Tuesday, August 13, 2013

مسندم - نعيم شيخ

مسندم
جتي عيد جي موڪلن ۾ هزارين ماڻهو تفريح لاءِ پهچن ٿا
نعيم شيخ/دُبئي
دُبئي ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن جي ڪوشش هوندي آهي ته، موڪلن وارن ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ تفريح حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ ته هتان جي روزمره جي زندگي ايتري ته تيز ۽ مصروف آهي، جو باقي ڏينهَن ۾ هر ماڻهو سڄو ڏينهن فقط پنهنجي آفيسن ۽ گهرن تائين محدود رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته، مختلف ملڪ ۽ ڪلچر ڏسڻ سان هڪ ته نئون تجربو ٿئي ٿو، ٻيو وري ذهن تازو ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح مونکي ۽ منهنجي دوستن کي به دُبئي مان ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ جو موقعو مليو.

عيد جي ڏينهن اسان يو اي اي ڀرسان عرب ملڪ عمان جي رياست مسندم وارو علائقو گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. هي علائقو ويجهو هجڻ ڪري دُبئي سميت پوري متحده عرب الامارات جا رهواسي اڪثر ڪري پنهنجي ڪارن ۾ سوار ٿي مسندم ڏانهن گهمڻ لاءِ وڃن ٿا. اسان مسندم جا ننڍا ننڍا شهر توڙي ڳوٺ ڪراس ڪندا خصب پهتاسين.. شهر اندر مڪمل صفائي هجڻ سان گڏوگڏ هوٽلون، ريسٽورنٽ ۽ ٽريول ٽوئرس ڪمپنين سميت ڪيترا ئي دڪان پڻ آهن. رستي ۾ ڪجهه علائقن اندر خوبصورت ماڊرن اسٽائل ۾ ٺهيل بنگلا نظر آيا، جڏهن ته شهر اندر باقي علائقن ۾ ٺهيل گهرن کي ڏسي لاڙڪاڻو ياد اچي ويو. بلڪل ساڳئي انداز ۾ گهر ٺهيل هئا.
هاڻي اسان کي هتان کان سمنڊ ۾ ڪروز ذريعي ٽيليگراف آئلينڊ تي وڃڻو هو. ڪروز جي بڪنگ ڪرائڻ لاءِ هڪ ٽريول ايجنٽ وٽ پهتاسين ۽ ۱۰۰ درهم في ماڻهو جي حساب سان جمع ڪرائڻ بعد، اسان کي ٻڌايو ويو ته؛ ”ڪروز ٺيڪ هڪ وڳي روانو ٿيندو.“
هن سڄي پروگرام ۾ اسان کان هڪ وڏي سنگين غلطي ٿي وئي هئي. اسان پنهنجي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه کڻي ويا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته؛ ”اتي ڪافي ريسٽورنٽ آهن، جتي اوهان کي پسند مطابق ماني ملي ويندي.“ پر وقت جي ڪميءَ سبب اسان ڪنهن ريسٽورنٽ تي ماني کائڻ لاءِ به نه پئي وڃي سگهياسين. ڇاڪاڻ ته آخري ڪروز تي سفر ڪرڻ وارو موقعو به هٿن مان نڪري وڃي ها. اهڙيءَ طرح هن پوري سفر ۾ اسان فقط جوس ۽ پاڻي پي وقت گذاريوسين.
ڪروز ۾ ٽوٽل ۳۰ ماڻهن جي گنجائش هئي. تقريبن سڄو ڪروز فل هو. جنهن ۾ اڪثر هندوستاني فئمليز هيون. هڪ ڪلاڪ تائين ڪروز ۾ سفر ڪرڻ کان پوءِ، اسان ٽيليگراف آئلينڊ تي پهتاسين. هر طرف پهاڙ ئي پهاڙ هئا. نظارو ايترو ته خوبصورت هو جو اکيون ئي ٺري پيون. ڪروز هڪ ڪلاڪ تائين آئليند تي بيٺو. سيفٽي لاءِ لائيف جيڪيٽون ڏنيون ويون، جيڪي پائي اسان سمنڊ ۾ سوئمنگ ڪري خوب مزو ماڻيو.
بعد ۾ اسان واپس خصب لاءِ روانا ٿياسين. ساڳي ڪروز ۾ وري اسان کي هڪ ڪلاڪ جو سفر ڪرڻو هو. اسان هڪ ڪلاڪ جو واپسيءَ وارو سفر طئي ڪري، خصب پهچي، ڪار ۾ پهاڙي رستن کان آهستي آهستي ڊرائيو ڪندا، ستين وڳي واپس متحده عرب الامارات ۾ داخل ٿياسين.
بک سبب، سڀني جا حال بي حال هئا. راس الخيمه شهر به بارڊر کان ۴۵ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو. جنهن ڪري دبئي وڃڻ کان اڳ راس الخيمه ۾ هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کائي، اتان نائين وڳي روانا ٿياسين ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻيو عرب ملڪ گهمڻ کان پوءِ، رات جو يارهين وڳي واپس دُبئي پهتاسين.

No comments:

Post a Comment