Thursday, September 23, 2021

دبئي جو سير - عبدالله مورائي

دبئي جو سير

عبدالله مورائي



جنوري ۲۰۲۰ع ۾ موري کان اسٽاڪهولم واپس وڃڻو هو. هن دفعي پنهنجي پياري ۽ ننڍي هوندي جي دوست محمد معروف چانڊئي سان دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن گڏجي گهمڻ ڦرڻ ۽ ملڻ جو پروگرام رٿيل هو. دبئي سان منهنجي پهرين سڃاڻپ ننڍي هوندي ئي بابا جي دوست سائين محمد رمضان ميمڻ جي معرفت ٿيل هئي، جيڪو ان وقت دبئي ۾ اصيل صافي ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو هو. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته هو جڏهن به موڪلن ۾ ڳوٺ موري ايندو هو ته بابا هُن جي دعوت ڪندو هو ۽ ان دعوت ۾ چاچا هادي بخش ميمڻ ۽ چاچا علي اڪبر ميمڻ ۽ ٻيا به ڪجهه بابا جا دوست شريڪ ٿيندا هئا. اسان کي ان وقت دبئي لاءِ وڏو تجسس هوندو هو ۽ ان ڪچي عمر ۾ جيڪي به ڪچا ڦڪا سوال ذهن ۾ ايندا هئا، اهي سائين محمد رمضان ميمڻ کان پڇندا هئاسين. ان ڪچهريءَ ۾ هڪ بلوچ صاحب جو ذڪر به ايندو هو، جيڪا بعد ۾ خبر پئي ته اهو سائين امداد بهراڻي بلوچ صاحب آهي.


ڪراچيءَ ۾ پياري ۽ محترم دوست ٽي وي ۽ پرنٽ ميديا جي ناليواري صحافي ۽ رپورٽر ڀائو منصور مغيري ۽ منهنجي وڏي ڀآءٌ محمد فاروق جي ڪلاسي ۽ اسان جي گڏيل دوست ناصر مورائي جن سان رات جي ماني تي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ ادا منصور مون کي جناح ٽرمينل ڪراچيءَ تي ڊراپ ڪيو، جتان آءٌ فلائي دبئي جي جهاز ۾ چڙهي اچي دبئي پهتس. تمام گهڻو مينهن وسيل هو ۽ جهاز به ان ڪري ڪافي ليٽ پي ٿيا. بهرحال اميگريشن جي ڪائونٽر تي آيس، جتي عرب سڳوري پاسپورٽ تي ٺپو هنيو ۽ ان سان گڏوگڏ سم ڪارڊ ۽ سياحتي ڪتابچا ڏيندي چيائين ويلڪم ٽو دبئي عبدالله. مون کيس مهرباني چئي ۽ پڇيومانس ته هونءَ ته آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ هليو ويندس پر ٿورو تجسس ۾ آهيان ته هتي قانوني طريقي سان گهڻو وقت رهي سگهان ٿو؟ مشڪي چيائين ته نوي ڏينهن. دبئي جي هوائي اڏي کان ٻاهر آيس ته صبح جا يا کڻي چئجي ته اڌ رات جا شايد ٻه اڍائي ٿيا هئا ۽ هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ هلي رهي هئي. ٽيڪسي ڪري ڊيرا دبئي جي علائقي ۾ هوٽل آئيبيس الرگا اسٽريٽ تي اچي چيڪ ان ڪيم.

هوٽل جي رسيپشن وارن مون کي صبح جو ناشتي جو وقت ۽ جڳهه ٻڌائي ۽ هوٽل جي ڪمري جي ڪي هولڊر تي لکيل وائي فائي جو پڻ ٻڌايائون. هوٽل جو ڪمرو مون کي شايد نائين يا ڏهين فلور تي مليو هو. هئي ته جنوري پر هلڪي ايئرڪنڊيشن هلائڻي پئي. ڪمري ۾ پاڻيءَ جون بوتلون، چانهه، ڪافي ۽ کير جو بندوبست موجود هو. ٿڪاوٽ جي ڪري جلد اکيون ڳريون ٿيڻ لڳيون سو بهتري ان ۾ ئي سمجهيم ته سمهي پئجي ته ڀلو، جيئن صبح جو ماڻهو وري تازو توانو هجي. اتي پياري معروف سان به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس خير خيريت سان هوٽل تي پهچي وڃڻ جو ٻڌايم ۽ معروف جي آفيس جي ڪري اسان ٻنهي شام جو سندس آفيس کان پوءِ ملڻ جو پروگرام رٿيو.

ٻئي ڏينهن ناشتي واري ايريا ۾ ويس ته اتي هر نسل جا ماڻهو پي نظر آيا. ناشتو به ساڳيو جيئن تقريبن هر هنڌ هوٽلن ۾ هوندو آهي. ناشتي مان فارغ ٿي رسيپشن تي اچي اتي موجود هڪ ٻن سياحتي ڪمپنين جي نمائندن سان اچي انهن جي سياحتي ماڳن ۽ قيمت بابت حال احوال ڪيم، ۽ ڪجهه سياحتي ڪتابچا پڻ کنيم. ڪمري ڏانهن ئي ويس پي ته معروف جو فون آيو، جنهن سندس اچڻ کان پهريان اتي آس پاس ڪجهه شين گهمڻ ۽ ڏسڻ جي صلاح ڏني، جن کي مون نوٽ ڪري ڇڏيو. ڪمري تان تيار ٿي پنهنجي رڪ سيڪ ۾ ضرورت واريون شيون، ڪيميرا، پاڻي وغيره کڻي اچي الرگا روڊ تي هڪ سيلاني سياح وانگر پنڌ هلڻ شروع ڪيم. آس پاس جو جائزو وٺندو اڳتي وڌندو رهيس. روڊ صاف سٿرا هئا. پر اتي هڪ عجيب ڳالهه منهنجي مشاهدي ۾ آئي ته اتي هر ٿوري گهڻي پنڌ کان پوءِ مختلف وزيٽنگ ڪارڊ پٽ ٿي اڇليل هئا، جن تي مساج جي سروس ۽ سندن رابطي جا نمبر لکيل هئا. پوءِ جنهن کي کٽي کڻي.

بهرحال معروف جي صلاح مطابق اتي موجود الغرير مرڪز جيڪو هڪ وڏو شاپنگ مال هو گهمڻ ويس. ٿورو هيڏانهن هوڏانهن اتي چڪر ڏئي اچي هڪ دفعو وري الرگا روڊ تي پهتس ۽ جتان وري شارع عمر بن الخطاب تي پهتس. هن روڊ تي جڏهن هلڻ شروع ڪيم ته مون کي مراڪش جي هوٽل ياد آئي. اها هوٽل به عمر بن الخطاب روڊ تي هئي. وڏيون ۽ جديد قسم جون عمارتون، گاڏيون ۽ ان سان گڏوگڏ کجيءَ جا وڻ هر پاسي نظر پي آيا. اتي ڪجهه پاڪستاني به نظر آيا، جيڪي پاڪستاني انداز ۾ ڪانچ خميس پهري سائيڪلن تي چڙهي ڪاڏي وڃي رهيا ها. هڪ ٻه چوراها پار ڪري روڊ جي آخر ۾ پهتس ته دل مان واقعي نڪري ويو واهه سائين واهه زبردست، منهنجي سامهون دبئي ڪريڪ هئي جنهن ۾ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون هلي رهيون هيون. اتي هڪ دم مون کي اٽلي جو شهر وينس ياد آيو. پر هتي دبئي ڪريڪ جي آس پاس تمام گهڻيون ڊگهيون عمارتون هيون جيڪي وينس ۾ ناهن.

بني ياس نالي ٻيڙين جي اسٽاپ تي اچي ٽڪيٽ گهر واري کان معلومات ورتي ته دبئي ڪريڪ جي پرئين پار يعني بر دبئي وڃڻ لاءِ ٻيڙي ڪيڏي مهل ايندي ۽ ان جو ڪرايو ڪيترو آهي؟ ڪرايو شايد ڪو هڪ يا ٻه درهم هو ۽ ٻيڙي پندرهن ويهن منٽن ۾ اچي وئي. هلائڻ وارو به شايد ڪو پاڪستاني يا انڊيا جو هو. دبئي ڪريڪ جو پاڻي انتهائي صاف سٿرو هو. بقول معروف جي ته هي دبئي ڪريڪ پهريان هڪ پاسي بند هوندي هئي پوءِ ان کي ٻئي پاسي به کوٽائي ڪري سمنڊ سان ملايو ويو آهي جنهن جي ڪري هاڻي بر دبئي هڪ ٻيٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

مون ٻيڙيءَ ۾ ويٺي ويٺي دبئي جي ٻنهي پاسن يعني بر ۽ ڊيرا دبئي جا نظارا ڪيا ۽ انهن نظارن کي ڪيميرا جي اک سان محفوظ به ڪندو رهيس. ڊيرا دبئي جا جاڙا يعني ٽوئن ٽاورز پڻ هتان واضح نظر اچي رهيا هئا. انتهائي دلفريب، جديد ۽ سهڻيون عمارتون هر طرف نظر پي آيون، آسمان ۾ ڇڙوڇڙ ڪڪرن جو هجڻ، وري انهن ڪڪرن جي وچان نيرو آسمان ۽ دبئي ڪريڪ جي مٿان اڏامندڙ پکي، لڳي پيو ته سڀ جا سڀ ٻيڙيءَ جي مسافرن ڏانهن ليئا پائي رهيا هئا. ٻيڙي تقريبن پنجن منٽن ۾ اسان کي ڊيرا کان بر دبئي جي السيف ميرين ٻيڙين جي اسٽاپ تي پڄائي ڇڏيو. جتان کان پوءِ مون وري هلڻ شروع ڪيو.

هن السيف جي علائقي ۾ عمارتون ته نيون آهن پر پراڻي دور جي طرز جون ٺهيل آهن. دبئي اولڊ سٽي يا السيف هيريٽيج سوق انتهائي دلچسپ ۽ سهڻو علائقو آهي، جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. هتي ڪافي تعداد ۾ دڪان، ڪيفيٽيريا، ريسٽورنٽس، تحفن، سووينيئرس ۽ ڪپڙي لٽي جا دڪان نظر ايندا. هتي دڪان اهڙي طرز سان ٺاهيا ويا آهن ته جيئن سياحن کي دبئي جي پراڻي دور جي رهڻي ڪهڻي جي ڄاڻ ملي سگهي. هتي مون ڏٺو ته گاري جي ليپي سان ٺهيل گهر جن ۾ ڪاٺ جا بنڊ استعمال ٿيل هئا. ڪاٺ جي درين ۾ لوهي شيخون، ڪاٺ جي پڃر يا لڪڙن ۾ ڇپر ڦاسايل، لوهه جي ڪڙي سان ڪاٺ جي تاڪن جا در جيڪي مختلف حصن ۾ هوندا آهن. پاڻيءَ جي ننڍي نادي جيڪا ڪاٺ جي چئن پاون يا گهڙامنجي قسم جي شيءِ ۾ ڦاسايل هجي. هڪ ننڍو بلب جيڪو محدود قسم جي روشني ڏيندو هجي. کجين جا وڻ، گاسليٽ واري بتي، تيل يا گاسليٽ جا ڊرم، گهرن جي مٿان ڪوٺن تان ڀتين ۾ ڄاريون، ڪٿي ڪٿي وري ڀتين تان گارو لٿل جنهن مان سرون نظر اينديون هجن. گهرن جي ٻاهران سائيڪلون بيٺل، گهرن جي ورانڊن جي دروازن ۾ گول پلر ۽ انهن جي مٿان وري گول ونگن جي ڊزائن، ڪٿي ڪٿي عرب پنهنجي روايتي ڪپڙن ۾ اٺ سان بيٺل نظر اچي ٿو ته ڪٿي وري عربن جو ننڍو خاندان ڏيکاريل آهي. هتي به سياحن جي ڪافي رونق لڳل هئي. هن علائقي ۾ مون کي گهمندي ڏاڍو مزو آيو. هتي مون کي لڳو ته ڄڻ هي ڪو سنڌ جو علائقو هجي. ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ اڃا به اهي مٿي ذڪر ڪيل شيون استعمال هيٺ آهن ۽ اهڙي قسم جو ماحول اڃا به آهي.

مون ڪافي وقت هن علائقي ۾ گذاري يادون اندر ۾ سانڍيون ۽ اڳتي هلي اچي الفهيدي ميرين ٻيڙين جي اڏي تان هڪ دفعو وري ڊيرا واپس وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيس، جنهن پنجن منٽن ۾ السبخة ميرين ٻيڙين جي اڏي تي اچي لاٿو. اڃا وقت ڪافي هو سو السبخة ميرين ٻيڙين جي اڏي کان آءٌ واپس هوٽل وڃڻ کان بهتر سمجهو ته اڃا اڳتي وڃان، ۽ هلندو هلندو اچي ڊيرا اولڊ ميرين سوق ٻيڙين جي اڏي تائين پهتس، جتي آءٌ هڪ سحر ۾ طاري ٿي ويس. هتي پراڻي وقت جا ڪاٺ مان ٺهيل مال بردار ٻيڙا بيٺل هئا، ڪن ۾ شايد مختلف قسم جو مال چاڙهيو پي ويو ۽ ڪن مان وري لاٿو پي ويو. ڪجهه ٻيڙين تي ڪن نماز پي پڙهي ته ڪن وري ڪا راند پي ڪئي، ڪي وري شايد ڪچهريءَ ۾ مشغول هئا ته ڪي وري موبائل ۾ منهن وجهيو ويٺا هئا. ڪن وري رات جي ماني پچائڻ جي تياري پي ڪئي. هڪ ٻيڙي جي بلڪل مٿانهين حصي تي عقيدت منجهان الٰهم صل على محمد وآل محمد لکيل هو. معروف ٻڌايو هو ته هونءِ ته دبئي ڀلي ڪيڏي به ترقي ڪري وڃي پر پنهنجي اها پراڻي سڃاڻپ اڃا تائين برقرار رکيو اچن. اتي خبر پئي ته اهو پراڻو پورٽ گهڻي قدر ايران سان پراڻن وقتن کان ڪاروباري سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندو اچي. مون کي اتي دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿي ته ڪاش آءٌ ڪڏهن اهڙي قسم جي ٻيڙي ۾ سفر ڪيان ۽ انهن جي زندگين جي باري ۾ ٿوري تحقيق ڪري ڪجهه لکان. مون کي اتي مائيڪل پيلن جو پروگرام ارائونڊ دي ورلڊ ان ايٽي ڊيز پڻ ياد آيو، جيڪو بي بي سي ٽي وي تي گهڻو وقت اڳ هليو هو جنهن ۾ مائيڪل اهڙي قسم جي ٻيڙين ۾ پڻ سفر ڪيو هو.           

اتان کان اڃا به اڳتي هلندو هلندو هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيس، جتي هڪ پراڻي بازار نظر آئي، جتي گهڻي قدر مصالحن ۽ جڙي ٻوٽين جا دڪان هئا پر ان سان گڏوگڏ ٻيا به ڪافي دڪان ان بازار ۾ موجود هئا. ان کي پراڻي بازار يا دبئي اسپائس مارڪيٽ پڻ چون. اتي آس پاس ٻيا به مارڪيٽ ۽ دڪان هئا جن ۾ سون ۽ هيرن جي زيورن جا دڪان، مرشد بازار جنهن ۾ ڪپڙي جي وري هڪ گهٽي نظر آئي، جيڪا ڪافي مصروف پي لڳي. اتي ٻيون به ڪافي ڪاروباري ادارن جون آفيسون نظر آيون. هن علائقي ۾ به گهمي تمام گهڻو مزو آيو. هتان کان پوءِ مون هوٽل واپسيءَ جو ارادو ڪيو، ۽ هڪ دفعو وري پنڌ ئي پنڌ گهمندو ڦرندو پيٽ پوڄا ڪندو اچي هوٽل ڀيڙو ٿيس، جتي مون شام جي چانهه ٺاهي پيتي ۽ ٿورو اهليس ته جيئن وري ٿوري توانائي ملي ته جيئن وري معروف سان گڏجي رات ڌاري ڪجهه ٻيون شيون گهمي ڏسان.

معروف تقريبن سج لٿي ڌاري سڌو آفيس کان سندس آفيس جي ڪپڙن سوٽ، بوٽ ۽ ڪوٽ ۾ ئي هوٽل آيو، هڪ ٻئي کي پري کان ئي ڏسي ۽ ملندي منهن تي سڪ، مشڪ ۽ خوشيءَ جي لهر ٻنهي محسوس ڪئي. پهريان ته اتي هوٽل جي لابي ۾ ويهي ڪجهه تڪڙي تڪڙي ڪچهري ڪئيسين پوءِ وري رٿيوسين ته پهريان هلي پيٽ پوڄا ڪجي ۽ وري پوءِ دبئي جي ٿوري نائيٽ لائيف ڏسجي. هوٽل جي ڀرسان ئي ڪي ايف سي تي رات جي ماني کائي، پوءِ اسان معروف جي گاڏي ۾ هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر ڏيندي ڊيرا دبئي ڪلاڪ ٽاور کان ٿيندا پل پار ڪري بر دبئي واري علائقي ۾ داخل ٿي وياسين. ٿوري دير هلڻ کان پوءِ اسان شيخ زيد روڊ تي هئاسين ۽ اسان جي کاٻي پاسي ميوزم آف فيوچر عجائب گهر جي انتهائي سهڻي بيضوي شڪل جي عمارت هئي، ان ۾ گڏيل عرب عمارتن جي سربراهه شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا عربي خطاطي ۾ مستقبل بابت چيل جملا اڪريل آهن. هتي به تمام ڊگهيون عمارتون هيون ۽ هتان برج خليفا پڻ نظر اچي رهيو هو. اسان اڃا اڳتي وڌندا وياسين ۽ جميرا واري علائقي ڏانهن سمنڊ واري پاسي هلندا هلندا اچي برج العرب پهتاسين، جنهن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ رنگ برنگي روشنين جو سٺو بندوبست ٿيل هو.

اسان جي اڳلي منزل وري مدينة جميرا هئي. هي عربي طريقي جو خوبصورت ۽ گڏيل عرب عمارتن جو وڏي ۾ وڏو ريزارٽ يا سير گاهه آهي، جيڪو چاليهه هيڪٽرس تي مشتمل آهي ۽ عربن جي ڪنهن پراڻي شهر جي مشابهت سان اڏيل آهي. هتي ڪئين ريسٽورنٽس، ڪجهه هوٽلون، ڪاٽيجز ۽ شاپنگ مال وغيره موجود آهن. مون کي جنهن ڳالهه هتي وڌيڪ متاثر ڪيو، اهو هو اتان جو شاپنگ مال، جنهن ۾ عرب پراڻي طريقي جا دڪان نئين انداز ۾ ٺهيل آهن ۽ انهن ۾ وري پراڻين شين يعني اينٽيڪ قسم جي شين جا دڪان وري پاڻ ڏانهن سياحن کي متوجه ڪن ٿا. هتي ٻي جيڪا ڳالهه مون کي تمام گهڻي وڻي، اهو هو اتان جو پاڻيءَ جو ڪئنال، جيڪو هن مدينة جميرا کي چوڌاري گهيري ويٺو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي وري اهو وچان پڻ وهي ٿو ۽ ننڍين ننڍين پلين سان ڳنڍيل آهي. هتي وينس وانگر ٻيڙيون پڻ هلن ٿيون. اسان هتي سٺو وقت گذاريو. هتي به ماڻهو پنهنجي زندگي جا ڀرپور پهر گذاري رهيا هئا. ڪي کائڻ ۾ ته ڪي وري پيئڻ ۾ ته ڪي ڪچهري ڪندي وڏن وڏن ٽهڪن ۾ مشغول هئا. هتان برج العرب به تمام ويجهو هو ۽ اسان کي ڪافي ويجهڙائي کان تصويرون ڪڍڻ جو موقعو ملي ويو.

واپسي تي اسان جميرا بيچ تي چانهه جي چسڪي جو مزو وٺڻ لاءِ وياسين. فلي چانهه لڳ ڀڳ ديسي طريقي جي ئي هئي، جيڪا اتي موجود ننڍي ڪيفيٽيريا تان مليو وڃي. اتي سمنڊ جي ڪناري تي ڪچهري به ڪندا رهياسين ۽ موسم ۽ آس پاس جي ماحول جو مزو پڻ وٺندا رهياسين. آس پاس ماڻهن ديسي ٻوليون پي ڳالهايون. واپسيءَ تي وري ٻي چانهه جو مزو اسان وري هوٽل جي ڪمري تي ورتو ۽ ننڍي هوندي ۽ اسڪول جي ڏينهن کي ياد ڪندا رهياسين ۽ وڏا وڏا ٽهڪ پڻ ڏيندا رهياسين. اها ڪچهري تقريبن رات جو ٻين اڍائين بجي تائين هلي.

ٻئي ڏينهن صبح جو اٿيس ته نارويجيئن ايئر لائنز وارن جو ميسيج آيل هو ته اوهان جو جهاز سڀاڻي دبئي کان اسٽاڪهولم لاءِ روٽ مٽائڻ جي ڪري مقرر وقت کان وڌيڪ وقت لڳائيندو ۽ هاڻي دبئي کان پوءِ سائپرس جي شهر پافوس ۾ تيل ڀرائڻ لاءِ تقريبن هڪ ڪلاڪ بيهندو. پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته انهن ڏينهن ۾ ايران يوڪرين جو جهاز غلطيءَ ۾ ڪيرايو هو، جنهن جي ڪري ايران جي مٿان جيڪا ايئر ٽريفڪ گذرندي هئي، انهن پنهنجا روٽ مٽائي ڇڏيا هئا. بهرحال صبح جو ناشتو پاڻي ڪري الرگا جي زمين اندر هلندڙ ريل يعني دبئي ميٽرو ۾ چڙهي ڊائون ٽائون دبئي، دبئي مال ۽ برج خليفه ڏسڻ لاءِ نڪتس. ريل جا پليٽ فارم ۽ ريل اندران به ڏاڍي صاف سٿري هئي. ٽرين تقريبن پنجويهن ٽيهن منٽن ۾ برج خليفه دبئي مال جي اسٽيشن تي اچي لاٿو، جتان وري ڪلوميٽر کن کان ٿورو سوايو دبئي مال تائين پنڌ هو، هلندو هلندو ۽ دبئي مال پاسي ويندڙ هدايتون ۽ نشان ڏسندو اچي پهتس.

دبئي مال انتهائي وڏو شاپنگ مال آهي، مون کي ياد نٿو اچي ته مون ڪو ايترو وڏو مال پهريان ڪٿي ڏٺو هجي. صاف سٿرو، وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ دنيا جهان جا ماڻهو هتي پي گهميا، آءٌ نٿو سمجهان ته هتي ڪنهن برانڊ جو دڪان نه هوندو. بهرحال منهنجي خريداري سان ڪا خاص دلچسپي ناهي، سو اتي ٿورو گهڻو چڪر ڏئي اتان اندران ئي برج پارڪ ۾ ويس، جتي برج خليفه ۽ دبئي فائونٽين آهي. هتي به ڀانت ڀانت جا ماڻهو گڏ ٿيل هجن، جيڪي سڀ جا سڀ فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول هئا. انتهائي صاف شفاف پاڻي جي ٻئي پاسي تمام ڊگهيون عمارتون ۽ انهن ۾ وري برج خليفه جي عمارت جي اڳيان ٻيون سڀ بونيون پي لڳيون. اتي پارڪ ۾ اڃا گهميس ئي پي ته مون محسوس ڪيو ته ڪافي ماڻهو هڪدم اتي گڏ ٿي ويا، پوءِ اوچتو ساز وڄڻ شروع ٿي ويا ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ ڦوهاري انهن سازن جي ڌن سان نچڻ شروع ڪيو. سازن جي ڌن هيٺ مٿي ٿيڻ سان پاڻي به هيٺ مٿي پي ٿيو. اهڙي قسم جو ڦوهارو مون مراڪش ۾ به ڏٺو هو پر اهو تمام ننڍو هو. هي پارڪ به انتهائي ڪاريگري سان تعمير ڪيو ويو آهي جيڪو دبئي ايندڙ سياحن کي پاڻ طرف متوجه ضرور ڪري ٿو. اتان واپسي تي ٿورو ڊائون ٽائون دبئي جو چڪر ڏيندو هڪ دفعو وري اچي ٽرين ۾ چڙهيس. ٽرين ۾ چڙهي ويٺس ته منهنجي ڀر واري سيٽ تي جيڪو ڇوڪرو ويٺو هو ان سنڌي ۾ پي ڪنهن سان ڳالهايو، ڳالهائي بس ڪيائين ته پڇومانس ته ڪٿان جا آهيو، هڪدم چيائين ته موري جو، مون چيو واهه واهه. پاڻ موري جي ڀرسان جو سولنگي هو، جيڪو دبئي ۾ ايئرڪنڊيشن جي سروس جو ڪاريگر هو.

هاڻي منهنجو ارادو هو ته دبئي ميرينا ۽ جميرا بيچ ريزيڊنس ۽ ان جي آس پاس ڪجهه علائقا گهمي ڏسجن. ٽرين مان صوبحا ريئلٽي ميٽرو جي اسٽيشن تي اچي لٿس، جتان گهمندو ڦرندو اچي دبئي ميرينا واري علائقي ۾ پهتس ۽ وات مان پاڻ ئي واهه واهه نڪري ويو. دبئي ميرينا ٽن ڪلوميٽرن تي اڏيل هٿراڌو شهر آهي، جيڪو پرشين گلف جي ڪناري سان آهي، هڪ قسم جو ٻيٽ آهي جنهن جي چوڌاري هڪ ڪينال ٺهيل آهي. انتهائي خوبصورت عمارتون، کجين جا وڻ ۽ انهن جي چوڌاري ڪئنال جو صاف شفاف پاڻي ۽ انهن ۾ بيٺل انتهائي جديد ٻيڙيون، جيڪي شايد گهڻي قدر سياحن کي گهمائڻ لاءِ بيٺل هيون. اتي ڪجهه ڪمپنين جي ماڻهن انهن بابت بروچرز پڻ ڏنا پي، جن ۾ پام جميرا جو چڪر لڳرائڻ جا پيسا، وڃڻ جو وقت ۽ واپسي جو وقت لکيل هو. پام جميرا سمنڊ مان حاصل ڪيل زمين ۾ کجي جي وڻ نما وڏو علائقو ٺاهيل آهي، جيڪو پڻ سياحن کي پاڻ طرف متوجه ڪرائي ٿو. ڪافي وقت اتي گذريو ۽ ڪافي فوٽو گرافي پڻ ٿي.

اتان وري اڳتي هلندو هلندو اچي جميرا بيچ ريزيڊنس پهتس، انتهائي سهڻو علائقو، جتي جديد قسم جون رهائشي ۽ هوٽلن جون عمارتون آهن. وارياسا سمنڊ جا ڪنارا مون کي ائين لڳا ڄڻ ته يورپ جي ڪنهن سمنڊ جو ڪنارو هجي، جتي ماڻهو پاڻيءَ ۾ تڙڳي وري اچي واريءَ تي ليٽن ۽ اُسَ سان بت کي سيڪين. هتي به جديد طرز جا ڪيفيٽيريا، ريسٽورنٽس، دستڪاري جا دڪان ۽ برانڊيڊ شين سان ڀريل شاپنگ مال وغيره آهن. هتي ماڻهو گهڻي قدر پنڌ گهمڻ کي ترجيح ڏين پيا. يورپ جي طرز جا ننڍا ڦوهارا يا ننڍا پارڪ پڻ هئا، جن ۾ ماڻهن، پکين ۽ جانورن جا مجسما پڻ ٺهيل هئا. آخر ۾ ڦري سري هوٽل واپس وڃڻ لاءِ اچي ڊِي ايم سي سي جي اسٽيشن تي پهتس، جنهن اچي الرگا اسٽيشن تي چاليهارو کن منٽن ۾ پڄايو. ٿوري پيٽ پوڄا ڪري پوءِ اچي ڪمري تي چانهه ٺاهي پيتي ۽ ٿوري چيلهه ڊگهي ڪئي.

شام ڌاري جڏهن معروف آيو ته وري هڪ دفعو رولاڪين لاءِ نڪري پياسين. پهريان اسان اتي ئي الرگا روڊ جي آس پاس گهمندا رهياسين ۽ پوءِ وري ڊيرا دبئي جي علائقي پورٽ سعيد جو رخ ڪيوسين، جتي ڊيرا دبئي سٽي سينٽر ۾ گازيبو ريسٽورنٽ تي ديسي ماني کائڻ جو پروگرام هو. هن شاپنگ مال ۾ اهي سڀ شيون موجود هيون، جيڪي اهڙي قسم جي مالز ۾ هجن ٿيون. اتي ڪافي رش پڻ محسوس ٿي. ماني کائيندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري جي ڪلاسين ۽ ڪلاس ٽيچرز سائين محمد يوسف سومري ۽ سائين احمد خان لانگاهه کي پڻ ياد ڪيوسين. اسان هڪ ڳالهه ياد ڪري ڏاڍو کلياسين ته اسڪول جي موڪل کان اڌ ڪلاڪ کن پهريان جڏهن شاگردن جو حساب ڪتاب ٿيندو هو ته بڪ فيئر ڪيا آهن يا نه، يا سبق ياد آهي يا نه يا وري ڪي ٻيا معاملا ته جڏهن اهو وقت ايندو هو ته معروف نڪري ويندو هو، سيد ظهور شاهه جهانيان کي وري سائين احمد خان لانگاهه سيد هئڻ جي ناتي چوندو هو ته سائين اوهان ويهو ۽ آءٌ وري ڪلاس جو مانيٽر هئڻ جي چڪر ۾ بچي ويندو هوس.

ريسٽورنٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ ديسي کي عرض ڪيوسين ته ٻيلي اسان جا ڪي يادگار فوٽو ڪڍ جيڪي هن انتهائي خوشيءَ سان ڪڍيا. واپسيءَ ۾ وري ٿورو هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر، ڪجهه پنڌ ته ڪٿي وري معروف جي گاڏي ۾ ڏناسين ۽ پوءِ هڪ دفعو وري اچي هوٽل جي ڪمري ۾ چانهه جي ڪوپن تي ڪچهري ڄمائي سين جيڪا رات دير تائين جاري رهي. ٻئي ڏينهن صبح سوير ئي معروف اچي ويو ۽ دبئي جي هوائي اڏي طرف ويندي اسان هڪ دفعو وري ڊيرا دبئي ۾ فلي چانهه جو مزو ورتو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ ۽ ۲۳ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment