Friday, August 30, 2013

لنڊن جو ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ ڪاٺ وارا بجلي جا ٿنڀا - عبدالحي پليجو

لنڊن جو ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ ڪاٺ وارا بجلي جا ٿنڀا
عبدالحي پليجو
هي ٽاور لنڊن ٽاور جي سڀني ٽاورن ۾ وائيٽ ٽاور کانپوءِ ٻيو نمبر سڀني کان وڏو ٽاور آهي. اڳ ۾ موجود محل جي عمارت ۾ واڌاري طور هي ٽاور ۱۲۲۰ کان ۱۲۴۰ع جي وچ ۾ بادشاهه هينري (ٽئين) جي دورِ حڪومت ۾ جوڙيو ويو. بادشاهه جي مکيه ذاتي ڪمري جي حيثيت سان گڏوگڏ محل جي وڌايل بچاءُ وارن عناصرن ۾ هي ٽاور مضبوط هنڌ هوندي صفا ڪپ تي هئڻ ڪري هڪ پاسي مکيه آبي ڦاٽڪ تي ضابطو رکندو آيو. جيڪو پوءِ بلڊي ٽاور سان ملايو ويو ۽ ٻئي طرف درياءَ کان محل ڏانهن ويندڙ ننڍو پويون گذر گاهه پڻ هو. جيڪو واٽر لين ۾ ڏسي سگهجي ٿو، واٽر لين وٽان ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين چيمبر جو معائنو ڪري سگهجي ٿو، جتي ڪنهن وقت ۾ محافظن جو هڪ ڪمرو به هوندو هو. ٽاور جو مٿيون طبق، وڏين درين ۽ بخاري وارو چيمبر، جنهن جي گولائيءَ واري ڇت اوڻيهين صديءَ ۾ نئين سر تعمير ٿي هئي. سندس بسترو اتر اوڀر ۾ موجود خلوت خاني ۾ رکيل هوندو، ان وقت اولهه ۾ خانگي هال قائم هوندو، جتي بادشاهه پنهنجي صلاحڪار ڪائونسل سان ملندو هوندو ۽ طعام تواضح ڪندو هوندو. لکيل احوالن، شاهدين ۽ بچي ويل سامان جي آڌار تي ڪمرن کي اندر بادشاهه ايڊورڊ (اول) جي وقت ۾ٿيندڙ سينگار ۽ آرائش وانگر آراسته ڪيو ويو آهي. ايڊورڊ اول جي وقت ۾ هن ڪمري جي خواب گاهه واري حيثيت ختم ٿي ۽ اهو سينٽ ٿامس جي ٽاور واري هڪ نئين چيمبر جي انتظار گاهه طور ڪم اچڻ لڳو. ائين ئي هي ڪمرو وري حاضريءَ جو ڪمرو يا شاهي تخت واري چيمبر طور ڪم اچي ٿو، ويسٽ منسٽر ايبي  ۾ رکيل تاجپوشيءَ لاءِ ڪم ايندڙ ڪرسيءَ جو نقل ڪري ٺاهيل تخت ڪمري ۾ اولهه طرف ٺهيل ڍڪئي، تي رکيل آهي. ۱۳۰۷ع ۾ ايڊورڊ جي وفات بعد بادشاهه جو ذاتي چيمبر لينٿرن ٽاور ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور جي رهائشي حيثيت ختم ٿي وئي.

ڪاٺ جي رنگيل پردي پويان هڪ ننڍڙي عبادتگاهه ٺهيل آهي. جنهن ۾ شيشي جي درين مان روشني پهچي ٿي، ان ۾ پادري جي ويهڻ لاءِ هڪڙي صندلي، ساڄي طرف برتن ڌوئن جي گهينڊي ۽ کاٻي طرف ٿانون رکڻ لاءِ ڪٻٽ رکيل هو. ڪاٺ وارو اسڪرين، وچ تيرهين صديءَ جي آڪسفورڊ شائر واري اسڪرين جو نقل ڪري ٺاهيل هو. روايت موجب هيءَ عبادتگاهه خصوصي طور هينري (ڇهين) سان وابسته آهي. هينري ڇهون ۱۴۲۲ع کان ۱۴۶۱ع تائين ۽ پوءِ به وري ۱۴۷۰ع کان ۱۴۷۱ع تائين انگلينڊ جو پلاٽيجينٽ الينڪيسٽر خاندان گهراڻي جو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن کي ۱۴۷۱ع ۾ نئين يارڪسٽ بادشاهه ايڊ ورڊ چوٿين خانداني ويڙهه (وارس آف روزز) دوران قيد ڪيو ۽ کيس ويڪ فيلڊ ٽاور ۾ سندس حيثيت موافق رهايو ويو ۽ پوءِ ٿوري عرصي ۾ ئي کيس بادشاهه جي حڪم سان عبادت دوران قتل ڪيو ويو. حقيقت ۾ هينري ڇهين جي قيد کان گهڻو وقت اڳ ئي ويڪ فيلڊ ٽاور سرڪاري رڪارڊ ۽ ڪاغذن جي آفيس ۾ تبديل ٿي ويو هو. تنهنڪري اهو گمان غالب آهي، ته کيس لينٿرن ٽاور ۾ ئي رکيو ويو هجي. جتي نئون بادشاهه خود رهندو هو. جڏهن سرڪاري رڪارڊ چانسري لين ۾ پنهنجي نئين آفيس ۾ منتقل ٿي ويو. جيڪا ۱۸۵۶ع ۾ کُلي هئي، ته ان وقت ويڪ فيلڊ ٽاور جي مٿئين طبق ۾ شاهي تاج ۽ جواهرات جو گهر قائم ڪيو ويو، تان جون اهو وري ۱۹۶۷ع ۾ نئين جوئيل هائوس ۾ منتقل ٿي ويو. نيٺ ۱۹۹۴ع ۾ اڃا به هڪڙي نئين جوئيل هائوس جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.
وال واڪ
ويڪ فيلڊ ٽاور وٽان سيڙهي چڙهندي، توهان وال واڪ تي پهچندا، ديوار جو هيءَ هنڌ، لنڊن ٽاور جي سڀ کان وڌيڪ اندرئين حصي جي نقشي کي سمجهڻ لاءِ تمام سُٺو آهي. اڄ اها ڇپر واري ايراضي ٽاور جي اوائلي تاريخ سان گهٽ وابسته لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها محل جي بلڪل اصل ۾ شامل عنصرن مان هڪ آهي. وائيٽ ٽاور جي اوڀر ۾ ڇپر تي ٿيل نشان اٽڪل ۲۰۰ع ۾ اڏيل رومي ديوار جو ليڪو آهي. جنهن سان گڏ اٽڪل ۴۰۰ع ۾ اڏيل رومي قلعي جو بنياد موجود آهي، جنهنجي مٿان يارهين صديءَ ۾ وارڊ روب ٽاور اڏيو، وال واڪ جي بلڪل هيٺيان درياءَ جي طرف کان شهر کي ڏنل ڀت جو حصو ٻاهر ظاهر آهي. هيءَ ڀت اٽڪل ۳۹۰ع ۾ جوڙيل هئي ۽ اها گئلري واريءَ دُڪان جي سامهون ڏسي سگهجي ٿي.
حقيقت ۾ وائيٽ ٽاور انهيءَ رومي ديوار جي اندرئين ايراضيءَ ۾ اڏيل هو. اتر ۽ اوڀر طرف کان شاهي کاهي ٺاهي، ان جي ڪناري تي مٽيءَ جو وڏو بند ٻڌي انجي مٿان ڪاٺ جي ديوار ٺاهي ٽاور کي محفوظ ڪيو ويو. ٽاور جي حفاظت لاءِ ان کانپوءِ وڌيڪ اپاءُ ورتا ويا ۽ ٽاور جي اڳئين طرف واري ايراضي تيرهين صديءَ ۾ ٽاور جي ڏکڻ اولهه ڪُنڊ تي هڪ شاهي گيٽ هائوس اڏي بند ڪئي ويئي. وائيٽ ٽاور جي کاٻي طرف انجا بنياد ڏسي سگهجن ٿا، انهيءَ گيٽ کي ڪولڊ هاربر گيٽ سڏبو هو ۽ اتان کان محل جي بلڪل اندرئين ڀاڱي ۾ وڃي سگهبو هو. ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ هن گيٽ هائوس جي وچ ۾ انهيءَ ديوار جا آثار موجود آهن. جيڪا محل جي انهيءَ انموسٽ وارڊ جي اولهه طرف جو بچاءُ ڪندي هئي. انموسٽ وارڊ ۾ بادشاهه جو شاهي هال، باورچي خانو، مهمان خانو ۽ هينري ٽئين جي ٻي زال راڻي ايني بولين جي تاجپوشيءَ جي سلسلي ۾ خاص مهمانن جي رهائش لاءِ اڏايل عمارتون به شامل هيون، بعد ۾ محل ۾ توسيع ڪئي وئي. هينري اٺين، وائيٽ ٽاور جي ڏاکڻي پاسي کان جواهرن جو گهر جوڙايو، جنهنجو رُخ نديءَ ڏانهن هو. ان جي اوڀر طرف ۾ انهيءَ سان گڏ هڪڙي ٻي عمارت اڏائي. محل جي اولهه طرف لينٿرن ٽاور ۽ وارڊ روب ٽاور جي وچ ۾ هڪ عبادتگاهه ٺاهي وئي. محل جي اوڀر طرف سالٽ ٽاور ۽ براڊ ايرو ٽاور تعمير ڪيا ويا. بادشاهن جي رهائش ختم ٿيڻ کانپوءِ محل جي چوڌاريءَ اڏيل اهي عمارتون ڪافي عرصو سلامت رهيون، منجهائن ڪي ۱۶۷۴-۷۵ع ۾ ڪيرايون ويون. شاهي هال سميت ٻيون جايون گدامن ۽ آفيسن ۾ تبديل ٿي ويون. ۱۷۷۵-۷۷ع ۾ لينٿرن ٽاور باهه لڳڻ سان چٽ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ٻيون عمارتون به ڪري پيون.
لينٿرن ٽاور
اصل لينٿرن ٽاور، راڻيءَ جي رهائش طور ٺهندڙ ويڪ فيلڊ ٽاور سان گڏ تعمير ٿيو. ۱۷۷۴ع ۾ باهه لڳڻ سبب تباهه ٿيو ۽ ترت پوءِ ڪيرايو ويو. موجود عمارت اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ تعمير ٿي ۽ اڄ اها تيرهين صديءَ جي ڪجهه انهن خاصيتن کي پيش ڪري ٿي، جيڪي ايڊورڊ اول جي وقت ۾ محل جي زندگيءَ ۾ موجود هيون.  جيئن ئي لينٿرن ٽاور مان نڪرندا، ته راڻي ايلز بيٿ ثاني واري چاڙهيءَ تان لهڻ کان اڳ وال واڪ وٽان اڪيترائي اهم ٽاو ڏسي سگهندا. ڏور اوڀر طرف ٽاور برج ڏانهن نهارڻ سان آئوٽر وارڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪُنڊ تي ڊيولن ٽاور ڏسڻ ۾ ايندو، ڪنهن وقت ۾ هن ٽاور وٽان هڪ گذر گاهه نڪري کاهيءَ وٽان ٿيندي، محل جي پوئين طرف پهچندي هئي. ڊيولن ٽاور جي ساڄي طرف هيٺانهون ۽ بلاڪ جهڙو نرالو ٽاور ويل ٽاور آهي.

روس کانسواءِ باقي سڄي مغربي يورپ جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري سمورا اهم محل ۽ گرجا گهر ڏٺا اٿم، جنهن ۾ سڀني کان زياده سادگي مونکي برطانيه ۾ نظر آئي، جتي پنهنجي محل محلاتن تي ٻين مغربي ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ خرچ ۽ سادگي اختيار ڪئي، شايد تنهنڪري ئي ٻين ملڪن ۾ بادشاهتون مٽجي ويون پر برطانيه ۾ اڃا به نالي ماتر بادشاهت قائم آهي، هونئن به دنيا ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته، آخر ۾ صرف پنج بادشاهه قائم هوندا، چار تاش جي پتن جا بادشاهه ۽ هڪ برطانيه جو بادشاهه، لنڊن کان اسڪاٽ لينڊ ويندي، مون لوهه يا سيمينٽ جي لائيٽ جي ٿنڀي جي بجاءِ ڪاٺ جا ٿنڀا ڏٺا، جن تي سڄي علائقي جي سون ميلن ۾ لائيٽ جو نظارو هلندڙ هو، اهڙا ڪاٺ جا ٿنڀا پاڻ وٽ سنڌ ۾ به اڄ کان پنجاهه سال اڳ عام جام هئا ۽ انهن جي نشانيءَ طور ڪراچيءَ کان ٺٽي واري پراڻي روڊ تي ٻه ٽي سال اڳ به اهڙا ٿنڀا نظر ايندا هئا پر هاڻ غائب آهن. باقي لوهه جا ڪيترا ئي واپڊا جا نوان ٿنڀا لڳا پيا آهن، جن کي ٻئي ڪنهن ڪم ۾ به آڻي سگهجي ٿو پر ائين ڪو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اسان جي اربين روپين جي قومي دولت ضايع ٿي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment