Friday, August 04, 2017

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر
مٺل جسڪاڻي
ٿيو ائين ته مون کي، منھنجي فرزند ارجمند وقار مٺل جسڪاڻي سان ڳاڙھو، ضلع ٺٽه وڃي ملڻو ھو. هو ملازمت سانگي، اتي ترسيل آهي. گهر کان ٻاهر اڪيلي رهڻ جو سندس هي پهريون موقعو آهي، ان ڪري فون تي ڳالهين مان لڳو، ته همراهه سان روبرو ملي، سندس تربيت ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري سفر جي سھوليت ڀاءُ علي جسڪاڻي مهيا ڪئي. اسان سان گڏ بدين مان آيل مھمان ماما گنھور جسڪاڻي به ھليو. وقت ٿورو، فاصلو گھڻو ھو. ان ڪري لوڪ کان نه، سنگت ساٿ کان لڪي لڪي، آچر ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۷ع جي صبح ستين وڳي ٽنڊوڄام مان نڪتاسين. ڪيٽي بندر کان ٿي، رات جو ٻارهين وڳي ڌاري واپس پهتاسين.


مينھوڳيءَ جي مند ۾، ڪوٽڙيءَ کان ٺٽه تائين، رستي جا ٻئي پاسا پُسندي، اسان ڏٺو ته ان علائقي ۾ ڪا خاص برسات ٿيل نه هئي. رستي جي ھڪ پاسي جبل هئا، جيڪي برسات جي ڪري وهنتل، ڌوتل پوتل، صاف سٿرا هئا. ڪٿي ڪٿي موٽرن جي مدد سان پاڻي پهچائي، پوکيل فصل هئا. جڏهن ته رستي جي ٻئي طرف، رستي ۽ درياءَ جي وچ وارو حصو، عام معمول وانگر، ڪٿي ڳوٺ، ڪٿي ڪو فصل، ته ڪٿي ڪجهه ٻيو. وڻ ٽڻ مينهن ۾ پُسي صاف ٿي ويل هئا.
ٺٽي پهتاسين. اتان اڳتي روانو ٿيڻ لاءِ، جڏهن مڪليءَ جي پهاڙي تي چڙهڻ لڳاسين، ته ويندي توڙي ورندي، ٺٽي يا مڪليءَ تي بيھڻ جو ارادو نه ھو. ان ڪري وڃڻ وقت اوچتو عليءَ چيو؛ ھلندي گاڏيءَ مان ھڪ اڌ تصوير ته محفوظ ڪري وٺو... نتيجي طور آئون ٻه تصويرون ساڄي طرف کان ۽ ٻه تصويرون کاٻي طرف کان، نظر ايندڙ پراڻن ماڳن جون، ٽوٽل چار تصويرون محفوظ ڪري سگھيس.
اسان ٺٽي کان مينهن وسائيندا، غلام اللہ ور، اتان مير پور ساڪرو، اتان ٻُھارا شھر مان گذري، ڳاڙھو وڃي پھتاسين. جتي منھنجو فرزند ۽ ڀيرو لال سوٽھڙ اسان جي انتظار ۾ ھو. اسان ملياسين، حال احوال ٿيا، ته ڀيرو چيو؛ ”ٺٽي مان گهارو، اتان پوءِ ساڪرو ۽ ڳاڙهو اچو ها، ته رستو وڌيڪ سٺو هو.“ صحيح پئي چيائين، ڇو جو اسان جن رستن سان آياسين، اهي لنڪ روڊ هئا، ٻيو ته ٻهراڙيءَ جا هئا، ٽيون ته ڪٿان ڪٿان ڀڳل ٽٽل، ته ڪٿان مرمت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويل، ته ڪٿي ڪم هلندڙ هو، مٿان وري برسات، معاملو بگاڙي ڇڏيو هو.
ٺٽي کان ڳاڙهو يا ته فصل هئا ئي نه، يا وري هئا، ته اڪثر سارين جو فصل هو. سارين جو فصل سٺو يا خراب هجڻ جي خبر پوڻ واري عمر ۾ نه هجڻ ڪري، ۽ برسات سبب ڪو خاص اندازو نه پئي ٿيو. وقار ۽ ڀيرو ٻڌاو ته؛ ”اڃا فصل بهتر حالت ۾ آهن. ساريون، ڪمند، ڪيلو، وونئڻ، پان، ڪٿي ڀاڄي جو ڪهڙو ته ڪٿي ڪهڙو فصل پوکيل آهي، ته ڪٿي وري ٽماٽو يا مرچ پوکڻ جو ڪم شروع آهي.“
اسان کي ڳاڙهو پهچندي، منجهند جي ٻارهن کان وقت گهڻو ٿي چڪو هو. ڪچهري ڪندي، منجهند جي مانيءَ جو به وقت ٿيو. ان ڪري ڀر واري هوٽل تان منجھند جي ماني کائيندي، ڳالهيون ڪندي، طئه اهو ٿيو ته؛ وسندي مينھن ۾ ايستائين جو پھتا آهيون، ته ڪيٽي بندر وڃڻ ڪو مسئلو نه سمجھي، اسان جي پنھنجي مرضي سميت، ڀيرو لال سوٽھڙ جي دل سان آجيان جي ڪري، بي اونا ٿي نڪري پياسين. ڀيرو لال وري منظور احمد عارفاڻي کي چئي ڇڏيو هو. جيڪو اسان کي ڳاڙهو کان اٺ ڪلوميٽر اڳتي، ٻگهاڻ اسٽاپ تي مليو. عارفاڻي کان اڳ، منهنجي اڻ ڏٺل واقفڪار مسرور ٻاٻيهو سان به رابطو ٿيو هو، اهو به ٻگهاڻ ۾ مليو. اسان، بيٺي پير، خوب ڪچهري ڪئي. مسرور ٻه غزل به ٻڌايا. ان کان پوءِ اڳيان عارفاڻي، پٺيان اسان، ڪيٽي بندر ڏانھن ويندي، برسات پوڻ جي ڪري رستو انتھائي خطرناڪ ٿي ويو! بس... ٿوري ٿوري تان بچي، وڃي پھتاسين! ڳاڙهو کان ڪيٽي بندر تائين، به ذري گهٽ ساڳيا فصل ئي هئا. هتي پان فارم گهڻا نظر آيا. جڏهن ته ڪيٽي بندر کان گهڻو پهرين، رستي جي ٻنهي پاسي سمنڊ، برسات، سم نالن جو پاڻي به گهڻو پکڙيل هو.
آئون پاڻ کي قديم ۽ جديد (جاري) دور جي وچ واري دور جو جيئرو جيءُ سمجھندو آھيان. ڇو ته پاڻ وٽ هاڻي، قديم دور جون ڏکيائيون به نه آھن ۽ آئون جديد دنيا به اکين سان نه ڏسي سگھيو آھيان. پاڻ وٽ جديد دور جون صرف چند شاھديون ضرور پھتيون آھن، پر اصل جدت ته ترقي ڪيل ملڪن ۾ آھي ۽ اھا، ھتي جا عام ماڻھو تصور به نه ٿا ڪري سگھن!
جڏهن آئون گهڻو ننڍو هئس، تڏھن ٻڌو ھئم، ته ڪاٺ جا گهر به ٿيندا آهن، پر اعتبار نه پئي آيو. جڏهن ڪجهه وڏو ٿيس، اسڪول ويس، سبق پڙهيم، اڃا وڏو ٿي ٻيا ڪتاب ۽ اخبارون پڙهيم، تڏھن اعتبار ته آيو، پر تجسس تڏھن پورو ٿيو، جڏھن ۱۹۸۶ع ۾ پھريون دفعو جھمپير ويس، ته اتي نه صرف دڪان ۽ گھر، پر ماڙيون به ڪاٺ جون ٺھيل ڏٺم! ھاڻ سيمنٽ جي خوبصورت خرچيلين جڳھين سميت، ڪجھه پراڻيون ڪاٺ جون ٺھيل جڳھيون به، جھمپير ۾ اڃا موجود آھن. جڏهن به جهمپير ويو آهيان، گهڻو ڪري سائين رسول بخش درس سان، سندس اوطاق تي ملاقات ۽ ڪچهري به ٿي آهي. سندس پهرين اوطاق به ڪاٺ جي ماڙي هئي.
ڪيٽي بندر، اتي جي آس پاس جا گھر ۽ بازار ڏسڻ جو شوق ھو، جيڪو تازو مينھوڳي جي مُند ۾، شام جي وقت، وڏي آزمائش وارين گھڙين مان گذرندي پورو ٿيو! ڪيٽي بندر کان ڪجهه ڪلوميٽرن تائين، لاڙ پٽ جي عام ڳوٺن جهڙا ڳوٺ، انهن ۾ اڪثر عام لاڙي طرز جا ڪچا ڪکاوان گهر هئا. ڪيٽي بندر کي ويجها گهر، ڳوٺ، ڪيٽي بندر جي بازار، ڪاٺ جي تختن سان ٺهيل ڪوٺين تي مشتمل هئا. ڪيٽي بندر کي ويجهي وارا گهر ته سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ گهيريل هئا! خود بندر جي بازار به، رستي ۽ بازار کانسواءِ، سمنڊ جو پاڻي ئي ته هو.
ڪيٽي بندر جي بازار ڪا گهڻي ڊگهي نه آهي. ان ۾ شايد برسات وسڻ ۽ شام ٿيڻ جي ڪري، ماڻهو گهٽ نظر آيا. اڪثر دڪان به بند هئا. اسان بازار ۾ گهمندي، هڪ اهڙي چؤنڪ وٽ اچي پهتاسين، جيڪو واقع چؤنڪ آهي. واڌو جي نشاني ٺاهيندڙ بازار آهي. اسان ان چؤنڪ تي بيهي، چئني بازارن جو معائنو به ڪيو ۽ ماڻهن جي رش نه هجڻ ڪري، مون بنا حجاب پنهنجون تصويرون پاڻ ڪڍيون (سيلفي وسيلي) ۽ محفوظ ڪري ورتيون. هر تصوير جي پسمنظر ۾، الڳ بازار به اچي وئي.
ڪيٽي بندر اچڻ وقت، رستي جي ڏکيائيءَ کي نظر ۾ رکندي، اتي جي سونهين ۽ اسان جي هن سفر جي رهنما، منظور احمد عارفاڻي، اتي جي ڪنهن سونھين ماڻهوءَ کان، وڃڻ وارو رستو ٻڌائي، ورڻ لاءِ سولو دڳ پڇيائين. جيئن ڪجھه چڱي رستي سان واپس ورئون. هو واپسيءَ جو جيڪو محفوظ رستو سمجهي، اسان کي ان تان وٺي آيو، اھو ته وڃڻ واري رستي کان به وڌيڪ خطرناڪ ھو! ھڪ ٻن ھنڌن تي ته بس، ٻي ڪا واھه ئئ نه ھئي، جنھن ڪري ھر حال ۾ نڪرڻ جي ڪئيسين! ٿوري ٿوري تان بچي، واپس اچي پھتاسين! برسات پوڻ جي ڪري ھر رستو انتھائي خطرناڪ ٿي ويل ھيو!
ڪيٽي بندر ڏانهن ويندي ۽ واپس ورندي به، مون تمر جا تيار ٻيلا ڏاڍا ڳوليا، پر اهي خبر نه آھي ڪٿي آھن. ڪيٽي بندر کي ويجھو، ھٿرادو طريقي سان، قطارن ۾ پوکيل تمر ڏسي واپس جنهن رستي سان آياسين، ان رستي ۾ ڪجهه ڪچو رستو هو. ننڍي شهر نما ٻه وڏا ڳوٺ هئا. اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته انهن پنهنجون گاڏيون برسات جي ڪري هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيون. جيستائين برسات سبب خراب ٿيل رستو صاف نه ٿيندو، اتان گاڏيون نه نڪرنديون. اسان ڳوٺن جي رستن، روڊن مان ٿيندا، اوچتو ڳاڙهو اچي رسياسين.
ڳاڙهو ۾ چانهن پيئڻ کان ترت پوءِ، واپس روانا ٿياسين، ته پهرين گهارو وياسين. اھو رستو تمام سٺو، صاف، ويڪرو، محفوظ هو. ميرپور ساڪرو کان گهارو تائين، رستي جي ٻنهي طرفن کان اسان کي فارم هائوس ججها ڏسڻ ۾ آيا. گهارو شهر ۾ صرف چانهن جو ڪوپ گڏجي پيئڻ جي شرط تي اوم کتري سان ملياسين، ته ڀاءُ علي، ماما گنهور ۽ اوم آئيس ڪريم، مون فالودي جو مزو ورتو.
گهارو مان اوم کان موڪلائي نڪرڻ تائين رات ٿي چڪي هئي. هلندي رستي، نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار گل بهار باغائي سان رابطو ڪيم. ان سان بيٺي پير، ڀاڪر پائي، اڳتي روانو ٿيڻ جي شرط تي ملڻ جو طئه ڪيم. ان وچ ۾ گهارو کان ٺٽو تائين، رات جي وقت، انتهائي خطرناڪ روڊ جي حالت ۾، ڊڄندي ڊڄندي مڪليءَ پهچي، اسان ڄڻ ته گس ھلندي گلبھار باغائي سان گڏياسين. نوان پراڻا ٿياسين. ٿوري وقت ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪيونسين. موڪلائي روانا ٿياسين، ته رات هئي. رات جي وقت ٺٽي کان ڪوٽڙيءَ تائين ٽي چار خطرناڪ موڙ به ڪراس ڪري، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد مان ٿيندا، رات جو ٻارهين وڳي ڌاري واپس پهتاسين، ته گهر جا سڀ ڀاتي اسان جي انتظار ۾ جاڳيا پئي. سندن اهو جاڳڻ، عام معمول به هو، پر خاص ڳالهه اها هئي ته منهنجي ننڍي پُٽ ابرار مٺل جي سالگرهه به هئي. سندس هيءَ سالگرهه، سندس ٻن وڏن ڀائرن اظهار ۽ وقار جي غير موجودگيءَ ۾ ملهائي. ڏينهن جو ٿڪ لاهي، صبح سوير پنهنجي ڪم سان نڪرڻ جي آس ۾، سمهي ننڊ ڪئي...



(رپورٽرز پيج، ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد، جمع ۰۴ آگسٽ ۲۰۱۷ع)

No comments:

Post a Comment