جو ٻارھين تائين ڪوٺي تي ئي ڪچهري ڪندا رھياسين. سيءُ ته کڻي ڇڱيرڙو ھو پر پوءِ به سھڻ جوڳو ھو.

۱۶ آگسٽ ۲۰۲۰ع جو سج اسان کي گوري ڪوٽ جي وسنديءَ ۾ اڀريو. جيتوڻيڪ سموري رات گوري ڪوٽ ۾ بجلي بند رھي پر سٺي ڳالھ ته گرين ھيون ريزورٽس ۾ رات کان صبح تائين جنريٽر لڳاتار ھلندو رھيو. ان ڏينھن ٽوئر جي شيڊيول موجب اسان کي ديوسائي واري رستي سان اسڪردو وڃڻو ھو. صبح سوير مجيد ھوٽل مان نڪري ڪيڏانھن ھليو ويو ھو. موبائيل تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايائين ته ھوٽل جي پٺئين پاسي نديءَ جي ڪناري ڀرسان ويٺو آھيان ڏاڍا وڻندڙ نظارا آھن تون به ھيڏانھن اچ. مان ٻاھر نڪري گوري ڪوٽ جي وڻندڙ منظرن ۽ صبح جي تازگيءَ جا مزا وٺندو مجيد طرف راھي ٿيم. ھو ڪنھن اھڙي اوٽ واري ھنڌ تي ويٺل (ميڊيٽيشن ۾) ھو جو نظر نٿي آيو پر منھنجي چوڻ تي اٿي بيھڻ سان ظاھر ٿي پيو. مجيد واقعي ھڪ سڪون ڏيندڙ جاءِ جي چونڊ ڪئي ھئي. ماڻهوءَ کي صبح سوير سرسبز فطرتي نظارن، پکين جي مٺڙين ٻولين ۽ نديءَ جي صاف شفاف وھڪري کان وڌ آخر ٻيو ڇا کپي؟ ڪجھ وقت ان حسين ماحول جون حُسناڪيون اندر ۾ اوتي ھوٽل طرف ورياسين.

تيار ٿي ۽ گڏجي نيرن ڪري ٺيڪ ۳۰:۹ وڳي اسان جي ٽنھي فور ويل گاڏين گوري ڪوٽ جي گرين ھيون ريزورٽس کي پوئتي ڇڏيندي سفر جي شروعات ڪئي. رات جي پرسڪون ننڊ ۽ سٺي نيرن ڪري سڀ ساٿي تازا توانا ۽ حشاش بشاش ھئا. کل ڀوڳ ۽ ڪچهري جاري ھئي ته گاڏين ڪنھن ننڍي پر خوبصورت وسنديءَ ۾ اچي بريڪون ھنيون. اھو استور ضلعي جو مشھور ڳوٺ گڊائي (Gudai) ھو جيڪو تازي ۽ مٺي پاڻي، ٽرائوٽ مڇي ۽ زيورن وغيره ۾ استعمال ٿيندڙ قيمتي پٿرن ڪري ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اتي ڇٻر سان سائي ھڪ وڏي فطرتي طور تيار ٿيل ميدان تي نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي رھيا ھئا. ڀر ۾ ھڪ پراڻي جاءِ ٺهيل ھئي جنھن جي اندر اتان جو ڪو مقامي شخص ننڍڙو ھوٽل ھلائي رھيو ھو. ھوٽل جي مالڪ سان پنھنجو ٻه اڍائي سالن جو ننڍڙو پٽ به گڏ ھو جنھن ۾ اسان جي گروپ وارن خاص طور ماين دلچسپي ٿي ورتي. ڪجھ ساٿين چانھ پيتي ۽ ٿوري دير کانپوءِ ديوسائي ڏانھن سفر ٻيھر شروع ٿي ويو.

ساڍي يارھين وڳي استور ضلعي جي بلند ترين ڳوٺ چلم (اونچائي ۱۱۱۷۴ فوٽ) (Chilam) پهتاسين جتان ڪارگل طرف به رستو نڪري ٿو. چلم استور کان ۵۳ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. سياري واري مند ۾ نومبر کان مئي مھينن تائين شديد برفباري ڪري چلم جا روڊ رستا بند ٿي ويندا آھن جنھنڪري اتان جي ماڻهن لاءِ ڏکيون ۽ تڪليف واريون حالتون پيدائش ٿي پونديون آھن. چلم استور ۽ اسڪردو سان برزل لڪ، منيمرگ ۽ گلتري وسيلي ڳنڍيل آھي.

چلم کان ٿورو اڳيان ھڪ آرمي جي چيڪ پوسٽ اچي ٿي جتان ئي ديوسائي ميدانن ۽ ديوسائي نيشنل پارڪ جون حدون شروع ٿي وڃن ٿيون. پارڪ ۾ داخل ٿيڻ جي في ملڪي ماڻهن لاءِ ۱۰۰ رپيا ۽ غير ملڪين لاءِ ۸ آمريڪي ڊالر مقرر ٿيل آھي. ڪجھ ساٿين چوڪيءَ تان ديوسائيءَ جي حوالي سان ڪجھ معلوماتي ڪتابڙا، پمفليٽ ۽ ھينڊ بيگ خريد ڪيا. مجيد کي اتي ديوسائي جي جهنگلي گلن ۽ ٻوٽن بابت ھڪ ڪتابڙو نظر آيو جن جي چوڪي وارن وٽ آخري ڪاپي بچي ھئي پر پوءِ به سندس دلچسپي ڏسي ڏئي ڇڏيائون. گيٽ ٽپي ديوسائي جي ميدانن ۾ داخل ٿيڻ سان منھنجي خوشيءَ وچان عجيب ڪيفيت ٿي وئي ڇاڪاڻ ته منھنجو ورھين کان خواب ھو ته شهرت جي عالمي پد کي پهتل ان ماڳ کي روبرو ڏسي سگهان. منھنجي ان بي انتھا شوق کي مستنصر حسين تارڙ جي سفرنامن خاص طور ”ديوسائي“ سفرنامي گهڻو وڌايو. حقيقت اھا آھي ته مون ديوسائي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي وڏو خوشنصيب ماڻهو سمجهو ھو ڇاڪاڻ ته ورھين جي خواهش جو پورائو ٿي رھيو ھو.

 ديوسائي اردو ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معنيٰ ديوَ جو پاڇو (Giant's Shadow) آھي پر مقامي بلتي ٻوليءَ ۾ کيس گبيارا (Ghbyara) يعني ”اونھاري جي جاءِ“ سڏيو ويندو آھي. ديوسائي تبت واري چينگ ٽانگ (Changtang) کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر اونچو ترين پھاڙي ميدان (Plateau) آھي جنھن جي اونچائي مجموعي طور ۱۳۴۹۷ فوٽ آھي. انڪري ئي کيس دنيا جي ڇت (Roof of the World) جهڙو لقب مليل آھي. ديوسائي جو فطرتي ماحول مختلف قسمن جي گاھن ۽ ننڍڙن ٻوٽن لاءِ ته ڏاڍو سازگار آھي پر ايڏي وڏي اونچائيءَ تي ڪنھن وڻ يا وڻوٽ جو ڦٽڻ ممڪن نه آھي. ديوسائي جو وسيع ميدان گلگت بلتستان جي ٽن ضلعن استور، اسڪردو ۽ خارمانگ ضلعن تائين ڦهليل آھي پر ھن جو سڀ کان وڏو حصو اسڪردو ضلعي ۾ شامل آھي. استور جي ڀيٽ ۾ ديوسائي اسڪردو کي ويجهو آھي جتان ۳۰ ڪلوميٽرن جي سفر کان پوءِ اتي پهچي سگهجي ٿو. ھماليا جابلو سلسلي جي اولھائين حصي تي مشتمل دنيا جي ان منفرد عجوبي کي ۱۹۹۳ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو ويو. ڄاڻايل پارڪ ۸۴۳ ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آھي. ديوسائي ڪيترن ئي قسمن جي گلن ڦلن ۽ جاندارن جو مسڪن آھي پر ھماليائي ناسي رڇ (Himalayan Brown Bear) ۽ ھڪ قسم جو ڪُتريندڙ جانور مارموٽ (Marmot) ھتان جي خاص سڃاڻپ آھن. ٻين جانورن ۾ برفاني چيتو، سائبيريائي جهنگلي ٻڪر، ھماليائي بگهڙ ۽ ڪشميري مُشڪ وارو ھرڻ به ھتي ملن ٿا. ديوسائي ۾ مقامي ۽ لاڏائو پکين جون ۱۲۵ کن جنسون ملن ٿيون جن ۾ سونهري عقاب، ھماليائي ڳجھ، لغڙ باز، بحري باز، شڪرو باز ۽  يوريشيائي ڪيسٽرل شامل آھن. سيوشر ڍنڍ، بڙا پاني، ڪالا پاني ۽ ديوسائي ٽاپ ھتان جون ڪجھ مشھور جايون آھن.

منجهند جو مني ھڪ وڳي سيوسر ڍنڍ (Seoshar Lake) تي پهچي ڀرواري ميدان تي گاڏيون پارڪ ڪيوسين. ۲.۳ ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ۱.۸ ڪلوميٽر ويڪري سيوشر ڍنڍ جي اونھائي وڌ ۾ وڌ ۴۰ ميٽرن تائين آھي. اسان کان اڳ ڪيترا ئي سياح ان خوبصورت پھاڙي ڍنڍ تي موجود ھيا جن مان ڪن ڍنڍ اندر موٽر بوٽن تي سئر ٿي ڪيو ته ڪن وري يادگار لمحن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوٽوگرافي ٿي ڪئي. تيز نيري پاڻي واري ڍنڍ جي ڪنارن سان مختلف قسمن جا رنگبرنگي جهنگلي گل ٻوٽا فطرت جي حسين تخليق کي چار چنڊ لڳائي رھيا ھئا. اھڙي وڻندڙ ۽ سڪون ڏيندڙ ماحول ۾ انسان عارضي طور ئي سھي پر پنھنجا سمورا غم ۽ پريشانيون وساري ويھي ٿو رھي. سيوشر ڍنڍ تي ڪلاڪ سوا گذاري اڳتي وڌياسين.

منجهند جي مانيءَ لاءِ تنبوءَ ۾ ٺهيل ھڪ ھوٽل ٻاهران ڪرسين تي اچي ويٺاسين. ديوسائي اندر استور کان اسڪردو ويندڙ انھيءَ مين روڊ تي مختلف ھنڌن تي تنبن يا خيمن اندر قائم ٿيل اھڙا ڪجھ ھوٽل نظر آيا. جتي اسان ڊاٻو ڪيو اتي ته ھڪٻئي ويجهو ٽي يا چار ھوٽل ھيا. ڪنھن نيشنل پارڪ اندر ايترن ھوٽلن جو ھجڻ ڪا بهتر ڳالھ ته نٿي چئي سگهجي پر ڊگهي سفر  دؤران ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جي ضرورت کي نظر ۾ رکجي ته اھڙي اجازت جائز به لڳي ٿي. ان وقت ڏاڍي تيز ھوا گهلي رھي ھئي ايتري تائين جو ھٿن ڌوئڻ لاءِ موٽر مان نڪرندڙ پاڻي ھوا جي سگھ ڪري ڪپڙا پسائي رھيو ھو. ڪلاڪ کن کانپوءِ اڳتي جو سفر وري شروع ٿيو. بڙا پاني ۽ ڪالا پاني وارن وھڪرن کانپوءِ ديوسائي جي آخري ڇيڙي تائين وڃي نڪتاسين. ان ڏينھن اسڪردو اسان جي آخري منزل ھئي پر سج لٿي کان ٿورو اڳ تازو توانو ٿيڻ لاءِ ھڪ خوبصورت ھنڌ تي ڊاٻو ڪيوسين. وڏن جبلن جي ھنج ۾ روڊ جي ڀرسان پاڻيءَ جو ھڪ صاف شفاف وھڪرو گذري رھيو ھو جنھن مٿان ڪاٺ واري پراڻي پل اڏيل ھئي. اتي ئي گهمندي ڦرندي ۽ فوٽوگرافي ڪندي سج لھي ويو. ڪجھ ساٿين سنھن پٿرن مٿان سج لٿي جي نماز ادا ڪئي. اتان اڳتي وارو رستو انتھائي خطرناڪ ھيٺاھين مٿانھين ۽ ورن وڪڙن وارو ھو پر شڪر ٿيو جو ۸ وڳي ڌاري خير سان اسڪردو پهچي وياسين.

اسڪردو ۾ اسان جو ٽن گاڏين تي مشتمل قافلو اسڪردو ويُو پوائنٽ ھوٽل اينڊ ھٽس وٽ اچي رڪيو. سال کن اڳ تعمير ڪيل اھو نئون ھوٽل اسڪردو جي حسن ڪالونيءَ ۾ آھي جيڪا شھر جي ٻاھرئين پاسي کان ميويدار وڻن ۽ ساوڪ واري علائقي ۾ واقع آھي. صبح جو گوري ڪوٽ کان شروع ٿيل تقريبن ۱۱ ڪلاڪن جي طويل مسافت کانپوءِ جيتوڻيڪ ٿڪ به ھو پر پوءِ به اسڪردو جهڙي مشھور ۽ خوبصورت ماڳ کي ڏسڻ جي شوق ۾ مون پاڻ کي تازو توانو ٿي محسوس ڪيو. ھوٽل ويو پوائنٽ ۾ مون نئين ڳالھ ڏٺي ته گراھڪن ھوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنھنجا بوٽ ۽ چپلون داخلي دروازي ٻاهران لاھي ٿي رکيون. اسان ھوٽل جي مئن گيٽ تي جڏهن ڪنھن مسجد جيان بوٽن ۽ چپلن جو ڍڳ ڏٺو ته معاملو سمجهي وياسين. اھڙو ضابطو ڪووڊ-۱۹ لاءِ لاڳو ڪيو ويو ھو يا مقامي روايتون اھڙيون ھيون تنھن جي ڪا خبر ناھي. بحرحال سبب ڪهڙو به ھجي مونکي اھو طريقو سٺو لڳو.

رات جي ماني لاءِ ھوٽل جي ھال ۾ ڪٺا ٿياسين. مانيءَ ۾ چڪن برياني مک آئٽم ھو پر مجموعي طور کاڌي جا حال پورا ھيا. ماني کان پوءِ چانھ جو دؤر ھليو ۽ گڏوگڏ اسان جا حوال به جاري رھيا. کاڌي پيتي ۽ ڪچهري مان فارغ ٿي سڀئي ڄڻا پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏانھن روانا ٿياسين. اسڪردو ويو پوائنٽ ھوٽل ڏاڍو خوبصورت ۽ صاف سٿرو ھوٽل ھو جنھن جي لابي ۽ گهٽين ۾ به قالين وڇايل ھئا. اسڪردو ۾ ان وقت بجلي بند ھئي انڪري ھوٽل وارن پنھنجو سسٽم آن ڪري ڇڏيو ھو. اسڪردو ۾ بجلي اسان واري علائقن جيان ڪنھن وڏي نيٽورڪ ذريعي نٿي پهچي پر اتي بجليءَ حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي سطح تي ھڪ ننڍڙو پاور ھائوس جوڙيل آھي. بجلي جي پيداوار گهرج کان گهٽ ھجڻ ڪري اسڪردو ۾ بجليءَ جو وڏو بحران رھي ٿو. ان جو مطلب ته بجليءَ جي فراھمي جي حوالي سان قمبر اسڪردو کان بهتر آھي. مون رسيپشن تان انٽرنيٽ بابت معلومات ورتي پر ھمراھ ٻڌايو ته انٽرنيٽ ۾ ڪو مسئلو آھي جيئن ئي حل ٿيو ته موڊيم ھلائي ڇڏينداسين. ان رات اسان کي مجيد جي طبيعت بهتر نٿي لڳي انڪري ضروري سمجهيوسين ته ڪنھن ڊاڪٽر کي ڏيکارجي. مجيد جو چوڻ ھو ته مان بلڪل ٺيڪ آھيان ڊاڪٽر ڏانھن ھلڻ جي ضرورت ئي ناهي پر پوءِ به ٽنھي ڄڻن جي زور ڀرڻ تي راضي ٿي ويو. اسلم کيس ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويو. ڪجھ وقت کانپوءِ واپس اچي ٻڌايائون ته شھر تقريبن بند ٿي چڪو ھو پر ھڪڙي ڪلينڪ کليل نظر آئي. ڊاڪٽر تپاس ڪري ٻڌايو ته اھڙي ڪا ڳالھ ناهي بس بلڊ پريشر ٿورو وڌيل آھي جيڪو آرام ڪرڻ سان صحيح ٿي ويندو. پوءِ به احتياطن ڪجھ گوريون ڏئي ڇڏيائين. ڊاڪٽر ڏانھن ويندي مجيد جي موبائيل ڪٿي گم ٿي وئي ھئي اسان کان به فون ڪري پڇيائين پر ڪمري کي جاچي ڏٺوسين موبائيل ڪٿي نظر نه آئي. واپسي تي لابيءَ جي ھڪ ٽيبل تي رکيل ڏٺائين. وڏي ڳالھ ته ڪيترا ئي ماڻهو ۽ ھوٽل جو عملو اتان گذرندو رھيو پر ڪنھن جي به دل ۾ موبائيل کسڪائڻ جو خيال نه آيو. ان مان گلگت بلتستان جي رھواسين جي ايمانداري، مثبت ڪردار يا اخلاق جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪچهري ڪندي رات جا ۱۲ ٿي ويا انڪري چمڪيلو ڄڻ  سمھڻ جي ڪئي.

۱۷ آگسٽ ۲۰۲۰ع واري ڏينھن اسان کي جڳ مشھور لوئر ۽ اپر ڪچورا ڍنڍن ڏانھن وڃڻو ھو پر اوڏانھن نڪرڻ لاءِ اڃان ٻن ڪلاڪن جو وقت ھو. نيرن مان فارغ ٿي اسان چارئي دوست اسڪردو جو شھر گهمڻ لاءِ ھوٽل مان ٻاھر نڪتاسين.

اسڪردو گلگت بلتستان جي اتر ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ آباديءَ وارو شھر آھي جيڪو اسڪردو ضلعي جو ھيڊڪوارٽر به آھي. اسڪردو ضلعي جون حدون ٽن ملڪن يعني چين، افغانستان ۽ ڀارت سان ملن ٿيون. سنڌو درياھ جي ڪناري ۽ سامونڊي سطح کان ۷۳۰۰ فوٽ مٿانھينءَ تي قائم اسڪردو تازي ۽ صاف پاڻي، ذائقيدار ميون، سنڌو درياھ جي نيري وھڪري، تاريخي جاين ۽ خوبصورت پھاڙي ڍنڍن ڪري ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشھور آھي. اونھاري ۾ سياحت جي حوالي سان ھتي لوئر ۽ اپر ڪچورا ڍنڍون، مينٽوخا آبشار، سرفرنگا ٿڌو رڻ پٽ، شگر جو قلعو ۽ ٻڌ پھاڙي کانسواءِ ٻيون به ڪافي جايون موجود آھن. اسلام آباد کان اسڪردو جو مفاصلو تقريبن ۶۰۰ ڪلوميٽر آھي جيڪو روڊ رستي طئي ڪندي ۱۴ کان ۱۵ ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. اسان اسلام آباد مان اسڪردو استور ۽ ديوسائي واري رستي سان آيا ھياسين جنھن جو مفاصلو اٽڪل ۷۹۰ ڪلوميٽر بيھي ٿو.

اسان وٽ جيئن ته وقت محدود ھو ان ڪري ڪار ڊرائيور کي چيوسين ته اسان کي شھر جي ڪجھ مک ھنڌن جو چڪر لڳرائي. ھن اسان کي اسڪردو جي ڪجھ مک مارڪيٽن ۽ اھم چؤڪن حميد ڳڙهه، حُسيني ۽ شھده چوڪ جو چڪر لڳرايو. اسان کي رستن تان ھلندي ڀٽو مارڪيٽ ۽ بينظير چؤڪ به نظر آيا. اسان مختلف ھنڌن تي ڪار مان لھي فوٽوگرافي ڪئي ۽ مقامي ماڻهن سان مختصر گفتگو به ڪئي. اسڪردو مجموعي طور مونکي ڏاڍو صاف سٿرو ۽ ضابطي وارو شھر لڳو. استور جيان اتي به لوڪل سواري طور فقط ڪارون ئي ھلن ٿيون. اھي آرامده ڪارون تقريبن اڻ رجسٽرڊ آھن ۽ ان حوالي سان ڪو به سرڪاري ڪارندو کانئن پڇا ڳاڇا نه ڪندو آھي. اسڪردو گهمڻ دؤران ڊرائيور سان به ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھي. ھن ٻڌايو ته اسڪرو ۾ ماڻهن جي اڪثريت بلتي ٻولي ڳالھائي ٿي ۽ ھتان جي ۹۵ سيڪڙو آبادي شيعه فرقي سان واسطو رکي ٿي. تمام ٿورا ماڻهو چرس جو نشو ڪن ٿا. گلگت بلتستان جي اڪثر ماڻهن جيان کيس به پاڪستان سرڪار کان وڏيون شڪايتون ھيون. ڊرائيور جون اھڙيون ڳالهيون ٻڌي مان سوچي رھيو ھيس ته پاڪستان جي عوام کي ملڪ بابت ايڏيون شڪايتون ۽ ناراضگيون آھن پر پوءِ به ھتان جا اصل اختيار ڌڻي مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ لاءِ تيار ناھن.

۱۱ وڳي جڳ مشھور شنگريلا ريزورٽ ۽ اپر ڪچورا ڍنڍ گهمڻ لاءِ ھوٽل کان نڪتاسين. لوئر ڪچورا ليڪ ۽ شنگريلا ريزورٽ وٽ پهچي صلاح بيٺي ته اڳ ۾ اپر ڪچورا تان ٿي اچجي ۽ پوءِ واپسيءَ ۾ شنگريلا ڏانھن ھلجي. لوئر ۽ اپر ڪچورا وارو اھو سمورو رستو خوبصورت فطرتي منظرن، ميويدار وڻن ۽ ساوڪ سان ڀريل ھو. اسڪردو جي ماٿري ۾  سياري جو شديد ٿڌ پوندي آھي پرآگسٽ مھيني جو اھو ڏينھن ڏاڍو وڻندڙ ۽ وچٿرائپ وارو ھو. گاڏيون اپر ڪچورا کان اڌ ڪلوميٽر پري ھڪ ميدان تي اچي ٻيٺيون جتي اڳ ۾ ڪافي گاڏيون پارڪ ٿيل ھيون. اصل ۾ اتان کان اڳتي بلڪل سنھو ۽ ھيٺ مٿانھينءَ وارو پيچرو شروع ٿي ٿيو جنھن سان ڍنڍ تائين پهچڻو ھو. ھرڪو پنھنجي پنھنجي ٽولي سان ان وڻندڙ ۽ چهچ سائي پيچري سان کل ڀوڳ ڪندي راھي ٿيو. ساڍي ٻارھين ڌاري اپر ڪچورا ڍنڍ تي پهچي وياسين. ۸۲۰۲ فوٽن جي بلنديءَ تي جبلن جي وچ ۾ ٺهيل اھا ڍنڍ  خوبصورتيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ته آھي پر ان تائين ويندڙ رستو به وڏي تفريح ۽ ايڊوينچر مهيا ڪندڙ آھي. مٿانھينءَ کان ھيٺ ڍنڍ ڏانھن لھندڙ رستو ڏاڍو ڏکيو ۽ آلو ھو انڪري مجيد ۽ اما الله مٿي ھڪڙي ھوٽل تي ويھي رھيا باقي اسلم، خادم مھر ۽ مان ڍنڍ تي پهتاسين. اسان جي ڪجھ ساٿين ڍنڍ ۾ بوٽنگ جي خواهش ڏيکاري ۽ ان جو پورائو به ڪيو پر اسان ٽنھي ڄڻن ڪناري کان ئي ڍنڍ جو نظارو ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي. ڍنڍ ۽ ڀرپاسي جي منظرن مان ڪجھ گهڙيون لطف اندوز ٿي واپسيءَ ۾ ان ھوٽل تي آياسين جتي مجيد وارا ويٺا ھيا. ٿوري دير ۾ اسان جي ٽولي ۾ شامل ۲ ڇوڪريون به اتي آيون پر انهن مان ھڪڙي ڪجھ ضرورت کان وڌيڪ صحتمند ڇوڪري چاڙھيون چڙھڻ ڪري مسلسل سهڪي رھي ھئي. ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ته گهڻي وزن واري ماڻهوءَ لاءِ گهمڻ ڦرڻ سولو نٿو رھي. چانھ ۽ ڪچهري جو ڊوز ھڻي گاڏي  طرف روانا ٿياسين.

واپسي ۾ لوئر ڪچورا ۽ شنگريلا ريزورٽ گهمڻ جو رٿيو ھيوسين پر هينئر اسان جو خيال تبديل ٿي چڪو ھو. اصل ۾ ڪورونا وبا ڪري اسڪردو جون مارڪيٽون شام جو ۴ وڳي بند ٿيڻيون ھيون انڪري طئي ڪيوسين ته شنگريلا کي ڇڏي اسڪردو مان ھلي ٿوري گهڻي خريداري ٿا ڪريون. لوئر ڪچورا ۽ شنگريلا رستي سان به نظر ٿي آيا انڪري گاڏيءَ مان لھي ٻاهران ئي ڪجھ تصويرون وٺي اڳتي وڌياسين. اسان سان  حيدرآباد جا ٻه نوجوان بلال ۽ دائود قريشي به گڏ ھلڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. سو اڍائي ڌاري ۶ ڄڻا گاڏي ۾ ويھي روانا ٿياسين. اسان جا ٻيا ساٿي به پنھنجي پنھنجي منھن ڪيڏانھن روانا ٿي ويا. اسڪردو پهچي اڃان ٽي چار دڪانن ۾ مس وڃڻ ٿيو ته پوليس وارن دڪاندارن کي دڪان بند ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ شروع ڪري ڏني. خير وارننگ کانپوءِ به ڪافي دڪان ڪلاڪ سوا تائين مقرر وقت کان وڌيڪ عرصو کليل رھيا. تيستائين اسان به گهر وارن لاءِ يادگار طور ڪجھ شيون خريد ڪري ورتيون. مجموعي طور اسڪردو مھانگو شھر لڳو جنھن جو سبب شايد ملڪ جي صنعتي شهرن جو ھتان کان تمام پري ھجڻ ھوندو. خريداري مان آجا ٿي پيٽ پوڄا لاءِ ھڪ بيڪري تي آياسين.

اسان کي اپر ڪچورا ڍنڍ کان اسڪردو جي بازار ايريا ۾ پهچائي ڊرائيور ڪو مرمتي ڪم ڪرائڻ لاءِ گاڏي ڪنھن مستري ڏانھن ڪاھي ويو. بلال ۽ دائود جيئن ته پنھنجي منھن سان ڪيڏانھن ھليا ويا ھئا سو اسان چئن ڄڻن (مجيد منگي، اسلم ميمڻ، امان الله سومرو ۽ مان) پنھنجي هوٽل تي پهچڻ لاءِ بازار مان ئي ٽيڪسي ڪرائي. اڳ ۾ ڪٿي ٻڌائي چڪو آھيان ته استور جيان اسڪردو ۾ به ٽيڪسي ڪار ئي لوڪل سواريءَ جو واحد وسيلو آھي. ڪار جي ڊرائيور شينا ٻولي پئي ڳالهائي. ڪچهري دؤران ٻڌايائين ته پاڻ اصل ۾ ڪارگل ڀرسان ھڪ ڳوٺ جو رھواسي آھي پر گذريل ۲۲ سالن کان اسڪردو ۾ رھي ٿو. گلگت بلتستان جي حوالي سان وفاقي سرڪار جي رويي تي کيس وڏيون شڪايتون ھيون. شام جو پوڻين ڇھين ڌاري ڊرائيور اسان کي ھوٽل تي اچي لاٿو. صبح کان وٺي لڳاتار سفر ۽ ڄانگهوڙي ڪري ٿڪجي پيا ھئاسين انڪري باقي وقت ھوٽل تي ڪجھ وقت لاءِ چيلھ ڊگهي ڪئي ۽ پوءِ ٻاھر لان ۾ ڪچهري لاءِ اچي ويٺاسين. ان رات اسڪردو جي موسم ڪجھ اھڙي ھئي جو اسان محسوس پئي ڪيو ته ڄڻ سنڌ جي ڪنھن علائقي ۾ ويٺا ھجون.

ٻي ڏينھن يعني ۱۸ آگسٽ تي صبح جو مجيد ۽ مان ھوٽل جي مالڪ غلام عباس سان ڪافي ڊگهي ڪچهري ڪئي. اصل ۾ ھو ھوٽل جي مئن گيٽ ٻاھران لان ۾ ويٺو ھو اسان کي ٻاھر ايندو ڏسي کيڪارڪري ويھڻ جي صلاح ھنيائين جيڪا اسان قبول ڪئي. ھونئن به ٽوئر دؤران جڏهن به ماڻهوءَ کي موقعو ملي ته مقامي ماڻهن سان حال حوال يا ڪچهري ڪري وٺي ڇاڪاڻ ته انھن کي پنھنجي تر يا علائقي جي صحيح ڄاڻ ۽ معلومات ھوندي آھي. توهان کي مقامي ماڻهن وٽان اھڙين حقيقتن جي به خبر پوندي جيڪي ڪتابن ۽ سياحن لاءِ معلوماتي ڪتابڙن مان به غائب ھونديون آھن. غلام عباس جي ڏاڏي جو نالو محمد حسن ھو جنھن جي نالي تي اھا حسن ڪالوني تعمير ٿيل ھئي. پاڻ وارو اسڪردو ويو پوائنٽ ھوٽل به ان ئي ڪالونيءَ ۾ ھيو. غلام عباس بنيادي طور ھاءِ اسڪول ٽيچر ھو پر ان ھوٽل کانسواءِ وٽس ھڪ وڏو جنرل اسٽور به ھو جتان ساڍا ٽي سئو کن گيراڪ اوڌر تي سامان کڻي رھيا ھئا. ھن اھو جنرل اسٽور خاص طور ملازمت ڪندڙ ماڻهن جي سھولت لاءِ جوڙايو ھو. ھوٽل جو ڪم ۲۰۱۸ع کان شروع ٿي ۲۰۱۹ع ۾ پڄاڻيءَ کي پهتو. ھوٽل مالڪ به پاڪستان سرڪار مان خوش نه ھو. سندس چوڻ ھو ته اسڪردو جي ڀڪ ۾ سنڌو جهڙو وڏو درياھ وھي ٿو پر پوءِ به حڪومت اسان لاءِ بجليءَ جو مسئلو حل نه ڪري سگهي آھي. ھن ٻڌايو ته اسڪردو جو تاريخي ۽ ثقافتي ناتو پاڪستان جي ڪنھن به علائقي يا پرڳڻي سان نه پر تبت سان جڙيل آھي. اسان کان به سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت رايا وٺندو رھيو. ھو مونکي گهڻو ذھين ۽ باخبر شخص لڳو جنھن وٽ پنھنجي ڪاروباري ڄاڻ کانسواءِ زندگيءَ جي ٻين مامرن جو به سٺو ادراڪ ھو.

ان ڏينھن اسان کي واپس استور لاءِ نڪرڻو ھو پر ٽولي ۾ شامل ڪجھ سياحن (جن ۾ گهڻي ڀاڱي مايون شامل ھيون) جو خيال ھو ته اسڪردو ۾ ھڪ وڌيڪ رات رھجي ته جيئن ڪجھ اھم جايون وزٽ ڪري سگهجن. اھا حقيقت ھئي ته اسان اسڪردو ۽ ان جا مشھور ٽوئرنگ اسپاٽ ان نموني نه گھمي سگهيا هئاسين جنھن نموني ڪنھن سياح کي گهمڻ کپن ھا. تڏهن به اڪثريت جو فيصلو (جنھن ۾ اسان چارئي ڄڻا به شامل هئاسين) ھو ته واپس ورجي ڇاڪاڻ ته پوئتي ھر ڪنھن کي ڪم ڪار ھئا. طئي اھو ٿيو ته ھڪ گاڏي اسڪردو ۾ رھندي ۽ ٻه گاڏيون استور لاءِ نڪرنديون.

صبح جو ۱۱ وڳي اسان وارين ٻنھي گاڏين اسڪردو ويو پوائنٽ ھوٽل کي الوداع ڪري پنھنجي سفر جي شروعات ڪئي. اسان جي واپسي ان ئي رستي سان ھئي جنھن سان اسڪردو پهتا هئاسين. استور جي ڀيٽ ۾ ديوسائي وارا پھاڙي ميدان جيئن ته اسڪردو کي ويجهو آھن تنھنڪري ٽن ڪلاڪن جي ڏکئي ۽ خطرناڪ سفر کانپوءِ منجهند جو ٻِي وڳي ڌاري خير سان ديو سائي پهچي وياسين. منجهند جي ماني لاءِ خيمن ۾ ٺاھيل هوٽلن مان ھڪ تي اچي ويٺاسين. ھوٽلن ٻاهران گاڏين جو چڱو تعداد پارڪ ٿيل ھو جن مان ڪيتريون ئي دنيا جي مشھور ڪمپنين جون ڊبل ڪيبن گاڏيون ھيون. ديوسائي ۾ ساڳي ئي وڃڻ واري وقت جهڙي بدن تان ڪپڙا اڏائيندڙ تيز ۽ ٿڌي ھوا گُهلي رھي ھئي. ڪلاڪ مني ۾ پيٽ پوڄا ڪري اڳتي وڌياسين. ڪجھ بهتر ھنڌن تي گاڏيون روڪرائي فوٽوگرافي ڪندي جمعي نماز لاءِ ھڪ خوبصورت ۽ ساوڪ سان ڀريل ڳوٺ ۾ اچي ڊاٻو ڪيوسين. اسان ٻئي گاڏيون ڳوٺ جي ھڪ ننڍڙي ھوٽل ٻاهران پارڪ ڪرايون ته جيئن نماز پڙھڻ سان گڏ چانھ به پي سگهجي. لوڪل قسم جي انھن ھوٽلن ۾ کاڌي پيتي جي شين کانسواءِ اڪثر ڪري رھائش لاءِ ڪمرا به ميسر ھوندا آھن. گلگت بلتستان ۾ جيئن ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻا سياح اچن ٿا تنھنڪري ھتان جي ننڍڙن ڳوٺن ۽ وستين ۾ به اھڙي قسم جا ھوٽل عام ھوندا آھن جن سان مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ فطرت پسند ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن کي پنھنجي من پسند رھائش ملي ويندي آھي. اسان ھوٽل ٻاهران ڪرسيون رکرائي ويٺاسين ته جيئن چانھ سان گڏ خوبصورت ماحول ۽ موسم جو به مزو وٺي سگهجي. ويجهو ئي ڪجھ ٻارڙا ٻڪرين، گابين ۽ گابن سان راند کيڏي رھيا ھئا جن جي ٻاراڻين حرڪتن مان اسان لطف پئي ورتو. ٻار دنيا جا معصوم ۽ خوبصورت وجود آھن جن کي رنگ، نسل، زبان، قوم ۽ مذهب جي بنياد تي قائم ڪيل ويڇن ۽ نفرتن جي ڪا به خبر نه ھوندي آھي. ڪلاڪ کن ان ڳوٺ ۾ گذاري اچي گاڏين ۾ ويٺاسين. فور ويل گاڏي ڏکين ۽ پٿريلن رستن لاءِ ته کڻي مناسب بلڪ ضروري آھي پر انھن تي ٻه ٽي ڏينھن ساندھ سڄو سڄو ڏينھن سفر ڪرڻ ڪنھن مصيبت کان گهٽ ناھي. ان ڏينھن اسان کي استور پهچڻ تائين انھن گاڏين ۾ سفر ڪرڻو ھو ڇاڪاڻ ته ڪمپني ڊرائيورن سان ايترو ئي طئي ڪيو ھو. جنھن وقت اسان استور پهتاسين ته سج لٿي جون ٻانگون شروع ٿي چڪيون ھيون ۽ ھلڪو مينھن وسي رھيو ھو. توهان کي ٻڌائيندو ھلان ته گلگت بلتستان جا ماڻهو مذهبي معاملن ۾ مجموعي طور سخت يا انتھا پسند ناھن انڪري ٿوري ٿوري ڳالھ تي جذباتي ٿي ھڪٻئي سان وڙھڻ واري نوبت نه ايندي آھي. ھتي ڪنھن نماز جي وقت آذانون به اسان جي ڀيٽ ۾ گهڻيون گهٽ ٻڌڻ ۾ اينديون آھن. استور ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان جي ميزباني استور ان ھوٽل اينڊ ريسٽورنٽ جي بلي ھئي. رات جو ھوٽل جي ڪوٺي تي ٽولن جي صورت ۾ مزيدار ڪچهري ڪندا رھياسين. صبح جو واپسيءَ جي سفر لاءِ ڪمپني ھڪ نئين جاپاني ڪوسٽر جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو جيڪو اسان کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ راولپنڊيءَ مان استور پهچي چڪو ھو ۽ ھينئر ھوٽل ٻاهران بيٺل ھو. اھڙي سٺي گاڏي ڏسي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ته سڀاڻي وارو سفر سھنجو گذرندو.

۱۹ آگسٽ واري صبح ننڊ مان اٿياسين ته ڦڙ ڦڙ پئجي رھي ھئي جنھن موسم کي ڏاڍو خوشگوار بڻائي ڇڏيو ھو. نيرن وغيره مان فارغ ٿي اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين. حسب معمول ڪجھ ماين اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي پر جيئن ئي ڪورم پورو ٿيو ته ساڍي نائين وڳي اسان جو بٽه ڪُنڊي لاءِ سفر شروع ٿي ويو. استور شھر ۽ پسگردائيءَ جا نظارا ڏسندا پوڻين ٻارھين ڌاري راءِ ڪوٽ پهچي وياسين. وڃڻ وقت به اتان ئي گذر ٿيو ھو ۽ ڪجھ ماڻهن (خاص طور مجيد ۽ مان) ڪجھ وقت لاءِ گاڏي روڪي سنڌو درياھ جي خوبصورت منظرن کي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ھئي پر ڪمپني جي نمائندن ڪنھن سبب جي ڪري واپسيءَ ۾ بيھڻ جي ڳالھ ڪري مامري کي ٽاري ڇڏيو ھو. جيڪو ڪم چند ڏينھن اڳ نه ٿي سگهيو ھو سو ھينئر عمل ھيٺ اچي چڪو ھو. گاڏي جيئن ئي راءِ ڪوٽ ۾ پارڪ ٿي ته اڪثريت سنڌو درياھ مٿان اڏيل خوبصورت پل طرف قدم وڌائڻ لڳي.

تقريبن اڌ ڪلاڪ کن راءِ ڪوٽ ۾ ترسي اڳتي روانا ٿياسين. قراقرم ھاءِ وي سان خوبصورت نظارا ڏسندي ۽ پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندي منجهند جو ٻِين وڳي ڌاري ھڪ ننڍي پر حسين وسندي ’ٿڪ پريڪا‘ پهچي ڪجھ وقت ڊاٻو ڪيوسين. روڊ جي ڀرسان ھڪ روائتي ھوٽل تي رکيل ڪيترن ئي صندلن مان ھڪ تي اسان وارو ٽولو اچي ويٺو. اھو صندل تمام وڏي وڻ ھيٺان رکيل ھو ۽ ڀرسان ئي ھڪ شفاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ وارو پھاڙي نالو وھي رھيو ھو جنھن مان ماڻهو ھٿ منھن ڌوئي پاڻ کي تازو توانو ڪري رھيا ھئا. ھوٽل جي ڀرسان ڪجھ دڪان به ھئا ۽ ھڪ دڪان ۾ ھمراھ تازا پڪوڙا تيار ڪري رھيو ھو. گرم گرم پڪوڙا خريد ڪرڻ لاءِ چڱا ماڻهو انتظار ۾ بيٺا ھئا جن ۾ مان به شامل ٿي ويم. دڪاندار پڪوڙا پاٺي جي ڊسپوزابل پليٽن ۾ ٿي ڏنا. پڪوڙن مٿان مزيدار چانھ پي ۽ ماحول مان لطف اندوز ٿي اڌ مني ڪلاڪ ۾ واپس اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين.

شام جو ۴ وڳي پاڪستان جي مشھور جابلو لڪ بابوسر تي پهچي وياسين جنھن کي تمام مٿانھينءَ تي ھجڻ ڪري بابوسر ٽاپ پڻ سڏيو ويندو آھي. ويندي وقت وين خراب ٿيڻ ڪري رات جو دير سان پهتا ھئاسين جنھن جي نتيجي ۾ بابوسر ٽاپ جهڙي اھم ماڳ کي سٺي نموني نه ڏسي سگهيا ھئاسين. بابوسر ٽاپ ۱۳۶۹۱ فوٽن جي اونچائي تي واقع آھي تنھنڪري ھن سموري علائقي جو تمام ٿڌو بلڪ ٿڌو ترين ماڳ آھي. آگسٽ جهڙي مھيني ۾ به ھتي ٺيڪ ٺاڪ قسم جو سيءُ ھوندو آھي. بابوسر ٽاپ خيبر پختونخوا صوبي ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ڪنھن گيٽ وي جيان آھي جنھن کي پار ڪري ڪو ماڻهو خيبر پختونخوا کان گلگت بلتستان يا اتان کان خيبر پختونخوا ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. جنھن وقت اسان بابوسر ٽاپ تي پهتاسين ته ھلڪو ھلڪو مينھن وسي رھيو ھو. جيتوڻيڪ اسان کي ٿڌ کان بچاءُ لاءِ مناسب ڪپڙا پهريل ھئا پر پوءِ به مينھن جي ڦڙين ۽ تيز ۽ ٿڌي ھوا پاڻ ۾ گڏجي سياندو پيدا ٿي ڪيو. ھتي ھڪ گليشيئر به آھي جتي ڪيترا ئي سياح فوٽوگرافيءَ ۾ مشغول ھئا. اھڙي شديد ٿڌ ڪري بابوسر ٽاپ فقط ٽي يا چار مهينا ئي کليل رھندو آھي. سيارو ايندي ئي ھتان جا ماڻهو چيلاس ۽ ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويندا آھن. ھت ڪاٺ ۽ پٿرن مان تيار ڪيل عام رواجي قسم جا ڪيترا ئي ھوٽل ۽ دڪان ٺهيل آھن جيڪي ھتان گذرندڙ ماڻهن ۽ سياحن جي مختلف ضرورتن جو ڪنهن حد تائين پورائو ڪندا آھن. ڏيڍ ڪلاڪ جو مقرر ٿيل وقت بابوسر ٽاپ تي ٿڌ ۽ مينھن جو مزو وٺندي خبر ئي نه پئي ته گذري ويو. ساڍي پنجين تائين اسان جي ٽولي وارا سڀ سياح واپس ڪوسٽر ۾ اچي ويٺا ته ڊرائيور به گاڏي جي انجڻ چالو ڪري اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.

ڇھين وڳي تر جي مشھور ’مون ريسٽورنٽ‘ تي پهچي وياسين. ريسٽورنٽ تي ماڻهن خاص طور فيملين جو چڱو خاصو تعداد موجود ھو جيڪي گهڻي ڀاڱي پنھنجي ذاتي گاڏين ۽ ڪجھ اسان جيان ڪنھن ٽوئرنگ ڪمپني جي گاڏين وسيلي اتي پهتا ھئا. ڪلاڪ کن اتي ترسي ھلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ ڪري ۽ چانھ پي ان ڏينھن جي آخري منزل يعني بٽه ڪنڊي (Batta Kundi) طرف راھي ٿياسين.

رات جو سوا اٺين ڌاري ڪوسٽر بٽه ڪنڊي پهچي ’تاج پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل‘ جي پارڪنگ ايريا ۾ اچي بريڪ ڏني. بٽه ڪنڊي جيتوڻيڪ ضلعي مانسهرا جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي پر اتي ايترا ته وڏا ۽ عاليشان ھوٽل آھن جو ماڻهو پاڻ کي ڪنھن وڏي ۽ ترقي يافته شھر ۾ ٿو محسوس ڪري. تاج پرل جي اڳيان، پٺيان ۽ پاسن کان ٻيا به ڪجھ بهترين قسم جا گهڻ ماڙ ھوٽل نظر ٿي آيا. گهڻن ۽ معياري ھوٽلن جي موجودگي خيبر پختونخوا صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان بهتر صورتحال کي ظاھر ڪري ٿي. گڏوگڏ صوبي ۾ امان امان ۽ تحفظ واري حالتن جو به ڏس پتو ڏئي ٿي.

ھوٽل جي ٽئين فلور تي پنھنجي ڪمري ۾ سامان رکي ۽ ھٿ منھن ڌوئي فريش ٿياسين. تاج پرل ھوٽل جو ڳاڻيٽو پڪ سان بٽه ڪنڊي جي بهترين ھوٽلن ۾ ٿيندو ھوندو پر جيئن ته اھو ريسٽورنٽ نه بلڪ ھوٽل ھو تنھنڪري رات جي مانيءَ لاءِ ٿورو اڳيان ھڪ ريسٽورنٽ تي اچي ويٺاسين. اسان مينيو جي انتظار ۾ ھياسين پر ھڪڙي ويٽر اچي ٻڌايو ته هينئر اسان وٽ فقط برياني دستياب آھي. ان جو سبب شايد اسان جو دير سان اچڻ ھو. اسان اتان اٿي ڪو ٻيو ريسٽورنٽ جاچڻ جو خفو کڻڻ جي جاءِ تي برياني کي مقدر جو لکيو سمجهي قبول ڪيو. وري اتفاق اھڙو جو برياني ۾ ٽڪي جو به ذائقو نه ھو پر پيٽ ڀرڻ لاءِ لاچار کائڻي پئي. جنھن وقت اسان بٽه ڪنڊي پهتاسين ته بجلي بند ھئي. ھوٽل جي ڪائونٽر تان انٽرنيٽ جي ڪوڊ بابت پڇيوسين ته چيائون اسان وٽ انٽرنيٽ جو سسٽم ناھي. توهان چاھيو ته اسان وٽان اسڪاءِ انٽرنيٽ جو ڪارڊ خريد ڪري سگهو ٿا پر اھو به رات جو ۱۲ وڳي اڪسپائر ٿي ويندو. ان وقت ۱۱ ٿيڻ وارا ھئا سو فقط ھڪ ڪلاڪ لاءِ اسان ڪارڊ خريدڻ مناسب نه سمجهو پر اسان جي ٽولي ۾ شامل ڪجھ نوجوانن ان ھڪڙي ڪلاڪ کي به غنيمت سمجهندي ڪارڊ خريد ڪيا. 

ٻي ڏينھن(۲۰ آگسٽ) تي مجيد ۽ مان معمول جيان صبح جو سوير بسترن جي پچر ڇڏي بٽه ڪنڊي جو فطرتي حسن پسڻ لاءِ ھوٽل مان ٻاهر نڪري وياسين. ننڍين وڏين سرسبز ٽڪرين، خوبصورت وڻن، ٻوٽن ۽ گلن سان ڀريل ۽ نئين اڀريل سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندڙ پھاڙي وھڪرن واقعي روح کي راحت ۽ دماغ کي تازو توانو ڪري ڇڏيو. اھڙن خوبصورت منظرن کي مان ڪيمرا جي اک وسيلي محفوظ ڪرڻ لڳس ۽ مجيد به فطرت جي حُسناڪين ۾ پاڻ وڃائڻ لاءِ ھڪ خوبصورت وھڪري جي ڀرسان ڪجھ وقت لاءِ اکيون بند ڪري ويھي رھيو. پسار ڪندي ھڪ جاويد نالي نوجوان سان ملاقات ٿي وئي جيڪو پاڻ ڪوھستاني ھو ۽ بٽه ڪنڊي ۾ خريد ڪيل پلاٽ تي ھوٽل تعمير ڪرڻ جي سلسلي ۾ آيل ھو. ھن پڇڻ تي ٻڌايو ته مٽه ڪنڊي ۾ بجليءَ جو ڪو باضابطه نظام ناھي انڪري ڪجھ ماڻهو جنريٽرن وسيلي بجلي پيدا ڪري مقامي ماڻهن کي وڪرو ڪن ٿا ۽ ھڪ گهر کان في سيزن ۲۰ ھزار رپيا وصول ڪن ٿا. جن وٽ بجلي ناھي سي سولر سسٽم ڪتب آڻين ٿا. بٽه ڪنڊي ۾ يو ايس ايڊ پاران ڊونيٽ ڪيل ھڪ سولر منصوبي جو بورڊ به لڳل نظر آيو. جاويد ٻڌايو ته بٽه ڪنڊي ۾ زمين مھانگي ھجڻ ڪري ھڪ ڪنال جو اگھ ۵۰ کان ۷۰ لکن تائين آھي. ھتي مختلف قوميتن جا ماڻهو رھن ٿا ۽ ھوٽل به رڳو خيبر پختونخوا جي ماڻهن جا نه پر گلگت بلتستان، پنجاب ۽ ڪراچي وارن جا به آھن. شديد ٿڌ ڪري ھي ڳوٺ سياري جا ۶ مھينا بند رھندو آھي جنھن دوران ھتان جا ماڻهو مانسهرا ۽ بالاڪوٽ ھليا ويندا آھن. ٿوري دير ۾ مجيد به اچي ويو ۽ اسان جاويد کان موڪلائي واپس ھوٽل طرف وڌياسين.

ھوٽل ۾ گرم پاڻيءَ جو بندوبست ٿيل ھو انڪري وھنجڻ سان بدن ۾ ڏاڍي تازگي محسوس ڪئي. ان ڏينھن اسان کي ڪا تڪڙ نه ھئي انڪري آرام سان نيرن وغيره مان فارغ ٿي ۱۱ وڳي ڌاري اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين. صبح کان ئي ڪافي جُهڙ ھو ۽ رکي رکي ڪڻيون به پئجي رھيون ھيون. اھڙي پياري موسم مان مزو وٺندي تقريبن ۴۰ منٽن ۾ ملڪ جي مشھور ٽوئرنگ اسپاٽ ناران پهچي وياسين. اسان کي ھتي جيئن ته بريڪ نه ڪرڻي ھئي انڪري ڊرائيور کي چيوسين ته شھر جي اندران ھلي ته جيئن گاڏيءَ مان ئي شھر جو ديدار ڪري سگهجي.

خوبصورت فطرتي منظرن ۽ صاف شفاف آبھوا جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مشھور ناران ھينئر ڪافي وڏو شھر ٿي چڪو آھي. جديد ھوٽلن، ريسٽورنٽن ۽ شاپنگ سينٽرن جي گهڻائي ھڪ پاسي ناران جي سياحتي اھميت کي واضع ڪري رھي آھي ته ٻي پاسي ان جي فطرتي حُسناڪين کي به گهٽائي رھي آھي. ناران ۾ ماڻهن ۽ گاڏين جي ايتري ته پيھ ھئي جو اسان کي شھر مان ٻاھر نڪرندي چڱو وقت لڳي ويو. ڪوسٽر جي سست رفتاريءَ جو فائدو وٺندي اسان جا دوست پنھنجي سيٽن تان ئي شھر جي مختلف حصن ۽ بازارن جي فوٽوگرافي ڪندا رھيا.

صبح کان ھن مھل تائين لڳاتار جُهڙالي موسم ماحول کي ويتر وڻندڙ ۽ مزيدار بڻائي ڇڏيو ھو. حسين منظرن مان لطف اندوز ٿيندي ۽ پاڻ ۾ ڀوڳ چرچا ڪندي ڪنھن ننڍڙي ۽ انتھائي خوبصورت وسنديءَ وٽ چانھ لاءِ اسٽاپ ڪيوسين. ان وقت چڱيرڙو مينھن وسي رھيو ھو انڪري ڊرائيور کي چيوسين ته گاڏي ھوٽل جي مئن گيٽ وٽ روڪي ته جيئن مينھن ۾ پسڻ کان بچاءُ ٿي سگهي. ھن ٽوئر ۾ جيئن ته فيملين سان ڪجھ ننڍڙا ٻار به ساڻ ھئا انڪري ھر وقت گهڻو احتياط ڪرڻو ٿي پيو. ھوٽل ننڍو پر صاف سٿرو ھيو. سڀ سياح پنھنجي پنھنجي ٽولي سان ھوٽل جي مختلف پاسن تي وڃي ويٺا. اسان چارئي ڄڻا ھلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ ۽ چانھ مان فارغ ٿي ٻاھريان منظر ڏسڻ لاءِ ھوٽل جي ڇت تي چڙھي وياسين. خوبصورت منظر ڏسي سڪون اچي ويو. ھوٽل جي بلڪل ڀرسان ڪا پھاڙي نئن وھي رھي ھئي جنھن مٿان ٻه روائتي قسم جون پليون ٺهيل ھيون. انھن مان ھڪڙي پل ته پراڻي ھئي ۽ ٻي نئين تعمير ٿيل ٿي لڳي. پل تان ھڪ جيپ تمام ڍري رفتار ۾ گذري رھي ھئي جنھن کي نئن جي ٻي ڀڪ پهچڻ تائين اسان دلچسپي ۽ تجسس سان تڪي رھيا ھياسين ته اھڙي سوڙھي ۽ لوڏا کائيندڙ پل تان جيپ ڪيئن ٿي گذري وڃي. مينھن ڪڏھن گهٽ ڪڏھن وڌ پر وسندو ٿي رھيو جنھن جي نتيجي ۾ روڊ رستا پُسي چڪا ھئا ۽ ڪچن هنڌ  تي گپ چڪ پيدا ٿي پئي ھئي.

اسان جو اڳيون ڊاٻو بالا ڪوٽ ۾ ٿيڻو ھو جتي اسان کي مانجهاندو ڪرڻو ھو ۽ ضرورتمندن کي اتان خريداري به ڪرڻي ھئي. ڪجھ ساٿين کي ڪٿان معلوم ٿيو ھو ته بالاڪوٽ ۾ ڊراءِ فروٽ سٺو ۽ نسبتن سستو ملندو آھي تنھنڪري منھنجو به ارادو ھو ته ڪجھ خشڪ ميوا خريد ڪجن. ھونئن به اڄ اسان جي ٽوئر پروگرام جو آخري ڏينھن ھو ۽ سڀاڻي اسان سڀني کي راولپنڊي جي ايليگنٽ ھوٽل مان ھڪٻئي کان موڪلائي پنھنجي پنھنجي گهرن ڏانھن روانو ٿيڻو ھو انڪري خريداريءَ جو اڳتي موقعو به نه ملڻو ھو. اسان کي بالا ڪوٽ پهچندي پهچندي پوڻا چار ٿي ويا. ھينئر مينھن ته رڪجي ويو ھو پر شھر سڄو آلو لڳو پيو ھو. بالا ڪوٽ تعلقا هيڊڪوارٽر وارو شھر آھي جيڪو مانسهرا ضلعي ۾ شامل آھي. ھن شھر جو تمام وڏو حصو ۲۰۰۵ع واري زلزلي جي ڪري تباھ ٿي ويو ھو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل ڪوششن ۽ سهڪار سان بالا ڪوٽ جا ڪيترا ئي حصا ٻيھر تعمير ڪيا ويا آھن. ڪنھڙ ندي جي ساڄي پاسي وسايل بالاڪوٽ ۾ ھندڪو ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ۱۹۶۵ع ۾ ندي مٿان ايوب نالي پل (مرحوم جنرل ايوب خان جي نالي پٺيان) تعمير ڪرائي وئي جنھن کانپوءِ بالاڪوٽ ڪاغان ماٿري ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان روڊ رستي ڳنڍجي ويو. بالا ڪوٽ جي ھڪ ٻي سڃاڻپ ڀارتي ھوائي فوج جي حملي جي حوالي سان به جڙي آھي. اھو بظاھر ناڪام حملو ۲۶ فيبروري ۲۰۱۹ع تي صبح جو پرھ ڦُٽيءَ کان اڳ ڪشمير واري سرحد وٽان ڪيو ويو ھو. ان ھوائي حملي ۾ پاڪستان ڀارت جو ھڪ لڙاڪا جھاز ڪيرائي وڌو ھو. جھاز جو پائلٽ اڀينندن پيراشوٽ وسيلي پنھنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو پر پاڪستان جي حدن ۾ لھڻ ڪري ڪجھ وقت اندر پاڪستاني فوج ھٿان گرفتار ٿي ويو. پاڪستان سرڪار اڀينندن کي لڳ ڀڳ ۶۰ ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪري ڀارتي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو جنھنڪري ڪشيدگيءَ ۾ وڏي حد تائين ٺاپر اچي وئي.

بالا ڪوٽ پهچندي جيئن ته شام ٿي وئي ھئي ۽ سڀني کي بک ستائڻ لڳي ھئي تنھنڪري گاڏي شھر جي مئن روڊ جي پاسي کان پارڪ ڪري ھرڪو پنھنجي پنھنجي منھن مانجهاندي لاءِ ڪنھن مناسب ھوٽل جي ڳولها ۾ نڪري پيو. اسان چئني دوستن گڏيل طور طئي ڪيو ھو ته خيبر پختونخوا جي مشھور چپلي ڪباب سان لنچ ڪبي. بالاڪوٽ ۾ هوٽلن جي سائين بورڊن تي چپلي کي چپل ڪباب جي نالي سان پڻ لکيو ويو ھو. اسان به روڊ جي وٽ سان ھڪ ھوٽل ۾ چپلي يا چپل ڪباب کائڻ لاءِ وڃي ويٺاسين. ماني مٿان چانھ چڪو پي ٻاھر نڪتاسين ته امان الله سومري کي وار ۽ ڏاڙھي ٺاھرائڻ جو خيال آيو. ھن سان مان سيلون تي گڏجي ويم باقي مجيد منگي ۽ اسلم ميمڻ ٿورو شھر کي چڪر لڳائي واپس سيلون تي اچڻ جو چئي اڳتي نڪري ويا. اھا ھڪ ننڍڙي ۽ ميري سيلون ھئي جنھن ۾ رکيل پراڻي صوفا سيٽ تي ورھين جي مر ڄميل ھئي. جيستائين امان الله سومري جي حجامت پوري ٿي مان ان بدلي صوفا تي براجمان رھيم.

مجيد ۽ اسلم آيا ته چارئي ڊراءِ فروٽ وٺڻ لاءِ ڪنھن مناسب دڪان لاءِ نڪري پياسين. ڪٿان خريداري ڪرڻي آھي ان جا سڀ اختيار اسلم ميمڻ حوالي ڪياسين ڇاڪاڻ ته ھو خريداري جي معاملي ۾ بنا ڪنھن شڪ شبھي جي اسان مڙني کان زور ھو. ھڪ دڪان تي آياسين جتي ڊراءِ فروٽ جا ڪجھ وڙ چيڪ ڪري ۽ دڪاندار کان انھن جا اگھ پڇي اسلم خريداريءَ لاءِ گرين سگنل ڏنو. دڪان جو نالو ”غلام رسول پشاوري ڊرائي فروٽ شاپ“ ھو جيڪو ڪاغان روڊ تي ايوب پل جي ويجهو ئي ھو. اسان کي شام پنجين وڳي مقرر وقت تي بالا ڪوٽ مان راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو سو دڪان مان ٻاھر نڪري سڌو ڪوسٽر طرف روانا ٿياسين. اسان کان اڳ چڱا ساٿي ڪوسٽر ۾ پهچي چڪا ھئا ۽ ٿوري ئي دير ۾ اسان بالاڪوٽ جون يادون ذھنن ۾ محفوظ ڪري کانئس موڪلائي اڳتي وڌياسين. بالا ڪوٽ کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي تائين جُُهڙ ته يڪو موجود ھو پر رکي رکي ھلڪو ۽ ڪڏھن تيز مينھن به وسندو پئي رھيو. خوبصورت ماحول ۽ موھيندڙ منظرن مان مزو وٺندي اسان کي رستي ۾ ئي سج لھي ويو. جڏهن سج لٿي کانپوءِ اوندھ پنھنجي چارج سنڀالي ته ساٿين جي چهرن تي ڊگهي سفر جي ٿڪاوٽ جا آثار به ظاھر ٿيڻ لڳا. نيٺ رات جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري اسان جي ڪوسٽر راولپپندي پهچي ايليگنٽ ھوٽل جي مئن گيٽ آڏو اچي بريڪ ڏني. لڳاتار جُهڙ ۽ مينھن ڪري راولپنڊي جا روڊ رستا به پسيل ھئا ۽ شھر ۾ ٻرندڙ بلبن ۽ گاڏين جي لائيٽن جي روشني آلن رستن تي عڪس پئدا ڪري ماحول کي سحر انگيز ٿي بڻايو.

ھوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي ڪجھ وقت آھلجي پياسين. ٿڪاوٽ سبب ڪجھ ساٿين جو خيال ھو ته رات جي ماني پارسل وسيلي ھوٽل تي گهرائي کائجي. پر ٻين جو چوڻ ھو ته فوڊ اسٽريٽ ھلي کائجي ڇاڪاڻ ته اھا اسان جي آخري گڏجاڻي ھئي ۽ ٻي ڏينھن سڀني کي پنھنجن پنھنجن ماڳن ڏانھن موٽڻو ھو. ساڍي ڏھين وڳي ھوٽل مان نڪري پنڌ ئي پنڌ راولپنڊي جي مشھور فوڊ اسٽريٽ تي آياسين ۽ ڊنر دؤران ٿڪل ھوندي به ڪچهري ۾ ھڪٻئي سان گڏ گذاريل وقت جي حسين ۽ يادگار لمحن کي ياد ڪندي ھڪ عجيب ۽ ڪنھن حد تائين ڏکايل ڪيفيت محسوس ڪرڻ لڳاسين ڇاڪاڻ ته اسان جي ساٿ جا ھينئر آخري پل اچي چڪا ھئا.

(ڏھاڙي عبرت ۾ ٻارھن قسطن منجھ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع کان ڊسمبر ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل)

No comments:

Post a Comment