Saturday, August 31, 2013

ڪوالالمپور اندر - الطاف شيخ

ڪوالالمپور اندر
الطاف شيخ
هن مهانگائيءَ واري دور ۾ دنيا جي جن چند شهرن وڏي ترقي ڪئي آهي، ڪوالالمپور پڻ انهن مان هڪ آهي.
شهرن جي تواريخ ۾ جتي هزارها سالَ پراڻا شهر پيا آهن اتي ڪوالالمپور ڪو گهڻو پراڻو شهر ناهي. سؤ سوا سؤ سال کن اڳ ته هن شهر جي نالي کان هن تر جا ماڻهو به گهڻو واقف نه هئا. ڪوالالمپور کان وڌيڪَ جھونو شهر ته ڪلانگ (Kalang) آهي، جيڪو ٽيهارو کن ڪلوميٽرن اتر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ اڄ به بندرگاهه جا ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ڪوالالمپور سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ بدران ڪلانگ ۽ گومباڪ (Gombak) ندين جي سنگم تي آهي.

هونءَ ته دنيا جا پراڻا شهر ۽ تهذيبون ندين جي ڪناري تي ئي موجود آهن ڇو جو جيءَ جي جياپي لاءِ انسان لاءِ پاڻي ضروري آهي. پر ملائيشيا جون هي نديون اها اهميت نٿيون رکن، جيڪا گنگا جمنا، سنڌوندي، ڪرناڦلي ۽ اروادي رکن ٿيون ڇو جو ملائيشيا جي ماڻهن کي الله جي فضل سان پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ناهي. ٻارهوئي جتي ڪٿي مينهن پيو وسي ۽ ملائيشيا  ۾ نه ماڻهو وهٽ ۽ نه ٻني ٻارو اڃ مري ٿو. بقول ملاڪا جي هوٽل واري جي ته پاڻي اسڪاءِ جيوس (آسماني رس) آهي، جنهن تي سندن ڪو خرچ ناهي. قدرت طرفان اها کين گهر ويٺي ملي ٿي. ۽ ڪوالالمپور جو شهر پاڻيءَ جي موجودگي ڪري نه پر ٽين جي کاڻين ڪري هتي ٻڌو ويو. جنهن هنڌ تي ڪوالالمپور جو پراڻو شهر ـــ ائمپنگ وارو علائقو آهي اتي ڪنهن زماني ۾ ٽين جا وڏا ذخيرا هئا. جن کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا. کوٽائي لاءِ مزورن جي کوٽ ٿي پيئي ته چين جهڙي ڏورانهين ملڪ کان سٿن جا سٿا چيني مزدورن جا ڪم لاءِ ملايا ۾ اچڻ لڳا. مٿيون نديون جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪم آيون ٿي ته آمدورفت لاءِ ـــ سو به فقط تن ڏينهن ۾. باقي پيئڻ لاءِ اڄ به سندن پاڻي صاف ناهي. ڪلانگ ندي، جنهن سان ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گومباڪ ندي به ملي ٿي، سڄي گپ سان ڀريل آهي. ان گپ جي ئي ڪري هن شهر تي ”ڪوالالمپور“ نالو پيو. ملئي زبان ۾ گپ کي Lumpur سڏجي ٿو. ۽ Kuala (ڪئلا يا ڪوالا) معنيٰ ”نديءَ جو منهن“. بهرحال ٽين ۾ ايڏي وڏي ڪشش هئي جو هڪ ٻئي پويان ماڻهن جا قافلا هتي گڏ ٿيندا ويا. مالڪ سيٺ، ڪمدار ڪامورا، مزدور مددگار، ڪمي ڪاسبي ـــ ڏينهون ڏينهن سندن تعداد وڌندو ئي ويو. ۽ اُٿندي ئي هن شهر ۾ وڌڻ ويجھڻ لاءِ اهڙا ته پڪا اهڃاڻ ڏنا جو تن ڏينهن جو انگريز حاڪم ــــ جنهن هن رياست سلنگور جي گادي ڪلانگ شهر ۾ ٺاهي رکي هئي، تنهن کي اتان پٽرائي ڪوالالمپور ۾ آڻڻ جو سوچڻو پيو.
نيٺ ۱۸۸۰ع ۾ برٽش ريزيڊنٽ (بلوم فيلڊ ڊگلس) ڪلانگ شهر مان مڙيئي آفيسون پٽرائي ڪوالالمپور ۾ ان جاءِ تي اچي پختيون ڪيون، جتي هينئر پڊانگ (Padang) آهي. پوليس بئرڪون ۽ ڪجهه گهر ”بڪت امان“ تي ٻڌايا ويا، جنهن جي پٺيان سلنگور ڪلب آهي. جتي هينئر پرائيم منسٽر  جو ڊپارٽمينٽ آهي اتي ريزيڊنسي آفيس آندي ويئي. خرچ بچائڻ لاءِ ڪلانگ واري آفيس جو هڪ هڪ تختو ۽دري دروازو پٽرائي ڪوالالمپور آندو ويو. هاڻ جيتوڻيڪ ان آفيس کي وڏو ڪيو ويو آهي پر تڏهن چڱي ننڍڌي هئي ۽ جنهن ۾ هڪڙو ئي انگريز بهادر ڪامورو رهندو هو، جيڪو سڄي رياست جو والي سمجھيو ويو ٿي.
برٽش ريزيڊنٽ ڊگلس لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايترو همت ۽ ڦڙتائيءَ وارو نه هو. ۱۸۸۲ع ۾ سويٽنهام نالي هڪ جوان ۽ همت وارو انگريز آيو، تنهن پنجن سالن اندر هن شهر ڪوالالمپور کي ايڏو صاف سٿرو ڪرايو ۽ وڌيڪَ ٺاهيو جوڙيو جو انهن ڏينهن ۾ هن شهر لاءِ چيو ويندو هو ته:
“Kuala Lumpur is the Neatest and Prettiest Chinese and Malays Town.”
تن ڏينهن ۾ يپ ـــ آه ــ لوئا (Yap - Ah - Loy) نالي هڪ چيني همراهه ڪئپٽن چينا هوندو هو. يعني هڪ قسم جو ميئر هو. چيو وڃي ٿو ته هن، شهر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، ڪافي ڪم ڪيو. هو مارڪيٽ اسٽريٽ تي هڪ وڏي گهر ۾ رهندو هو جتي هينئر هانگ ڪانگ شنگهائي بئنڪ آهي.
مارڪيٽ اسٽريٽ اڄڪلهه ”پاسار بسار اسٽريٽ“ سڏجي ٿي. هن هڪ وڏو چيني مندر پڻ ٺهرايو جنهن جو نالو ”زي ـــ يا“ (Sze-Ya) ٽيمپل آهي، جنهن جي چوڌاري اڄڪلهه جالان بندر ۽ لبوح پودو وارا دڪان آهن. (ملئي زبان ۾ جالان معنيٰ رستو يا شاهراهه ۽ لبوح معنيٰ گهٽي.)
ڪئپٽن چينا جي گهر جي سامهون جيڪا مارڪيٽ هئي اتي رات جو کاڻين جا مالڪ ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ چيني همراهه کوٽائيءَ مان ڪمايل ناڻي تي جوا اچي کيڏندا هئا. سهڻن گهرن کان علاوه سادا ۽ غريباڻا گهر پڻ جام هئا. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کان علاوه گاڏا ۽ بار گهلڻ وارا چيني مزور، لوهار، واڍا، گاڏن ۽ خومچن وارا، ڏيا ٻارڻ وارا ـــ جيڪي رات جو ڏيئي ۾ تيل وجھي ٻاريندا هئا، ان کان علاوه رنڊين جو گهڻو ڳاڻيٽو هو. ٽي سؤ کن رنڊين جي رهائش جو بندوبست ته ڪئپٽن چينا يپ ـــ آه طرفان ٿيل هو. اڌ شهر جو ته مالڪ ئي پاڻ هوندو هو.
انهن ڏينهن جون شهر واريون گهٽيون اڄ به ساڳيون ئي ور وڪڙن واريون آهن. فقط دڪان نوان ۽ سهڻا ٿيندا رهن ٿا. ۱۸۸۶ع ۾ اٽڪل ٻٽيهه ڪلوميٽر ڪلانگ کان ڪوالالمپور جي جالان چينگ لاڪ تائين ريلوي لائين وڇائي ويئي ۽ اتي ئي پهرين اسيٽيشن ٺاهي ويئي. ان کان پهرين هڪ سال اڳ (۱۸۸۵ع) ۾ تيرهن کن ڪلوميٽرن جي ريلوي لائين تائيپنگ کان پورٽ ويلڊ تائين وڇائي ويئي هئي. اڄ جهاز، فيرين، بس موٽر ڪارن هوندي به ملائيشيا جي ريلوي Keretapi Tanah Melayu (ڪي. ٽي. ايم) سواريءَ جو اهم ۽ آرامده ذريعو آهي.
اڄ جو مـشهور سلينگور ڪلب ۱۸۸۴ع ۾ هڪ ڪاٺ جي ٻه ماڙ بنگلي ۾ کوليو ويو هو. پوءِ چوڌاري پکڙيل دلدل واري زمين کي مٽيءَ سان ڀري ڪرڪيٽ جو گرائونڊ ٺاهيو ويو، جيڪو پوليس پريڊ گرائونڊ طور پڻ استعمال ٿيندو هو.
۱۸۸۷ع ۾ پڊانگ (Padang) واري پسگردائيءَ ۾ ڪوالالمپور جي پهرين پوسٽ آفيس کولي ويئي ۽ اتي ئي سينٽ ميري وارو چرچ ٺاهيو ويو. (رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو ”سينٽ جان گرجا گهر“ ۱۸۸۲ ۾ بڪت ناناس تي ٺهي چڪو هو.)
پاڊانگ (ملئي لفظ. معنيٰ ميدان) جالان راجا تي آهي، جتي هر سال ملائيشيا جي آزاديءَ واري ڏينهن ــ ۳۱ آگسٽ تي پريڊ، رانديون ۽ ٻيون خوشيون ملهايون وڃن ٿيون. پاڊانگ ۽ سلينگور ڪلب جي سامهون ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين واري مغل نموني جي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي، جيڪا آرڪيٽيڪٽ ۽ مغرب ۽ مشرق جو ڄڻ ميلاپ آهي. ٿورو ئي اڳتي سٽي هال جي عمارت اهي، جيڪا ۱۸۹۶ع ڌاري ٺاهي ويئي هئي. اها پڻ جيتوڻيڪ مشرقي نموني جي آهي پر ساڳي وقت ان مان لنڊن جي ايڊورڊين عمارتن جو پڻ هڳاءُ اچي ٿو.
ڪوالالمپور ــــ يا K.L (جيئن عام طرح سان هي شهر سڏجي ٿو)، ان ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي وقت هجي ته اهي مٿيون تواريخي شيون ضرور ڏسي، جيڪي شهر جي وچ ۾ ئي آهن.
پاڊانگ کان ٿورو اڳيان جالان تن پيراق اچي ٿو، جتي انفارميشن بلڊنگ جي عمارت لتاڙڻ بعد مسجد جامي آهي. ٻئي شيون عمارت سازيءَ جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهن. هيءَ پراڻي مسجد ان هنڌ تي آهي، جتي گومباڪ ۽ ڪلانگ نديون هڪ ٻئي سان مليو هڪ ٿيو وڃن ۽ جتان ڪي. ايل جو شهر وڌڻ شروع ٿيو هو. هن ٽڪري ۾ اڃا تائين ڪيتريون ئي پراڻيون عمارتون ـــ گهر ۽ دڪان نظر ايندا جن مان چيني ملئي ۽ انگريزي آرٽ جا نمونا صاف ظاهر ٿين ٿا.
مسجد جامي کان پوءِ جالان ملايو ويجھو ئي آهي جيڪو نالي مان ته لڳي ٿو ته ان  تي ملئي گهڻا هوندا پر حقيقت ۾ اتي انڊين آهن ـــ گهڻو تعداد ڏکڻ هندستانين جو آهي. ان بعد گجراتي، سک، سنڌين جا دڪان پڻ آهن. جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ کي ننڍڙو انڊيا سڏيو وڃي ٿو، تيئن ڪوالالمپور جو هي علائقو ننڍڙو انڊيا سڏي سگهجي ٿو. ڪارا ڪارا مدراسي کير جهڙين اڇين گوڏين ۽ پهراڻن ۾ پان چٻاڙيندا، ڳاڙهيون پڪيون اڇليندا نظر ايندا. دڪانن تي مٺايون، چوڙيون، مرچ مصالا، هندستاني رسالا ڪتابَ ۽ هندو ڌرم جي ديوتائن وارا ڪئلينڊر، اسٽيل ۽ پتل جا ٿانوَ، چمڪ واريون ساڙهيون ۽ گوڏيون ۽ گلن جا هار نظر ايندا. مٺائيءَ ۾ لڏون، برفي ۽ جليبي، ۽ چهر ۾ سنها گانٺيا (مُرڪو) ۽ بجيا (واڊي) شيشي  جي ڪٻٽن ۾ گول ٿالهن ۾ رکيل هوندا.
ٿورو پٺيان ڪوالالمپور جي هڪ ٻي مشهور مسجد ـــ مسجد انڊيا پڻ آهي، جيڪا هندستان جي مسلمانن ٺهرائي ۽ انڊيا جي ايمبسي به اتي ئي آهي. سو ٻئي ڪنهن ملڪ جو هن پاسي اچي يا نه پر هندستان جو ضرور ايندو. مٺائي وٺڻ، ايمبسيءَ جي ڪم، جمعي نماز پڙهڻ يا ڪنهن مائٽ جو هندستان کان کڻي آيل خط مالڪن کي پهچائڻ لاءِ.
اڄ جي جالان پيتالنگ، جالان سلطان ۽ جالان بندر تي ڪوالالمپور جو چائنا ٽائون ڏسڻ وٽان آهي ـــ جيڪو ڪافي پراڻو، سوڙهو ۽ پيچيدو علائقو آهي. ان جالان بندر تي ئي Sze-Ya مندر آهي جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ان مندر جي ٻاهرين خوبي ۽ اندر چيني تائو ڌرم (Taoist) جي پوئلڳن کي اگربتيون ۽ ڪوڙا نوٽ ساڙي عبادت ڪندو ڏسي سگهجي ٿو. ساڳي روڊ تي ٻي ڪنڊ تي ”سري ماريا مان“ هندو مندر آهي، جتي هندو پوڄاري نظر ايندا. هي مندر ۱۸۷۳ع ۾ ٺهيو. مندر جو گوپر (دروازي مٿان وڌيل ڀت جنهن تي ڪيترا ئي رنگين بت رکيل ٿين ٿا). ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ ولايت کان آيل ماڻهو ان اڳيان ڪئميرائون جھلي فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا.
ڪي. ايل ۾ جالان مئدان تئانڪو (Medan-Tuanku) تي هڪ پراڻي عمارت وسما لوڪ آهي. (ملئي زبان ۾  جاءِ کي بنگونان چئجي ٿو ۽ تمام وڏي جاءِ، عمارت يا ڪامپليڪس کي Wisma چئجي ٿو) وسما لوڪ ۱۸۸۴ع ۾ هڪ چيني همراهه چيئو ـــ آه ـــ ييوڪ (Cheow-Ah-Yeok) ٺهرايو، جيڪو پراڻي ڪي. ايل کي ٺاهڻ واري ڪئپٽن چينا يپ جو ويجھو دوست هو. (۱۸۹۲ع ۾ سندس مرڻ بعد ڪوالالمپور جي هڪ ارب پتيءَ چينيءَ ــ مسٽر لوڪ ييئوءَ  (Loke-Yew)  ان کي خريد ڪري ان ۾ وڌيڪ تبديليون ۽ مرمت ڪرائي، جيڪا يارهن سال هلندي رهي). هيءَ بلڊنگ ــ وسما لوڪ يا لوڪ ــ هائوس، ڪوالالمپور شهر جي پهرين عمارت آهي، جيڪا سيمنٽ ۽ سرن مان ٺهي. مسٽر لوڪ جي فئملي هن عمارت ۾ ۱۹۳۰ع تائين رهي. ان بعد هي گهر خالي رهيو. وچ ۾ جپانين جي قبضي ۾ رهيو ۽ وري انگريزن جي اچڻ تي هن گهر ۾ چيني اسڪول کليو ۽ ان بعد پوليس جي اسپيشل برانچ جو اسڪول. ۱۹۸۲ع کان هيءَ عمارت وري خالي پيئي آهي.
ٻيون عمارتون جيڪي پراڻن ڏينهن جي ياد ڏيارين ٿيون. انهن  مان هڪ باڪ ـــ هائوس (Bok-House) پڻ آهي، جيڪو ائمپنگ روڊ تي آهي ۽ ويجھڙائيءَ ۾ هن عمارت ۾ ٿوري تبديلي ڪري Le coq dor نالي ريسٽورينٽ ٺاهي ويئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوالالمپور ۾ باتو روڊ جا سٺ سال ملهايا ويا. باتو روڊ انگريزن جي دور جو ٺهيل رستو آهعي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪوالالمپور جو هي پهريون رستو آهي، جيڪو پٿرن سان پڪو ڪيو ويو هو ۽ شايد ان ڪري هن رستي جو نالو باتو روڊ پئجي ويو. ملئي زبان ۾ باتو (Batu) معنيٰ پٿر. ۽ هي رستو پڪو ٿيڻ تي ظهار آهي هن رستي کي ماڻهو پٿرن وارو رستو يعني Jalan Batu سڏڻ لڳا. ملايا جي آزاديءَ بعد هن رستي جو نالو بدلائي هن ملڪ جي پهرين پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان نالي رکيو ويو. ۽ هن روڊ کي  ڪجهه وڌايو پڻ ويو آهي نه ته اصلي باتو روڊ جالان مائونٽ بئٽن (جيڪو هاڻ جالان تن پيراق سڏجي ٿو) کان وٺي جالان ڪئمپ بيل (جيڪو هاڻ جالان ڊانگ وانگي Dang Wangi سڏجي ٿو) تائين هو.
پراڻي باتو روڊ وارين عمارتن ۾ ڪيتري ئي ردوبدل اچي ويئي آهي، پر پراڻي دور جون ٻه عمارتون اڃا به ساڳي روپ ۾ آهن. هڪ ڪئٿي آرگنائيزيشن جي اوڊين سئنيما ۽ ٻي ڪوليسيم (Colisum) سئنيما ۽ ڪيفي جيڪا ۱۹۲۱ع ۾ ٺهي. تن ڏينهن ۾ پڻ اهي عمارتون هن روڊ جون اهم نشانيون هيون ڇو جو ٻيا سڀ دڪان ۽ گهر هنن جي مقابلي ۾ ننڍا هئا.
تن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ رابن سن ۽ وائيٽ ويز(White ways)  اعليٰ شين جا دڪان سمجھيا ويندا هئا پر تڏهن به عوام ۾ باتو روڊ ۽ مسجد انڊيا روڊ وارا دڪان گهڻو مشهور هئا. رابن سن دڪان پوءِ بند ٿي ويو، ان جي جاءِ تي اڄڪلهه يونائيٽيڊ ايشين بئنڪ جا هيڊ ڪوارٽر آهن. وائيٽ ويز جي ڀر ۾ هڪ سک جو دڪان گيان سنگهه نالي پڻ هتي جو اهم شاپنگ سينٽر رهيو آهي. سماجي گڏجاڻين ۽ اعليٰ درجي جي فنڪشن لاءِ هتي جي لي وانگ ڪي (Lee Wong Kee) هوٽل پڻ خاص سمجھي وڃي ٿي، جيڪا فقط ٽيهارو سالَ کن اڳ کلي آهي.
باتو روڊ (هاڻوڪي تنڪو عبدالرحمان روڊ) تي ڪجهه ٻيا به اهم ۽ تواريخي دڪان آهن. هڪ ته “P.H Hendry” نالي زيورات جو دڪان آهي. هي دڪان باتو روڊ تي ۱۹۲۰ع ۾ کليو. ان کان اڳ پاسي واري رستي جالان ملايو تي ”سلوني بيڪري“ نالي هو جتي زيورات کان علاوه ڊبل روٽي ۽ سلوني چانهه پڻ وڪامي ويندي هئي.
هينڊري جي دڪان کان علاوه گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ سنڌيءَ جو دڪان پڻ هن رستي تي مشهور آهي. گلوب سلڪ اسٽور مسٽر تيرٿ داس ڄيٺانند اڄ کان پنجاهه سالَ کن اڳ پهرين سيگامت شهر ۾ کوليو. ان بعد اتي بند ڪري ڪوالالمپور جي هن رستي ـــ جالان تنڪو عبدالرحمان تي آندو. پاڻ ۱۹۷۲ع ۾ سٺ سالن جي ڄمار ۾ اسنتا اسپتال ۾ گذاري ويو. اڄڪلهه سندس اڪيلو پٽ تان سري ڪشو سڄو ڪاروبار هلائي ٿو.
انهن پراڻين شين سان گڏ جيڪڏهن اڄ جو ماڊرن ڪوالالمپور ڏسڻو آهي ته پوءِ ان لاءِ جالان بڪت ـــ بنتانگ ۽ جالان سلطان اسماعيل ڏي رُخ رکڻ ضروري آهي. جتي اڄ جي دنيا جون ماڊرن هوٽلون ۽ فئشنبل دڪان ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن. ڊسڪوٿي ۽ ڪلب آهن. وڏيون ۽ سهڻيون آفيسون ۽ انهن اڳيان بيٺل نون ماڊلن جون مهانگيون ڪارون ۽ فئشنبل پوشاڪن ۾ ماڻهو آهن.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment