Wednesday, July 27, 2022

ٽنڊوڄام کان ڪوئيٽا - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪوئيٽا

روبرو ڏسڻ، پسڻ، سمجهڻ جي ڪوشش

مٺل جسڪاڻي



ٽنڊوڄام کان مٽياري، اتان پوءِ مُک شاھراھ (نيشنل ھاءِ وي) سان سکر مان شڪارپور کان ٿيندا، ڪوئيٽا تائين جو سفر صبح سوائين پنجين وڳي شروع ٿي، شام ستين وڳي مقرر ماڳ رَسيُس. جمعو ۲۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڏينھن ڏينھن جو سفر ھو. اکيون کليل ھيون. ھونئن ته برسات جي موسم ھجڻ سبب برساتيون اڳ ۾ به وسيل ھيون، پر سفر دوران به ڪٿان برسات پھچڻ جي آثارن ۾ اڳتي وڌياسين، ڪٿي برسات چند گهڙيون اڳ وسي بيٺي ھئي ته گذرياسين، سعيد آباد کان شايد ڪنڊيارو تائين وسندي برسات ۾ سفر ڪيوسين. ھي ٻه اکر لکڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ راءِ جُڙِي ته منٿ ڪريان:


برسات شروع ٿيڻ جي خبر پوسٽ ڪندڙ مھرباني ڪري برسات بيھڻ جي ۽ وسيل برسات جي مقدار جي خبر به پوسٽ ڪن، ته جيئن خبر پوي ته خير ٿيو.

خير، خيرپور ضلعي ۾ روڊ جي ٻنھي طرف، کجي جا باغ سڀني ڏٺا ھوندا، اڪثريت ڏسي، مون وانگر خوش ٿيندي ھوندي. روڊ جي ٻنھي طرف، ٿوري ٿوري پنڌ تي، نه صرف کجي، پر مائو وڪڻڻ وارا عارضي، پر پرڪشش اسٽال ڏسي پڻ خوشي پئي ٿي. ساڳئي وقت سوچيم به پئي، ته برسات سبب کجي کي نقصان جون دانھون ۽ عام توڙي خاص حالتن ۾، پالتو جانورن جي پالنا گهٽجڻ جون ڳالھيون به عام آھن، ته پوءِ...؟!

حيدرآباد کان سفر ڪندي، نوشھرو فيروز ضلعي ۾ ٻين سان گڏ زيتونن جا باغ، روڊ جي ڪناري سان زيتون وڪامندي ڏسي به خوشي پئي ٿي، پر...

سفر ڪندي سچل جي سلامي ڀري، ٻه وکون اڳتي وڃي ويٺاسين، چڱو ٿيو ناشتو کڻي نڪتا ھئاسين، جھڙي به ملي، صرف چانھه ئي، ڪنھن پيتي، ڪنھن نه پيتي.

ڪوئيٽا ويندي باءِ پاس سان شڪارپور جي قلفي چَکِي. ڪِن کي گهڻي وڻِي، ڪنھن تعريف ته ڪنھن تنقيد به ڪئي. اڳتي سفر ڪندي بلوچستان جي ضلع جعفر آباد جي حدن مان ھلندي، ڪوئيٽا روڊ سان ڊيرا مراد جمالي شھر جي روايتي رش ۽ روش کي منھن ڏئي نڪرڻ وارا ٿياسين، ته اتان گذرندڙ پَٽ فيڊر ڪئنال، جنھن جي پُل تي لڳل بورڊ تي ڪو ٻيو نالو لکيل ھو، نوٽ مون نه ڪيو، ھاڻ ياد اچي نه پيو! اسان بيٺاسين ته بي سبب آس پاس ۾ ويٺل، بيٺل، ھلندڙ، سڀني پئي چتائي ڏٺو.

تعجب جي ڳالھه اھا ته اسان سان پاڻ ليکي سڀ سنڌيءَ ۾ پيا ڳالھائين! ڪيلي جو اگهه پڇيو، اسان مان ڪنھن حيرت جو اظھار ڪيو، ته وڪڻندڙ مُرڪي چيو، اوھان جي آس پاس مان ئي ڪيلو ايندو آھي، ھتي پھچندي پھچندي ان اگهه ۾ ھر ڪو خريد ڪري ٿو. ھتي روڊ روڊ سان دڪانن جي ڊگهي قطار شھر جي بازار جو ڏيک پئي ڏنو. زراعت جي حوالي سان ڪاروباري بورڊ ۽ دڪان ايترا نظر آيا جو آس پاس جي زراعت ڏانھن ڌيان ويو.

سبي جي آس پاس کان ڪوئيٽا تائين، ڪٿي ڪٿي مختلف فصل ھئا، جوئر به ججهي پوکيل ۽ وونئڻ به گهڻا نظر آيا. قطارن ۽ جهڳٽن ۾ کجي جا وڻ به ھئا. جيئن جيئن ڪوئيٽا کي ويجها پئي وياسين ته ٻير به نظر آيا پر صوف جا باغ ھئا، ھڪ ٻن ھنڌن تي ٻير ايترا ھئا، جن باغ جو ڏيک پئي ڏنو. صوف جي موسم شروع آھي. انب، ڪيلي، زيتون، کجي وانگر صوف جو وڪرو عام آھي. ٻير به ساڳي طرح وڪامندا آھن.

ڪجهه ڏينھن ڪوئيٽا ۾ رھڻ جو ارادو آھي. ان دوران ڪوئيٽا جي زراعت بابت پڙھيل ۽ ٻڌل ڳالھين جي روشني ۾ روبرو ڏسڻ، پسڻ، سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد جي مڊويڪ اسپيشل ۾ اربع ۲۷ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment