Tuesday, June 27, 2017

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو - الطاف شيخ

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، برمودا سان وابسته جل پرين ۽ جهاز غائب ٿيڻ جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر موسم ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ هن ٻيٽ جي ڇا تعريف ڪجي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به انگريزن پنهنجو هٿ رکيو اهو ٻيٽ دنيا ۾ اعليٰ ٿي ويو ... . پوءِ اهو چاهي ممبئي هجي، هانگ ڪانگ هجي يا سنگاپور ۽ پينانگ. مون جهڙا پوڙها جن 1950ع يا 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جيڪڏهن ڪراچي جو صدر وارو علائقو ڏٺو هوندو ته انهن کي برمودا ٻيٽ جو هُڳاءُ محسوس ٿي سگهي ٿو. جتي جتي انگريز رهيا آهن اتي هنن رهائش جو پنهنجو اسٽائيل رکيو آهي ... . دڪان، هوٽلون، جيم خانه، ريلوي اسٽيشنون، عمارتن جو آرڪيٽيڪچر ... . ممباسا، زنجبار، ڪولمبو وغيره مون کي هميشه انگلنڊ جا شهر ۽ انهن جو ماحول ياد ڏياريندا هئا. هاڻ مٿين ٻيٽن ۽ شهرن مان جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي اها ڳالهه نڪري چڪي آهي پر برمودا ۽ ٻئي نمبر تي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو اهڙا ٻيٽ آهن جن مان اڄ به انگريز ڪالونيل ڪلچر جي سڳنڌ اچي ٿي.


برمودا جي گهڻي تعريف ڪرڻ تي منهنجي هڪ واقفڪار فئملي جنهن کي گهمڻ جو شوق آهي مون کان اوڏانهن وڃڻ جي صلاح وٺڻ لڳا. مون کلندي کين ٻڌايو ته اسانجي ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ فقط گهمڻ ڪارڻ هتان پڳ ٻڌي برمودا پهچڻ سراسر بيوقوفي ۽ پئسي ۽ وقت جو زيان آهي. جيڪڏهن ڪو برمودا جهڙو پر سڪون ماحول ۽ سٺي موسم مان لطف اندوز ٿيڻ ٿو چاهي ته ڪوهه مري يا ڪوئيٽا هليو وڃي ... . يا وڌ ۾ وڌ سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۽ ڪئنڊي ڏي هليو وڃي يا ايران جي انهن شهرن ڏي هليو وڃي جيڪي ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن...  جهڙوڪ اردا بيل، گيلان، مازندران ۽ گولستان صوبي (اوستان) جا شهر.
سو پاڪستان کان هلي ملي ايڏو پري برمودا ٻيٽ تي وڃڻ سو به گهمڻ خاطر سراسر بيوقوفي آهي. هونءَ اسان وٽ اهڙا ڪيترائي درويش قسم جا، بلڪه بيوقوف ماڻهو آهن، جن وٽ شايد پئسو ائين ئي اچي ويو آهي ۽ کين سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن خرچ ڪجي سو ان کي خرچ ڪرڻ لاءِ يا لئه رکڻ پاڻ کي قرضي بنائڻ لاءِ پتايا بيچ (ٿائلنڊ) يا لنگڪوي (ملائيشيا) پهچيو وڃن ... . چي اسان سامونڊي ڪنارا (بيچز) ڏسڻ لاءِ آيا آهيون! هاڻ انهن کان ڪير پڇي ته بابا هي شيون ته يورپ وارن لاءِ آهن جيڪي ٿڌن ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ اهي هتي ايشيا جي موسم ۽ سمنڊن جا ڪنارا enjoy ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ... . باقي اسان جي ملڪن جا ماڻهو منهوڙو، ڪلفٽن، سئنڊس پٽ، هاڪس  بي جهـڙا سامونڊي ڪنارا ڇڏي ٻاهر وڃڻ تي پئسو خرچ ڪن ٿا نسورو ئي نڀاڳ آهي. سو گهمڻ لاءِ هلي ملي برمودا جهڙي ٻيٽ تي وڃڻ بيوقوفي آهي باقي توهان کي اتي نوڪري ملي آهي يا ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان توهان جي ان هنڌ تي ڊيوٽي لڳي آهي ته پوءِ ارهو ٿيڻ بدران خوش ٿيڻ کپي ۽ اتي رهائش دوران فرصت جي گهڙين ۾ خوب  گھمجي ۽ enjoy ڪجي.
ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته آئون ڪراچي ۾ رهيل هوس. هڪ شام جو مون سان ملڻ لاءِ هڪ ننڍي عمر جا زال مڙس آيا. زال ٻڌايو ته هن جو نالو شگفته آهي ۽ هوءَ پنهنجي  مڙس اقبال سهتو سان گڏ ان ئي پاڙي ۾ رهي ٿي جنهن ۾ آئون اچي رهيو هوس. هنن منهنجا شروع وارا سفرناما پڙهيا هئا جن ۾ مون هوانا (ڪيوبا)، ٽرنيڊاڊ، ٽباگو ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻين ٻيٽن جو احوال لکيو آهي. هو ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو وڃڻ لاءِ مونکان صلاح پڇڻ آيا هئا.
مونکي ساڻن ملي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن شگفته ٻڌايو ته هوءَ منهنجي پيٽارو جي هڪ ٽيچر پروفيسر رفيع الدين چنا جي ڌيءَ آهي. مئٽرڪ ڪري آئون 62-1961ع ڌاري فرسٽ ييئر ۾ هوس ته ان وقت سائين رفيع الدين چنا ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر ڪاليج مان M.Sc ڪري اسان جي ڪاليج ۾ پڙهائڻ آيو هئو. سندس تعلق پاٽ شهر سان آهي ۽ هو ان وقت سڀ ۾ ننڍي عمر جو ٽيچر هو. هو اسان کان پنج ڇهه سال کن مس ڪو وڏو هو. ويتر هلڪي جسم جو هجڻ ڪري ٽيچر گهٽ اسٽوڊنٽ وڌيڪَ ٿي لڳو ۽ اسان هن کي پنهنجو دوست ئي سمجھيو ٿي. بيحد شريف ۽ نيڪ انسان هو ۽ اسان شاگردن جو گهڻو خيال ڪرڻ ڪري هو اڄ به اسان جي دلين ۾ قائم آهي. جيتوڻيڪ منهنجي وري ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي آهي جو تعليم ۽ نوڪري خاطر منهنجو هميشه ملڪ کان ٻاهر رهڻ ٿيو ٿي. پر ايترو آهي ته سائينءَ جي خبر ٻين پيٽارو جي ساٿين کان پوندي رهي ٿي ته سائينءَ هاڻ شادي ڪئي آهي ... . سائينءَ کي هاڻ پهريون پٽ ٻار مسعود ڄائو آهي ... . هاڻ محمود ... . هاڻ ٻه جاڙا پٽ رفيق ۽ شفيق ... . هاڻ سائين وائيس پرنسپال ٿيو آهي... . وغيره.
مون وٽ آيل شگتفه کي چيم ته تنهنجي ڄمڻ جي خبر مونکي سائين عبدالله چنا ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا بيگم زينت عبدالله جي ٻارن کان جدي (سعودي عرب) ۾ پئي هئي.
”ويري انٽريسٽنگ، انڪل“ شگفته چيو.
سندس مڙس اقبال سهتو جيڪو شگفته جو ماسات به ٿئي، تنهن کي چيم ته شگفتا جي ڄمڻ جو ٻڌي مون چيو هو ته ”ڪمال آهي جلدي اچي وئي.“
”ڇو ڀلا! هوءَ ته ڇهن ڀائرن بعد ڄائي هئي ۽ هر هڪ کي سڪ هئي ته ڌيءَ ٻار ڄمي.“ اقبال چيو.
”ان لاءِ ئي ته چئي رهيو آهيان ته هوءَ جلدي اچي وئي نه ته اسان پيٽارو جا دوست چوندا هئاسين ته  جنن پرين جي ڪهاڻين وانگر سائين چنا کي جيڪا ڌيءَ ڄمندي اها ستن ڀائرن بعد ئي ايندي ۽ ارشد ۽ امجد بعد اڃان به هڪ ڀاءُ ڄمندو... ..“
مونکي حيرت ٿي ته وقت ڪيئن تڪڙو ڊوڙي ٿو. اڄ سائين چنا جي اها ڌيءَ وڏي به ٿي وئي، شادي به ٿي وئي ۽ هوءَ ٻارن سان گڏ ان ڏورانهين ڏيهه ڏي وڃڻ جو سوچي رهي آهي جتي منهنجي سامونڊي زندگي جا شروعاتي ڏينهن گذريا ... . جتي منهنجي وي ايس نئپال جهـڙن انڊين ليکڪن سان ملاقات ٿي جيڪي اڳتي هلي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيا ۽ جن کي نوبل انعام جهڙا ايوارڊ مليا.
”ويسٽ انڊيز جا ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو ٻيٽ ته واقعي ڏسڻ وٽان آهن ... . پر دنيا جي ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ته توهان ايران يا انڊيا هليا وڃو. انهن ٻن ملڪن ڏي وڃڻ تي دل نٿي چوي ته سريلنڪا ۽ سنگاپور هليا وڃو ... . ايڏو پري ڇو ٿا وڃو؟“ مون کين چيو.
”آئون به اهو سوچي رهي آهيان ته پنهنجو وطن ڇڏي ٻن ٽن سالن لاءِ ايڏو پري ڇو هلي رهجي... . اتي خبر ناهي ڪهڙي موسم هجي ڪهڙا ماڻهو... .“ شگفته چيو.
”ڇا مطلب توهان گهمڻ لاءِ ٿا وڃو يا اتي رهڻ لاءِ؟“ مون پڇيو. ان تي اقبال ٻڌايو ته برٽش پيٽروليم (B.P) ڪمپني جنهن ۾ هو ملازم آهي اهي هن کي ٽن سالن لاءِ ٽرنيڊاڊ موڪلي رهيا آهن.“
”اها ڳالهه آهي ته پوءِ ته پڇڻ جي به ضرورت ناهي. اکيون پوري هليا وڃو.“ مون کين يڪدم چيو ”ان ڪري جو سنگاپور، ممبئي، برمودا ۽ هن ٻيٽ ٽرنيڊاڊ تي انگريزن جي حڪومت رهي آهي ۽ اتي ان ئي قسم جا انگريزي  ميڊيم جا اسڪول آهن جيڪي اسان وٽ آهن. ان ڪري اهڙن هنڌن تي نوڪري ملڻ تي ٻارن جي پڙهائي ڊسٽرب نٿي ٿئي. وڏي ڳالهه ته سڄو سال جھڙ ڦڙ، سٺي موسم ۽ چوڌاري سرسبز ۽ ساوڪ هجڻ ڪري اسان جهڙن گرم ملڪن جا ماڻهو ته اتي پهچي فرحت محسوس ڪن ٿا پر ناروي ڊئنمارڪ جهڙن ٿڌن ملڪن جا به برمودا ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ٻيٽن تي اچن ٿا ته وڃڻ جو نالو نٿا وٺن.“
ان ڏينهن مونکي هن فئمليءَ کان خبر پئي ته منهنجو هالا جي اسڪول ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي مرحوم ۽ پياري دوست شفيق الرحمان چنا (ڪِٽ نمبر 20)، جنهن جو والد صاحب ”سائين محبوب علي چنا“ جيڪو هڪ وڏو عرصو هالا جي ”سروي اسلاميه ڪاليج“ جو پرنسپال ٿي رهيو ان جي مِٽي مائٽي شگفته وارن سان به آهي. اسانجي پيٽارين دوست شفيق الرحمان چنا جي گهر واري شگفته جي پڦي ٿئي. شفيق جو ننڍي هوندي ئي انتقال ٿي ويو. کيس چار ٻار آهن: شيراز، ثمرين، امبرين ۽ سرفراز. شيراز سول انجنيئر آهي ۽ سندس واسطو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارتن سان ئي آهي.
شگفته جي گهر واري اقبال سهتي مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪيميڪل انجنيئرنگ ڪئي. لڳي ٿو ته هن فيلڊ جي انجنيئرنگ جو اڄ به دنيا ۾ مَانُ آهي جو مونکي مهراڻ يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي ڪيميڪل انجنيئرنگ جا گرئجوئيٽ ٻاهرن ملڪن ۾ سٺين نوڪرين ۾ نظر اچن ٿا. اقبال جو وڏو ڀاءُ پروفيسر سليم سهتو هڪ وڏو عرصو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ نوڪري ڪرڻ بعد گذريل سال رٽائرڊ ٿيو آهي. سندن اصل ڳوٺ ميهڙ آهي. پروفيسر رفيع الدين چنا صاحب هن وقت 77 ورهين جي ڄمار جو آهي ۽ حيدرآباد ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو.

مٿئين قصي بيان ڪرڻ مان جتي پنهنجي ٽيچرن کي ياد ڪرڻ هو اتي اهو به ٻڌائڻ ضروري هو ته گهمڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهن پنهنجي کيسي مان خرچ ڪرڻو نه پوي يا تمام گهٽ ڪرڻو پوي. جيڪڏهن توهان جو نوڪري يا بزنيس جي خيال کان ڪڏهن برمودا يا ٽرنيڊاڊ جهڙي ڏورانهين ٻيٽ تي وڃڻ ٿئي ٿو ته پوءِ دير هرگز نه ڪجي.

No comments:

Post a Comment