Sunday, June 26, 2016

پرل هاربر موتيءَ وارو بندرگاهه - ياسر قاضي

پرل هاربر
موتيءَ وارو بندرگاهه - پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 19
ياسر قاضي
پهرين اپريل 2014ع جي شام، گذاري جڏهن اسين رات جو سُتاسِين ته ٿڪ سبب اهڙي ته ننڊ آئي، جو وري 2 اپريل جي صبح جو سويل جاڳ ٿِي. هُونئن مُون سان ٿيندو ايئن آهي ته ڪوبه تاريخي يا ثقافتي ماڳ گھُمي، رات جو سُمهندو آهيان ته ڪنهن نه ڪنهن صُورت ۾ اها ئي جاءِ پئي خواب ۾ نظر ايندي آهي. اڪثر ته ايئن به ٿيو آهي ته جيڪو تاريخي ماڳ جنهن واقعي سبب مشهُور هُوندو آهي، اهو ئي واقعو خواب ۾ پنهنجي اکين آڏو پنهنجي انداز ۾ نظر ايندو اٿم، پر اڄ رات ٿڪ سبب جاڳ ئي ڪانه ٿي ۽ آءٌ بنا ساهِيءَ جي صبح تائين بي خبر سُتم. هنن ٻن ٽن ڏينهن ۾ صبح جو سوير جاڳڻ جي عادت پئجي چُڪِي هئي، سو صبح جو سوير جاڳيم، پر اڄ ڪجھه ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي آواز تي جاڳ ٿيم. اُٿيم ته مُنهنجي ڪمري جي سلائيڊنگ ونڊو جو تاڪ کُليل هو ۽ ٻاهران ڪن ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو. دريءَ مان ٻاهر نهاريم ته صبح چٽو ٿي چُڪو هو (اڃا سج ڪونه نڪتو هو، پر ميرانجھڙي صبح جِي ميراڻ، چٽائيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪي هُئي) ٽئين منزل تي واقع منهنجي ڪمري جِي دريءَ مان نظر آيو ته، ”لنڪنز هال“ (اسان جي هاسٽل) جي مين دروازي تي ڪوسٽر بيٺل هئي، جنهن تي اسان جا امريڪي صحافي ساٿي ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ سوار ٿي رهيا هُئا. ٻيا سمُورا ساٿي ڪوسٽر ۾ سوار ٿي چُڪا هئا، ڪوسٽر کان ٻاهر مُون ڊاڪٽر شبّير چيمه ۽ ”مسز سُوزن ڪريفلس“ کي بيٺل ڏٺو، جيڪي اسان جي امريڪي ساٿين کي ڪي هدايتُون ڏئي رهيا هئا. هي ٻئي انهن سان گڏ پاڪستان وڃڻا هُئا. اهو صبح 7 لڳي کن جو وقت هو. کين فلائيٽ نمبر UA879 ۾ اڳ ۾ نريتا (ٽوڪيو ايئرپورٽ، جپّان)، اتان پوءِ دبئي ۽ اتان اسلام آباد لاءِ اڏامڻو هو. اسان کي پنهنجي امريڪي ساٿين سان وري سندن پاران پاڪستان جي ٽن شهرن جي ۽ اسان پاران امريڪا جي اوڀر ڪوسٽ جي ٽن شهرن (بلڪه ٽن رياستن) گھُمي اچڻ کان پوءِ ئي هونولُولُو ۾ ملڻو هو. اسان کي به اڄ شام ڌاري پنهنجو سفر امريڪي راڄڌانيءَ ڏانهن ڪرڻو هو، پر ان کان اڳ اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي ”هونولُولُو“ جو هڪ اهم ماڳ گھمڻو هو، جنهن جو ذڪر مُون گذريل قسط جي آخر ۾ اوهان سان ڪيو هو. پر ان کان به اڳ اسان کي ”برنس هال“ ۾ گڏ ٿيڻو هو ۽ اسان جي باقي امريڪي سفر بابت اسان کي اڄ بريفنگ ملڻي هُئي ته اسين ڪيڏانهن ڪيڏانهن وينداسيِن... ڪنهن ڪنهن سان ملنداسِين ۽ ڪهڙين ڪهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺنداسِين.


آءٌ بسترو ڇڏي اُٿيس. امريڪي ساٿين جي ڪوسٽر رواني ٿي. تيار ٿي، اِشُوءَ (اشفاق آذر) سان گڏ لنڪنز هال مان پنڌ پنڌ برنس هال پهتس. 8 لڳي برنس هال جي چوٿين منزل تي سيمينار هال ٻاهران اسان جي ”برِاعظمي نيرن“ (ڪانٽينينٽل بريڪ فاسٽ) اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. (مان سمجھان ٿو ان کان وڌيڪ سٺو ترجمو ”ڪانٽينينٽل بريڪ فاسٽ“ جو ٻيو ٿِي نه ٿو سگھي. سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو ته ”کنڊِي نيرن“ ئي ٿي سگھي ٿو) خير!! نيرن ڪري اسين سوا 8 لڳي سيمينار هال ۾ گڏ ٿياسِين. لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ ”مائي اينان“ (مسز اين هارٽمين) اسان کي واشنگٽن ڊِي سي، نيُويارڪ ۽ ڪولمبيا مِزُورِيءَ جي مصرُوفيتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ايمانداريءَ واري ڳالهه ڪجي، ته اسان کي هن بريفنگ جِي هرُوڀرُو ڪا خاص ضرُورت ان ڪري به ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته اها سمُوري ايجنڊا اسان کي لکت ۾ مليل هئي، جنهن ۾ ڏينهن، تاريخن کان وٺي انهن جايُن (جتي جتي وڃڻو هو، جي تفصيلي ايڊريسُن کان وٺِي، فون نمبرن تائين هر شئي درج ٿيل هئي)، پر حقيقت ۾ پاڻ وارِي پياري ”مائي اينان“ (اين هارٽمين) کي ڳالهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو وڏو شوق ڙهندو آهي، جيڪا ڪڏهن به ڪنهن به ليڪچر يا بريفنگ ڏيڻ جو موقعو هٿن مان ناهي وڃائيندي، سو مائيءَ ڏيڍ ڪلاڪ ٽائيم ويٺي اسان جو مٿو کاڌو. اسان به کانئس دلچسپ سوالن جي ڏي وٺ ڪئي سي ۽ مڙئي وقت گذاريوسي.
اسان کي اڳواٽ هدايت ڪئي وئي هئي ته اسين لنڪنز هال مان ئي پرل هاربر وڃڻ لاءِ تيار ٿي اچُون، ڇاڪاڻ ته اسان کي وري هتان ئي اڳتي سفر ڪرڻو هو ۽ پرل هاربر گھمڻ وڃڻو هو. صبح 10 لڳي تائين مائي اينان جي بريفنگ پُورِي ٿي ۽ اسين برنس هال (اِيسٽ ويسٽ سينٽر) مان ڪوسٽر ۾ سوار ٿي، ”پرل هاربر“ ڏانهن روانا ٿياسِين. هن سفر ۾ اسان سان مائي اينان (اين هارٽمين) ڪانه هلِي. هن ٽرپ لاءِ اسان جِي سُونهِي (گائِيڊ) ”مائي جُونِي“ (جُون ڪُراموتو) هُئي.
”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه)، ”اوآهُو“ ٻيٽ تي، ”هونولُولُو“ (شهر ۽ ڪائُونٽِيءَ) جي اولهه ۾ واقع هڪ ساحلي ڍنڍ جيان ٺهيل بندرگاهه آهي، جنهن جو گھڻو تڻو علائقو آمريڪي نيوِيءَ جي گهري پاڻِيءَ واري نيول بيس تي مُشتمل آهي. ”پرل هاربر“ ”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس پئسفڪ فلِيٽ“ جو هيڊ ڪوارٽر پڻ آهي. امريڪي سرڪار وٽ هن بندرگاهه ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو ڪنٽرول 1887ع کان آهي. 1887ع ۾ امريڪا، هوائيءَ جي تڏهوڪي بادشاهه کان هن بندر کي تعمير ڪرڻ جِي موڪل ورتي ۽ 13 سالن اندر (سال 1900ع تائين)امريڪا  ان کي هڪ انتهائي اهم بندر ۽ بحري اڏو بڻائي ڇڏيو. (ان وقت تائين هوائي رياست امريڪا جي هٿ هيٺ ڪانه آئي هُئي)  7 ڊسمبر 1941ع تي جپّاني شهنشاهيت پاران ٻي عالمي جنگ دؤران ”پرل هاربر“ تي ڪيل حملو (بمباري) هن جاءِ جِي شُهرت ۽ تاريخي حيثيت ۾ واڌ جو گھڻو سبب بڻيو. هن حملي ۾ ٻين اهم نقصانن کان سواءِ ٻن هزار امريڪي فوجين جي مرڻ ۽ لڳ ڀڳ 1100 جي لڳ ڀڳ فوجين جي ڦٽجڻ جو به نقصان ٿيو. اهو حملو ٻي مهاڀاري ويڙهه ۾ امريڪا جي مُلوث ٿيڻ جو خاص سبب پڻ بڻيو، ڇاڪاڻ ته ان حملي جي عين ٻئي ڏينهن تي ئي امريڪا، جپّان خلاف باقاعدي جنگ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ ان جي پويان بدلي وٺڻ جِي باهه ۾ ڪاهي پيو.
اسين لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ ”پرل هاربر“ تي پهتاسُون، جيڪو ماڻهن جي هجُوم سان ڀريل هڪ ڀريو تريو گھُمڻ جو ماڳ آهي، جتي جهازن جي اچ وڃ ۽ لنگرانداز ٿيڻ واريُون سرگرميُون ته يقيناً هڪ پاسي جاري هُونديُون، پر ٻي مهاڀارِي ويڙهه جي اُن يادگار ”ايرِيزونا ميموريل“ کي گھمڻ لاءِ ايندڙ سيّاحن جي هڪ وڏي انگ جي سدائين موجُودگي، هن ماڳ جي رونق جو خاص سبب آهي.
اسين ”پرل هاربر“ (جنهن جو مُون نالو ”موتِي بندرگاهه“ تجويز ڪيو آهي) پهتاسِين ته اسان جي سُونهي (گائيڊ) مسٽر ”جم لِي“اسان جو اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ”جم لِي“ بابت اسان کي ٻُڌايو ويو ته هي جپان پاران پرل هاربر تي ڪيل هوائي جهازن واري حملي جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن همراهه کي اسان لاءِ خاص طور اهو واقعو ٻُڌائڻ لاءِ ڀاڙي تي بُڪ ڪيو ويو هو. هُونءَ لِي جي عام طور تي ڪرت به هن جاءِ تي خاص ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين پنهنجا مُشاهدا ٻُڌائڻ ئي آهي.
اسين ”پرل هاربر“ جي خاص داخلي لنگھه مان گذرِي، اُن جا هڪ ٻه ورانڊا اُڪري (جتي ماڻهُن جي تمام گھڻي رش هئي)، هڪ اهڙيءَ جاءِ تي اچي بِيٺاسُون، جتان پئسفڪ جو نِيرو پاڻي سامهُون ٿوري مُفاصلي تي اسان کي نظر اچي رهيو هو. اسان آڏو، اسان ۽ پئسفڪ جي ساحل جي وچ ۾ هڪ باغيچو هو، جنهن ۾ سيمينٽ جي پئنلن تي هن هاربر (بندرگاهه) جي مُختلف حصن جا نقشا ٺهيل هُئا. اسان جي کاٻي طرف ”پرل هاربر“ تي ٿيل جاپاني حملي جي حوالي سان هڪ ميُوزيم (عجائب گھر) ٺهيل هو، جڏهن ته ساڄي هٿ تي امريڪي جھنڊي جي هيٺان ڪُجهه بحري جهازن جا ماڊل (۽ ڪن اصلي سامُونڊِي جهازن جُون باڊيُون) يادگار طور رکيل هيُون.
اسان سان ”جم لِي“ اُهي ئي رٽيل رٽايل جُملا ڳالهائڻ شرُوع ڪيا، جيڪي هُو روزانو هتي ايندڙ سيّاحن کي ٻُڌائيندو هُوندو... يعني ساڳيو... ”لاهُوتيءَ جو اعلان آ... پنج رُوپيه گلاس آ...“ خير! ان کان اڳ جو جم جي انهن ورايتي رٽيل جُملن تي مان ڪُجهه لب ڪُشائي ڪريان، اوهان کي ٿورو ”پرل هاربر“ ۽ ان تي ٿيل حملي جي حوالي سان ٻُڌايان.
پنهنجي سوڙهي داخلي لنگھه سبب ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) کي 19هين صديءَ تائين وڏن سامُونڊي جهازن جي داخلا لاءِ استعمال ڪونه ڪيو ويندو هو. اها هوائيءَ جي سُهڻن ٻيٽن ۾ امريڪي دلچسپي ئي هُئي، جنهن جي 1820ع کان شرُوع ٿيندڙ مُهم نيٺ سال 1900ع تائين امريڪا پاران ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) کي هڪ مُڪمّل بندرگاهه بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي. هن سڄي دلچسپيءَ ۾ پڪ سان امريڪا جا پنهنجا مفاد هئا، پر ڪنهن به حوالي سان هي بندر وڌيو ويجھيو. 7 ڊسمبر 1941ع تي جاپاني شاهي بحريه پاران ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) تي ڪيل حملي کي تاريخ ۾ ”پرل هاربر اٽيڪ“ سان گڏ ”هوائي آپريشن“ يا ”آپريشن زِي“ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. ڄاڻايل تاريخ تي جپّان پاران بنا ڪنهن اعلان جي امريڪا جي ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) تي صبح جي وقت حملو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ٻئي مهاڀاري ويڙهه دؤران پئسفڪ ۾ امريڪي فؤج توڙي بحري ٻيڙي کي بدستُور غيرجانبدار رکڻ ٻُڌايو وڃي ٿو. ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) ان وقت ”اوآهُو“ ٻيٽ توڙي هوائي رياست جي اهم فوجي توڙي بحري تنصيب هئي. هن حملي ۾ جپّان جي 6 عدد هوائي جهاز کڻندڙ سامُونڊي جهازن منجھان اڏندڙ 353 هوائي جنگي جهازن هڪ ئي وقت ”پرل هاربر“ (موتِي بندرگاهه) تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ امريڪا جا 8 سامُونڊي جهاز مُڪمّل طور تي تباهه ٿي ناڪاره ٿي ويا، جڏهن ته 9 بحرِي جهازن کي شديد نقصان پهتو. 188 هوائي جهاز مُڪمّل طور تي تباهه ٿي ويا ۽ (جيئن مٿي ٻُڌايم ته) 2403 امريڪي فوجي ۽ 68 شهري (سويلينس) مارجي ويا، جڏهن ته پئسفڪ لاءِ امريڪي بحري ٻيڙي جا 3 طياره بردار (هوائي جهاز کڻندڙ) سامُونڊي جهاز اُن وقت ”پرل هاربر“ تي موجُود ڪونه هئا، تنهن ڪري اُهي ان حملي ۾ محفُوظ رهيا.
جيتوڻيڪ هن حملي کي شرُوع وارن ڏينهن ۾ جپّان جي زبردست فتح ٿي سمجھيو ويو، پر گھڻي عرصي پُڄاڻان، حڪمتِ عمليءَ جي لحاظ کان هي حملو جپّان جي هڪ وڏي غلطي ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان سان امريڪا کي ٻي مهاڀاري ويڙهه ۾ ٽپو ڏيڻ جو موقعو مليو. جپّان ”پرل هاربر“ تي حملو ڪري جهڙوڪر ککر ۾ کڙهو هنيو ۽ ان ڪري ئي جنگ جو پاسو هن جنگ جي اتحاديُن طرف پلٽجي ويو. مُبصّرن، عسڪري ماهرن توڙي سياسي تجزيي نگارن جو ڀلي کڻي ڪُجهه به چوڻ هجي، پر اهو هڪ وڏو سچ آهي ته جي 7 ڊسمبر 1941ع تي جپّان ”پرل هاربر“ تي حملو نه ڪري ها، ته 6 آگسٽ 1945ع تي امريڪا جپّان جي شهر هِيروشِيما ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي ناگاساڪِيءَ تي ائٽمي حملو هرگز نه ڪري ها ۽ انهن شهرن ۾ اڄ تائين پيدا ٿيندڙ نسلن تي ان جا اثر نظر نه اچن ها. ”پرل هاربر“ تي ڪيل جپّان جو اهو حملو تاريخ تبديل ڪندڙ واقعن ۾ شُمار ڪيو ويندو آهي. امريڪا، جيڪا اُن وقت هڪ اُڀرندڙ اقتصادي توڙي عسڪري قُوّت هئي، ان جنگ دؤران وڏي مقدار ۾ فوجي، هٿيار توڙي ٻي رسدَ اتحادين کي موڪلي، ته جيئن جنگ جو محور بڻيل طاقتن، جرمني، اٽليءَ ۽ جپّان جو مقابلو ڪيو وڃي، جن کي آخرڪار 1945ع ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو. هن حملي جي نتيجي ۾ نازِي جرمنيءَ کي 4 ڏينهن کان پوءِ امريڪا جي خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻو پيو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ اتحادين جي فتح ۽ امريڪا جو هڪ غالب عالمي طاقت طور اُڀري سامهُون اچڻ موجُوده سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جو باعث بڻيو.
اسان کي ”جمِي لِي“ پنهنجي ڪٿا ٻُڌائڻ شرُوع ڪئي ته اُن وقت منهنجي عمر 3 يا 4 سال هئي ۽ آءٌ ”پرل هاربر“ تي کيڏي رهيو هئس... مُنهنجو گھر هتي ڀرسان ئي هو... اوچتو هڪ هوائي جهاز آيو، جنهن ”پرل هاربر“ تي بيٺل سامُونڊي جهازن تي بم ڪيرائڻ شرُوع ڪيا. مُون کي رؤنشو سُجھيو... سو مُون کڻي تاڙيُون وڄائڻ شرُوع ڪيُون... جهڙوڪر منهنجي آڏو ڪا راند ٿيندي هُجي... پوءِ ٿوريءَ دير کان پوءِ سڄو بندرگاهه دُونهين ۽ باهه سان ڀرجِي ويو ۽ مُنهنجي ماءُ مُون کي گھران ڀڄندِي ڳولهيندي اچي پڪڙيو ۽ کڻي وڃي گھر لڪائي ڇڏيائين... وغيره وغيره“ سچي ڳالهه ته اها آهي ته مُون کي الائي ڇو جمِيءَ جُون ڳالهيُون دل سان ڪونه لڳيُون ۽ ايئن ٿي لڳو ته هُو ڪا هٿ ٺوڪئي ڳالهه ٻُڌائي رهيو آهي (ٿي سگھي ٿو ته مان غلط هُجان...) پر مُون جيڪو محسُوس ڪيو، اُهو اوهان سان شيئر پيو ڪريان. مُون اِشُوءَ کي ٺُونٺ هڻي چيو ته: ”ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته هي جيڪو چوي پيو ته مان اُن وقت هن جاءِ تي موجُود هئم، ته اها ڳالهه سچ به هُجي!“ هُونءَ به هڪ ڪُوڙ اوهان بار بار ڳالهايو ته اهو نيٺ اوهان کي به سچ ڀاسڻ لڳندو آهي ۽ ان جا اُهي منظر، جيڪي اوهان پاڻ تخليق ڪيا هُوندا آهن، اوهان کي سچ لڳڻ لڳندا آهن... اوهان جي اکين جي آڏو ڦرڻ لڳندا آهن، جهڙوڪر اوهان جي سامهُون اُهي منظر واقعي گُذريا هُجن. بهرحال مختصر اهو، ته مُون کي ايئن لڳو جهڙو ”جمِي لِي“ ڪُوڙ ڳالهائي رهيو هُجي. مُون اُتي ئي بيٺي بيٺي جمِيءَ جي عمر جو اندازو لڳايو ته جيڪو ماڻهُو هينئر 70 سالن کان وڏو پيو لڳي، ان جي 1941ع ۾ عمر ڪيتري هُوندي، اُن حساب سان ته هُو بلڪل ٺيڪ هو، پر ظاهر آهي ته هن ماڳ جي حوالي سان جيڪو ماڻهُو روز ساڳئي ڳالهه ڪيترن ئي گرُوپن سان سَليندو هُوندو، ته هر حوالي سان حساب ڪتاب ڪري ئي ڳالهه ڪندو هُوندو.
بهرحال هُن اسان سان اها سربستِي ڳالهه سَلِي ۽ پوءِ اسان کي اُن ”پرل هاربر“ واري حملي جي يادگار طور هاربر (بندرگاهه) واري ساحل کان ٿورو اڳتي سمنڊ جي وچ ۾ تعمير ڪرايل ”ايرِيزونا ميموريل“ طرف وٺي وڃڻ واري سفر جو آغاز ڪيائين. هتي اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ ضرُوري آهي ته اسان جي سمُوري گرُوپ جي امريڪا مان واپسِيءَ کان پوءِ مختلف دوستن (ڪن مُختصر ته ڪن تفصيلي) سفر ــ ڪهاڻيُون پنهنجيُن پنهنجيُن ٻولين ۾ نڪرندڙ اخبارن، رسالن توڙي ٻين هنڌن تي ڇپرايُون. ان ڏس ۾ ”ايريزونا“ يادگار تي پهريون ڪالم اِشُوءَ جو روزاني ”ڪاوش“ جي ايڊيٽوريل صفحي تي ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو: ”ايريزونا جا ڳوڙها“، جنهن کان ڪُجهه مهينا پوءِ مُسلم ليگي فڪر جو پرچار ڪندڙ اُردو اخبار ”نوائي وقت“ سان تعلق رکندڙ، هن گرُوپ ۾ شامل اسان جي ساٿياڻي غزاله فصيح (جنهن کي اسين پيار مان ”جِيجان“ چوندا آهيُون... جنهن جو مزاج به پنهنجيءَ اخبار سان لڳ ڀڳ ملندڙ جُلندڙ ئي آهي)، پنهنجي اخباري گرُوپ پاران شايع ٿيندڙ رسالي ”فيملِي ميگزين“ ۾ ”ايريزونا“ تي هڪ ڪالم لکيو، جنهن جو عنوان هُن جيئن جو تيئن ”ايريزونا ڪي آنسُو“ رکيو. حيرت ان ڳالهه جي ناهي ته ماڻهن ۾ تخليقي صلاحيت موجُود ڇو ڪانهي، پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهُو پنهنجي دماغ کي استعمال ڪرڻ جي زحمت ئي نه ٿا ڪن. هتي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِشُوءَ کي اهميت ڏيڻ يا جيجان تي تنقيد ڪرڻ ناهي، بلڪ اها تقليد/نقل (هرڪو پنهنجي ڏاهپ آهر ان جو صحيح عنوان سمجھي) رڪارڊ تي آڻڻ آهي.
اسين ”جمِي لِي“ سان جنهن جاءِ تي بيٺا هُئاسُون، هُو اسان کي اُن جاءِ کان کاٻي طرف (ميُوزيم طرف) وٺي ويو. اسين اهو ميُوزيم اُڪرِي، ماڻهن جي ٽڙيل پکڙيل رش مان گُذرندي، اُن ٿيٽئر جي دروازي طرف وڌياسِين، جتي اسان کي ”پرل هاربر“ تي ٿيل حملي جي حوالي سان اڳ ۾ هڪ دستاويزي فلم (ڊاڪيُومينٽري) ڏسڻي هُئي، جنهن کان پوءِ اسان کي ”برقي بتيلي“ (اليڪٽرڪ بوٽ) ۾ ويهي ”ايريزونا“ جو سفر ڪرڻو هو. اُن ٿيئٽر جي ٻاهران ماڻهن جي ڊگھي قطار هُئي، جيڪي اندر داخل ٿيڻ لاءِ لائين ۾ بِيٺل هُئا. اسان جُون ٽڪيٽُون اڳواٽ خريد ڪيل هُيون ۽ پرڏيهي مهمان (سي به صحافي) هئڻ سبب اسان کي قطار ۾ بيهڻ کان استثنى مليل هو، سو اسين اُن قطار جي ڀرسان گُذرندا، وِي آءِ پِي گيٽ کان اُن ٿيئٽر ۾ اندر داخل ٿياسُون، جتي اسان جي سمُوري گرُوپ کي پهرِين قطار ۾ اعزاز ۽ امتياز سان ويهاريو ويو. مُنهنجي ساڄي پاسي ضياء ۽ جِيجان، جڏهن ته کاٻي طرف خالد خيشگِي ۽ رياض برڪِي ويٺا. اسان سمُورن ڏٺو ته باقي سڄي هال جا ماڻهُو اسان جي ويهي رهڻ کان پوءِ هال ۾ داخل ٿيا. هڪ اندازي مُوجب اهو لڳ ڀڳ 500 کن ماڻهن جي ويهڻ جو ٿيئٽر هو. سڀني جي ويهِي رهڻ کان پوءِ هال جُون بتيُون وسايُون ويُون ۽ وڏي سينيما اسڪرين تي اُها 22 منٽن جي ڊاڪيُومينٽري هلڻ شرُوع ٿي، جنهن ۾ ”پرل هاربر“ تي ٿيل هن جپّاني حملي جو سربستو بيان هو. هن پُوريءَ ڊاڪيُومينٽريءَ دؤران جمِي لِي بيٺو رهيو ۽ پُوري هال ۾ مُڪمل ماٺ هُئي. مُون فلم جي شرُوع وارن هڪ ٻن منظرن جا فوٽُو ڪڍيا. پوءِ جمِيءَ هٿ جي اشاري سان مُون کي منع ڪيو ۽ مُون فوٽُو ڪڍڻ بند ڪيا.
هن ڊاڪيُومينٽريءَ ۾ هڪ ڪمنٽيٽر خاتُون (ماڊل) فوجي لباس ۾ ملبُوس، 7 ڊسمبر 1941ع واري اُن دل لوڏيندڙ واقعي کي بيان ڪرڻ شرُوع ڪيو ۽ پوءَ اڳتي جيئن جيئن اُن واقعي جو بيان آيو ته ڪيئن جپاني فؤج ”پرل هاربر“ تي حملو ڪيو، ته ان واقعي جا اصل فلمبند ٿيل منظر (اوريجنل فُوٽيجز) هلڻ شرُوع ٿيا. هي منظر ڪنهن به حساس ماڻهُوءَ جي دل دهلائڻ لاءِ ڪافي هئا. انهن 22 منٽن ۾ جهڙوڪر اسين پاڻ 1941ع ۾ پهچي وياسُون ۽ اهي سمُورا منظر پنهنجي اکين سان ڏٺاسوُن. يقيناً اها دستاويزي فلم ڏسي گھڻين اکين ۾ ڳوڙها هُئا.

فلم جي پُوري ٿيڻ تي اسڪرين جي ساڄي ۽ هال توڙي اسان جي کاٻي هٿ تي هڪ دروازو کليو، جيڪو اُن ٿيئٽر هال کان ٻاهر وڃڻ جو دروازو هو. جمِي اسان جي پروٽوڪول ۾ اهو دروازو اڳ ۾ ئي جھليو بيٺو هو، ته جيئن هال جي ٻين سوين ماڻهن کان اڳ ۾ اسان جو گرُوپ اُن دروازي مان ٻاهر نڪرِي سگھي. اسين دروازي مان ٻاهر آياسِين ته سامهُون اُها ”واٽر فيرِي“ (پاڻِيءَ وارِي پرِي) يعني اڇي رنگ جِي هڪ حسين ٻيڙي، جنهن ۾ اندر ويهڻ لاءِ اعلى قسم جُون سِيٽُون لڳل هيُون ۽ مٿان اُها ٻيڙي، ڇپري سان ڍڪيل هُئي. اُن سينيما ٿيئٽر جي دروازي مان نڪرڻ سان 20 فُٽن کن جِي هڪ ڊگهِي راهدارِي اُن بتيلي تائين وڃي رهي هُئي. اسان اُن راهدارِيءَ تان گُذري، ٻيڙيءَ ۾ سُوار ٿياسِين ۽ اِشُو ۽ مان بلڪل پوئينءَ قطار ۾ وڃي ويهي رهياسِين. اسان ٻنهي سان گڏ اڪرام الله ۽ غزاله به اچي ويهي رهيا. ڪُجهه ساٿي اسان کان اڳئينءَ سِيٽ تي ويٺا ته ڪي مُختلف جايُن تي ٽڙي پکڙي ويٺا. ڪچڙِيءَ منجھند ويل جو هي مختصر بحري سفر پئسفڪ ۾ مُنهنجو (مُختصر ئي سهي، پر) پهريون سفر هو. هن فيرِيءَ (ٻيڙِيءَ) تي چڙهي اسان کي ايريزونا ميموريل وڃڻو آهي، جنهن جو احوال ايندڙ هفتي هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي 20 قسط ۾ سليندُس. ساڻ رهجو. پئسفڪ جو پاڙو نه ڇڏجو!

No comments:

Post a Comment