Sunday, June 26, 2016

سي اين اين واشنگٽن ڊِي سِي ۽ ”دِي سچُوئيشن رُوم“ - ياسر قاضي

سي اين اين واشنگٽن ڊِي سِي ۽ ”دِي سچُوئيشن رُوم“
پئسفڪ جي پاڙي ۾
ياسر قاضي
هن سفرـ پچار ۾ پوئين هفتي اسين واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي سُومر 7 اپريل جي برساتي شام ۾ امريڪا جي مشهُور سيٽيلائيٽ نيُوز چينل ”سِي اين اين“ (CNN) يعني ”ڪيبل نيُوز نيٽورڪ“ جي اسٽوڊيوز پهتا هُئاسُون، جتي اسان کي ”سِي اين اين“ (CNN) جي مقبُول پرائيم ٽائيم حالاتِ حاضره واري پروگرام ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جي ٽيم سان مُلاقات ڪرڻي هُئي ۽ اسان جي هن دؤري جي ميزباني هن پروگرام جِي ايگزيڪٽو پروڊيوُسر ۽ نامياري ٽيليويزن براڊڪاسٽر، ”مس لِنڊا روٿ“ ڪري رهي هئي. لنڊا جو اسان سان ملڻ کان اڳ هڪ تعلق اهو به هو ته هُوءَ به اسان واري مادرِعلميءَ (جنهن تحت اسان هي ايڪسچينج پروگرام ڪري رهيا هُئاسُون) ”ايسٽ ويسٽ سينٽر“ جي اڳُوڻي شاگرد (ايلمناءِ) آهي، ان حوالي سان جهڙوڪر هُوءَ اسان جي سينيئر به آهي. اسان طريقي مُطابق ”سِي اين اين“ (CNN) جي وسيع ۽ ڦهليل آفيس جي استقباليه تي پهچي، پنهنجي شناخت ڪرائي، ضرُوري سيڪيورٽي مرحلن منجھان گذرِي ”اسڪارٽ“ (سُونهي) سان گڏ ”سِي اين اين“ (CNN) جي آفيس جا مختلف سوڙها ويڪرا ڪاريڊور لتاڙيندا، مختلف فلورن (منزلن) تان پير گھُمائيندا، هڪ اهڙي سوڙهي گھٽيءَ مان گُذرڻ لڳاسِين، جيڪا سِي اين اين جي لائيو اسٽُوڊيوز ۽ مرڪزي ڪنٽرول رُوم ڏانهن وڃي رهي هئي، جنهن ڏانهن ويندي رستي ۾ لنڊا روٿ اسان سان ملِي، جيڪا اسان کي وٺڻ لاءِ ئي اچي رهي هُئي. هُن پاٻوهه ۽ انتهائي گرمجوشيءَ سان اسان مڙني جو استقبال ڪيو. ساڻس گڏ اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي هڪ ٻي اڳُوڻي شاگرد (ايلمناءِ) ۽ امريڪي ٽِي وِيءَ ۽ ريڊيي جي نامياري ميزبان ۽ پروڊيُوسر، ”مسز ٽيري آنزر“ به هُئي. اُن پڻ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اِيسٽ ويسٽ سينٽر سان تعلق هُئڻ ڪري هنن اسان کي ته عزت ڏني ئي ڏني، پر اسان جي ڪوآرڊينيٽر ۽ گائيڊ، ”مائي اينان“ (مسز اين هارٽمين) سان هُو ٻئي، جنهن اُڪنڊ ۽ سِڪ سان مليُون، اهو ڏسڻ جهڙو هو. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ورهن جُون وڇڙيل مايُون پاڻ ۾ مليُون آهن.


لِنڊا روٿ بوسٽن يُونيورسٽِيءَ جي سائنس گريجُوئيٽ آهي. کيس ٽيليويزن براڊڪاسٽ ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو آهي. هُن ”سِي اين اين“ (CNN) ۾ ڪم ڪرڻ جي شرُوعات، سِي اين اين جي ايٽلانٽا ۾ قائم هيڊڪوارٽر ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيڻ سان ڪيو هو. لِنڊا، ”سِي اين اين“ (CNN) ٽِي وِي نيٽورڪ جي شڪاگو ۽ ايل اَي (لاس اينجلس) ۾ واقع بيورو آفيسن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي ۽ اڄڪلهه هُوءَ هتي (واشنگٽن بيورو ۾) ڪم ڪري رهِي آهي. جيئن ته ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“، ”سِي اين اين“ (CNN) جو تمام مقبُول پروگرام آهي، جن کي سڄي دُنيا ۾ ڏسندڙن جو هڪ جھجھو تعداد ڏسي ٿو، تنهن ڪري ان جي ايگزيڪٽو پروڊيُوسر هئڻ جي حيثيت ۾ بلٽزر جي ايڊيٽوريل پراجيڪٽن ۽ نيُوزميڪر انٽرويُوز تي وڌيڪ مُتوجهه رهڻ لِنڊا روٿ جي خاص ذميوارين منجھان آهي. اسان جي ان ”سِي اين اين“ (CNN) واري دؤري کان ڪجهه عرصو پهريان هن دنيا جي مقبُول ليڊرن (جيڪي انهن ڏينهن ۾ خبرن ۾ گھڻا ذڪر هيٺ  هُئا) جا خاص انٽرويُو ڪيا هُئا، جن ۾ اڳُوڻي افغاني صدر حامد ڪرزئيءَ کان وٺي، اڳُوڻي پاڪستاني صدر، آصف زرداريءَ ۽ اسرائيلي صدر شمعون پيريس جا انٽروِيُوز به شامل هُئا، جيڪي ان وقت اوڀر ۾ جاري صُورتحال جي حوالي سان انتهائي اهم ۽ ڏکيا انٽرويُو سمجھيا ويا. لِنڊا ”سِي اين اين“ (CNN) جي 2008ع ۾ ٿي گذريل ”ڪيمپين ڪوريج“ (مُهم ڪوريج) ڪندڙ سياسِي ٽيم جو به حصّو هئي، جنهن کي ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو. ”دِي سچُوئيشن رُوم“ کان اڳ 2009ع جي آخر تائين، لِنڊا ”ليٽ ايڊيشن وِد وُولف بلٽزر“ پروڊيُوس ڪندِي هُئي، جيڪو پڻ سندس ڪريڊٽ تي هڪ ٻيو ڪامياب ۽ مقبُول پروگرام آهي. هي ”سِي اين اين“ (CNN) جي پُوري نيٽورڪ تي نشر ٿيندڙ 2 ڪلاڪن جو هڪ سياسي ٽاڪ شو هو، جيڪو پڻ ناظرين جو هڪ وڏو انگ ڪور ڪندو هو. لِنڊا روٿ، هڪ ڪامياب فِيلڊ پروڊيُوسر جي حيثيت سان امريڪي ٽيليويزن انڊسٽريءَ ۾ وڏي مڃتا رکي ٿي. ان ڏس ۾ وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ ڪيل سندس پيشاوراڻو ڪم ياد رکڻ جهڙو آهي. هُن 2003ع ۾، هڪ جنگ جي ڪوريج ڪندڙ صحافيءَ جي حيثيت ۾، امريڪي بحري فؤجن سان گڏ بغداد تي چڙهائيءَ وقت سنئون سڌو رپورٽ ڪيو ۽ ان ويڙهه ۾ تباهه ٿيل ”سِي اين اين“ (CNN) جي بيورو آفيس کي ٻيهر قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو خاص ڪردار ادا ڪيو. وري 2006ع ۾ هُن ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دؤران، اسرائيلي سپاهه سان گڏ، ”سِي اين اين“ (CNN) لاءِ ڪوريج ڪئي، جنهن تي کيس خبر جي بهترين سُرخي ڏيڻ تي ”بيسٽ هيڊلائينر“ ايوارڊ به مليو.
ٽيرِي انزر به امريڪي ٽيليويزن توڙي ريڊيي جي هڪ دبنگ نشرڪار آهي ۽ سندس ڪم دنيا جي نيُوز، ٽيليويزن ۽ ريڊيو انڊسٽريءَ ۾ ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي. سندس نمايان شهرت ته هڪ ٽِي وي ميزبان (اينڪر) جي حيثيت سان آهي، پر هن رپورٽنگ توڙي ٽي وي ۽ ريڊيي جي پراڊڪشن ۾ به جھجھو ڪم ڪيو آهي. هُوءَ ريڊيي جي پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪندي رهي ٿي. کيس ريڊيي تي ڳالهائڻ، وُئائس اوور ڏيڻ سميت آڊيو وڊيو ڊاڪيُومينٽريز پيش ڪرڻ تي به وڏي مهارت حاصل آهي. هُوءَ براڊڪاسٽ جرنلزم ۾ هڪ فُل برائيٽ اسپيشلسٽ جي طور تي پنهنجو نمايان مقام رکي ٿي. ٽيرِي، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يُو اين ڊِي پِيءَ) لاءِ بين الاقوامي ميڊيا ٽرينر (ميڊيا جي باري ۾ ميڊيا جي ٽريننگ ڏيندڙ تربيت ڪار) جي طور تي مختلف مُلڪن ۾ ميڊيا جي سيکراٽن کي مِيڊيا پاڙهي ٿي. ٽيريءَ 1997ع کان سال 2000ع تائين لاس اينجلس ۾ ”ڪَي ٽِي ايل اَي نيُوز ايٽ ٽين“ نالي هڪ مشهُور ٽي وي شو جي ميزباني ڪئي، جنهن پروگرام کي ”سائُوٿرن ڪيليفورنيا ريڊيو ٽيليويزن نيُوز ايسوسي ايشن“ پاران ”بيسٽ پرائم ٽائيم نيُوزڪاسٽ“ جو ”گولڊن مائيڪ ايوارڊ“ به مليو. سندس بهترين ميزبانيءَ ۽ خبرن توڙي حالاتِ حاضره جي پروگرامن تي مُڪمل دسترس جي ڪري کيس ”بيسٽ نيُوز رائيٽنگ“ تي هڪ ٻيو ”گولڊن مائيڪ ايوارڊ“ ۽ ”ايسُوسي ايٽيڊ پريس ايوارڊ“ پڻ مليو. سال 2001ع کان وٺي 2006ع تائين هُن ويسٽ پام بِيچ ۾ ”سِي بِي سي“ (ٽي وِيءَ) سان سلهاڙيل ”ڊبليُو پِي اِي سِي“ (WPEC) ٽِي وِيءَ جي ”وِيڪ نائيٽ اينڪر“ جي طور تي پروگرام ڪيا. ان پروگرام ۾ بريڪنگ نيُوز ڪوريج تي کيس ”ايمِي ايوارڊ“، پبلڪ افيئرس رپورٽنگ تي ”اي پِي“ ايوارڊ ۽ بهترين انويسٽيگيٽِو رپورٽنگ تي کيس ”نيشنل ڪمنڊيشنس فرام جينييس ايوارڊ“ مليو.
امريڪا ۾ قومي براڊڪاسٽ جي سطح تي ٽيريءَ کي ”اِن ڊيپٿ“ نالي ٻن ڪلاڪن جي روزانو نشر ٿيندڙ پروگرام جي ساٿي ميزبان جي حيثيت سان پڻ وڏي شهرت حاصل آهي، جنهن ۾ هُوءَ ”ڪِرس ميٿيُوز“ ۽ “جان گبسن“ جهڙن ناميارن ۽ ذهين ٽي وي ميزبانن سان گڏ پروگرام جي جزوي ميزباني ڪندي آهي. هي هڪ خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل مقبُول نيُوز شو آهي، جيڪو امريڪا جي اين بِي سِي (NBC) ڪيبل نيٽورڪ تان نشر ٿيندو آهي، جنهن کي هاڻي ”ايم ايس اين بِي سِي“ (MSNBC) به سڏيو وڃي ٿو. هن پروگرام ۾ ٽيريءَ، ناظرين توڙي ٻين شعبن سان سلهاڙيل مهمانن کان هر ڏينهن جي اهم خبرن جي حوالي سان آن لائين، انٽرويُوز ڪيا آهن، جن کي امريڪا جي ڏسندڙن پاران تمام گھڻي مڃتا ملي آهي. هنن انٽريُوز ۾ ”او.جَي.سمپسن ٽرائيل“ ۽ ”اوڪلوهاما“ شهر تي ٿيل بمباريءَ وارن ڏينهن تي سندس ڪيل انٽرويُوز کي تمام گھڻي شهرت ملِي. کيس ”بهترين ٽي وي ميزبان“ جي ڪيٽيگريءَ لاءِ ”نيشنل ڪيبل اَي سِي اِي (ACE) ايوارڊ“ لاءِ به نامزد ڪيو ويو.
”اَي ٽِيءَ“ جي افتتاح کان اڳ ٽيرِيءَ، لاس اينجلس ۾ ”ڪي سِي بِي ايس“ (KCBS) ٽِي وِيءَ تي ”ايڪشن نيُوز اَي ايم“ نالي پروگرام جي ميزباني پڻ ڪئي، گڏوگڏ هُن، 1990ع کان وٺي 1994ع تائين، ان اسٽيشن جي ”پوليٽيڪل ايڊيٽر“ جي حيثيت سان به پنهنجيُون پيشاوراڻيُون خدمتُون ڏنيُون. هُن، ”سِي بِي ايس نيُوز“ (CBS News) جي پروگرام ”اپ ٽُو دِي منٽ“ ۽ سِي اين اين (CNN) جي پروگرام ”سِي اين اين مارننگ نيُوز“ جي ”نيشنل اينڪر“ (قومي ميزبان) جي حيثيت سان وڏو عرصو ٻنهي اهم شوز جي ميزباني ڪيائين. هُوءَ نيُو يارڪ جي ”ڊبليُو سِي بِي ايس“ (ٽي وِيءَ) WCBS TV لاءِ لاس اينجلس ۾ خدمتُون انجام ڏيڻ آئي، جتي هُن ”نيُوز نُون ود برائن وليمز“ جهڙي مقبُول پروگرام سميت، ٻين ڪيترن ئي پروگرامن ۽ هر قسم جي براڊڪاسٽ لاءِ ميزبانيءَ توڙي رپورٽنگ جُون خدمتُون انجام ڏنيُون.
اڄ ڪلهه ”ٽيرِي انزر“، امريڪا جي سڀ کان وڌيڪ ٻُڌي ويندڙ ريڊيي ”ڪي ايف آءِ ـ اي ايم 640“ (640AM ـ KFI) تان ”وِيڪ اينڊ مارننگ نيُوزڪاسٽ“ نالي پروگرام جي ميزباني ڪندي آهي. ”هالي وُوڊ رپورٽرس ٽاپ 100 پاور وُومين اِيوينٽ“ جهڙي اهم پيشڪش جي انائُونسمينٽ ڪندڙ آواز به ٽيرِي انزر جو هو.
جيئن ته هنن ٻنهي مايُن جي ڪم جي باري ۾ اسان کي اُنهن جي بايوگرافِيز رستي پهريان ئي ٻُڌايو ويو هو، تنهن ڪري ساڻن ملڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ مُون کي ته شدت سان اهو احساس ٿيو ته آءٌ پنهنجي فيلڊ جي اهم ڪم ڪندڙن سان ملي رهيو آهيان، جن جي ڪريڊٽ تي ننڍين عمرين ۾ ايڏو گھڻو ڪم آهي، جيترو شايد اسان وٽ کوڙ سارن ماڻهن جي زندگين ۾ ڪيل ڪم جي جوڙ کان به وڌيڪ هجي. تنهن ڪري لِنڊا توڙي ٽيريءَ سان ملندي نهايت خوشيءَ جو احساس ٿيو. افسوس! جو وقت گھٽ هو ۽ جيترو وقت هو، اهو ”سِي اين اين“ (CNN) جا اسٽُوڊيوز ۽ ٻيُون جايُون گهمڻ لاءِ وقف هو، تنهن ڪري اسان انهن ٻنهي مايُن جي تجربي مان ڪچهريءَ ذريعي لاڀ حاصل ڪرڻ وارِيءَ پوزيشن ۾ ڪونه هُئاسُون، پوءِ به هلندي ڦرندي، جيڪي مختصر سوال جواب کانئن ڪري سگھيُس، سي ڪيم. بدقسمتي اها به هئي ته هن دؤري دؤران پڇجندڙ گھڻا تڻا سُوال ”سِي اين اين“ (CNN) ۽ ان جي ڪم جي انداز جي حوالي سان هُئا، ڇاڪاڻ ته اسين گھُمڻ ته دراصل ”سِي اين اين“ (CNN) ئي آيا هُئاسِين. جڏهن ته ٽيريءَ ۽ روٿ مان پرائڻ جي حوالي سان اهو ضرُوري هو ته ساڻن، سندن تجربن بابت پُڇڻ جي حوالي سان هڪ الڳ سيشن هجڻ گھرجي ها. هڪ ٻي ڪمال ڳالهه، جيڪا مُون امريڪين (۽ خاص طور ههڙن گھڻو ڪم ڪندڙن ۾ نوٽ ڪئي) اُها اِها ته سندن ”سرڪارِي تعارف“ (سِي وِي) يا ”پورٽ فوليوز“ انتهائي مُختصر ڏٺم. يعني اوهان کي مثال ڏيان ته جيئن لِنڊا جو 20 سالن کان وڌيڪ ٽيليويزن براڊڪاسٽ جو تجربو آهي. الائي ڪيترن مُلڪن ۾ امن توڙي جنگ وارِيءَ صُورتحال جي دؤران رپورٽنگ ڪندي رهي آهي، پر پوءِ به سندس ”سِي وِي“ (ريزيُومي) فقط هڪ صفحي تي ٻڌل ڏسي حيرت ٿي، جڏهن ته پاڻ وٽ جيتري جنهن جي سِي وِي طوِيل هُوندي آهي، ان کي اوترو معتبر سمجھيو ويندو آهي. جنهن جي سِي وِي جيتري طويل هُوندي آهي، اهو اوترو پنهنجو سِينو ويڪرو ڪيُون پيو گھُمندو آهي ته مُون ايڏو ڪم ڪيو آ، جو اهو پنن ۾ نه ٿو ماپي! جڏهن ته سُڌريل مُلڪن ۾ وڏي ۾ وڏي ڪم کي مختصر ترين لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۽ پڙهندڙ جو وقت بچائڻ اخلاقي طور تي ضرُوري سمجھيو ويندو آهي. ٻي ڳالهه، جيڪا لِنڊا روٿ اسان سان ڊسڪس ڪئي، جيڪا پڻ اسان جي معاشري جي پروفيشنل لائيف کان بنهه مُختلف هُئي، سا اها ته لِنڊا اسان کان حيران ٿي پُڇيو ته: ” مُون ٻُڌو آهي ته پاڪستان ۾ صحافي جلدي جلدي پنهنجا ادارا مٽائيندا آهن!؟“ تنهن تي اسان سڀني کلي هائوڪار ڪئي. جنهن جو هُن جڏهن حيران ٿي سبب پُڇيو ته اسان کيس صاف ٻُڌايو ته صحافي پرنٽ جو هجي، يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو، جتي کيس چار پئسا وڌيڪ ملندا، هُو اُتي ويندو. تنهن تي مائيءَ حيران ٿي پُڇيو: ”ته پوءِ اوهان کي نئين اداري ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ ٽائيم ناهي لڳندو!؟“ اسان وٽ سواءِ کلڻ جي سندس سوالن جو ٻيو ڪوبه جواب ڪونه هو، ڇوته اسان جي مسئلن کي اهو ئي سمجھي سگھندو، جيڪو اسان جي ميڊيا جي ماحول جو حصّو هُجي. واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ”سِي اين اين“ (CNN) ۾ ويٺل مائيءَ کي ڪهڙي خبر ته پاڪستاني اخبارن ۽ چينلز جي مالڪن جي ذهنيت ڪهڙي آهي ۽ هُو ڪيئن پنهنجي مُلازمن کي ڪُڙميءَ وانگر ٿا هلائين. جيڪو سندس ”جِي حضُورِي“ نه ٿو ڪري، ان سان ڪهڙو حشر ٿو ٿئي، اهو مائي لِنڊا کي ڪير ٻُڌائي! خير!! اسان کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته مائي لِنڊا، 20 سالن کان وڌيڪ وارو اهو عرصو ”سِي اين اين“ (CNN) ۾ ئي گذاريو آهي. ظاهر آهي، ماڻهُو هڪڙي اداري ۾ ٽڪِي ڪم ڪري ٿو ته هُو ان جي ماحول ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز توڙي پاليسيءَ کان ڀليءَ ڀت آگاهه ٿيو وڃي. هڪ امريڪا... ٻيو ”سِي اين اين“ (CNN) جهڙو ادارو... انهن کي پگھار جي ڪهڙي پريشاني هُوندي. کين پگھار اسان جي سوچ توڙي سندن ضرُورتن کان الاهي جھجھو ملندو هُوندو. تنهن ڪري کين معاشي مسئلو ته هُوندو ڪونه، جنهن ڪري هُو جلدي جلدي ادارا تبديل ڪرڻ جو سوچين! ٻيو ته اُتي ڪم واري ماڻهُوءَ جو قدر آهي. هرڪو پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي اڳتي وڌي ٿو ۽ ٽيلينٽ جو ڪوبه رستو ڪونه ٿو روڪي. جڏهن ته اسان وٽ ڪم ئي اُبتو آهي.
سو اسِين ”سِي اين اين“ (CNN) واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي اسٽوڊيوز ڏانهن ويندڙ گھٽِيءَ (ڪاريڊور) ۾ هُئاسِين، جتي اسان کي لِنڊا ۽ ٽيرِيءَ کي رسِيو ڪيو. اسان ”سِي اين اين“ (CNN) جا مختلف اسٽُوڊيوز ڏٺاسي، جن ۾ خاص طور اسان لاءِ مُڪمل لائيٽنگ جو اهتمام ڪيو ويو هو (جيئن پروگرام نشر ٿيڻ دؤان مُڪمل لائيٽنگ هُوندي آهي). انهن اسٽُوڊيوز ۾ ”سِي اين اين“ (CNN) جي خبرن جي بليٽن نشر ڪرڻ وارا اسٽوڊيوز ۽ انهن ۾ لڳل مُستقل سَيٽ ڊزائن به هُئا، ته ”سِي اين اين“ (CNN) جي واشنگٽن مان نشر ٿيندڙ مختلف نيُوز شوز جا اسٽُوڊيوز به هُئا. پاڻ لِنڊا جي پروگرام ”دِي سچُوئيشن رُوم“ وارو سيٽ به جنهن اسٽُوڊيو ۾ لڳل هو، اهو به ڏٺوسِين. اهي اسٽوڊيو گھمڻ دؤران اسٽوڊيو جو اسٽاف به اسان سان مليو. جنهن کان پوءِ اسِين ”ماسٽر ڪنٽرول رُوم“ ۾ آياسِين، جتي مختلف ڀتين ۾ لڳل اڪيچار مانيٽر اسڪرينس تي اُن وقت نشر ٿيندڙ مختلف پروگرامن جا آن ايئر وڃڻ کان اڳ ۽ پوءِ وارا منظر نظر اچي رهيا هُئا. هن وڏي ڪنٽرول رُوم ۾ اُن وقت 8 کان 10 انجنيئرس، آڊيو انجينيئرز، آن لائين براڊڪاسٽرس، او بي آپريٽرز توڙي ٽيڪنيشنس جو عملو موجُود هو، جنهن اسان جي گرُوپ جو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. اسان انهن سڀني سان ٿوري ٿوري ڪچهري ڪئي ۽ جنهن جنهن کان سندن ڪم جي باري ۾ پڇيوسي پئي، اُن اُن پنهنجي ڪم توڙي ڪنٽرول رُوم ۾ موجُود اوزان ۽ آلن بابت تفصيل سان ٻڌايو پئي. ڪنٽرول رُوم ڏسڻ کان پوءِ اسين لِنڊا جي پروگرام ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جي ايڊيٽوريل رُوم طرف آياسين، جيڪو اسٽُوڊيو واري ئي عمارت ۾ هڪ فلور مٿي هُيو ۽ ڪنهن پُوري دفتر کان گھٽ ڪونه هو. هر ٽي وي اسٽيشن جيان، ”سِي اين اين“ (CNN) جي ڀتين تي به ان جي مشهُور پروگرامن جا ڊزائن ٿيل پوسٽر ان جي ميزبانن جي تصويرن سان گڏ لڳل سُهڻا ٿي لڳا. ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جو ايڊيٽوريل رُوم ٽيهارو کن ڪيبنز تي مُشتمل هڪ ڪمرو هو، جنهن ۾ اُن وقت ته اسٽاف موجُود ڪونه هو، پر اهو تصّور ڪري پئي سگھياسِين، ته جنهن وقت هتي سمُورو اسٽاف موجُود هُوندو، ته ڪم جي سرگرمي ۽ هن ايڊيٽوريل هال جي گهما گهمي ڇا هُوندي! هتي موجُود اسٽاف جو ڪم ”دِي سچُوئيشن رُوم“ (پروگرام) لاءِ مواد جي تياري، تازين خبرن جي ڇانٽي، تصديق، اسڪرپٽ جي تياري، لاڳاپيل فوٽن ۽ فوٽيجز جي تلاش، ايڊيٽنگ ۽ ٻيا فني مُعاملا هُوندو آهي. اوهان ان مان اندازو لڳايو ته جنهن پروگرام جي ايڊيٽوريل تياريءَ ۾ ايڏي وڏي تعداد تي مُشتمل عملو لڳل هجي، اُن پروگرام جو مواد ڪيڏو نه مُستند ۽ اعتبار جوڳو هُوندو ۽ ان پروگرام جو معيار ڇا هُوندو! ايئن ئي ته ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ امريڪا ۾ مقبُول ڪو نه ٿيو هوندو نه!
لِنڊا هن هال ۾ اسان کي هن پروگرام لاءِ ڪم ڪرڻ جي طريقي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هُن اسان سڀني مان هر هڪ کي ڊائريُن جا تحفا ڏنا. مُون کانئس اُن ڊائريءَ تي آٽو گراف به ورتو. هن ايڊيٽوريل رُوم جي ٻاهران، ان ديوار آڏو بيهي اسان يادگار گروپ فوٽو ڪڍرايو، جنهن تي ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جو نالو ۽ لوگو ٺهيل هو.

يادگار تصوير ڪشيءَ کان پوءِ ٽيرِيءَ سان موڪلائي اسان لِنڊا سميت ”سِي اين اين“ (CNN) آفيس مان نڪتاسي. ٻاهر ڦُڙ ڦُڙ بند ٿي چُڪي هُئي، پر آلا روڊ حسين منظر پيش ڪري رهيا هُئا. ”سِي اين اين“ (CNN) گھُمڻ پُڄاڻان اسان جي اڄ جي آخري سرگرمي ”روڊِي آئلينڊ ايوينيُو“ تي واقع ”بيڪيو پيزا ريسٽورنٽ“ تي اسان واري پروگرام (پاڪستان ـ يُو ايس جرنلسٽ ايڪسچينج) جي امريڪي ايلمناءِ (سابق شاگردن) سان گڏ رات جي ماني (پِيزا پارٽي) هُئي. هيءَ سرگرمي ”آپشنل“ (اختياري) هُئي، يعني هر ڪنهن جي مرضي هُئي ته ڪو وڃي! نه وڃي! مُون، اشفاق آذر ۽ ضياءَ الرحمٰن نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسان سڀ ”سِي اين اين“ (CNN) آفيس کان گڏ هيٺ لٿاسِين. لِنڊا کي به اُن ڊنر ۾ وڃڻو هو. مائي اينان (اين هارٽمين) ۽ لِنڊا جي ساٿ ۾ اسان جا اُهي ساٿي، جن کي ان پيزا پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻي هُئي، روانا ٿي ويا. ڪجهه ساٿي پنهنجي مرضيءَ سان گھُمڻ ڦرڻ نڪري ويا. مان، اشفاق ۽ ضياء، لِنڊا ۽ مائي اينان کي ”گُڊ بائي“ چئي، ”سِي اين اين“ (CNN) جي عمارت جي ڀرسان واريءَ فلائي اوور (پُل) جي وَٽِ ڏيندا (پاسو وٺندا) اڳيان اچي لگزري جِيپ (ٽيڪسيءَ) کي هٿ ڏنو. (هتي ٽيڪسيُون ڪار کان علاوه لگزري جِيپ جي صُورت ۾ هلن ٿيُون) اُن جِيپ جو ڊرائيور ڀارت جو هندو نؤجوان هو، جنهن پنهنجيءَ عُمر جو ڳچ حصّو دُبئيءَ ۾ گذاريو هو. ان اسان کي پاڻ ۾ اردُو ڳالهائيندي ٻڌِي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ هُو به اسان سان هندي ـ اردوءَ ۾ شرُوع ٿي ويو. اسان هوٽل تائين پهچندي نه فقط سندس جدوجهد جي دلچسپ ڪهاڻي ٻُڌِي، بلڪه کانئس انڊيا جي مختلف شهرن بابت پُڇڻ سان گڏو گڏ ساڻس مختلف موضُوعن تي ڪچهري ڪندي اچي، ”ڊيُوپونٽ سرڪل“ تي واقع پنهنجي هوٽل ”ميرييٽ ريزيڊنسِي اِن“ پهتاسِين ۽ ڪمري تي اچي ان احساس سان سُڀاڻي جي ڪمن ڪارن جي تياري ڪرڻ لڳاسِين ته اڄ اسان جي واشنگٽن ۾ آخري رات آهي.

No comments:

Post a Comment