Sunday, June 26, 2016

امريڪي سينيٽ ۽ پاڪستاني سفارتخانو - ياسر قاضي

امريڪي سينيٽ ۽ پاڪستاني سفارتخانو
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ۴۱
ياسر قاضي
پوئين هفتي واشنگٽن ياترا دؤران، اسين 7 اپريل 2014ع جي برساتي ڏينهن تي منجهند جي مُني ھڪ لڳي ڌاري ”ڊرڪسن سينيٽ آفيس بلڊنگ“ جي بيسمينٽ (زيرِ زمين حصّي) ۾ واقع ڪيفي ٽيريا ۾ پيٽ پُوڄا لاءِ پهتا هئاسين، جتي پوڻي ٻين لڳي تائين مانجھاندو ڪري، اسين ساڳئيءَ عمارت ۾ مٿي ڪمري نمبر ”ايس ڊِي 419“ وٽ پهتاسِين، جتي اسان جي سيشن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملاقات، ”مائيڪل فيلن“ سان سوا 2 لڳي ٿيڻي هئي. مائيڪل ڪير آهي، اهو اوهان کي ٻڌايان ٿو، پر ان کان اڳ ۾ هن سينيٽ عمارت جي صاف شفاف ماحول جو نقشو چٽڻ ٿو چاهيان. هُونءَ ته خير! امريڪا جي عمارت هئڻ، سو به سرڪاري عمارت هئڻ ئي ان جي چڱيءَ ريت دِيد جي قابل هئڻ لاءِ ٻه ڀرپُور حوالا آهن، پر ڪنهن ڪنهن سُونهن ۾ عجيب اُجرائي نظر ايندي آهي، اهڙي ئي سُونهن، هن عمارت جي اڏاوت توڙي ان جي ڪايڊورس جي سرڪاري شڪوهه ۾ هئي. انتهائي شانائتا، وڏا ويڪرا ڪاريڊورس، جنهن جي ٻنهي پاسن کان مختلف دفترن جا دروازا... چمڪِيلا فرش... اُجريُون ڀتيُون... جن ۾ پنهنجو چهرو به نظر ٿي آيو... جهڙوڪر هاڻي ڪو سنگ مر مر آويزان ڪري ويو آهي... ماڻهن جي اچ وڃ ۽ هلچل جي باوجُود به رش يا گوڙ جو ڪو به تاثر نه...! جهڙوڪر آرام ۽ سڪُون سان سڀ ڪم ڪار هلي رهيا هئا... ڪن ڪن آفيسن جي دروازن ٻاهران اسٽينڊ تي امريڪا جو قومي جھنڊو ۽ ڪٿي ڪٿي امريڪي سينيٽ جي مونوگرام وارو جھنڊو لڳل... مينهوڳيءَ جي ڪري آفيسن ٻاهران ڇٽين ۽ برساتي ڪوٽ ٽنگڻ لاءِ هينگرس لڳل... هر ڪاريڊور ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي ”سينيٽائيزر“ جُون پوائنٽُون لڳل...


اسين ڪمري نمبر ”ايس ڊِي 419“ آڏو سوا 2 لڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسِين. اسان مان هر ڪو ٻن ٻن ٽن ٽن جي ٽولن ۾ ورهائجي ڊسڪشنس ۾ مصرُوف ٿي ويو. خاص ڪري هن سيشن کان پوءِ اسان جي امريڪي سفارتخاني ۾ رکيل دؤري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳاسِين. اسان مان اسان جا ٽي ساٿي، اسماء رزاق، رياض برڪي ۽ ماهوش قيُّوم ”ايس ڊِي 419“ جي سامهُون اوٽ ۾ لفٽ جي ڀرسان پَٽ تي ايئن ويهي رهيا، ڄڻ ٽي فقير پنهنجو لڏو لاهي خيرات وٺڻ لاءِ ويٺا هجن. مُون پنهنجي ڪئميرا جو رُخ انهن ٽنهي ڏي ڪندي کين اهو ئي جُملو چيو، جيڪو انهن کي ڏسي لڳو ٿي ته: ”ايئن ٿو لڳي ته امريڪي سينيٽ جي عمارت ۾ 3 پاڪستاني فقير گھڙِي آيا آهن.“ ان جُملي تي مُرڪ ته ٽنهي جي چپن تي آئي، پر اسماء ته خيرات گُهرڻ وانگر هٿ به ڊگھيريو ته مُون اهو لمحو نه وڃائيندي سندس فوٽو ڪڍي ورتو. اها تصوير منهنجي هن سفر جي البم جي انتهائي دلچسپ ۽ يادگار تصوير آهي. سوا 2 لڳي اسان کي ”ايس ڊِي 419“ ۾ اندر سڏ ٿيو ۽ اسان جي ڪوآرڊينيٽر، مسز اين هارٽمين اسان سڀني کي اندر داخل ٿيڻ جو اشارو ڪندي پهريان پاڻ اندر داخل ٿي. هي ڪمرو سينيٽ جو ”ٻُڌڻيءَ وارو ڪمرو“ (هِيئرنگ روُم) هو، جيڪو وڏي هال جي صُورت ۾ هو، جنهن جي پيٽ ۾ (حاضرين وارين ڪُرسين کان پهريان) هڪ وڏي مِيٽنگ ٽيبل رکيل هئي، جنهن جي چوڌاري وِيهارو کن ڪُرسيُون رکيل هيُون، جن تي ويهي اسان کي هن ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. انهن نشستن تي ويهڻ جو اشارو ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان جو ”مائيڪل فيلن“ آڌر ڀاءُ ڪيو، جيڪو سينيٽ ڪميٽي آن فارين رليشنز جو سينيئر پروفيشنل اسٽاف ميمبر آهي. مائيڪل ان ڪري به هڪ اهم ماڻهُو هو جو هُن افريقا، پاڪستان، افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ڪجهه مُلڪن جي علاقائي مُعاملن تي، سينيئر پاليسي صلاحڪار جي حيثيت سان، ان ڪميٽيءَ جي ”رينڪنگ اقليتي رُڪن“ سينيٽر رچرڊ ڊِي لُوگر سان گڏ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو هو، جنهن ڪري کيس اسان جي خطي (افغانستان سميت) جي سمُوري صُورتحال ۽ ان ڏس ۾ امريڪي سينيٽ جي ترجيحات جو ڀليءَ ڀت علم هو. مُون کي مائيڪل سان ملڻ شرط سندس مُهانڊو، پاڪستاني اداڪار ۽ گلُوڪار، خالد انعم جهڙو لڳو ۽ سندس وار به ايئن اڇا هئا، جيئن هاڻي خالد انعم جا ٿي ويا آهن. مُون کي دنيا ۾ ”مائيڪل“ نالي وارو ڪو به ماڻهو ملندو آهي ته ان سان ملِي، ڪشور جو هي مزاحيه گانو ياد اچي ويندو آهي: ”مائيڪل هي تو سائيڪل هي... مائيڪل جو نهين سائيڪل ڀي نهِين...“ هتي اسان کي جنهن موضُوع تي ”مائيڪل فيلن“ جا وِيچار ٻُڌڻا هئا ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ حصّو وٺڻو هو، اهو موضُوع هو: ”امريڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ سينيٽ جو ڪردار: پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان ترجيحُون ۽ ڪيرِي لُوگر برمن بل جي تازي ترين صُورتحال“. سوا 2 لڳي کان سوا 3 لڳي تائين ڪلاڪ جي هيءَ ڪچهري ڏسيل موضُوع بابت اسان جُون ڪي غلط فهميُون توڙي ڪي ”خوش فهميُون“ دُور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن هن ڊسڪشن ۾ حصّو ورتو، پر اسد علي حمزه جو ڪردار ساڳيو گھڻي ڳالهائڻ وارو ۽ پنهنجو پاڻ کي هوشيار ثابت ڪرڻ وارو رهيو، جيڪو هن سفر جي پوئين ڏينهن تائين جيئن جو تيئن جاري رهيو. هن ڪلاسيڪي طرز جي ڌِيميُن بتين سان روشن شانائتي خاموش هال ۾ مائيڪل جو ڌيمو لهجو ۽ اسان جا سافٽ ٽون ۾ڪيل سُوال هڪ سهڻو تاثر پيدا ڪري رهيا هئا، پر منجھند جي مانيءَ کان سُتت پوءِ هن سيشن جي شيڊيُول هئڻ ڪري، اسان کي منجھند واريءَ ننڊ جا جھُوٽا اچڻ فطري هو، ڇاڪاڻ ته اوهان دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ هُجو، منجھند جي مانيءَ کان پوءِ وارو ڪلاڪ سُست ئي گُذرندو آهي. سو اها حالت هن سيشن دؤران اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن جِي رهِي. سوا 3 لڳي اسان جو سيشن پُورو ٿيو. مائيڪل سان گرُوپ تصوير ڪڍرائڻ کان پوءِ کيس معمُول مُوجب سُوکڙيُون پاکڙيُون ۽ شڪريه ادائگيءَ جو ڪارڊ پيش ڪيو ويو ۽ اسان اتان رُخصت ٿياسِين. سينيٽ جِي هيڏيءَ ساريءَ عمارت منجھان ٻاهر نڪرندي نڪرندي اسان کي پندرنهن 20 منٽ لڳي ويا ۽ اسين لڳ ڀڳ ساڍي 3 لڳي ڌاري اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسِين. مِينهن ڪُجهه گھٽ ٿي چُڪو هو، بلڪه هلڪي ڦُڙ ڦُڙ پئجي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اسان جنهن وقت سينيٽ عمارت ۾ داخل ٿي رهيا هُئاسِين، ان وقت ته ايتري تيز برسات پئي ٿِي، جو اسان کي ساهه نه ٿي کڻڻ ڏنائين. اسان جي ايندڙ منزل واشنگٽن ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانو هو، جتي اسان کي امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير، جلِيل عبّاس جيلانيءَ سان مُلاقات ۽ ڪچهري ڪرڻي هئي. ڇپيل شيڊيُول مُوجب اسان جو پاڪستاني سفير سان ملڻ جو وقت پوڻا 4 لکيل هو ۽ ”ڊرڪسن سينيٽ آفيس عمارت“ کان پاڪستاني سفارتخاني تائين جي وچ ۾ گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو جيترو مُفاصلو هو، جڏهن ته اسِين ڪوسٽر ۾ ويٺاسِين ئي ساڍي 3 لڳي منجھند... ڪوسٽر، واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي رستن تي ڊوڙڻ شرُوع ڪيو، پر مائي اينان (مسز اين هارٽمين) ڏاڍي پريشان هئي، جو کيس يقين هو ته اسين ڪنهن به صُورت ۾ 15 منٽن ۾ (پوڻي 4 لڳي تائين) پاڪستاني ايمبيسيءَ ڪونه پهچي سگھنداسِين. دنيا جا ماڻهُو ڪيڏا ته وقت جا پابند آهن، جو 15 منٽ دير سان پهچڻ به پنهنجي ڪوتاهي ٿا سمجھن ۽ ان تي اهڙا شرمندا ٿا ٿين، جو ڄڻ ڪنهن کي 15 منٽ انتظار ڪرائي ان جو ڪو وڏو گناهه ڪيو هُجائُون ۽ هتي اسان وٽ ته ماڻهُو ماڻهُوءَ جا بنيادي حق کايُون، قتل ڪري، ڌاڙا هڻي به مُڇُون وٽيو پيا گھُمن. ڪيڏو فرق آهي سُڌريل ۽ اڻ سُڌريل قومن جي فردن جي هلت چلت ۾! اسان سڀني مائي اينان کي کلي رليڪس پئي ڪيو ته: ”ڳڻتي نه ڪريو! پاڪستاني سفارتخاني وارا به پاڪستاني آهن. سو هُو انهن 15 منٽن جي دير کي دل ۾ نه ڪندا!“ تنهن تي مائي اينان جهڙوڪر پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي گھُنجيل پيشانيءَ سان وراڻي ڏيندي پئي چيو: ”ٺيڪ آ... پوءِ اوهان ايمبيسڊر کي ٻُڌائي ڇڏجو ته منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي. اها دير اوهان جي ڪري ٿي آهي...“ تنهن تي اسان کيس ويتر کِلي تنگ پئي ڪيو: ”اِيئن ورِي ڪيئن! ليٽ اسان جي ڪري ڇو ٿي آ!؟ اسان ڪهڙي واٽ تي قُلفي وٺي کاڌِي آ. اسان ته مائِي! تُنهنجي اشاري تي پيا هلُون. هڪ منٽ به ڪنهن جاءِ تي هرُوڀرُو ڪونهي وڃايو...“ بهرحال مائِي اينان جي پريشاني تيسين ڪانه گھٽِي، جيسين اسين وڃي سفارتخاني ڪونه پهتاسِين، جيتوڻيڪ هُن رستي مان پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشي، نديم هوتيانا سان فون تي ڳالهائي کيس آگاهه به ڪري ڇڏيو هو ته اسان کي 15، 20 منٽ دير ٿِي ويندِي. الله الله ڪندي، 4 لڳي ڌاري اسان 3517، انٽرنيشل ڪورٽ اين ڊبليُو واشنگٽن ڊِي سِي 20008 جي پتي تي، پاڪستاني سفارتخاني پهتاسين، جنهن جي عمارت پري کان ئي مشرقي اڏاوت جو ڏيک پئي ڏنو، لڳو ٿي ته اڏِي به پاڪستاني رازن ئي آهي. اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته هن علائقي ۾ ٻين به ڪجهه مُلڪن جا سفارتخانا آهن، پر ٻاهران ئي ڏسڻ ۾ جيتري وڏي ايراضي، جيترو رعب ۽ سُونهن پاڪستاني سفارتخاني جي عمارت ۾ هئي، اها گھٽ ۾ گھٽ اُتي موجُود ٻين مُلڪن جي سفارتخانن جي عمارتن ۾ نظر ڪانه آئي. اسان ضرُوري سيڪيورٽي چيڪنگ کان پوءِ جڏهن سفارتخاني جي صدر دروازي کان داخل ٿياسِين ته هڪ وڏو ميدان اسان کي ڀليڪار ڪري رهيو هو، جنهن کي اُڪري اسان کي سفارتخاني جي عمارت اندر داخل ٿيڻو هو. عمارت سيمينٽ جي اصلي رنگ جي ئي هُئي پر ان جي ٻاهران مختلف ڪناريُن تي ڪاشيءَ جُون ٽائيلُون ان کي پاڪستاني اڏاوت جي سُونهن ڏئي رهيُون هيُون. پاڪستاني سفارتخاني جي هن عمارت جو افتتاح 25 جُون 2003ع تي پاڪستان جي تڏهوڪي صدر پرويز مُشرف ڪيو. جنهن جي تختي به عمارت ۾ اندر لڳل آهي. هتي پهچڻ تي به هلڪي هلڪي بُوند برهه جي بهار لڳي رهي هئي. واشنگٽن لاءِ ته اهو بهار هو، پر اسان لاءِ پوهه پاري کان گھٽ ڪونه هو. مُک عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي مٿي ٿياسِين ته نديم هوتيانا صاحب پنهنجي روايتي گرمجوشيءَ واري انداز سان اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هتي پهچڻ سان اسان جي محسُوسات ئي مَٽجي وئي. اوهان کوڙ ديس واسين کي اهو چوندي ٻُڌو هُوندو ته پرديس ۾ ڪو پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ ڀلي اهڙو به ملي، جنهن جو تعلق اسان جي مُلڪ جي آخري ڇيڙي سان هُجي، پر ان سان پنهنجائپ جو عجيب احساس محسُوس ٿيندو آهي ۽ اهو پرڏيهه ۾ پنهنجو گھر ڀاتي لڳڻ لڳندو آهي. اسان به پاڪستاني سفارخاني پهچي ايئن محسُوس ڪري رهياهُئاسِين، ڄڻ پنهنجي گھر ۾ پهتا هُجئون. سفارتخاني جي وڏِي، ويڪري عمارت... داخل ٿيڻ سان وڏو ايوان... ويڪري ڏاڪڻ... اندر رکيل فرنيچر به پنهنجو نج پاڪستاني ۽ وڇايل قالين يا سينٽر پِيس به سؤ سيڪڙو ديسِي... اسان کي هوتيانا صاحب گائيڊ ڪري مٿي پهرين منزل تي وٺي آيو. اتي به وڏي ايوان اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جنهن کي ڪراس ڪري اسان هڪ وڏي مِيٽنگ هال ۾ داخل ٿياسِين. جنهن جي وچ ۾ رکيل وڏي ميز جي ٻنهي پاسن کان اسين ويٺاسِين. سامهُون مُک ڪُرسيءَ جي ٻنهي پاسن کان پاڪستان ۽ امريڪا جا جھنڊا لڳل هُئا. اسان جي ويهڻ کان پوءِ پريس اتاشي، پاڪستاني سفير، جلِيل عبّاس جيلانيءَ کي وٺي آيو.
جليل عبّاس جيلاني اصل ملتان جو آهي، جيڪو اتي 2 فيبروري 1955ع تي ڄائو. هُو امريڪا ۾ پاڪستان جو 22هون سفير آهي، جنهن کي صدر ممنُون حسين جي نامزد ڪرڻ تي ان حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر 2013ع کان اڄ تائين امريڪا ۾ پاڪستان جو سفير آهي. پرڏيهي آفيس جو وسيع تجربو رکندڙ ۽ ڏکڻ ايشيائي معاملن جي ماهر جليل عبّاس جيلانيءَ جو تعلق هڪ بيوروڪريٽ خاندان سان آهي. هن جو پيءُ، مخدُوم مظهر حسين جيلاني پبلڪ سروس ڪميشن آفيس رهيو. سندس ڀاءُ اصغر حسين جيلاني پنجاب جو چيف سيڪريٽري رهيو، جڏهن ته پاڪستان جو اڳُوڻو چيف جسٽس، جسٽس (ر) تصدُق حسين جيلاني سندس مامو آهي. جليل عبّاس، پاڪستاني سفير ٿيڻ کان اڳ مارچ 2012ع کان ڊسمبر 2013ع تائين، پاڪستان جو فارين سيڪريٽري رهيو. هُو مارچ 1979ع ۾ پاڪستان فارين آفيس ۾ گھڙيو. هن 1981ع کان 1882ع تائين سيڪشن آفيسر، 1991ع کان 1992ع تائين وزيرِاعظم سيڪريٽيريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، 1991ع کان 1995ع تائين ڊائريڪٽر، 2003ع کان 2007ع تائين، ڏکڻ ايشيا ۽ سارڪ جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ 2005ع ۾ پاڪستاني سرڪار جي پرڏيهي معاملن جي ترجمان جي حيثيت سان پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏنيُون. هُو 1983ع کان 1985ع تائين جدي (سعُودي عرب)، 1985ع کان 1988ع تائين لنڊن (برطانيه)، 1995ع کان 1999ع تائين واشنگٽن (امريڪا)، 1999ع کان 2003ع تائين دهلي (ڀارت) ۽ 2007ع کان 2009ع تائين آسٽريليا ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر، قائم مقام هاءِ ڪمشنر، فرسٽ قونصل ۽ قائم مقام سفير جي مختلف عهدن تي ڪم ڪري چُڪو آهي.
جليل عبّاس جيلاني، اسان سڀني سان ڌار ڌار هٿ ملائي، مُصافحو ڪري، پوءِ مُک ڪُرسيءَ تي ويٺو. نديم هوتيانا به اسان سان گڏ انهن نشستن تي ويٺو ۽ هن ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿيو. سفِير اسان سڀني کي کيڪاري، ڀليڪار ڪري اسان کان تعارف پُڇيو ۽ اسان مان هرهڪ مُختصر مُختصر پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو. سفير ڳالهائڻ شرُوع ڪيو ۽ پاڪستاني ميڊيا جي اثرائتي ڪردار، جن حالتن ۾ پاڪستاني صحافت وڌي ويجھي پئي، انهن حالتن، پاڪستان ۾ رپورٽنگ جي چئلينجز، امريڪا ۾ پاڪستاني ساک، پاڪستاني حڪمرانن جي امريڪي حڪمرانن سان تعلقات، پاڪستان لاءِ امريڪي امداد ۽ واپار وارن لاڳاپن تي گڏيل سڏيل انداز ۾ لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ ڳالهايائين. مُون سميت اسان جي گرُوپ جي هر ساٿيءَ اها ڳالهه محسُوس ڪئي، ته ايمبيسيڊر ان سڄيءَ ڳالهه ٻولهه دؤران انتهائي مُحتاط انداز ۾ ڳالهايو ۽ هر جُملي ادا ڪرڻ کان اڳ جهڙوڪر هُن سوچي سمجھي لفظ گڏ پئي ڪيا، ته ڪٿي ڪا غلط ڳالهه نه ڪري وجھان. شايد هُو ان ڪري مُحتاط هو جو پاڪستاني صحافين کان ڪا به توقع ڪري سگھجي ٿي ته هُو سندس چيل ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڪهڙي انداز ۾ ٿا وٺن ۽ پنهنجي مرضيءَ سان نه ڇاپي يا نشر ڪري ڇڏين. نه رڳو اهو، پر هُو هن سڄي مُلاقات ۾ ڪجهه حد کان وڌيڪ سڌو ۽ شريف به لڳو. هُونءَ فارين سروسز ۾ جليل عبّاس جيلانيءَ جي باري ۾ سندس شرافت جو تاثر عام آهي.
سفير جي ڳالهه پُوري ٿيڻ کان پوءِ اسان به هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ کانئس سوال ڪرڻ شرُوع ڪيا. سوالن ۾ اڪثريت انهن ڏينهن دؤران پاڪستان جي ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي امريڪي دؤري جي حوالي سان هئي (جيڪو ان وقت نيُويارڪ ۾ هو، جنهن وقت پاڪستاني سفير اسان سان ڳالهائي رهيو هو) مُون کانئس جيڪي هڪ اڌ سوال ڪيا، اهي امريڪا وٽ پاڪستاني تاثر جي حوالي سان هُئا، جنهن جي اونَ هر پاڪستانيءَ کي هئڻ گھرجي، پر بدقسمتيءَ سان ناهي. سفير ڏاڍي سنجيدگيءَ ۽ شائستگيءَ سان اسان جي سوالن جا جواب ڏنا. جڏهن اسان جا سُوال جواب پُورا ٿيا ته ايمبيسيڊر جيلانيءَ اُن مِيٽنگ هال جي آخري ڇيڙي طرف اشارو ڪندي اسان کي چيو ته ”اسان اوهان جي تواضح جو انتظام ڪيو آهي، سو اچو ته چانهه پيئُون..“ سندس اهو چوڻ تي اسان مان لڳ ڀڳ هرڪنهن معصُوميت مان کيس چيو: ”مسٽر ايمبيسيڊر! اسان کي يقين نه ٿو اچي ته واشنگٽن ۾ اسان کي ڪو چانهه جي صلاح ڪري رهيو آهي. نه ته جتي ٿا وڃُون، ته ڪو پاڻي به ڪونه ٿو پُڇي..“ اها ڳالهه شرُوع ته الائي ڪنهن ڪئي، پر اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن جا سُورَ، ته ڪنهن جا پُورَ ته ڪنهن جا گھوڙا عشق جا جاڳي پيا ۽ هر ڪنهن ان ترنم سان سُر ملايو. سفير کلي چيو: ”اوهان هتي آيا آهيو، جهڙوڪر پنهنجي گھر ۾ آيا آهيو، تنهن ڪري اوهان بي حجاب ٿي کائو پيئو. اُميد آهي ته اوهان کي ريفريشمينٽ وڻندي!“ اسان ريفريشمينٽ بُوفي طرف نهار ڪئي ته اڇيُن ورديُن سان طُرا پائي بيٺل خدمتگار جهڙوڪر اسان جي خدمت لاءِ آتا بيٺا هُئا ۽ اسان کي انتظاري اکين سان نهاري رهيا هُئا. اسان سُرِي بُوفي ۾ ڏٺوسي ته خوشيءَ جي انتها نه رهي. ايئن لڳو، ڄڻ پاڪستان پهچي ويا هُجئُون، ڇو ته ريفريشمينٽ ۾ سموسا، پڪوڙا، جليبيُون، ديسي انداز وارا بسڪيٽ ۽ سينڊوچ هئا، جيڪي پڪ سان سفارتخاني جي بورچين ئي ٺاهيا هُوندا. ايئن ٿي لڳو ڄڻ رمِضان هجي ۽ اسان لاءِ افطاريءَ جو اهتمام ڪيو ويو هجي. انڌو الله کان ڇا گھُري؟ ٻه اکيُون... اسان هيڏن ڏينهن کان پوءِ هي سڀ ديسي شيُون ڏٺيُون ته دل کولي کاڌِيون ۽ گڏوگڏ چانهه جُون سُرڪِيون به هنيُون. هن تواضح واري سيشن ۾ به ڪجهه دير سفير اسان سان گڏ رهيو. جيتوڻيڪ هن اسان سان گڏ چانهه نه پيتي، پر انتهائي خوشگوار مُوڊ ۾ بيٺي ڪچهري ٿي ڪيائين ۽ تصوِيرُون پئي ڪڍرايائين. باقي نديم هوتيانا اسان سان چانهه ۽ ريفريشمينٽ ۾ ڪمپني ڪئي. اسان هوتيانا کي کلي چيو: ”هڪ اوهان جي گھر ۽ ٻيو هتي اچي اسان کي انتهائي پنهنجائپ جو احساس ٿيو ۽ ايئن لڳو ڄڻ اسين پاڪستان ۾ هجُون.“
هن مِيٽنگ هال کان نڪرڻ تي ان ساڳئي وڏي ايوان ۾ رکيل فرنيچر ۽ سائيڊ ٽيبل شوپِيسز سان دل کولي فوٽوگرافي ڪرائي. انهن سووينيئرس ۽ شوپِيسز ۾ لاهور وارِيءَ بادشاهي مسجد جو پتل جو ٺهيل سُهڻو ماڊل ۽ هڪ توپ جو اهڙو ئي پتل جو ماڊل شامل هئا. پاڪستاني سفارتخاني مان اسان کي ورِي اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي واشنگٽن واري دفتر پهچڻو هو، جتي اڄ هڪ اهم ڊسڪشن سيشن هو. مائي اينان وري بچت ڪندي، پاڪستاني سفارتخاني پهچڻ تي ڪوسٽر واپس موڪلي ڇڏي هئي ۽ هتان اسان کي اِيسٽ ويسٽ سينٽر ٽيڪسين ۾ گرُوپن جي صُورت ۾ وڃڻو هو. مائي اينان اُن سيشن ۾ پهچڻ ۽ خاص طور اسان جي اُنهن ساٿين کي ان سيشن ۾ پهچائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ (جيڪي اُن سيشن جا پينلسٽ هئا) اسان کي اهو چئي تڪڙي نڪري وئي، ته اوهان پاڻ ٽيڪسيءَ ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر پهچو. مائي اينان سان اسان جي ساٿين جو هڪ 3 ۽ هڪ 4 جو گرُوپ ٻن ٽيڪسين ۾ روانو ٿي ويو. باقي رهياسِين اسان ٽي ڄڻا يعني مان، اشفاق آذر ۽ ضياءالرحمٰن، جيڪي تيسيتائين نديم هوتيانا سان ڪمپني ڪندارهياسِين، جيسين سفارتخاني جو ملازم اسان لاءِ ٽيڪسي ڪرائي نه آيو. شام جا 5 ٿي چُڪا هئا ۽ ٻاهر بارش وري ڌماڌم جاري هئي. هيءَ ٽيڪسي، جيڪا اسان کي پاڪستاني سفارتخاني کان اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي آفيس تائين کڻي هلڻ لاءِ آئي هئي، ان جو سفر به ڏاڍو دلچسپ هو... خاص ڪري ٽيڪسي ڊرائيور سان اسان جي ڪچهري، جنهن جو احوال اوهان کي ايندڙ هفتي ڏبو.

No comments:

Post a Comment