Saturday, July 21, 2012

سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ - زيب سنڌي




سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ

ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفرنامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود هئي، جهڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ تائين به موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي سفر تي نڪتو، ته سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي ليکڪ جو سفرنامو به نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي لڳاتار سفر ۽ سفرناما لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.


دنيا ته گهڻائي ماڻهو ڏسن ٿا ۽ اهي گهمي ڦري، ڏسي وائسي، کائي پي، عياشيون ڪري موٽي اچن ٿا، پر الطاف شيخ پنهنجي هر سفر جون يادگيريون کڻي موٽي ٿو ۽ جڏهن هو اهي يادگيريون سنڌ واسين سان ونڊي ٿو، ته سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو به ڪري ٿو. سندس اهو سلسلو چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ۽ ستر کن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪڏهن به ڪو نماءُ يا نعريبازي ناهي ڪئي. سندس سنڌ سان محبت ڪنهن به نعري کان مٿاهين آهي. پنهنجي مٽيءَ سان محبت سندس خمير ۾ موجود آهي ۽ دنيا جا داستان ٻڌائيندي به سنڌ کي ساريندو رهي ٿو. هو ڏورانهن ڏيهن جا سفر ڪندي به نه فقط سنڌ کي ساري ٿو، پر جڏهن انهن ملڪن جا احوال اوري ٿو ته گڏوگڏ سنڌ جو ذڪر به ڪندو رهي ٿو. هو دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾ هجي، سنڌ سندس سار ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي ته سندس ڪيترن ڪتابن جا نالا ڏيهه کان پرڏيهه جي عڪاسي به ڪن ٿا. جيئن؛ مڪليءَ کان ملاڪا تائين، ملير کان مالمو، ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن، نيو هالا کان نيويارڪ، ڪراچيءَ کان ڪوڪورا ۽ بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور.
هڪ سياح ۾ نه فقط ڪنهن ماڳ کي ڏسڻ جو تجسس موجود هجڻ گهرجي، پر ڪنهن نئين سماج، شهر ۽ ملڪ کي پنهنجائپ واري انداز سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت به هجڻ گهرجي، جيڪا بيشڪ ته الطاف شيخ وٽ آهي. جيئن هن سفرنامي جي پهرين ئي صفحي تي الطاف لکيو آهي، ”پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾ ۽ ويندي چندرو موهيناڻيءَ جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان، جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان.“ اسان جو هي سنڌباد سيلاني الطاف، جيڪو ڪجهه ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو، سو جيئن جو تيئن اسان سان ونڊيندو رهي ٿو.
هن سفرنامي ۾ جتي بمبئيءَ جي روڊن رستن، درگاهن، اسپتالن، يونيورسٽين، لائبريرين جو ذڪر آهي، اتي بمبئيءَ جي راڳين، اداڪارن، سئنيمائن، فلمن،  فلم اسٽوڊيوز جو ذڪر به ملي ٿو. الطاف پنهنجي پڙهندڙن کي بمبئيءَ جو سير ڪرائيندي جتي بمبئيءَ جي تاريخ تي نظر وجهي ٿو، اتي هو بمبئيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ جا ورق به ورائي ٿو، جو انگريزن جي دور ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ، بمبئيءَ سان لاڳاپيل رهي هئي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو. هي ڪتاب پڙهندي نه فقط ڄاڻ ملي ٿي، پر پڙهندڙ پاڻ کي بمبئيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي به محسوس ڪندو، ته الطاف جي اثرائتي تحرير سبب ماڻهن سان ملندي به محسوس ڪندو. هن ڪتاب ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اهم توڙي ناميارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مشهور ناول ”شانتا رام“ جي آسٽريلوي ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جو ذڪر به انتهائي دلچسپ انداز سان موجود ملي ٿو. ناول نگار رابرٽس، جيڪو هڪ مشهور ڌاڙيل مان ليکڪ بڻيو هو ۽ اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
بمبئيءَ ۾ ته منهنجو دوست منوهر مٽلاڻي به رهي ٿو، جنهن بابت گذريل چوٽيهن سالن کان مان لاعلم هئس. منوهر جي ۱۹۷۷ع ۾ لاڙڪاڻي کان هليو وڃڻ کان پوءِ، مون کي ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي! پر الطاف شيخ جي هن سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ مون کي منهنجو وڇڙيل دوست ڳولي ڏنو آهي. الطاف پاران اِي ميل ڪيل هن ڪتاب جو مواد پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. هن ڪتاب مان ئي مون کي پهريون ڀيرو  خبر پئي آهي ته هند جو ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گهر سامهون رهندڙ اهوئي ٻلديو آهي، جنهن جي امڙ ڪوشيلا منهنجي امڙ جي سهيلي هئي ۽ منهنجو دوست منوهر، جيڪو ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ آهي، اهو به ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي ۽ منوهر مٽلاڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عجيب اتفاق آهي ته منهنجو دوست منوهر، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اهوئي ساڳيو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائي ٿو، جيڪو حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ ڪاليج ۾ مان پڙهايان ٿو!
هي مهاڳ لکندي منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر کي ياد ڪري، جنهن سان گڏ نه فقط لاڙڪاڻي شهر ۾ رلندو هوس، پر روز شام جو اسان پاڙي جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ رانديون به ڪندا هئاسين. سچ ته مان الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب ۾، منهنجي ننڍپڻ جي هڪ وڇڙيل دوست سان مون کي ملايو آهي. جيڪڏهن وقت ۽ قسمت ساٿ ڏنو، ته مان الطاف شيخ جي پيچري تي هلي، ڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي وڇڙيل دوست منوهر مٽلاڻيءَ سان ملڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ضرور ويندس ۽ جنهن ڏينهن مون منوهر کي ڀاڪر وڌو، تڏهن سمجهندس ته سڄي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ به آهي!
سفر انسان تعليم خاطر ڪري، ڌنڌي روزگار لاءِ يا سياحتي مقصد سان، سفر جو مزو هو تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ تجسس هجي ٿو. الطاف شيخ وٽ ته تجسس واري اها نظر آهي، جو باقي دنيا ته ڇڏيو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ به ڪيڏانهن وڃي ٿو ته سندس اکين ۾ هڪ سياح وارو تجسس هجي ٿو. اهوئي سبب آهي ته مان حيدرآباد جي جنهن علائقي قاسم آباد ۾ رهان ٿو، ان علائقي جو ذڪر الطاف شيخ جي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ پڙهيو هوم ته ائين لڳو هو، ڄڻ منهنجي اوڙي پاڙي جا رستا هڪ نئين انداز سان مونکي الطاف شيخ ڏيکاريا هجن! ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڏينهن الطاف حيدرآباد آيو ته اهو سڄو ڏينهن مان ساڻس گڏ هيس. کيس ڪجهه ليکڪ دوستن سان ملڻو هو، جن جا گهر منهنجا ڏٺل هئا، ان ڪري مان ڄڻ قاسم آباد ۽ سندس گائيڊ ٿي ساڻس گڏ هليو هئس. قاسم آباد جي انهن ساڳين ئي رستن تان، جتان اڳ به الطاف ڪيئي ڀيرا گذريو هوندو ۽ جن رستن جو هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر به ڪيو آهي، انهن ئي رستن تي هو بار بار گاڏي روڪرائي هيٺ لهي ٿي پيو ۽ مون کي به ٻانهن کان ڇڪي، ڪنهن نه ڪنهن واٽ ويندڙ کي پنهنجون ٻه ڪئمرائون ڏئي، ٻنهي ڪئمرائن سان فوٽو پئي ڪڍرايائين! مون کي پڪ آهي، ته جيڪڏهن ان ڏينهن کي ساريندي الطاف ڪجهه لکيو، ته سندس اها تحرير پڙهندي مون کي اهوئي محسوس ٿيندو ته، ڄڻ ان ڏينهن مان هن جو گائيڊ نه هيس، پر هو منهنجو گائيڊ هيو ۽ هن منهنجي رهڻ وارو علائقو مون کي هڪ نئين (تجسس سان ڀريل سياح واري نظر) سان ڏيکاريو هجي!
منهنجا ڪيترا ئي شاگرد هن وقت عرب امارتن کان وٺي برطانيا ۽ آمريڪا تائين موجود آهن. انهن مان اڪثر اهو ٻڌائن ٿا ته کين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيهه وڃڻ لاءِ اتساهه مليو، منهنجو هڪ واپاري مائٽ هر سال دنيا جو ڪو نئون ملڪ گهمڻ ويندو آهي. هو جڏهن به ڪنهن نئين ملڪ جي سفر جي تياري ڪندو آهي، ته ان ملڪ ڏانهن اُسهڻ کان پهرين مون کان پڇندو آهي ته انهيءَ ملڪ بابت الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو آهي؟ ۽ جڏهن مان الطاف جي ڪتابن ۾ هٿ وجهندو آهيان، ته ان ملڪ بابت ڪونه ڪو سفرنامو موجود هوندو آهي. ڪجهه ملڪن بابت ته الطاف شيخ جا هڪ کان وڌيڪ سفرناما شايع ٿيل آهن، جيئن سندس هيءُ ڪتاب ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“، هندستان بابت سندس ٽيون ڪتاب آهي. دنيا جي اڪثر اهم ملڪن ۽ ماڳن جو ذڪر الطاف جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. توهان کي آمريڪا وڃڻو هجي يا انگلينڊ، يونان ڏسڻ جو شوق هجي يا اٽليءَ اُسهڻو هجي، سنگاپور ڏسڻ جي سَڌَ هجي يا هانگ ڪانگ جي، ايران جي مذهبي ماڳن ڏسڻ جي خواهش هجي يا ڀلي پار تان ڀيري جي، هر ملڪ بابت نه فقط تفريح، پر معلومات سان ڀرپور الطاف شيخ جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور ملي ويندو. سندس سفرناما دنيا ڏسڻ لاءِ ”پَرَ سهائيندڙ“ نوجوان به پڙهن ٿا، ته دنيا ڏسڻ جي حسرت رکندڙ ”پر وڃايل“ ۽ گهرن تائين محسوس ٿيل پوڙها به.
وقت سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾، تفريح سان گڏ ڄاڻ جو عنصر به وڌندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته اڳي سندس ڪرائون سائيز ۾ ڏيڍ ٻه سؤ صفحن جا ننڍا ڪتاب ڇپبا هئا، پر هاڻي سندس ڪتابن جي سائيز وڌڻ (ڊيمي سائيز ٿيڻ) سان گڏ انهن جي صخامت به وڌندي رهي آهي. سندس ڪي ڪتاب ته ۵۰۰ صفحن کان به مٿي جا آهن. نتيجي طور هو پڙهندڙ جي ذهن کي تفريح ۽ ڄاڻ سان سيراب ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ تشنگي نٿو محسوس ڪري. الطاف جي تحرير جي ٻي خوبي سندس ٻولي به آهي. بيشڪ ته سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن سان گذريو  آهي. مسلسل سفر بجاءِ ڪنهن ملڪ ۾ هو سالن جا سال به رهيو آهي، پر ان جي باوجود الطاف جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ناهي آيو. هو عام ڳالهائجندڙ سنڌي ڳالهائي ۽ لکي ٿو، ان ڪري سندس سفرناما عام پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول به آهن.
چون ٿا ته هر ماڻهوءَ جي هٿَ – تِريءَ تي قسمت جي ٻين ريکائن سان گڏ، سفر جي لڪير به هجي ٿي. مون کي هٿ ڏسڻ ته ناهي ايندو، پر هاڻي جڏهن به الطاف شيخ سان ملاقات ٿي، تڏهن سندس هٿ تي سفر واري ليڪ ضرور ڏسندس، ته اها ڪيتري طويل آهي، جو پاڻيءَ واري جهاز تي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو سفر ڪرڻ کان پوءِ به، سندس سفر کٽي ئي نٿو! هو نوڪريءَ تان ته ڪي سال اڳ رٽائر به ٿي چڪو، پر سندس سفر اڃا به جاري ساري آهي.
دعا آهي ته سندس هٿ تي سفر جي لڪير سلامت رهي، جيئن اسان جي هٿن ۾ سندس سفرناما پهچندا رهن.
۽ آخر ۾ هڪڙي ڳالهه.... ته جديد سنڌي ادب جي ٻن شعبن تي ٻه شيخ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڇانيل آهن، شاعريءَ تي شيخ اياز ته سفرنامن تي الطاف شيخ.

۲۲ فيبروري ۲۰۰۱ع                                          زيب سنڌي
 حيدرآباد، سنڌ                                          zaibsindhi@hotmail.com

No comments:

Post a Comment