Tuesday, July 10, 2012

چار ئي شير آمريڪا ۾ - الطاف شيخ


چار ئي شير آمريڪا ۾
الطاف شيخ
آمريڪي جهڙي ڏورانهين ڏيهه ۾ جتي ڪنهن زماني ۾ هم وطني ڪو ورلي ملندو هو، اتي اڄ ڪلهه، باوجود ڏکين اميگريشن قانونن، هوائي جهاز جي ڳرن ڀاڙن ۽ نوڪرين جي کوٽ جي، پنهنجا جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. نه فقط نيويارڪ، واشنگٽن، بالٽيمور، هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾ (جيڪي ڄڻ آمريڪا جا قاسم آباد ۽ نسيم نگر آهن) پر ننڍن ڳوٺن ۾ به. آمريڪا جي ڪن شهرن ۾ ته ڪن ذاتين وارا خاص ڪري ڏاهري، قلباڻي، فاضلاڻي، عباسي، ابڙا، چنا، لغاري، ميمڻ، شيخ ۽ سومرا ته ايترا آهن، جو لڳي ٿو ته اهي ذاتيون سنڌ جون نه، پر ڪولمبس پٺيان آيل اسپيني ماڻهن جون هجن.


ڪو زمانو هوندو هو، يعني سٺ جي ڏهاڪي جا آخري سال ۽ ستر جي ڏھي جا شروعاتي سال، جڏهن جهاز هلائڻ جي بهاني آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ رهڻو پوندو هو. پنهنجي هم زبان يا هم وطن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پئبو هو، ورلي ڪنهن شهر ۾ نظر ايندو هو. سو به نيويارڪ ۽ هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾. شهرن کان پري ٻهراڙيءَ ڏي نڪر ته پاڪستاني ته ڇا، پر انڊين به نظر نه ايندو هو ۽ هاڻ حال اهو آهي، جو آمريڪا جي ڳوٺن ۾ به انڊين ٽي وي چئنل پيا هلن. اڳ ۾ ڪو ڌاريو ملندو هو ته ان سان به زوريءَ زوريءَ پيو ملبو هو، هاڻ پنهنجي هم زبان سان ملڻ کان اڳ سوچڻو ٿو پوي ته پهرين ڪنهن سان ملجي. اسان جي ڳوٺ جي نينگري ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس گهوٽ ڊاڪٽر رمضان انڙ ڪيڏو خلوص سان پنهنجي آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندا رهيا، پر افسوس جو چئن مهينن دوران هنن وٽ وڃي نه سگهيس. اهو ئي سوچيندو رهيس ته ساڻن واشنگٽن ۾ SANA جي فنڪشن ۾ ٽي ڏينهن ڪچهري ٿي، هاڻ ٻين سان ملي، آخر ۾ هنن وٽ ضرور ويندس. پر آخر تائين ڏينهن کٽي پيا، ملڻ لاءِ نوان نوان ماڻهو نه کٽا. ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس فيمليءَ تي اڳتي هلي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، جيئن اسان جي اڄ جي نوجوانن کي اتساهه (Inspiration) ملي، ته ڪيئن ڳوٺ ۾ رهندڙ، گهٽ آمدني واري ليليٰ جي والد پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري.
آمريڪا ۾ منهنجي ملاقات هڪ ته سنڌ جي مختلف ماڻهن سان ٿيندي رهي، جيڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ، نوڪري چاڪريءَ يا تعليم خاطر هتي Set آهن ۽ ٻيو پنهنجي پراڻي ڪاليج ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿين سان، جيڪي نه فقط اسان جي پيٽارو اولڊ بئائز ايسوسيئيشن (Petarian) جا ميمبر آهن، پر هتي آمريڪا ۾ هڪ الڳ چئپٽر Pana جي نالي سان پڻ ٺاهيو آهي، يعني پيٽارين ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ ان کان علاوه جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي انهن جهازين سان جيڪي مون سان گڏ پڙهيا يا جن مون سان گڏ جهاز هلايا يا جيڪي منهنجا ملائيشيا ۾ شاگرد ٿي رهيا. انهن مان ڪيترا هتي Set آهن ۽ پنهنجي پروفيشن سان واسطو رکندڙ ڪم ڪن ٿا يا ان کي خيرآباد چئي، ٻيو ڪو ڌنڌو ڪن ٿا. جيئن پهرين به هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته اسان جي ڪجهه ساٿين جهازن جي ڏکين امتحانن يا سامونڊي ڏاکڙن کي منهن ڏيڻ بدران آمريڪا ۽ انگلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ٽئڪسي اچي هلائي يا برگر اچي وڪيائون ۽ اڄ هنن کي نه فقط انهن ملڪن جي Citizenship حاصل آهي، پر خوشحالي به ۽ اڄ به ان خوشحاليءَ ۽ پاسپورٽ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا جهڙن ملڪن ڏي رُخ رکن ٿا. مون کي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو مليو هجي، جنهن چيو هجي ته آمريڪا ۾ خوش نه آهي يا هو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هتي ولايت ۾ سڪون نه محسوس ڪندو هجي. ڪيترا ئي اهو ضرور چوندي ٻڌا ويا ته آمريڪا ۾ فزيڪلي گهڻو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، پر هنن کي هتي ذهني سڪون آهي. هنن جي چوڻ مطابق هتي سڪون سان عبادت ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي هر هڪ کي آزادي آهي. هتي محنت ۽ پورهئي جو سٺو اجورو ملي ٿو. امن امان آهي يا اسان جي ماڻهن کان اهو ضرور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پرديس ۾ رهي ڳوٺ جي ياد اچي ٿي. دوست احباب ياد اچن ٿا، پر ساڳي وقت اهو به چيائون ٿي ته ڳوٺ ۽ مائٽن جي سڪ ۾ هتان وڃجي ته ٿو، پر ڪجهه ڏينهن بعد اهڙو بيزار ٿيو پئجي، جو افسوس ڪرڻو ٿو پوي ته ڇو آياسين. “پاڻ وٽ ساڙ، حسد ۽ اڻ سهپ آهي. ان کان هتي سک چين آهي.” ڪيترن جي واتان اهو ٻڌم ۽ اسان جي ديسي ڪميونٽيءَ کي هتي عيد براد تي پاڻ ۾ ملندو ۽ enjoy ڪندو ڏسي لڳي ٿو ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي حقيقت پڻ آهي. ڪيترن کان ته جڏهن پڇيم ته عيد جهڙن ڏينهن تي توهان پنهنجن مائٽن کي ياد نٿا ڪريو ته اهو ئي جواب مليو ته سڀ هتي ئي ته آهن. نيو جرسيءَ ۾ جتي آئون رهيس ٿي، اتي پيٽارو جو مون کان گهڻو جونئر ۽ منهنجن ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطڙو جو دوست فلڪ شير به رهيو ٿي. هن وٽ اسان جي گهڻي اچ وڃ ٿي. بيحد قربائتو ۽ ٻين جو خيال رکڻ وارو نوجوان آهي. سندس ٻيا ٻه ڀائر ميجر خورشيد ۽ ڪوهه شير به پيٽارو جا پڙهيل آهن، هو پاڻ ۾ ڪل پنج ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون آهن. چوٿين ڀاءُ جو نالو ارض شير ۽ پنجين جو انجم شير آهي. سندن ٻن ڀينرن مان وڏي ڊاڪٽر شاهه جهان جيڪا LMC جي گريجوئيٽ آهي، پنهنجي مڙس حفيظ آرائينءَ سان گڏ لاهور رهي ٿي، باقي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر فردوس جيڪا ڊينٽل سرجن آهي، سا هتي نيو جرسي ۾ آهي. سندن والده فلڪ شير وٽ نيو جرسي ۾ آهي. عيد ويجهي اچڻ تي سندن والده کان پڇيم: “ادي توهان پنهنجن پٽن کي ته عيد تي ياد ڪندا هوندائون؟”
“ها وڏو پٽ جيڪو پيٽارو بعد آرمي ۾ ويو، اهو اسلام آباد ۾ آهي، ان کي ياد ڪندي رهان ٿي.” هن ٻڌايو.
“۽ باقي پٽن کي نه ڇا؟” مون سوال ڪيو.
“اهي هتي آمريڪا ۾ ئي آهن. منهنجو فقط خورشيد پاڪستان ۾ آهي، باقي چار ئي شير هتي آهن.” هن مرڪندي وراڻيو. سندس چرچي واري نموني ۾ نه فقط ڏنل جواب پر سندس پٽن جا نالا اسان سڀني کي وڻندا آهن. ڪو آسمان جو شينهن (فلڪ شير) ته ڪو جبل (ڪوهه) جو، تارن (انجم) جو ته ڪو ڌرتي (ارض) جو. فلڪ شير وارن جو اصل ڳوٺ خيرپور ميرس جي ڀرسان آهي، جتي سندن ڏاڏي علي بخش صاحب جو ۱۸۹۸ع ۽ والد عبدالله صاحب جو ۱۹۲۸ع ۾ جنم ٿيو. ۱۹۸۵ع ۾ سندن والد صاحب جي وفات بعد هي آمريڪا هلي آيا.
نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس
منهنجو هيءُ سفر ان ڳالهه ۾ گذريل سفرن کان بلڪل مختلف ان ڪري آهي جو اڳيان سفر ڊيوٽي (نوڪري) ڪري ڪرڻا پوندا هئا، جن ۾ سفر کي شيڊول مطابق رکڻ ضروري هو. انهن ۾ سفر قائم رکڻ لاءِ جهاز هلائڻو پيو ٿي. خرابيءَ جي حالت ۾ جهاز کي صحيح ڪرڻو پيو ٿي. يعني اسان جو سڄو وقت گهمڻ بدران جهاز جي سار سنڀال لهڻ پٺيان لڳو ٿي. ڪڏهن وقت بچيو ٿي ته ان ۾ ماڻهن سان ملي سفرنامي لاءِ خبرچار لکيم ٿي. پر هن سفر ۾ ماڻهن سان ملڻ ۽ خبرچار حاصل ڪرڻ لاءِ هي سفر ڪري رهيو آهيان. وقت، ڊيوٽي ۽ شيڊول کان هن دفعي بلڪل آزاد آهيان. هي سفر سفرنامي لکڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان. اهو ملڪ جتي ٽيٽيهه سال اڳ تائين جهاز وٺي اچڻ جي سلسلي ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، ان کي هڪ دفعو وري ڏسڻ آيو آهيان. ان وچ ۾ کڻي چئجي ته مسي سپي ندي، ڊيلاور ندي يا هڊسن ندي يا آمريڪا جي ٻي ڪا ندي کڻي کڻجي ته ان مان ڪافي پاڻي وهي چڪو آهي. سياسي ۽ سماجي طرح، ويندي مذهبي ۽ ٽيڪنالاجي طور، ڪافي تبديليون اچي چڪيون آهن. افغانستان مان روسين جو تڙجي وڃڻ، سوويت يونين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد آمريڪا اڪيلي سر دنيا جي طاقت بڻجڻ، نائن اليون جو حادثو، افغانستان سان لڙائي، عراق سان لڙائي، مسلمانن لاءِ اميگريشن جون سختيون، تيل جي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ پنهنجا ڪافي اثر ڇڏيا آهن ۽ ڪافي تبديليون آنديون آهن. ظاهري طرح به ته هن طرح به. انهن جو اثر مڪاني ماڻهن تي به پيو آهي ته ڌارين ۽ اميگرينٽس تي به.
آمريڪا پکيڙ جي خيال کان ڏٺو وڃي ته هڪ ملڪ نه، پر ڪئين ملڪ آهن ۽ واقعي ڪنهن زماني ۾ هن ملڪ جا الڳ حصا ۽ رياستون هيون. ڪي فرينچن حوالي ته ڪي ڊچ، هسپانوي ۽ انگريزن حوالي. پاڻ ۾ وڙهي جُهڙي، گڏجي، ڌار ٿي هاڻ وري سڀ هڪ ٿي ويا آهن. هاڻ يڪو هڪ ملڪ آهي، هڪ ئي حڪومت، فوج، سڪو ۽ ڪلچر آهي، جيتوڻيڪ ڪو ڪو قانون سڄي ملڪ جو ساڳيو آهي ته ڪو قانون مختلف رياستن جو ٿوريءَ گهڻيءَ ڦيرڦار سان الڳ آهي. الاسڪا ۽ هوائي رياستن کي ڇڏي، باقي جيڪي ۴۸ رياستيون هڪڙو ئي چَڪُ ٺاهين ٿيون. انهن ۾ چار ٽائيم زون آهن، يعني هڪ ئي ملڪ USA ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. ڪراچيءَ کان ڍاڪا تائين فاصلي ۾ هڪ ڪلاڪ کن جو فرق ٿو اچي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتر آمريڪا کنڊ جو هي ملڪ USA جنهن کي اسين عام طرح “آمريڪا” سڏيون ٿا، ٻين ملڪن کان ڪيڏو وڏو آهي. پاڻيءَ جي جهاز کي جتي ڪراچيءَ کان انڊيا جو سڄو اولهه وارو ڪنارو پورو ڪري، ڪولمبو (سريلنڪا) تائين پهچڻ ۾، اسان کي ٻه ڏينهن لڳندا هئا، اتي فقط آمريڪا USA جو اوڀر وارو ڪنارو پورو ڪرڻ ۾ يا فقط ڏاکڻي بندرگاهه هيوسٽن کان اتراهين بندرگاهه بوسٽن پهچڻ ۾، چار ڏينهن لڳي ويندا هئا ۽ هي ملڪ ويڪر ۾ يعني اوڀر واري شهر نيويارڪ کان اولهه واري شهر لاس اينجلز (يا سئن فرانسسڪو) تائين اٽڪل ساڍا چار هزار ڪلو ميٽر مفاصلو آهي، يعني ڪار رستي پهچڻ ۾ پنج ڏينهن لڳن ٿا. مون پنهنجو سفر اوڀر واري ڪناري وارين رياستن تائين محدود رکيو آهي. ڪنهن دوست يا سڃاڻوءَ جو مون کي پاڻ وٽ گهرائڻ جو فون آيو ٿي ته يڪدم نقشو ڏسي ڳالهائڻو پيو ٿي. آمريڪا لاءِ نڪرڻ کان اڳ اسان جي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند جو فون ايندو رهيو ته آئون پنهنجن ڀاڻيجن وٽ لهڻ بدران، پهرين هن وٽ ڪولوروڊو پهچان ۽ ڪجهه ڏينهن ترسي پوءِ نيو جرسي وڃان، جو ڪراچيءَ کان جنهن هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز ۾ آمريڪا وڃي رهيو هوس، ان جو ڪراچي کان آمريڪا (USA) جي ڪنهن به هوائي اڏي تي لهڻ جي ٽڪيٽ ساڳي هئي، پر آئون نيويارڪ جي هوائي اڏي JFK (جيڪو ڪينيڊي جي نالي آهي) تي لهي پيس، جو اتان نه فقط نيو جرسي رياست ويجهي آهي، پر ان جو اهو ڳوٺڙي جهڙو شهر اوينيل، پڻ جتي مون کي شروع جا ڏينهن پنهنجن ڀاڻيجن وٽ رهڻو هو.
آمريڪا جو “جي ايف ڪينيڊي” ايئرپورٽ سمجهو ته نيويارڪ رياست جي پوڇڙ واري علائقي Queens وٽ آهي، جيڪو بروڪلن سان ڳنڍيل آهي. ڪيئنس، بروڪلن، مئن هٽن، اسٽيٽن آئلينڊ ۽ برونڪس وغيره ننڍڙا ٻيٽ ملي نيويارڪ شهر ٺاهين ٿا. جي ايف JF ڪينيڊي ايئرپورٽ کان نيو جرسي جو اهم شهر نيوارڪ يا ڀروارا ننڍڙا ڳوٺ Avenel، ووڊ برج، Iselin، راهه وي، لنڊين، ڪولونيا وغيره ڪلاڪ ٻن جي پنڌ تي آهن. ايئرپورٽ تي لهي ڪار ذريعي ڪئنس کان بروڪلن ۽ پوءِ هڊسن نديءَ تي ٺهيل هتي جي مشهور پل ويرازانو (Verrazano Narrows) برج ٽپي، اسٽيٽن (Staten) ٻيٽ تي پهچي وڃجي ٿو. اسٽيٽن ٻيٽ تان پلين ۽ ڪراسنگ ذريعي ڪيترا ئي رستا، نيو جرسي جي لئنڊ تي پهچائين ٿا، جن مان آئوٽر برج ڪراسنگ ۽ Goethals پل پڻ آهن. وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو حصو آهي، اهو نيوارڪ خليج (Bay) سڏجي ٿو. اهو ٽپندي جهاز هلائڻ وارا پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا. جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي هن نيوارڪ خليج ۾ اچي لنگر ڪيرائبو هو. هڪ پاسي مئن هٽن جو پاسو هو ۽ پري کان آزاديءَ جو مجسمو پيو نظر ايندو هو ته ٻئي پاسي نيو جرسيءَ جو اهم ۽ مشهور هوائي اڏو نيوارڪ. تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ويجهو هجڻ ڪري نيو جرسي جي بندرگاهه نيوارڪ جي ايتري اهميت نه هوندي هئي پر هاڻ ته هڪ ٻئي پويان هوائي جهازن کي نيوارڪ جي هوائي اڏي تي لهندو چڙهندو ڏسي، تعجب ٿو لڳي. بلڪ هن پهرين ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر ۾ ئي پنهنجيون وايون بتال ٿينديون محسوس ٿين ٿيون. چوڌاري اوچيون اوچيون عمارتون، ور وڪڙ کائيندڙ رستا ۽ انهن رستن تان ڦٽندڙ انيڪ برانچ Exit روڊ ۽ ٻاهران ڌوڪي ايندڙ رستا ۽ انهن رستن تي ٽريفڪ جو اڻ کٽندڙ سلسلو، وڏيون مهانگيون ۽ نئين ماڊل جون ڪارون، خاص آمريڪا لاءِ ٺهيل، قدم قدم تي چمڪندڙ ۽ ڀڙڪيلا پوسٽر، فئڪٽريون، چين اسٽور، هوٽلون، موٽلون ۽ خوبصورت ريسٽورينٽون ڏسي، آئون گهٻرائجي وڃان ٿو ته آئون ڪيئن گهمي ڦري سگهندس. آئون پنهنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪرڻ لڳس جيئن ڇاڇري يا ڇلگرين جهڙي ڏورانهين ڳوٺ جو ڪو ڳوٺاڻو، پهريون دفعو ڪراچيءَ جي ڪنهن پيهه پيهان واري علائقي ۾ اچي نڪري. آئون هتي جي پٽن سان هڪ دفعو وري فئميلر ٿيڻ تائين، اهو سوچيندو رهيس ته اڄ کان ۳۳ سال اڳ تائين هتي جي شهرن ۾ پهرين ڏينهن ئي ڪيئن نه اڪيلو گهمڻ لاءِ نڪري پوندو هوس. اڄ جي آمريڪا جي ٽرئفڪ، عمارتون ۽ هڪ ٻئي هيٺان مٿان لنگهندڙ رستا ڏسي، جيڪو مون تي خوف طاري ٿي رهيو آهي، ان جو سبب آمريڪا جو وڌيڪ Urbanized ۽ ماڊرن ٿي وڃڻ آهي يا منهنجو پوڙهو ٿي وڃڻ. دنيا جا شهر ڪيڏو تيز رفتاريءَ سان وڌي رهيا آهن. ويندي اسان جو ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ پشاور پڻ.
آمريڪا مفاصلن جو ملڪ
آئون جڏهن پهريون دفعو ۱۹۶۹ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ رهي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس، ته منهنجو والد (گل محمد شيخ) پنهنجي تعليم جي ڏينهن واري نيويارڪ بابت مون کي ٻڌائڻ لڳو. پندرهن سال اڳ وارو اهو نيويارڪ مون کي پنهنجي وقت جي نيويارڪ جي مقابلي ۾ هڪ ڳوٺڙو ٿي لڳو. ۱۹۷۲ع تائين منهنجو نيويارڪ وڃڻ ٿيندو رهيو ۽ هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد جي هن نيويارڪ ۽ نيوارڪ کي ٿو ڏسان ته هو مون وارو نيويارڪ به اڄ جي نيويارڪ جي مقابلي ۾ ڳوٺ هو. ايڏي ٽرئفڪ، ايترين لارين ۽ موٽرن کي رستن تي ميلن جي قطارن ۾ هڪ ٻئي پويان ويندو ڏسي آئون پنهنجي ڀاڻيجي ثمير کان پڇان ٿو ته ڪي آمريڪن گهرن ۾ به آهن يا سڀ رستن تي نڪري آيا آهن. رامچند کان ڪولوروڊو کان فون ايندو رهي ٿو ۽ هتان ڪراچيءَ کان سندس ڀاءُ نولراءِ اوڏ جو به ته آئون ڪولوروڊو ضرور وڃان. آئون آمريڪا جي نقشي تي نهار ڪيان ٿو. مار! ايڏو پري ۽ هاڻ ڊاڪٽر رامچند جي فون اچڻ تي کيس چوان ٿو ته، نه بابا! ايڏو پري تو وٽ ڪير ايندو؟
“يار ڪمال ٿو ڪرين! پري ته سان فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس آهي!! اسان ته پنجن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهيون.” رامچند پنهنجي ڌيرج واري اسٽائيل ۾ سمجهائي ٿو ۽ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳي ٿو ڄڻ ڪراچي کان ڪنڊيارو يا دادو جيترو فاصلو هجي. اهي به ته پنج ڪلاڪن جي پنڌ تي آهن پر پوءِ يڪدم هوش اچيو ٿو وڃي، نيويارڪ کان ڪولوروڊو جتي رامچند رهي ٿو، ايترو وڏو فاصلو آهي. جو سڄي پاڪستان کي ڊگهو ڪري ان جي وچ ۾ رکجي ته، به گهڻي جاءِ بچي.
“ڇا مطلب! پنج ڪلاڪ؟” مون حيرت مان سوال ڪيو.
“جي ها، پنج ڪلاڪ.” رامچند ان ساڳي ٿڌاڻ واري لهجي ۾ جواب ڏنو، “منهنجو مطلب آهي باءِ ايئر.”
“نيويارڪ کان تو وٽ اچڻ کان ته بهتر آهي، ته ان ڀاڙي ۾ ٻئي سال ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هليو وڃان. مفاصلو ۽ هوائي ڀاڙو ساڳيو آهي، پلس ملائيشيا ايئر ڪمپني ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهائش مفت ٿي ڏئي.” مون کلندي رامچند کي ٻڌايو.
سو امريڪا (USA) مفاصلن جو ملڪ آهي، جيڪو چوي ٿو آئون توهان جي ويجهو رهيل آهيان، سو به گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن ميل توهان کان پري هوندو. رميش ٿارواڻي نيو جرسي کان واشنگٽن، عرفان جماڻي واشنگٽن کان بالٽيمور يا فلڊلفيا ۽ فلڪ شير ورجينا کان ائٽلانٽڪ سٽي. مون کي ائين وٺي هلندا هئا، ڄڻ ڪلفٽن کان ايمپريس مارڪيٽ يا قاسم آباد کان سنڌ يونيورسٽي پيا هلون. اهو آهي ته آمريڪا ۾ هر هڪ وٽ نئين گاڏي آهي (اوڌر تي ئي ورتل صحيح)، بهترين رستا آهن (جن تي هلڻ جو هر سڏ پنڌ تي ٽئڪس Toll ڏيڻو پوي ٿو). قاعدو قانون آهي (جنهن جي خوف کان ئي سهي) هر هڪ مزي سان گاڏي هلائي ٿو ۽ ايڏو ٿڪ نٿو ٿئي. هاڻ ته اردو ۽ هندي گانن جي FM اسٽيشن به کلي وئي آهي. سوين انگريزي ريڊيو اسٽيشنون هڪ طرف، هيءَ ديسي اسٽيشن ٻئي طرف، جنهن تان هر وقت وڄندڙ هندي گانن ۽ پاڪستاني غزلن جي ڌم تي، اسان جا ماڻهو گاڏيون هلائيندا رهن ٿا، سفر طئي ڪندا رهن ٿا.

مائرن کي ننڊ جي دوا ڏيڻ کپي
اسان جو جهاز نيويارڪ جي JFK ايئرپورٽ تي صبح جو نائين وڳي ڌاري پهتو. هيءَ فلائيٽ يورپ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پاسي واري ملڪن لاءِ سڀ ۾ بهتر آهي. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي جا اهم ۽ مشغول ماڻهو هن وقت نيويارڪ پهچي، سڄو ڏينهن آفيس يا بزنس جون ميٽنگون اٽينڊ ڪري شام ڌاري هن ئي جهاز ۾ يورپ، آفريڪا يا ايشيا موٽيو وڃن. ايندي وقت جڏهن سڄي رات هوائي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندو رهي ٿو ته هو پنهنجي ننڊ پوري ڪن ٿا، جيئن صبح جو فريش ٿي پنهنجي ڪم تي پهچي وڃن. اسان جي پوئين سيٽ تي ويٺل هڪ ايشين فيملي جو ننڍو ٻار رکي رکي روئي رهيو هو. مون ڏٺو ته اوسي پاسي ۾ ويٺلن کي اها ڳالهه نٿي وڻي جو هنن جي ننڊ ڊسٽرب ٿي رهي هئي. اهڙن موقعن تي عورتن کي کپي ته ٻارن کي ڪجهه اهڙي دوا پيارين جيئن هنن کي هنن ڊگهين اڏامن ۾ ننڊ اچي وڃي ۽ ماءُ توڙي ٻيا مسافر سک ۾ سفر ڪري سگهن. خاص ڪري اهي جن کي جهاز مان لهي، گهر وڃي ننڊون ڪرڻيون نه آهن، پر سڌو آفيس ڏي ڊوڙڻو آهي، جتي اهم ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻيون آهن. ان جو احساس مون کي ان ڪري به گهڻو ٿئي ٿو جو هڪ دفعي مون کي پنهنجي ڪراچي آفيس طرفان جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ هوائي جهاز رستي جپان موڪليو ويو. منهنجي ٽوڪيو لاءِ ڪراچيءَ کان فلائيٽ شام جو هئي. سڄو ڏينهن آفيس ۾ گذاري، شام جو ايئرپورٽ پهتس. سڄي رات سمهڻ جو آسرو هو، پر چوماسي (Monsoon) وارين هوائن ۽ طوفانن ڪري منيلا (فلپين) تائين سڀني مسافرن جي حالت خراب رهي، ان بعد جڏهن موسم ۽ جهاز ۾ سڪون طاري ٿيو ته منيلا مان سوار هڪ فيملي جا ڏيڍ ٻن سالن جا ٻار روئيندا رهيا ۽ سڄي سفر ۾ ننڊ نه برابر ٿي سگهي. ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لٿس ته مٿي ۾ سور کان علاوه اکيون پوسريون ٿي. دل چيو ته هوٽل ۾ سامان رکي، ڪجهه ڪلاڪ سمهي رهان، پر ايئرپورٽ تان وٺڻ لاءِ آيل مڪاني آفيس جو انچارج مون کي سڌو جهاز تي وٺي آيو. ظاهر آهي ان وقت نو ٿي چڪا هئا. جهاز جا آفيسر توڙي جپان جي شپ يارڊ جا ڪم وارا اٺين وڳي کان جهاز تي پهچي چڪا هئا ۽ ڪيترن اهم ڪمن کي شروع ڪرڻ لاءِ انهن تي بحث مباحثو ڪري آخري فيصلو ڪرڻو هو ۽ هتي هڪ هڪ منٽ قيمتي هو، سو حالتون ڪٿي ٿيون ڪلاڪ ٻن لاءِ سمهڻ ڏين. سڄو ڏينهن جهاز جي انجڻين ۾ هلندڙ ڪم جي چڪاس ۽ اهم مسئلن تي ميٽنگون هلنديون رهيون، پر رکي رکي مون کي اهو ئي خيال ايندو رهيو ته منيلا مان چڙهندڙ ان فلپيني ماءُ مون جهڙن مسافرن سان ڪيڏو ته ظلم ڪيو. جهاز ۾ چڙهڻ سان ڪاش هوءَ جيڪر پنهنجن جاڙن ٻارن کي ڪا دوا پياري سمهاري ڇڏي ها. ميڊيڪل سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي، امل جهڙو نشو گهوٽي ٻارن کي پيارڻ بدران ضرور ڪي دوائون ايجاد ٿي چڪيون هونديون، جن جا چند ڦڙا ٻار کي پرسڪون ۽ گهاٽي ننڊ ڏياري سگهن ٿا. هوائي جهاز مان لهڻ بعد پاڻ مائي ته وڃي گهر ۾ آرامي ٿي هوندي. منجهند جي ماني به پاڻ رڌڻ بدران هوٽل تان گهرائي هوندائين، باقي اسان کي سڄي ڏينهن جا سور ڏئي ڇڏيائين.
بيماريءَ جو گهڻو راڳ نه ڳايو
اسان جو هي جهاز دبئي کان اڏاڻو به ڏيڍ ڪلاڪ دير سان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پائلٽ ڪجهه رفتار وڌائي نيويارڪ ايئرپورٽ (JFK) تي صحيح وقت تي آڻي لاٿو، پر دبئيءَ ۾ جهاز جي اڏام ۾ Delay ٿيڻ تي مسافرن ۾ سخت پريشاني ۽ بي چيني هئي ته نيويارڪ پهچي جيڪي هنن کي مقرر وقت موجب ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻيون آهن يا بزنس Deals ڪرڻيون آهن، انهن جو ڇا ٿيندو. دير ان ڪري ٿي جو جهاز ۾ چڙهندڙ هڪ ٻار کي الٽيون اچي ٿيون. هي پاڪستاني فئملي هئي، جنهن ۾ ماءُ پنهنجن چئن ٻارن ۽ پوڙهي سس ۽ سهري سان ڪراچيءَ کان سفر ڪري رهي هئي. دراصل هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي هڪ ته اڳهين Air- Sickness جو عارضو هو، ويتر ڪراچي کان دبئي تائين ڪجهه موسم صحيح نه هجڻ ڪري، هن کي پورو ٽائيم اٻڙڪا ۽ الٽيون هلنديون رهيون. ايتري قدر جو هن جهاز ۾ مليل ماني به نه کاڌي. دبئي پهچي اسان کي جهاز بدلائي، هن ٻئي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جيڪو نيويارڪ (USA) هلڻو هو. دبئي ۾ لهڻ ۽ هن جهاز جي هلڻ جي وٿي فقط اڌ ڪلاڪ هئي. بهرحال هيءَ ٻارن واري فيملي به اسان وانگر ڊوڙندي ڊوڙندي هن جهاز ۾ پهتي، جتي باقي مسافر اڳهين سفر لاءِ تيار ويٺا هئا. هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين پريشانيءَ جي حالت ۾ ڊوڙڻ ڪري هنن جو هي ٻار ڪافي نستو محسوس ڪري رهيو هو، ويتر هن جهاز جو ايئرڪنڊيشن اڃان نه هلي رهيو هو، سو جتي اڳهين ويٺل مسافر گهُٽ محسوس ڪري رهيا هئا، اتي اسان نوان آيل به منجهي پياسين ۽ الٽيون ڪڍڻ واري ٻار کي ويتر چڪر اچي رهيا هئا، جيڪي گرمي ۽ ٻوسٽ نه هجڻ ڪري جيڪر نه اچن ها. ايتري ۾ پاسي کان لنگهندڙ هڪ ايئرهوسٽس کان ٻار جي ماءُ کڻي پڇيو ته هنن وٽ ڪا مٿي جي سور جي گوري هوندي، جيئن هوءَ پنهنجي ٻار کي جنهن کي گذريل اڏام کان دل ڪچي ۽ الٽيون ٿي رهيون آهن، ڏئي سگهي. ايئر هوسٽس جي دماغ ۾ الائي ڇا آيو يا هن پاڻ کي هيڪاندو گهڻو سمارٽ ٿي سمجهيو، جو هن کي يڪدم اهو اچي شڪ ٿيو ته هي ٻار ڪو بنهه بيمار آهي ۽ سفر جي لائق ناهي ۽ ان جي خاطري ڪرڻ لاءِ گوري ڏيڻ بدران مٺو مٺو ٿي ٻار جي ماءُ کان پڇڻ لڳي ته هو ڪڏهن کان بيمار آهي ۽ ماءُ اهو سوچي ته شايد هوءَ مون سان همدردي ٿي ڪري ۽ بيماري مطابق ڪا گوري ٿي ڏيڻ چاهي، هن کي ٻڌايو ته “مٿي جي سور کان علاوه ڪراچي کان دبئي تائين الٽيون ڪڍندو آيو آهي.” ۽ ويتر ٻار به هراس ۾ بنهه سست ٿي پيو.
ايئر هوسٽس هاڻ ڪجهه سخت مزاجيءَ سان ماءُ کي چيو، “پوءِ اهڙي بيمار ٻار کي وٺي ڇو نڪتا آهيو. آئون ترس ته ڊاڪٽر کي ٿي گهرايان” ماءُ اڃان به معصوميت ۽ ڪجهه ڪجهه مونجهاري ۽ پريشانيءَ ۾ اهو ئي چوندي رهي ته ڊاڪٽر کي چئو ته ڪا دوا ڏئيس ته الٽي بند رهيس، آئون پاڻ سان گوريون کڻي نڪرندي آهيان، پر هن دفعي وسري ويون.”
جهاز جي ايئر هوسٽس هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، چڙ مان اڳيان هلي ويئي. مون يڪدم پٺيان مڙي (جو منهنجي سيٽ هنن جي بلڪل اڳئين قطار ۾ هئي) جلدي جلدي اڙدوءَ ۾ هنن کي چيو ته بيماري جو گهڻو راڳ نه ڪريو، هيءَ بدمعاش ايئر هوسٽس توهان کي هتي لهرائي ڇڏيندي.
دراصل ڳالهه اها هئي ته ٻار ڪو Serious بيمار نه هو. ڪراچي ايئرپورٽ تي به پورو ٽائيم ڊوڙيو ڊڪيو پئي. هن کي ايئر سڪنيس جو اثر هو، جيڪو وڏن کي به ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ هن کي هراس به ٿي پيو هو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هو ڪجهه ڪجهه نفسياتي طرح بيمار ٿي پيو هو ۽ اهڙا واقعا پاڻي يا هوائي جهاز جي سفر دوران ٿيندا رهن ٿا ۽ جن جي ڄاڻ اسان کان وڌيڪ هن ٿلهي ۽ وڏي عمر جي ايئر هوسٽس کي هجڻ کپي، پر ايئر هوسٽس جهڙي شرلاڪ هومس ٿي پئي هئي، جنهن کي هن ڪيس ۾ ڪا وڏي ڳالهه نظر آئي ٿي. ٻي ڪا وڏي ڳالهه نه پر اها ئي ته ٻار ڪنهن اهم بيماري ۾ مبتلا آهي، جنهن کي هن اهم سفر ۾ ساڻ کڻڻ جوکي جو ڪم آهي.
ايمرجنسيءَ هوندي ائٽلانٽڪ ڪراس نه ڪندس
هونءَ ته هر هوائي سفر اهم آهي، پر اهي سفر جن ۾ ائٽلانٽڪ جهڙو وڏو سمنڊ طئي ڪرڻو پوي ٿو وڌيڪ اهم آهي. انساني جان کي هر صورت ۾ بچائڻ جي بين الاقوامي قانون موجب جهاز کي پنهنجي شيڊول کي ڇڏي، ويجهي ايئرپورٽ تي لهڻو آهي، جيئن مسافر جي جان بچي سگهي. ان لاءِ جهاز جي ڪمپنيءَ کي کڻي ڪيڏو به نقصان رسي ۽ هاڻ هن ايئر هوسٽس جي دماغ ۾ اها ئي چرخي هلي رهي هئي ته هي ڇوڪرو ته صفا بس ٿيو پيو آهي، ڪٿي اڌ رستي تي سقراط ۾ نه هليو وڃي ۽ جهاز جي ڪمپني سورن ۾ نه پئجي وڃي. هونءَ دراصل هن ايئر هوسٽس جو به ڏوهه ناهي. گنڀير Serious قسم جي حالتن کي جهاز جي عملي کي پرکڻ ۽ جهاز جي ڪمپني جي مالڪن کي گاهه ڪرڻ کپي، جيئن مسافر ۽ هوائي جهاز (۽ ان جا مالڪ) وڏي نقصان کان بچي وڃن. اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون ئي هوائي ڪمپنيون مٿين مهينن سان ڀيٽ واريون (حاملہ) عورتون پنهنجن جهازن ۾ نه ٿيون کڻن، جيئن فلائيٽ دوران ڪا ايمرجنسي نه ٿي پوي ۽ فلائيٽ کي Divert ڪري، ڪنهن ويجهي ايئرپورٽ تي لاهڻو پوي ۽ جتي پري پري تائين ڪو هوائي اڏو نه هجي، چوڌاري اٿاهه سمنڊ هجي، اتي هوائي جهاز توڙي پاڻي جو جهاز هلائيندڙ عملي جي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جهاز جو سيڪنڊ ۽ پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ دوران منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪم جي ڄاڻوءَ کان علاوه بهتر صحت وارو عملو رکيو وڃي، جيئن هو پنهنجي لاءِ ۽ ٻين ساٿي جهاز هلائڻ وارن لاءِ مسئلو پيدا نه ڪن. ائٽلانٽ يا پئسفڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ وقت ته آئون اهو چاهيندو هوس ته اهو انجنيئر يا خلاصي کڻي گهٽ کڻجي، پر جيڪو ذهني طرح سفر ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هجي يا بيمار هجي، ان کي اهڙي اڻانگي سفر تي کڻي نه نڪرجي. هونءَ ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، انسان کي ڪا خبر نٿي پوي، پر تڏهن به ڏسي وائسي اهڙو جوکم نه کڻجي، جو جهاز تي نه آپريٽنگ ٽيبل ۽ نه وري ڪو سوين ميلن تائين ويجهو بندرگاهه. بهرحال هتي هن هوائي جهاز ۾ هڪ ماءُ بهتر دوا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻار جي بيماري شد مد سان ٻڌائي رهي هئي ۽ جهاز جي ايئر هوسٽس پائلٽ ۽ مڪاني عملي کي آگاهه ڪري، هن ٻار کي سفر ڪرڻ کان روڪرائي رهي هئي. ٻين لفظن ۾ ٻار سان گڏ ماءُ کي ۽ ٻين ننڍن ٻارن کي ۽ ٿي سگهي ٿو، سس سهري کي به دبئي لهڻو پوي، جو ٻار چاهي بيمار هجي يا نه اڪيلي سر دبئي ۾ لهي، علاج ڪري ڏينهن ٻن بعد اڪيلو سفر ڪيئن ٿي ڪري سگهيو. ان دوران مون هڪ ٻه دفعا ننڍڙن جملن ذريعي هنن کي سختيءَ سان چيو ته ٻار ايترو بيمار نه آهي ۽ هن جي گهڻي ڳالهه نه ڪريو، نه ته ماڳهين لاهي ڇڏيندانوَ. پر هنن کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ تفصيل سان آئون کين ٻڌائي نه ٿي سگهيس، جو هنن اڳيان جهاز جو گرائونڊ جو چڱو عملو اچي گڏ ٿيو هو. باقي مسافر به سخت پريشان هئا ته هاڻ رڳو جهاز اڏامي پوءِ ڀلي هنن ٻن ٽن مسافرن کي لهڻو به پوي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن جو لهڻ به جلدي جو ڪم نه ٿئي ها، جو سندن سامان موٽائڻ لاءِ وري سڄي جهاز جو سامان لاهڻو پوي ها، جو اڪثر ڪا بئگ ڪيڏانهن ڪا بئگ ڪيڏانهن رکجيو وڃي ٿي. ايتري ۾ پائلٽ به اچي ويو، ان هن ٻار ۽ هن سان گڏ سفر ڪرڻ وارن جي پاسپورٽن جي گهر ڪئي ۽ ساڳي وقت جهاز ران ڪمپني جي ڊاڪٽر کي گهرايو. ڊاڪٽر جيتوڻيڪ جلدي اچي ويو، پر هو فيصلو نه پيو ڪري سگهي ته آيا هن ٻار کي ڪا گنڀير Serious بيماري آهي، جنهن لاءِ لاهڻ کپيس يا نه ۽ ساڳي وقت ٻار کي سفر ڪرڻ جي موڪل ڏيڻ لاءِ دل نه پيو ٻُڌي، جو ان بعد رستي تي ٻار کي ڪجهه ٿي پيو ته ڊاڪٽر جي ته نوڪري وئي، پر ڪمپني به سورن ۾ پئجي ويندي. هن ٻه ٻيا اسپيشلسٽ گهرايا، جيئن اهي جنرل چڪاس ڪري، پنهنجي راءِ ڏيئي سگهن. ٿوري دير ۾ هڪ عرب ۽ هڪ ملئي ڊاڪٽر اليڪٽرانڪ مشينن سان گڏ چڙهيا ۽ ٻار جو بلڊ پريشر ۽ ٻيو ڪجهه جيڪو ميڊيڪل لحاظ کان ضروري ٿئي ٿو تپاس ورتو. تيستائين مون پهرين واري ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته آئون به هن فيملي سان گڏ گڏ ڪراچي کان Travel ڪري رهيو آهيان، مون کان جي حقيقت پڇو ته ٻار فقط نفسياتي طرح Upset آهي ۽ هن کي موسم خراب هجڻ ڪري ايئر سڪنيس ٿي هئي ۽ هاڻ اڳتي جي سفر لاءِ نفسياتي طرح خوفرزده آهي. توهان اجايو هن غريب فيملي کي يا اسان مسافرن کي تنگ نه ڪريو ۽ جهاز کي اڏائڻ ڏيو.
”مون کي پڻ ائين لڳو ٿي، پر هاڻ ڀلي هي اسپيشلسٽ پنهنجي راءِ ڏين.“ ڊاڪٽر چيو.
بلڊ پريشر، ٽيمپريچر يا ٻيو ڪجهه جيڪو هنن کي تپاس ڪرڻو هو، سڀ نارمل نڪتو. ڪجهه هنن جي رپورٽ ڪري ڪجهه آمريڪن ڊاڪٽر جي ڏڍ تي، جيڪو هن فيملي جي بلڪل پٺئين سيٽ تي ويٺل هو، جيئن آئون هنن جي اڳئين سيٽ تي، فلائيٽ کي پنهنجي پروگرام موجب هلڻ لاءِ اوڪي ڪيو ويو. نڀاڳي ايئر هوسٽس جنهن هي سڄو ممڻ مچايو، ان وري مٿي جي سور جي به گوري نه آندي ۽ ساڳي وقت ٻار جي ماءُ به حالتن سان سمجهوتو ڪري ماٺ ڪري ويهي رهي. مٿس جي سور يا الٽيون بند ڪرائڻ جي گوريءَ بدران ماڳهين هنن کي پرديس ۾ لهڻو ٿي پيو. اڃان به پنهنجو وطن ڪراچي هجي ها ته هڪ ٻه ڏينهن ترسي پوءِ وري سفر ڪرڻ سولو ڪم هو، دبئي جهڙي پرديس ۽ مهانگي ملڪ ۾ هي هيترا ڄڻا ڪٿي سامان کڻي هوٽلن ۾ رلن ها ۽ کين وري ڪڏهن آمريڪا وڃڻ لاءِ ايتريون سيٽون خالي ملن ها. اهو لکڻ وري ويو ته پهرين ڊاڪٽر تپاس کان اڳ کين لهڻ لاءِ وارننگ پڻ ڏني، جنهن تي پوڙهي سس سهري دبئي ۾ لهڻ کان احتجاج ڪيو، ته نه فقط ڊاڪٽر بلڪ ڀر ۾ بيٺل جهاز جي پائلٽ به چڙ مان کين اهو ئي چيو ته آئون توهان جي ڪري ٻين ٽن سؤ مسافرن کي ته نه رلائيندس. ايمرجنسي واري صورت ۾ آئون ڪڏهن به ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس نه ڪندس.
هڪ سنڌي همراهه کي پڻ ايئرپورٽ تان موٽايو ويو
بهرحال خوشيءَ جي اها ڳالهه ته آخر ۾ سڀ خير ٿي ويو، جهاز سڀني مسافرن کي نه فقط کڻي اڏاڻو، پر نيويارڪ جي JFK هوائي اڏي تي صحيح وقت تي آڻي لاٿو. رستي تي آمريڪن گورو ڊاڪٽر هر هر ان ٻار جي خيريت پڇندو رهيو، بلڪ الٽين يا ننڊ جي ڪا گوري به ٻار کي ڏنائين جو هو ننڊون ڪندو هليو. جان ايف ڪينيڊي JFK ايئرپورٽ تي لهڻ سان تکو تکو اميگريشن واري اڏاوت ڏي وڌيس، جو آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجن ڀاڻيجن ٻڌايو هو ته ڊگهي قطار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ کان ايڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي جو ڪلاڪ لڳيو وڃن، ان ڪري جهاز مان لهڻ بعد جلدي جلدي اچي قطار ۾ بيهڻ کپي. پر هن ڀيري ڪو اتفاق ئي هجي جو ائين نه ٿيو. مسافر نه فقط اسان جي جهاز جا هئا، پر ان وقت آيل ٻن ٻين هوائي جهازن جا به هئا. اميگريشن تي ويٺل تمام وڏو عملو هو، ان ڪري جلدي ئي وارو اچي ويو. ڪيترن کي پڇا لاءِ پوليس الڳ الڳ ڪمرن ۾ وٺي پئي وئي، پر منهنجي اهڙي ڪا چيڪنگ نه ٿي، سواءِ ٻن ٽن سوالن جي جيڪي اتي جو اتي پڇيا ويا ته هتي ڪٿي رهندين، هتي ڪهڙي خيال کان آيل آهين.... وغيره. آمريڪا جي اميگريشن جون جيڪي تنگ ڪرڻ واريون خبرون ٻڌيون هيون سين، انهن سان واسطو نه پيو. ٿي سگهي ٿو ته آئون وڏي عمر جو هوس، هن کان اڳ به اچي چڪو هوس يا ڪئناڊا، جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جون منهنجي پاسپورٽ تي Multiple ويزائون لڳل هجڻ ڪري هنن منهنجي ۽ مون مان پنهنجي جلد جان آزاد ڪئي. ويزا لاءِ سوچيو هوم ته ٽي مهينن لاءِ چوندوسان ۽ پوءِ وڌيڪ رهڻ لاءِ وري Apply ڪندس، پر مون کان پڇڻ بنا ئي هنن ڇهن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏنو. اها ڳالهه شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪنهن به ملڪ جي ويزا ان جي سفارتخاني مان ملڻ بعد اهو ملڪ ٻڌل نٿو رهي. جيئن اسلام آباد مان آمريڪا جي سفارتخاني منهنجي پاسپورٽ تي پنجن سالن جي Multiple Visa هڻي ڏني هئي، پر آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچڻ وقت هنن جي اميگريشن جي عملي تي منحصر آهي ته هو مون کي في الحال ڪيتري وقت لاءِ رهڻ ڏين ٿا ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪن ڳالهين جي بنياد تي (جيڪي هنن لاءِ ٻڌائڻ ضروري نه آهن) هڪ ڏينهن به رهڻ نه ڏين ۽ ان ئي پيرين موٽائي ڇڏين.
 اسان جي فلائيٽ مان به ٻن مسافرن کي داخلا کان انڪار ڪيائون ۽ هنن کي ٻي فلائيٽ ۾ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو، جو هنن کان جيڪي سوال ڪيا ويا، انهن جا جواب هنن ڪوڙ جي بنياد تي ڏنا. هنن ڪا معلومات لڪائڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ هو جهلجي پيا. بهرحال واپس موٽڻ وارا مسافر يا اهي مسافر جن کي ڪمرن ۾ وٺي ڊگهي Interrogation ڪئي وئي ٿي، اهي سڀ ننڍيءَ ٽهيءَ جا لڳا ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته هنن فقط اسان پاڪستانين سان اهو وهنوار نٿي ڪيو جو کڻي چئجي ته اسان مسلمان هئاسين ان ڪري اسان سان هنن سختي ڪئي، پر هنن ساڳيو حال انديا ۽ سنگاپور کان آيل مسافرن سان به پئي ڪيو.
ان ئي وقت واپس موٽائڻ وارن ۾ هڪ سنڌي همراهه به هو. شايد حيدرآباد پاسي جو. هو اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ رهيل هو، هاڻ وري مهينو کن ڳوٺان رهي واپس امريڪا آيو هو، پر اميگريشن هن کي هن دفعي سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جو هنن وٽ پڪا ثبوت موجود هئا، ته هي همراهه سچ پچ جو شاگرد نه آهي. ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ نوڪريون ڪري رهيو آهي ۽ يونيورسٽي کان گهڻو وقت غير حاضر ئي رهي ٿو.
اميگريشن بعد پنهنجو سامان ٻه بئگون کڻي ڪسٽم چيڪنگ واري حصي ۾ پهتس، جنهن جي منهن وٽ بيٺل ڪسٽم آفيسر رکي رکي (At Random) ڪنهن هڪ ٻن کي چيڪنگ لاءِ ڪسٽم سيڪشن ۾ موڪليو ٿي (جتي ڪيترائي ڪسٽم آفيسر مسافرن جون بئگون کولي چڪاس ڪري رهيا هئا) باقي گهڻي ڀاڱي مسافرن کي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اشارو ڪري رهيو هو، جن ۾ خوش قسمتي سان آئون به هوس، نه ته وري بئگون کولڻيون پون ها. بئگ کولڻ سولي آهي، پر وري ان کي بند ڪرڻ ڏکيو. اهو ائين آهي جيئن ڪا کڏ کوٽي، ان مان نڪتل سموريءَ مٽيءَ کي وري واپس ان کڏ ۾ ماپائڻ بهرحال دنيا جي هر ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بعد هڪ مسافر کي آزادي واري خوشي ٿئي ٿي، پوءِ اهو آزاديءَ جو احساس چوڏهين آگسٽ تي کڻي نه ٿيندو هجي. نيويارڪ شهر ۾ پهچڻ لاءِ ٽرين ۽ ٽئڪسيون بيٺيون هيون، پر مون کي سامهون منهنجو ڀاڻيجو ثمير نظر اچي ويو، جنهن سان گڏ سندس ڪار ۾ سڌو اچي نيو جرسيءَ نڪتس.

No comments:

Post a Comment