Sunday, June 26, 2016

واشنگٽن جو چيري بلاسم ۽ شهر ۾ آخري شام - ياسر قاضي

واشنگٽن جو چيري بلاسم ۽ شهر ۾ آخري شام
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 45
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسان امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر، ”پينٽاگون“ گھميوسي. اميد آهي ته اُن مختصر مضمُون ۾ پينٽاگون جي سير جا گھڻي کان گھڻا عڪس اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب رهيو هُوندس. اهو اڱاري 8 اپريل 2014ع جو احوال هو. اڄ به ان ئي ڏينهن جو احوال اوهان سان سَلبو. اسين ”پينٽاگون“ گھمي، منجھند جو لڳ ڀڳ اڍائي لڳي ڌاري ان ساڳئي ئي رستي (ڪاريڊور نمبر 8) کان پينٽاگون کان نڪتاسِين. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران ”پينٽاگون“ اندر اسان جي سُونهي، ”چارلس ڪول“ به سيڪيورٽي گيٽ اُڪرندي اسان کان موڪلايو ۽ اسين اُن ساڳئيءَ پٿر واريءَ پُل تان واڪ ڪندا (جيڪا گھُمندي ”ديوارِ چين“ جهڙو ڏيک ڏئي رهي هئي) ان جي ڏاڪڻ لهي اچي ڪوسٽر ۾ چڙهياسِين. اُس نڪري چُڪي هُئي ۽ پينٽاگون اندر وڃڻ مهل جيڪا سج ۽ ڪڪرن جي اکٻُوٽ جاري هُئي، اُها تقريباً ختم ٿي چُڪي هُئي. هتان اسان جي گرُوپ منجھان ٽن ڄڻن (خالد خيشگِيءَ، ضياءُ الرحمٰن ۽ ذوالفقار مهتُوءَ) کي هڪ مُذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانو ٿيڻو هو، جيڪي اسان جي لاهور واري ساٿيءَ، ذوالفقار مهتُوءَ جي سرواڻيءَ ۾ ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانا ٿيا، جن کي اسان جي ڪوآرڊينيٽر، ”مائي اينان“ (مسز اين هارٽمين) چڱيءَ ريت سمجھايو ته هُو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پهچي ”جُڊيٿ وين هيلن“ سان ملن. تاڪيد ته مائي اينان کين ٻارن وانگر تفصيل سان پئي ڪيو ته هيئن ڪجو! ۽ هيئن نه ڪجو! هيڏانهن وڃجو! ۽ هوڏانهن نه نه وڃجو! وغيره... جيئن اسان وٽ ٻار کي اسڪُول رواني ٿيڻ مهل والدين هدايتُون ڏيندا آهن ته: ”بابا! ڪنهن کان ڪا شئي وٺي نه کائجانءِ! ڪوئي چوئي ته مان تنهنجي پيءُ جو دوست آهيان، هل ته هيڏانهن وٺي هلانءِ! ته اُن سان هرگز نه وڃجانءِ!“ وغيره وغيره... بلڪل ايئن ٿي لڳو ته مائي اينان به ڄڻ پنهنجن ٻارن کي اهڙيُون هدايتُون ڏئي اسڪُول موڪلي رهي هجي. اسان جا اهي ٽئي صحافي دوست اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانا ٿيا ته اسان جو باقي گرُوپ اُن وڏيءَ ڪوچ ۾ سوار ٿي (جيڪا صبح کان وٺي اسان سان گڏ آهي) واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مشهُور ”پوٽومڪ نديءَ، ٽائيڊل بيسن“ جي ڪناري تي، ويسٽ پوٽومڪ پارڪ جي وچ ۾ ٺهيل، جيفرسن ميموريل روانو ٿيو، جيڪو پينٽاگون کان مشڪل سان 10 منٽن جي ڊرائيو تي هو. اوستائين پهچندي، جارج واشنگٽن ميموريل کي پڻ ويجھڙائيءَ سان ڏٺوسين. ”جيفرسن ميموريل“ نالي هي يادگار امريڪا جي ٽئين صدر، ٿامس جيفرسن (ڄم: 13 اپريل 1743ع ـ لاڏاڻو: 4 جُولاءِ 1826ع) جي ياد ۾ جوڙايل آهي، جيڪو 1801ع کان وٺي 1809ع تائين، لڳ ڀڳ 8 سال (ٻن مُدن لاءِ) امريڪا جو صدر ۽ ان کان اڳ 1797ع کان وٺي 1801ع تائين 4 سال امريڪا جو نائب صدر رهيو. ٿامس جيفرسن کي به امريڪا جي ”باني ابن“ (فائُونڊنگ فادرس) منجھه ڳڻيو ويندو آهي. 7 لک 99 هزار 758 چورس فوٽن تي ٻڌل هي ”جيفرسن ميموريل“ 1943ع ۾ تعمير ٿيو، جنهن جو نقشو امريڪا جي مشهُور آرڪيٽيڪٽ، ”جان رَسل پوپ“ تخليق ڪيو. هن يادگار کي هر سال لڳ ڀڳ 24 لک ڏيهي توڙي پرڏيهي سيّاح ڏسڻ اچن ٿا. هن يادگار جي اندر جيفرسن جو مُجسمو رکيل آهي، بلڪل ايئن، جيئن لنڪن ميموريل ۾ ابراهام لنڪن جو سهڻو مُجسمو رکيل آهي. اڪثر سوچيندو آهيان ته شخصيتن جا مُجسما ٺاهي انهن کي خراج پيش ڪرڻ وارو طريقو ڪيڏو نه تخليقي، ديرپا ۽ سهڻو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ 7 ڏهاڪا اڳ تائين اهو رواج عام هو ۽ مختلف عمارتن ٻاهران عظيم ماڻهن جا مُجسّما تعمير ٿيل هُوندا هُئا، جن کي اسان جي پياري چنڊ تاري واري پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ نون ايمان آندلن يا ته ڊاهي مسمار ڪري ڇڏيو، يا وري ڏامر سان انهن جا مُنهن ڪارا ڪري ڇڏيا. انهن مان هڪ اڌ اُهي مُجسما محفُوظ رهيا، جن کي سنڌالاجي  يا ٻيا ڪي خانگي ميُوزيم کڻائي ويا. اڄ اسان پنهنجين هستين کي اهڙو خراج پيش نه ٿا ڪري سگھُون، ڇو ته بقول هن مفاد پرست ٺوڳي واعظ جي، ان سان دين خطري ۾ اچي ويندو.


اسان جو هتي اچڻ جو ڪارڻ جيفرسن ميموريل ڏسڻ کان وڌيڪ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي بهار جي اصل رُوپ، ”چيرِي بلاسم“ (چيري ميوي جي کِڙڻ) جو مُشاهدو ڪرڻ هو، جنهن جا ست رنگا عڪس پوٽومڪ نديءَ جي ڪناري تي لڳل چيريءَ جي وڻن ۾ سفيد ۽ هلڪي گلابي رنگ جي گُلن جي صُورت ۾ مهڪي ۽ ٻهڪي رهيا هُئا. ان ڪري اسان ميموريل جي عمارت اندر وڃڻ بدران پوٽومڪ پارڪ ۾ ئي پوٽومڪ نديءَ جي ڪناري تي پاڪستاني سياري جهڙيءَ هن سياندڙِيءَ منجھند جي هنن لمحن منجھان لُطف اندوز ٿيندا رهياسِين ۽ ڪا دير پوٽومڪ نديءَ جي سانتيڪي پاڻيءَ، ان جي لهرن جي ڇَپ ڇَپ، واشنگٽن جي هورڙيان گھُلندڙ هوا، ٿڌي اُس ۽ چيريءَ جي ڦُولار (چيري بلاسم) جي حسين نظارن جو مزو ماڻيندا رهياسين. هُونءَ تي چيريءَ جو ٻُوٽو اسان جي پاڙي جي پيداوار آهي ۽ هماليائي مُلڪن (نيپال، ڀارت ۽ پاڪستان) جي سُوکڙي آهي، پر هاڻي امريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ٿئي ٿو. چيريءَ جي پيداوار جي حوالي سان جپان جڳ مشهُور آهي. چيري اڳ ۾ امريڪا ۾ ڪانه پوکي ويندي هئي. تاريخي حوالي سان جپّان، سال 1912ع ۾ امريڪا کي چيريءَ جُون 3 هزار 20 چڪيُون سُوکڙِيءَ طور ڏنيون، جن کي پوکي امريڪا به چيري پوکيندڙ مُلڪن ۾ پنهنجو نالو واضح طور تي لکائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن وقت امريڪا جو برانچ برُوڪ پارڪ وڌ ۾ وڌ چيريءَ جي وڻن وارو باغ آهي، جتي لڳ ڀڳ 4 هزار 300 چيريءَ جا وڻ آهن. امريڪا ۾ به واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي چيري بلاسم جي مُند مشهُور آهي ۽ ماڻهُو پري پري کان (نه رڳو امريڪا جي مُختلف علائقن کان، بلڪه مختلف مُلڪن مان پڻ) ڪهِي اچي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي چيري ڦُولارجڻ واري مُند ڏسڻ ايندا آهن. اها اسان جي خوشقسمتي هُئي، جو اسان جو هي ايڪسچينج پروگرام اهڙن ڏينهن ۾ ڊزائن ڪيو ويو هو، جو اسان واشنگٽن ڊِيءَ سيءَ ۾ ايندي هتان جي پن ڇڻ ۾ پنن کان وانجھيل وڻن جو به مُشاهدو ڪيوسي ۽ هنن ئي ڪُجهه ڏينهن ۾ انهن وڻن تي پنن جا ويس پهريل به ڏٺاسي ۽ خاص طور چيريءَ جي وڻن جا اهي سُهڻا ويس ڏسي، سائينءَ جي سگھه سمجھڻ ۽ فطرت سان پيار ۾ واڌاري جو سهڻو موقعو مليو. اسان ڳچ وقت هنن منظرن توڙي موسم جِي سُونهن منجھان لُطف اندوز ٿيندا رهياسين ۽ فطرت جي هنن حسين نظارن کي پنهنجيءَ ڪئميرا جي اک ۾ محفُوظ ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندا رهياسِين، پر ظاهر آهي، جيڪو اسان جي اکين ٿي ڏٺو، اهو نه ڪئميرا جي اک ۾ محفُوظ ٿي سگھيو ٿي ۽ نه ئي ان کي هن ليک ۾ ئي لفظن ۾ ئي قيد ڪري سگھجي ٿو.
پوٽومڪ پارڪ مان روانگيءَ وقت اسان جي پشاور جي صحافي ساٿيءَ اسد علي حمزه جي حرڪتن تي مائي اينان جي صبر جو پيمانو نيٺ لبريز ٿيو ۽ کيس دڙڪا ڏنائين. ٿيو ايئن جو اسان کي پوٽومڪ پارڪ ۾ لاهي، اسان وارِي ڪوچ پارڪنگ ايريا ۾ هلي وئي. اسان جي جڏهن اُتان نڪرڻ جو وقت ٿيو ته مائي اينان ڪوچ جي ڊرائيور کي ڪال ڪئي. ڪوچ آئي ته سهي، پر پرئين روڊ کان اچي، ٿورو بيهي وري اڳيان ”يُو ٽرن“ کان ڦرڻ لاءِ هلي، ته جيئن روڊ جي اوريئنءَ ڀَر کان اسان کي کڻي سگھي. حمزي نه ڪئي همَ، نه تَمَ! ڪوچ جي پرئين روڊ تي بيهڻ شرط ئي جلدي روڊ اُڪرِي چنبڙي وڃي ڪوچ ۾ چڙهڻ لڳو، پر ڪوچ جي ڊرائيور کي گاڏي اڳيان ڦيرائڻي هئي، سو هُو ته پنهنجي خيال ۾ گاڏي ڦيرائڻ لاءِ اسٽارٽ ڪري اڳيان وڌيو ۽ حمزه امڪاني حادثي کان بچي ويو. تنهن تي مائي اينان کيس ڏاڍيُون رهڙُون ڏنيون. جيتوڻيڪ اسان جي پاڪستاني گفتگُوءَ جي لحاظ کان ان گفتگُوءَ کي دڙڪن ۾ نه ٿو ڳڻي سگھجي، پر بهرحال عزت واري لاءِ ايترو ڪافي هو.
پوٽومڪ پارڪ مان اسان ”ڪائُونسل آن فارين رليشنس“ جي دفتر ڏانهن روانا ٿياسين، جتي اسان جو هڪ مختصر سيشن هو. اسين ساڍي 3 لڳي ڌاري ”ايف“ اسٽريٽ، اين ڊبليُو واشنگٽن جي عمارت نمبر 1777 ۾ ”ڪائُونسل آن فارين رليشنس“ جي آفيس پهتاسِين، جتي ”ڊاڪٽر ڊين مرڪيءَ“ اسان جي گرُوپ جو استقبال ڪيو، جيڪو ”ڪائُونسل آن فارين رليشنس“ جو پاڪستان، ڀارت ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ سينئر فيلو آهي. هُو اسان سان ملي اسان کي ”ڪائُونسل آن فارين رليشنس“ جي دفتر جي ڪميٽي هال ۾ وٺي آيو، جتي اسان جي گرُوپ جا (اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ويل 3 ڄڻن کان سواءِ) باقي 9 ڄڻا ۽ ڏهين مائي اينان ويٺاسي ۽ ڊين مرڪيءَ ساڍي 3 لڳي کان ساڍي 4 لڳي تائين پُورو هڪ ڪلاڪ اسان کي ”نو ايگزٽ فرام پاڪستان ـ امريڪاز ٽارچرڊ رليشن شپ ود اسلام آباد“ (پاڪستان مان نيڪالي خارج ازامڪان ـ اسلام آباد سان امريڪا جا پُرتشدد تعلقات) تي برِيفنگ ڏني. اصل ۾ ان موضُوع تي پاڪستان امريڪي تعلقات تي گهري نظر رکندڙ هن سياسي ڏاهي، ڊاڪٽر ڊين مرڪيءَ جو هڪ ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن پاڪستاني معاشري جي عام قدرن ۽ روايتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جن تي پاڪستان جو مستقبل ڀاڙي ٿو. هُن پاڪستان جي قيام کان وٺي لڳ ڀڳ 2001ع تائين پاڪستان ۾ نپجندڙ مختلف نسلن جي فردن جي دلين ۾ پلجندڙ امريڪا خلاف نفرت جو تفصيلي تاريخي جائزو وٺندي، ان جا ڪارڻ بيان ڪرڻ جي ڀرپُور ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. هن، اُن ڪتاب ۾ انهن حقيقتن جو پڻ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ته ڪيئن امريڪا پاڻ تي 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيندڙ دهشتگرديءَ وارن حملن کان پوءِ، پاڪستان تي پنهنجيُون پاليسيُون مڙهيُون. هن ان ڪتاب ۾ ان منظرنامي جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي ته خطي ۾ چين جي اقتصادي طور تي اُڀرڻ کان پوءِ ايشيا جي معاشي ۽ سياسي منظرنامي ۾ ڪهڙيُون تبديليُون مُتوقع آهن ۽ ان جو پاڪستان ۽ امريڪا جي لاڳاپن تي ڪهڙو اثر پوندو. هن، ان ڏس ۾ هڪ تجزيي نگار جي حيثيت سان امريڪا کي مستقبل جي حڪمتِ عملي جوڙڻ جي حوالي سان ٽي صلاحُون ڏنيُون آهن (ٽن آپشنز جو ذڪر ڪيو آهي)، جن ۾ دفاعي مُوصليت، اولين عسڪري تعاون ۽ پاڪستان سان سربستي سهڪار جُون صلاحُون شامل آهن. ڊاڪٽر مرڪيءَ پنهنجي هن ڪتاب ”نو ايگزٽ فرام پاڪستان ـ امريڪاز ٽارچرڊ رليشن شپ ود اسلام آباد“ ۾ پنهنجي سياسي سمجهه ۽ تدبُر سان امريڪا کي بُري ۾ بُرِي صُورتحال لاءِ تيار هجڻ، سُٺي ۾ سُٺن نتيجن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ ماضيءَ جي غلطين نه ورجائڻ جي حوالي سان دليلن تي ٻڌل سُهڻيُون صلاحُون ڏنيُون آهن.
هن سيشن جي دؤران اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن کي ننڊ جا جُهوٽا ٿي آيا، ڇو جو صبح سويل جا اُٿيل هُئاسِين ۽ پينٽاگون تفصيل سان گھُمندي، الاهي پنڌ ڪري چُڪا هُئاسِين، تنهن ڪري ڊاڪٽر ڊين مرڪيءَ جي پاڪ ـ امريڪي تعلقات تي گفتگُو ڪنهن غور سان ٻُڌي پئي، ڪنهن ڪونه! هن سيشن ۾ اسان منجھان سڀني کان وڌيڪ پنڪيُون اسد علي حمزه هنيُون، پر حسبِ معمُول ۽ حسبِ عادت جڏهن سوالن پڇڻ جو وقت آيو ته پاڻ وڻائڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ ٽراپيُون به اُن جُون ئي هُيون، ته جيئن ڊاڪٽر مرڪيءَ تي به ٻين مقررن جيان (جن سان اسان هن سفر ۾ سيشنز ڪري آيا هُئاسُون) اهو اثر پوي ته ڪو هي وڏو ڏاهو ۽ پاڪستان جو گُوني صحافي آهي. بهرحال ڪيئن به ڪري شام ساڍي 4 لڳي تائين هي سيشن پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو. ڊاڪٽر مرڪيءَ جو اهو ڪتاب ڏٺوسين به، پر بدقسمتيءَ سان اهو اتي (ڪائُونسل آن فارين رليشنس ۾) وڪري لاءِ دستياب ڪونه هو، جيتوڻيڪ ان جي ڪجهه بابن جا ڪجهه اقتباس آن لائن دستياب آهن.
ڪائُونسل آن فارين رليشنس ۾ هي سيشن اسان جي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آخري مصرُوفيت هئي، جنهن کان پوءِ اسين لڳ ڀڳ 4:40 لڳي ڪوچ رستي يُونين ريلوي اسٽيشن روانا ٿياسِين، جتان شام 6 لڳي اسان کي نيُويارڪ لاءِ ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) جي سُبڪ رفتار ريل ۾ واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر ڪرڻو هو ۽ ايندڙ ڪُجهه ڏينهن نيُويارڪ ۾ گذارڻا هُئا. اسين 15 منٽن کن جي اندر ئي يُونين اسٽيشن  پهتاسِين. يُونين اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ جا هڪ کان وڌيڪ رستا آهن. اسين 2 ڏينهن اڳ جڏهن يُو ايس ڪيپيٽول گھمڻ پُڄاڻان، يُونين اسٽيشن تي ”اسٽار بڪس“ جي ڪافي پيئڻ آيا هُئاسين، تڏهن ٻئي داخلي دروازي کان داخل ٿيا هُئاسِين ۽ اڄ اسان کي ڪوچ يُونين اسٽيشن جي ٻئي داخلي دروازي کان لاٿو. شيڊيُول مُوجب وقت جو حساب اهڙو رکيو ويو هو، جو اسان جا اُهي 3 ساٿي، جيڪي اسان پاران پوٽومڪ پارڪ گھمڻ ۽ ڪائُونسل آن فارين رليشنس ۾ سيشن دؤران امريڪي اسٽيٽ کاتي ۾ سيشن اٽينڊ ڪرڻ ويل هُئا، اهي اسان سان يُونين اسٽيشن تي اچي مليا. اسان پنهنجو سمُورو سامان ڪوچ تان لاٿو ۽ يُونين اسٽيشن اندر داخل ٿياسِين. اسان کي ”اسِيلا ايڪسپريس 2124“ نالي ”ايم ٽريڪ“ جِي ريل رستي نيُويارڪ ڏانهن سفر ڪرڻو هو. ڌار ڌار ريلن ۾ هتان سفر ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار ٽرمينل ۽ ڌار ڌار چيڪ اِن ڪائُونٽرس ٺهيل هُئا. اسان جو اجتماعي چيڪ ان مائي اينان ڪرايو ۽ چيڪ ان کان پوءِ اسان اُن داخلي دروازي تائين پهتاسِين، جتان اسان کي پنهنجي ٽرين لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پليٽ فارم تائين پهچڻو هو، جنهن لاءِ هڪ ڊگھي قطار هُئي، پر اسان جي گرُوپ کي خاص طور اُن گيٽ جي ڀر ۾ واقع ٻئي گيٽ رستي اندر اچڻ لاءِ چيو ويو، جتان داخل ٿي اسان هڪ وڏي ويٽنگ لائُونج ۾ پهچي وياسِين، جنهن جي سامهُون کُلندڙ دروازو پليٽ فارم طرف کُلي رهيو هو، بلڪه اسان کي پنهنجي ٽرين به نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ ڪجهه دير کان پوءِ چڙهي اسان کي نيُويارڪ روانو ٿيڻو هو. اسان پنهنجي ڳري سامان (لگيج) توڙي دستي سامان سميت اچي اُن لائُونج ۾ ويٺاسِين. مُون کي صبح کان فارمل (رسمي) لباس پاتل هو، ڇو جو پينٽاگون ۾ سُوٽ پائڻ لاءِ خاص طور تاڪيد ڪيو ويو هو، پر جيئن ته هاڻي آزاد هُئاسِين ۽ هاڻي رڳو ريل جو سفر ئي ڪرڻو هو ۽ نيُويارڪ پهچي هوٽل تي آرام ئي ڪرڻو هو، تنهن ڪري مُون لائُونج ۾ ويهڻ شرط ڳچيءَ کي ٽاءِ کان ۽ پيرن کي رسمي بُوٽ کان آزاد ڪيو ۽ جاگرس پائي ڇڏيم ته جيئن پير آزادي محسُوس ڪن. ٿوريءَ دير ۾ ”ايمٽريڪ“ جو عملو، وڏو ڪيريئر (سامان ڍوئڻ وارو گاڏو) ساڻ ڪري آيو ۽ اسان کان اسان جو ڳرو سامان (لگيج) وٺي ويا. سامان جمع ڪرائڻ کان پوءِ اسان سامان جي حفاظت واري ٽينشن کان ته آزاد ٿياسين. باقي دستي سامان ۾ اسان منجهان هرڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا ليپ ٽاپ يا ٻيو هلڪو سامان رهيو. ڇاپي شيڊيُول مُوجب اسان کي هتان 6 لڳي روانگيءَ کان اڳ ئي هتي رات جي ماني کائي ڇڏڻي هُئي. رات جي مانيءَ جي ته خير! هيءَ مهل ئي ڪانه هُئي، پر ايترو هو جو پينٽاگون ۾ ڪيل مانجھاندي کي ڳچ وقت گذريو هو ۽ هلڪي بُک ورايو هو. ريل جي روانگيءَ ۾ اڃا ڪلاڪ کن هو، تنهن ڪري لڳ ڀڳ سمُورن ساٿين جو پيٽ پُوڄا جو مُوڊ ٿيو. اسان مان ٻه ٻه ٽي ٽي ڄڻا ٿي واري واري سان يُونين اسٽيشن جي مرڪزي فُوڊ ڪورٽ ۾ آياسِين. هُونءَ ته يُونين اسٽيشن ۾ مختلف ٽرمينلس ۾ مختلف اسٽالس، ٽِي شاپس، ڪافي شاپس ۽ کائڻ پيئڻ جا اسٽالس موجُود آهن، پر هتي هڪ وڏو فُوڊ ڪورٽ به آهي، جتي ”ستر کاڌا کيڻ“ ۽ ”ستر امريڪي رڇيُون“ کائڻ لاءِ دستياب آهن. هن وڏي لائُونج ۾ ڊائننگ جو به وسيع پکيڙ ۾ انتظام ٿيل آهي. ان هال ۾ داخل ٿياسِين ته ظاهر آهي ماڻهن جو وڏو انگ ڊائننگ ۾ ۽ ٻيو وڏو انگ مختلف ڪائُونٽرس تان خريداريءَ ۾ مصرُوف هو. مختلف ڪائُونٽرز تي مختلف شوڪيسز ۾ سهڻا کاڌا پرائيز ٽيگس سان سينگاريل پيا هُئا. جيئن ته بُک هلڪي ڦُلڪِي لڳي هُئي، تنهن ڪري ڪجهه ڍؤ ڪري کائڻ تي ته دل چيو ڪانه ٿي، سو مُون پنهنجي لاءِ برائُونيز ورتيون ۽ اشفاق آذر پنهنجي لاءِ برگر ورتو ۽ چانهه ٻنهي ورتي. اهو وقت به چانهه جو ئي هو. سو اها ريفريشمينٽ وٺي واپس ايمٽريڪ جي ويٽنگ لائُونج (انتظار واري هال) ۾ آياسِين ۽ هن سفر جِي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ شام جي آخري چانهه برائُونيز سان پِيتي. مُون هڪ برائُوني اشفاق سان ۽ اشفاق اڌ برگر مُون سان شيئر ڪيو.

ٿوريءَ دير ۾ اسان کي هن جديد اليڪٽرانڪ ريل ۾ چڙهڻ جو سڏ ٿيڻ وارو هو، جنهن لاءِ اسين بلڪل تيار ويٺا هئاسُون. هتان کان نيُويارڪ تائين جي ايمٽريڪ جي سهڻي ۽ يادگار سفر ۽ نيُويارڪ ۾ گھاريل ڏينهن توڙي راتيُن جو احوال ايندڙ ڀاڱن ۾ تفصيل سان اوريندس. ساڻ رهجو!

No comments:

Post a Comment