Saturday, July 21, 2012

بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾- انتساب - الطاف شيخ

ڳوٺ پير جهنڊي جي
سائين پير فضل الحق شاهه نالي
                
هي ڪتاب آئون پنهنجي ۽ آمريڪا ۾ اڄ کان اڌ صدي کن اڳ رهندڙ ڪيترن دوستن جي دلپسند شخصيت، هڪ پياري ۽ نيڪ انسان پير فضل الحق شاهه راشدي نالي ڪريان ٿو.
ان سان گڏ سائينءَ ۽ سندن خاندان (پير جهنڊي واري خاندان) بابت مختصر احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ۾ گهڻا تڻا نه فقط فقير طبيعت جا ماڻهو، عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن، پر وطن جي آزاديءَ لاءِ پڻ هنن هر قسم جون قربانيون ڏنيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز سرڪار پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ پڳ وارن توڙي هنن جهنڊي وارن پيرن جي انهن نيڪين ۽ حب الوطني جي جذبن کي ظاهر ڪرڻ بدران discredit ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان ٿيڻ بعد پنهنجين حڪومتن به انهن جي هيرو ورشپ نه ڪئي آهي. سچ ته اهو آهي ته اڄ جي نفانفسيءَ واري دور ۾، جڏهن هرڪو ظاهري ڏيک ويک جو قائل ٿي پيو آهي، جتي هر شيءِ کي دولت ۽ سرڪاري عهدي جي ساهميءَ ۾ توريو وڃي ٿو، اتي اسان جو نوجوان مذهب ۽ وطن جي سچن عاشقن کي وساري ويٺو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ههڙن ماڻهن کان اسان جي ملڪ جي عوام ته ڇا سنڌ صوبي جا رهواسي به بي خبر ٿيندا وڃن. ٻيو ته ٺهيو هالا ۽ سعيد آباد جي ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کان کڻي پُڇ ته اهي به اڻ ڄاڻائي ۽ حيرت جو اظهار ڪن ٿا. ڳالهه اها آهي ته اسان جي نيڪ ماڻهن ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي ڳالهه نه درسي ڪتابن ۾ آهي، نه انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. انهن جي نالن تي نه روڊ رستا آهن ۽ نه پارڪ پليون.


آئون پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو ته منهنجي هن خاندان (جهنڊي وارن پيرن) جي ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقات ۽ دوستي رهي، سڃاڻپ ۽ ساٿ رهيو. اڄ انهن مان ڪيترا هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، پر سندن مکڙا ۽ محبتون، ڳالهيون ۽ يادون دماغ ۾ تازا آهن. جيتوڻيڪ پير سائين سيد وهب الله شاههرح (پير جهنڊي وارن جو ڇهون گادي نشين) کي جڏهن مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته آئون ان وقت ڏهن سالن جو مس هوس- يعني اها ڳالهه اڄ کان ۵۶ سال اڳ جي آهي، جڏهن مونکي پنهنجو والد صاحب ڪڏهن ڪڏهن زمينن تي وٺي ويندو هو، جيڪي سعيد آباد جي ويجهو آهن. هو واپسيءَ تي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ پير وهب الله شاهه ۽ ڳوٺ شهمير خان راهو ۾ وڏيري الهداد خان راهوءَ سان به ملندو ايندو هو. ڇا ته اهي ماڻهو هئا! هڪ پيري فقيريءَ ۾ ته ٻيو وڏيرڪي دٻدٻي ۽ شان شوڪت کان! ٻئي راڄ لاءِ ابو امان ۽ ڇپر ڇانوَ هئا.
اهو ٻُڌائڻ مناسب ٿو سمجهان ته پير پاڳاري وارا ۽ پير جهنڊي وارا هڪ ئي ڏاڏي حضرت پير سائين محمد راشد شاهه جو اولاد آهن. جيڪو، ”سائين روضي ڌڻي“ جي نالي سان مشهور آهن ۽ سندن شجرو ستٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهھ سان ملي ٿو- يعني موجوده پير پاڳارو شاهه مردان شاهه ثاني جن ۴۲هين پيڙهي آهي ۽ هيڏانهن جهنڊي وارن پيرن جو گادي نشين پروفيسر پير عبادالله شاهه جن به حضرت عليءَ جو ساڳيءَ پيڙهي ۾ اولاد آهن.
پير سائين (روضي ڌڻي) بعد سندن پڳ سندن وڏي فرزند پير صبغت الله اول حوالي ٿي، جيڪو ”تجر ڌڻي“ به سڏجي ٿو، جنهن جي اولاد مان موجوده پير پاڳارو آهي. پير سائين روضي ڌڻيءَ کي افغانستان جي بادشاهه طرفان هڪ جهنڊو مليو، جيڪو هنن پنهنجي چوٿين نمبر فرزند سيد پير ياسين شاهه حوالي ڪيو ۽ کين حڪم ڪيائون ته توهان هي جهنڊو کڻي اسلام جي تبليغ ڪريو. ان جهنڊي جي حوالي سان هي ڀاءُ ”پير جهنڊي وارو“ سڏجڻ لڳو، جهڙيءَ طرح وڏو ڀاءُ پير صبغت الله اول ”پير پاڳارو“ سڏجڻ لڳو.
پير صبغت الله اول (تجر ڌڻي) بعد سندن پڳ سندس فرزند علي گوهر شاهه اول کي ملي، ان بعد حزب الله شاهه اول پير پاڳارو ٿيا، ان بعد شاهه مردان شاهه اول (موجوده پير پاڳاري جو ڏاڏو)، ان بعد شهيد پير صبغت الله شاهه ثاني جن کي ديس جي آزاديءَ خاطر انگريزن جي حڪومت خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي شهيد ڪيو ويو. سندن فرزند موجوده پير پاڳارو) ان وقت ۱۵ سالن جو هو. انگريزن کين سندن ننڍي ڀاءُ سميت ۳ سال عليڳڙهه ۾ رکيو. بعد ۾، ۱۹۴۶ع ۾ بحري جهاز ذريعي کين لِورپول (انگلينڊ) موڪليو جتي نظربند جي حيثيت ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ رکيو ويو. پاڪستان ٿيڻ بعد ۱۹۵۲ع ۾ سندن وطن واپسي ٿي ۽ دستاربندي جي رسم ادا ڪئي وئي. ۱۹۵۴ع ۾ سندن شادي ٿي ۽ کين چار پٽ آهن: صبغت الله شاهه (راجا سائين)، علي گوهر شاهه، صدر الدين شاهه (يونس سائين) ۽ چوٿون ننڍڙو حزب الله شاهه.
پير صاحب پاڳاري ۽ سندن خاندان بابت آئون پنهنجن مختلف سفرنامن ۾ لکندو رهيو آهيان. هتي ڪجهه احوال جهنڊي وارن پيرن جو ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن خاندان سان اسان جي دلپسند شخصيت پير فضل الحق جو واسطو آهي. پاڻ هن وقت عمر ۾ سڄي خاندان م بزرگ فرد به آهن.
جهنڊي وارا هي پير ”پير سائين روضي ڌڻي“ جي چوٿين نمبر پٽ پير سائين محمد ياسينرح (جيڪو پير سائين جاين وارو سڏيو وڃي ٿو) جو اولاد آهن جن لاءِ مٿي ٻُڌائي آيو آهيان ته پير سائين روضي ڌڻيءَ پنهنجي هن فرزند کي جهنڊو ڏنو ته هي کڻي اسلام جي تبليغ ڪريو. پير محمد ياسين (جاين واري پير) ۽ سندن ڀاءُ پير صبغت الله اول (تجر ڌڻي) جو پاڻ ۾ بيحد گهڻو قرب هو جيڪو آئون ڏسان پيو ته اڄ به ٻنهي فئملين جي وچ ۾ هلندو اچي. ڪنگري هائوس ۾ ڪو فنڪشن ٿئي ٿو ته جهنڊي وارن پيرن جا به ڪيترائي وڏا توڙي ننڍا نظر اچن ٿا ساڳي وقت جهنڊي وارن پيرن جي دستاربندي کان شادين مُرادين تي موجوده پير پاڳارو توڙي ان جو اولاد نظر اچي ٿو.
پير سائين جاين واري جي ولادت جو سال ۱۲۱۲ هجري آهي، پاڻ ۱۲۷۵هه ۾ وفات ڪيائون. تبليغ جي سلسلي ۾ کين مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻو پيو ٿي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هنن لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ٺلاه شريف ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. وفات وقت سندن عمر ۶۳ سال هئي، کين ست فرزند هئا جن مان ٻه وڏا ننڍي ڄمار ۾ بنا اولاد جي گذاري ويا ان ڪري سندن وفات بعد سندن ٽيون نمبر پٽ سيد فضل الله شاهه پڳدار ٿيو، ڪجهه مڪاني سازبازين ۽ اڻ وڻت ڪري کين شهيد ڪيو ويو. ان بعد پڳ سندس ڀاءُ سيد رشيد الدين عرف بيعت واري تي آئي. هو لاڙڪاڻي مان لڏي هالا جي ويجهو سعيد آباد ۾ اچي رهيا جيڪا جاءِ ”درگاهه پير جهنڊو“ سڏجڻ لڳي. سندن روضو مبارڪ به انهيءَ درگاهه تي رکيل آهي. پاڻ ۱۳۲۰ هجري ۾ وفات ڪيائون.
ان کان پوءِ سندن فرزند سيد پير رشد الله شاهه عرف خلافت وارا، گادي نشين ٿيا. کين انگريزن سان سخت نفرت هئي. هندستان ۾ جڏهن تحريڪ آزادي شروع ٿي ته ان کان به پهرين هو سنڌ اندر ان جو بنياد وجهي ويٺا هئا. مولانا عبيدالله لغاري به سندن همعصر هو. فيبروري ۱۹۲۰ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ انگريزن خلاف جيڪا پهرين خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ان جي پاڻ صدارت فرمايائون. ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا شوڪت علي مرحوم جن به شريڪ ٿيا هئا. لاڙڪاڻي ڪانفرنس کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ساڳي قسم جي ڪانفرنس ممبئي ۾ به ٿي جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيا. هندستان جي آزاديءَ ۾ سندن تمام وڏو contribution رهيو آهي. سندن وفات بعد سندن وڏو پٽ سيد صبغت الله شاهه صاحب جن گادي نشين ٿيا. پاڻ بيحد صابرين، شريعت جا پابند ۽ الله جا نيڪ ٻانها هئا. کين ”صبر ڌڻي“ سڏيو ويو ٿي، سندن ڄم ۱۳۴۰هه ۾ ٿيو ۽ وفات ۱۳۷۶هه ۾. ان بعد سندن پڳ سندن فرزند سيد پير وهب الله شاهه کي ٻڌائي وئي، جنهن بابت شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هنن وٽ آئون ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏ ويندو رهيس ٿي. هي اهي ڏينهن آهن جڏهن موجوده پير پاڳارو جي دستاربندي ٿي هئي ۽ منهنجو والد ٻڌائيندو هو ته هي ٻئي پير cousins ٿين. ان بعد آئون سگهو ئي هالا ڇڏي پيٽارو هليو ويس ۽ ان بعد چٽگانگ. اسان جي زمينن جو ڪم منهنجو ننڍو ڀاءُ حاجي اشفاق سنڀالڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هالا اچڻ ٿيندو هو ته هن جي هڪ بيحد پياري دوست سيد حامد شاهه سان به ملاقات ٿيندي هئي. ايتريقدر جو اسان جو ڀاءُ جڏهن پهريون دفعو ولايت جي سير تي ويو ته هن سان گڏ حامد شاهه به هو. ڪڏهن سڪرنڊ، نواب شاهه يا خيرپور وڃبو هو ته ويندي يا موٽندي حامد شاهه جي بنگلي تي ترسي چانهه يا ماني کائبي هئي، هو اسان لاءِ ڀائرن وانگر هو.
پير وهب الله شاهه جي ۲۰۰۴ع ۾ وفات بعد درگاهه شريف جهنڊي جو ستون گادي نشين پير سيد سائين عباد الله شاهه ٿيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر پڻ آهي. پروفيسر عباد الله شاهه ۲۹ جولاءِ ۱۹۵۳ع تي پير جهنڊي ۾ ڄائو. منهنجي پڇڻ تي شاهه صاحب کلندي ٻڌايو ته هن جي ڄم جي تاريخ مسوليني واري آهي. سال ٻڌي مون چيومانس ته سائين year وري آصف زرداري جي ڄم وارو اٿانوَ. پاڻ پرائمري ۽ مڊل تعليم پير جهنڊي ۾ حاصل ڪيائون. قرآن سکڻ لاءِ کين ٽنڊو آدم جي مولوي منٺار فقير جي مدرسي ۾ وڃڻو پيو. مئٽرڪ خواجه صاحب جي نواب شاهه واري اسڪول مان ڪرڻ بعد انٽر حيدرآباد جي ڪئنٽونمينٽ ڪاليج مان ڪيائون، جتي ذوالفقار مرزا ۽ نويد قمر جهڙا مشهور سياستدان ۽ ڊاڪٽر فيروز ميمڻ دل جو ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر منير جوڻيجو سندن ڪلاس ميٽ هئا.
انٽر ڪرڻ بعد پير صاحب عباد الله سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي سبحان ميمڻ، سفير مسرور جوڻيجو ۽ ڪمشنر نور محمد لغاري جهڙا اڄ جا مشهور سرڪاري ڪامورا سندس ڪلاس ميٽ رهيا. پاڻ B.A انگلش ۾ ڪرڻ بعد M.A جرنلزم ۾ ۱۹۸۰ع ۾ ڪيائون. تعليم بعد کين سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ئي نوڪري ملي، ان وقت پروفيسر الياس ابڙو صاحب يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ان ڊپارٽمينٽ جو نالو ماس ڪميونيڪيشن رکيو ويو.
پروفيسر عباد الله شاهه صاحب کي ولايت وڃي پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو ۽ هن ۱۹۸۸ع ۾ آمريڪا جي مسوري يونيورسٽي مان ڪميونيڪيشن ۾ M.A ڪئي. واپسيءَ تي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رهيو. سال ۲۰۰۲ع ۾ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ Centre for Rural Development & communication ٺاهيو ۽ پاڻ ان جا ڊائريڪٽر ٿيا. ۲۰۰۴ع ۾ سندن والد پير وهب الله شاهه جي وفات بعد مسند نشين ٿيا.
منهنجي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائون ته گهڻي کان گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين هميشھ سندن وڏي ڀيڻ inspire ڪيو. هوءَ کانئن ڏهه سال وڏي هئي ۽ پاڻ اڃا ننڍو هو ته ان وقت کان هن جي هميشھ اها خواهش رهي ٿي ته سندس ڀاءُ مذهبي تعليم سان گڏ انگريزي علم به پرائي. پروفيسر صاحب ٻڌايو ته هن پير نٿي سڏائڻ چاهيو، پر پڳ اچڻ تي هاڻ کين پير سڏائڻو پوي ٿو.
اسان جو سائين سيد فضل الحق شاهه موجوده جهنڊي واري گادي نشين پير سيد عباد الله شاهه جو چاچو به ٿئي ته سهرو به. جهنڊي وارن پيرن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن جن مان هڪ پير سيد مهدي شاهه پڻ هو، جيڪو سيد پير عباد الله جي ڏاڏي سيد پير ضيا الدين جو ڀاءُ ۽ پير فضل الحق جو چاچو هو. پير سيد مهدي شاهه وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن وٽ پير صاحب پاڳارو ۽ طالب الموليٰ صاحب جن به صلاح مشوري لاءِ ايندا هئا. ساڻن ملڻ لاءِ صدر ايوب خان، محمد علي بوگرا، اسڪندر مرزا ۽ ايوب کهڙي جهڙيون اهم شخصيتون ڳوٺ پير جهنڊو ۾ اينديون رهيون. پاڻ MLA (ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي) به ٿي رهيا. سنڌ ۾ پير مهدي جي مانيءَ جي وڏي هاڪ رهي آهي، جنهن بابت مشهور مزاحيه ليکڪ علي احمد بدروهيءَ ”مهدي شاهه جي ماني“ جي عنوان سان ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب ”جنهن جي ماني تنهن جي ڪاني“ جي عنوان سان دلچسپ مضمون لکيا آهن. انهن ڏينهن ۾ لطيفو مشهور هوندو هو ته اسيمبليءَ جو ڪو ميمبر غير حاضر ٿيندو هو ته هن لاءِ چيو ويندو هو ته هن پڪ مهدي شاهه جي ماني کاڌي هوندي، جيڪا لذيذ هجڻ ڪري هرڪو گهڻي کائي ويو ٿي. مهدي شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلم سوسائٽيءَ ۾ رهندو هو. ۱۹۶۵ع ۾ سندن وفات ٿي. کين اولاد نه هو.
پير فضل الحق شاهه جي هن چاچي کان علاوه هڪ ٻيو چاچو پڻ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي جنهن جي اولاد سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائي رهي، اهو هو سيد محمد امام شاهه صاحب. سندن والد سيد پير رشد الله شاهه خلافت وارا انگريزن جي سخت خلاف هجڻ ڪري انگريزن هن خاندان جو زور ٽوڙڻ ۽ کين تڪليفن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي، ايتريقدر جو پير رشد الله جي تحريڪ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ انگريزن ”امن سڀا“ نالي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ پير رشيد الله جي ڪيترن عزيزن ۽ هالا جي مخدومن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا گهڻي ڪاميابي ماڻي نه سگهيا. انگريزن جي انهن تڪليفن دوران هن خاندان (پير جهنڊي وارن) ۾ ڪجهه لڏپلاڻ به هلندي رهي. ان دوران پير رشد الله شاهه جو ٻيو نمبر فرزند سيد پير محمد امام شاهه جن سرهاري ڀرسان ڳوٺ شاهه آباد ۾ مستقل طور رهائش اختيار ڪئي. سندن روضو مبارڪ به ان ئي ڳوٺ ۾ آهي. کين هڪ فرزند هو سيد صدر الدين شاهه راشدي. پاڻ ڪجهه عرصو ولايت ۾ به رهيا ۽ سندن منهنجي والد سان سٺي دوستي هئي، جيڪا لڳي ٿو ته آمريڪا ۾ رهائش دوران ٿي. بهرحال آئون اڃا هالا ۾ پڙهندو هوس ته هڪ دفعو پنهنجي پيءُ سان گڏ سرهاريءَ ويو هوس، ان بعد سگهوئي هالا جو اسڪول ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخل ورتم، جتي صدر الدين شاهه راشدي صاحب جا ٻه وڏا فرزند امام شاهه ۽ سيف الله شاهه راشدي منهنجا ڪلاس ميٽ ٿيا ۽ منهنجي ڀر واري روم ۾ رهندا هئا. ان بعد وارن ڪمرن ۾ اسان جا ٻيا ڪلاس ميٽ مرحوم رفيع ڪاڇيلو، شوڪت جماڻي، ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جو پٽ سراج، ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڀاءُ مصباح الحق رهيا ٿي. پراڻيءَ واقفيت ڪري اسان جي سٺي دوستي رهي، پر شايد ڳوٺن سان واسطو هجڻ ڪري موڪلن ۾ ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ وڃڻ بدران پنهنجي ڳوٺ کي ترجيح ڏني ٿي ۽ اسان جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جو اهو زور هوندو ته اسان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ گهمڻ لاءِ وڃون. مونکي ياد آهي ته ڪرنل ڪومبس اونهاري جي موڪلن ۾ اسان نائين ڪلاس جي شاگردن کي هفتي لاءِ ڪوئيٽه گهمائڻ جو بندوبست ڪيو.
امام شاهه ۽ مون ڪوئيٽه وڃڻ کان انڪار ڪيو. ڪرنل ڪومبس کي اها ڳالهه نه وڻي، هن اسان جي انگلش ٽيچر مسٽر عبدالله خادم حسين (جيڪو بعد ۾ تعليم جو فيڊرل سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو) کي چيو ته هنن کي convince ڪر. لنچ بعد ميس مان نڪتاسين ته ميس جي در ٻاهرن سڀني ڪئڊٽن اڳيان (انهن ڏينهن ۾ هي ڪاليج عارضي طور ميرپورخاص ۾ هو ۽ ان وقت جملي شاگرد ۵۰ کن مس هئا) هن اسان ٻنهي کي سمجهايو. آئون بيحد ڊڄڻو هوس ۽ هن جڏهن پڇيو ته هاڻ ٻڌايو ته ڪوئيٽه هلندائو يا نه، آئون چپ رهيس، پر امام شاهه اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن هن زور سان ورندي ڏني:
”میں کوئیٹہ نہیں جاؤں گا؟“
مسٽر خادم حسين به هڪو ٻڪو رهجي ويو. ڪرنل ڪومبس جهڙي تعليمي ماهر پير مرشد جي حڪم ڪيل مشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ، اسان جو انگلش ٽيچر وَر کنجي ته نڪتو هو، پر امام شاهه اصل وٺ نه ڏنس. خادم صاحب هڪ دفعو وري امام شاهه کي سمجهايو ته پٽ گروپ سان گهمڻ ۾ فائدا آهن وغيره وغيره، پر امام شاهه وري چيس.
”ہم کوئیٹہ نہیں جائیگا؟“
”آخر کیوں نہیں جائیگا “. مسٽر خادم حسين هاڻ ٿورو ڪاوڙ مان چيو، پر سائين اڳيان به امام شاهه هو، تنهن بنا ڪنهن ڊپ يا رک رکاءَ جي ساڳي شوخيءَ سان وراڻيو.
”ہم نے بول دیا نہ، ہم کوئیٹہ نہیں جائیگا“ مسٽر خادم چپ ٿي ويو.
امام شاهه جي ڳالهائڻ جو اهو اسٽائل اڄ به اسان کي ياد آهي ۽ اڄ به پراڻا دوست ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪندي امام شاهه جو اهو جملو ضرور ورجائيندا آهيون ته ہم کوئیٹہ نہیں جائیگا؟
افسوس جو ٻئي ڀائر اسان کان جلد وڇڙي ويا.
امام شاهه راشدي ۽ درگاهه جهنڊي جو موجوده گادي نشين پروفيسر پير سيد عباد الله شاهه جن ماروٽ پڦاٽ ٿين، جو منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ امام شاهه ۽ سيف الله شاهه جن جو ڏاڏو سيد محمد امام شاهه اسان جي پروفيسر صاحب پير عباد الله شاهه جو نانو ٿئي ۽ سيد فضل الحق شاهه جو چاچو.
پڙهندڙ هيترو پڙهڻ بعد ضرور سوچي رهيا هوندا ته مون جهنڊي وارن پيرن جي ڪيترين ئي شخصيتن بابت لکيو ته هنن سان منهنجي ڪٿي ۽ ڪيئن ملاقات ٿي، پر جنهن شخص نالي هي ڪتاب منسوب ڪري رهيو آهيان، ان بابت ته لکيو نه اٿم. اهو هاڻ لکان ٿو.
جهازراني ۽ جهاز سازي جي تعليم مڪمل ڪري مون ۱۹۶۸ع کان جهازن جي نوڪري شروع ڪئي ۽ شروع جا چار سال منهنجي جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ٿي، ان جو روٽ اهڙو رهيو ٿي، جنهن ۾ هن کي آمريڪا اچڻو پيو ٿي، خاص ڪري نيويارڪ ۾ ته ضرور آياسين ٿي ۽ اتي تمام گهڻو عرصو رهياسين ٿي. هي اهي سال هئا، جڏهن آمريڪا ۾ پاڪستاني ته ڇا انڊين به تمام گهٽ هئا. اسان جي ملڪ لاءِ ولايت معنيٰ انگلينڊ ۽ يورپ هو. آمريڪا هڪ ڏورانهون ڏيهه هو، اسان جڏهن ست سمنڊ جهاڳي نيويارڪ پهچندا هئاسين ته اتي رهندڙ ٽنڊو قيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي، جهڏي جو مبارڪ ٽالپر، حيدرآباد جو عبدالرزاق شيخ، سليم شاهه، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ضرور ملندا هئا، جن سان مادري زبان ۾ ڳالهائي خوشي ٿيندي هئي. سيد فضل الحق شاهه صاحب جن سان به اتي ئي ملاقات ٿي. هو سير و سياحت جا شوقين هجڻ ڪري نيويارڪ ايندا رهيا ۽ سندن ڳالهين ۾ جيڪو رس ۽ چس هو، ان اسان کي پنهنجو مداح بنائي ڇڏيو. پاڻ اسان سڀني کي بيحد قربائتا، اخلاق وارا ۽ انسان ذات جو خيال رکڻ وارا لڳندا هئا. سندن قرب ۽ دوستيءَ جو نه فقط آئون عاشق هوندو هوس، پر مونکان وڌيڪ نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق شيخ (شالامار دڪان جو مالڪ) هوندو هو.
اسان جهازي اهو ئي سمجهندا آهيون ته جتي اسان جو جهاز هڪ دفعو آيو، اهو اتي ٻئي دفعي به ايندو رهندو.
بهرحال هتي نيويارڪ ۾ ته اسان جو جهاز وري به چار سال ايندو رهيو، ان بعد منهنجي جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ته اهو جهاز دنيا جي ٻين ملڪن ڏي ويندو رهيو ٿي ۽ اسان لاءِ سائين فضل الحق سان ملڻ هڪ خواب ٿي ويو. هتي انساني فطرت جي اها به ڪمزوري لکان ٿو، جنهن جو مونکي اڄ احساس ٿي رهيو آهي ته حيرت پڻ، ته اسان لاءِ پير فضل الحق شاهه ۽ نيويارڪ (آمريڪا) لازم ملزوم شيون هيون ۽ ڪڏهن به مون اهو معلوم نه ڪيو ته شاهه صاحب جو واسطو اسان جي پاڙي واري ڳوٺ پير جهنڊي سان آهي ۽ هو ڪو ڌاريون نه پر اسان جي ڀاءُ جي دوست پير حامد شاهه ۽ سيد پير وهب الله شاهه جن جو ڀاءُ آهي. بهرحال نيويارڪ ۾ ساڻن ٿيل ملاقاتن بعد اٽڪل ۴۰ سالن بعد ڪراچيءَ ۾ گذريل سال پير صاحب پاڳارو جي جنم ڏينهن جي سالگره تي ماني لاءِ جيئن اُٿيس ته سامهون هڪ نوجوان کي ڏسي ساڻس ڳالهائڻ تي دل چيو. منهنجي تعارف ڪرائڻ تي پاڻ پنهنجو نالو انعام ٻڌايو ۽ هن مونکي يڪدم سڃاڻي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته هو سيد فضل الحق شاهه جو فرزند ۽ پير حامد شاهه جو ڀائيٽو آهي. فضل الحق سائينءَ جو نالو ٻڌي مونکي نيويارڪ جا ڏينهن ياد آيا ۽ مون يڪدم نور احمد نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر فون ڪري پڪ ڪئي. مونکي خوشي ٿي ته انعام سان مون زوريءَ ڳالهايو ۽ هڪ وڇڙيل پياري انسان سان ملاقات جو موقعو پيدا ڪيو. چاليهه سال وڏو عرصو آهي. سائين فضل الحق صاحب اڄ به وڏي عمر جي باوجود خوش مزاج ۽ خوش اخلاق آهن. سهڻو ۽ سمارٽ ته هو ننڍي لاڪون هئو، جو کين سڀ ”سائين سهڻو“ سڏين. سائين فضل الحق صاحب اسان کان ۲۰ سال وڏو آهي، پاڻ ۱۹۲۴ع ۾ ڄاوا، بنيادي تعليم ڳوٺ جي مدرسي دارالارشاد مان حاصل ڪرڻ بعد هنن ۱۹۴۳ع ۾ دهليءَ مان طب جي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ خذمت خلق خاطر حڪمت ڪندا رهيا آهن. هفتو کن اڳ مون کي منهنجي پيٽارو جي دوست ۽ نيويارڪ جي ساٿي ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته سندن ڳوٺ جي هڪ ماڻهوءَ کي هڏڪي (Hiccups) ٿي پيئي ته لهي ئي نه. سو حيدرآباد جي ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ علاج لاءِ وٺي آيا، پر هو به ڪجهه ڪري نه سگهيا ۽ کين اهائي صلاح ڏنائون ته بهتر ٿيندو ته مريض کي علاج لاءِ ولايت وٺي وڃن. نظاماڻيءَ ٻڌايو ته سائين فضل الحق شاهه کي جڏهن خبر پيئي ته هن ان شخص کي ڳوٺ گهرايو ۽ ننڍن ڦوٽن کي چانهه وانگر پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، هن کي پياريائين ته هن جي هڏڪي بند ٿي وئي.
ٽنڊو قيصر جا ڪيترائي ماڻهو جهنڊي وارن پيرن جا مريد آهن ۽ اسان جو نظاماڻي هميشھ پير سيد عباد الله شاهه (موجوده گادي نشين پير) جي ڳالهه ڪندو رهيو ٿي ته هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ نيڪ انسان آهي ۽ آئون اهوئي سوچي رهيو هوس ته ڄامشوري وڃڻ ٿئي ته پروفيسر صاحب سان ضرور ملان. اتي وري به انعام شاهه ڪم آيو. هن پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جو دعوت نامو موڪليو، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ٿي رهي هئي. اتي منهنجي سيد عباد الله شاهه سان ملاقات ٿي ۽ ان ڏينهن خبر پيئي ته پير صاحب سائين فضل الحق صاحب جو ڀائيٽو به ٿئي ته نياڻو به. ان کان علاوه ان شاديءَ ۾ گهوٽ صاحب سيد ياسر شاهه سان ملي اها ڄاڻ به ان ڏينهن پئي ته اسان جي پيٽارو وارن شاهن جو واسطو به ساڳي (جهنڊي وارن پيرن جي) خاندان سان آهي، ڇو جو گهوٽ جو والد سيد زينت الله شاهه، امام شاهه ۽ سيف الله شاهه بعد صدر الدين شاهه جو ٽيون نمبر پٽ آهي. ان شاديءَ ۾ سائين فضل الحق صاحب پير صاحب پاڳاري جي پوٽي (صدر الدين شاهه جي پٽ) سيد اسماعيل شاهه سان به ملرايو، جيڪو سندن وڏي پٽ ناصر شاهه (جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو) جو نياڻو آهي.
ان شاديءَ ۾ پير فضل الحق پنهنجي خاندان جي ٻين به ڪيترن ئي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن سان ملرايو، جن مان هڪ فيض رسول شاهه پنهنجي ذهانت ۽ Sense of humour ڪري هن وقت به ياد اچي رهيو آهي. سيد فيض رسول شاهه سيد سعد الله شاهه جو فرزند آهي ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ جج آهي. سندن ڏاڏو سيد شمس الحق اسان جي سائين پير فضل الحق صاحب جو وڏو ڀاءُ آهي. سيد پير وهب الله شاهه (پروفيسر عباد الله شاهه جن جو والد) ٻيو نمبر ڀاءُ آهي، ٽيون نمبر ڀاءُ پير فضل الحق ۽ اسان جي ننڍي ڀاءُ حاجي اشفاق شيخ جو دوست مرحوم سيد حامد شاهه سندن چوٿون نمبر ڀاءُ هو.
هن تقريب ۾ سائين فضل الحق شاهه صاحب سندن خاندان جا ٻه ٻيا نوجوان ڀائر ڊاڪٽر محمد مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر روشن الدين (عبدالحئي شاهه صاحب جا فرزند) پڻ ملرايا. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته جهنڊي وارن پيرن جي ٽئين گادي نشين پير رشيد الدين شاهه (بيعت واري) جا ٻه پٽ سيد امام الدين شاهه ۽ سيد محمد حسين شاهه لاڙڪاڻي ۾ پنهنجن وڏن جي ڳوٺ ٺلها شريف ۾ وڃي رهيا. ان بعد سيد امام الدين شاهه جو چوٿين نمبر پٽ سيد محمود شاهه موٽي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. مٿيان نوجوان هن صاحب جا پوٽا آهن. محمد مصطفيٰ شاهه ڄام شوري مان MBBS ڪئي ۽ ڊاڪٽر آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو Ph.D ڊاڪٽر آهي، تنهن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪرڻ بعد ڊاڪٽوريٽ انگلينڊ مان ڪئي ۽ اڄڪلهه مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر آهي.
هتي سيد محمود شاهه جي شاعريءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. سندن تخلص ”ساحل راشدي“ هو ۽ پاڻ سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيا اٿس. سندن شعر مڪمل ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن يا نه، پر مون اهي هالا جي جهونن شاعرن کان ضرور ٻڌا آهن. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن وٽ ڳوٺ اچڻ تي ملڻ لاءِ ضرور ويندو هوس، اهي هميشھ ساحل راشدي جي شاعري جي تعريف ڪندا هئا. سندن وفات واري سال ۱۹۷۷ع ۾ آئون هالا ۾ ئي هوس ۽ مخدوم صاحب جن وٽ ان وقت ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن ڏک جي اظهار سان گڏ سندن شاعريءَ جي واکاڻ پئي ڪئي. هتي مان سندن هڪ ٻه شعر ڏيان ٿو:
نه پئسو آ نه پاڻي آ،
نصيبن ۾ گدائي آ،
جڳهه گهر جي پرائي آ،
مدد ڪر منهنجي پير پاڳارا.

نه پئسو آ، نه پائي آ،
نه مائي آ نه ڀائي آ،
هيءَ ڪرمن جي ڪچائي آ،
مدد ڪر منهنجي پير پاڳارا...
سندن هڪ ڪافيءَ جا بند هن ريت آهن:
تنهنجي سونهن سڄڻ حيران مستان ڪيو،
ناز نظر جي هڪ ئي اشاري ڄاڻي ٿو سبحان،
غضب ايمان ڪيو.
جاني جدائي تنهنجي سراسر جلائي جند جان،
جگر برباد ڪيو.
عشق جو آزار وڌي ويو آ- موت آهي مهمان،
تنهنجو در مان ڪيو...
”ساحل راشدي“ صاحب اڙدوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندن پوٽي ڊاڪٽر مصطفيٰ سندن هڪ طنزيه شعر هن ريت ٻڌايو:
پی لیا کرو ایک گھونٹ ہی سہی
روز نہ سہی ہفتے و ماہ میں

مانا کہ مزہ ہے پارسائی میں
مگر تم کیا جانو جو مزہ ہے گناہ میں۔۔۔
سندن هڪ ٻيو اڙدو شعر آهي:
شاعروں کی ہوگئی بہتات
گویا شعر کی پڑی برسات

شاعری شاعری نہیں اب تو
شاعری بن گئی ہے رب کی ذات

قافیہ بندی کو شاعری کہہ کر
خوب دیتے ہیں شاعری کو مات۔
سائين پير فضل الحق صاحب ٻڌايو ته ساحل راشدي جي ڪافين جا رڪارڊ به آهن جيڪي گراموفون وارن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويا ٿي.
شاعريءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙ جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته پير جهنڊي جي خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن مان پير سيد رشد الله خلافت وارو (چوٿون گادي نشين) پڻ هڪ آهي. پاڻ تمام گهڻي شاعري ڪئي اٿن. سندن شاعريءَ جو مجموعو ”پير رشد الله شاهه جي شاعري“ جي نالي سان ۱۹۹۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. پاڻ تقريباً ستر کن ڪتاب لکيا اٿن، جن مان اڪثر ڪتاب فقيھ تي آهن. انهن مان ڪجهه ڪتاب ڇپيا ته ڪي ڇپجي نه سگهيا.
پير رشد الله جي ولادت ۱۸۶۰ع ۾ ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي وقت جو لاجواب عالم، بي نظير شاعر، بي مثال فقيھ، عظيم مفسر ۽ شعله بيان خطيب ٿي گذريو آهي. سندن تعليم ۽ تربيت چوٽيءَ جي عالمن جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. سندس استادن ۾ قاضي عبدالغني ڪيريو کڏهري، مولوي قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙا جيد عالم شامل آهن.
پير رشد الله سنڌ جي جڳ مشهور درسگاهه ”مدرسه دارالارشاد“ جو باني آهي، جنهن مدرسي مان اسان جو پير فضل الحق، پير عباد الله توڙي مخدوم غلام محمد ۽ مخدوم غلام حيدر جهڙن اهم ماڻهن علم حاصل ڪيو. پاڻ هي مدرسو ۱۹۰۱ع ۾ ڳوٺ پير جهنڊي ۾ قائم ڪيائون. سندن اها خذمت سنڌ جي سرزمين تي هڪ وڏو احسان آهي. هن مدرسي ۾ سنڌ ته ڇا بلڪ هندستان، ايران وچ ايشيا کان شاگرد ڪشالا ڪري ايندا هئا ۽ مدرسي جي تعليم کان مستفيض ٿي ڏورانهن ڏيهن ۾ علم جي روشني پکيڙيندا هئا. هن مدرسي ۾ شروع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا عبدالله لغاري، مولانا محمد احمداڻي ۽ مولانا نجم الدين جهلم وارو جهڙا يگانا عالم تعليم ڏيندا هئا. پير رشد الله شاهه (خلافت واري) جي وڏن جي هڪ لائبريري هئي، ان ۾ هن ايترو ته واڌارو ڪيو جو اهو ڪتاب خانو هندستان جي معياري ڪتب خانن مان هڪ شمار ڪيو ويندو هو. پاڻ هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو ۽ اڄ به سنڌ جا اديب، شاعر ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو کين ’علامه‘ سڏي ٿو. سنڌي جي مشهور اخبار الوحيد به پير رشد الله شاهه ۽ مولانا تاج محمد جي ڪوششن سان ۱۹۱۹ع ۾ شروع ٿي، جنهن مسلمانن ۾ خوب جوش جاڳايو. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ههڙي عظيم انسان جي سماجي، ديني ۽ علمي خذمتن بابت ڳوٺ امين لاکي جي هڪ اعليٰ تعليم يافته ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جن Ph.D ڪئي آهي.
ادب ۽ شاعري جي ڳالهه نڪتي آهي ته ٻه سٽون اسان جي همعصر اديب ۽ شاعر عبيد راشدي بابت به لکندو هلان، جنهن سان پڻ ان رات پير زينت الله شاهه راشدي جي پٽ جي شاديءَ ۾ ملاقات ٿي. عبيد راشدي پير فضل جي ڀاءَ پير شمس الحق جو پوٽو آهي. پاڻ آزاد نظم ۽ افسانا نويسي کان مشهور آهي. ٻه سال اڳ کيس انيس اڪيڊمي لاڙڪاڻي طرفان بهترين ڪهاڻيءَ تي ايوارڊ به مليو هو. پاڻ پهرين جون ۱۹۶۷ع تي ڳوٺ پير جهنڊو ۾ ڄائو، جتان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نيو سعيد آباد هاءِ اسڪول مان ڪيائين ۽ انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڪيائين. پاڻ M.A پوليٽيڪل سائنس ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. ۱۹۹۰ع کان افسانا لکي رهيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس ۲۵ افسانن جو مجموعو ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون“ ڇپيو آهي. هن وقت سندس هڪ آزاد نظم ياد اچي رهيو آهي:
چانڊاڻ کي بادلن سان پريت ونڊيندي،
سمنڊ هيڪلائپ وچان، سکڻو ٿرٿلو مچائيندي،
واريءَ تان پريمين جا پيرا ڊاهي،
ڪجهه نه پائيندي،
پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويو...
بهرحال مونکي پير فضل الحق شاهه صاحب جن جي خاندان ۽ هڪ وڏي gap بعد ساڻن ملي بيحد خوشي ٿي، جنهن جو اظهار هي پنهنجو ’سفرنامو‘ سندن نالي منسوب ڪندي فخر محسوس ڪريان ٿو. شل رب پاڪ کين وڏي ڄمار، صحت، تندرستي ۽ خوشيون عطا ڪري.
خلوص مان
الطاف شيخ
ڪراچي
۲۰ مئي ۲۰۱۱ع

No comments:

Post a Comment