Sunday, August 11, 2013

عورت جي آزادي، محنت ۾ عظمت ۽ خوداعتمادي - عبدالله مورائي

عورت جي آزادي، محنت ۾ عظمت ۽ خوداعتمادي
عبدالله مورائي
سئيڊن (Sweden) اتر يورپ جو ٿڌو ۽ صاف ترين ملڪ، جنهن ۾ مون کي گذريل پنجن سالن کان رهڻ دوران ڪافي انيڪ تجربا ۽ تجزيا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.
ملڪ جي آبادي ۹۳ لکن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ آبادي جو وڏو حصو گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ رهي ٿو/ آباد آهي، جيڪو مختلف ۱۳ ٻيٽن تي مشتمل آهي.

چوندا آهن ته محنت ۾ عظمت آهي، اها ئي عوامي محنت آهي، جنهن دنيا جي ڪيترن ملڪن ۽ عوام کي ترقي يافته هئڻ جي فهرست ۾ شمار ڪرائي ڇڏيو آهي، سئيڊن ۾ ڪم ڪرڻ واري ماڻهو کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڪم ڪرڻ سان ئي ماڻهو هتي خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو.
ڇاڪاڻ ته هيءُ ملڪ دنيا جي مهانگن ملڪن مان هڪ آهي، بغير تفاوت جي، هتي وڏن عهدن تي ڪم ڪرڻ وارن جو اولاد پڻ ۱۴ يا ۱۵ سالن جي عمر کان وڏي ڪم ۾ جنبي ويندا آهن، هتي پڙهائي سان گڏوگڏ ڪم ڪرڻ کي پڻ اوليت ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪم کي گهٽ نٿو سمجهيو وڃي، عام ماڻهن جي اولاد سان گڏوگڏ وڏن عهدن تي ڪم ڪرڻ وارن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ ڪنهن ميڪڊونلڊ يا ڪنهن ريسٽورنٽ تي ڪم ڪندي توهان کي نظر ايندا، يا وري اخبار ڊليور ڪندا يا صفائي جو ڪم يا سياري ۾ برف صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندي نظر ايندا ۽ اڃا به ڪافي اهڙا ڪم جيڪي اسان وٽ گهٽ عزت وارا سمجهيا وڃن ٿا.
چوڻ جو مقصد ته هتي ننڍي هوندي کان ئي اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته هر ڪنهن کي محنت ڪرڻي آهي ۽ زندگيءَ جون آسائشون حاصل ڪرڻيون آهن، نه صرف آسائشون پر پنهنجي هٿن سان ڪمايل پئسن جي اهميت پڻ اجاگر ٿئي ٿي. پنهنجي هٿن سان ڪمايل پئسا جڏهن خرچ ڪن ٿا ته انهن کي اها به تعليم ملي ٿي ته خرچ ڪيئن ڪجي ۽ پنهنجي بجيٽ ڪيئن ٺاهجي ۽ وڏي ڳالهه ته خود اعتمادي اچيو وڃي.
سنڌ ۾ مون کي اهڙا ڪافي دوست ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا ياد آهن جن پنهنجين عمرين جو چڱو خاص حصو سرڪاري نوڪري، سا به پنهنجي شهر ۾ ملڻ جي آسري تي وڃائي ڇڏيو ۽ مائٽن جي خرچ تي پلجندا رهيا. پاڻ وٽ حساب ابتو آهي، هڪ ڪمائڻ وارو ته ۱۰ کائڻ وارا ۽ هتي جيڪڏهن ۴ ڀاتي آهن ته چار ئي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڌنڌي سان لڳل هوندا، نتيجو خوشحال زندگي جي ضمانت، نه ڪم نه ڌنڌو، رڳو ويهي سرڪاري نوڪري جو انتظار ڪرڻ پنهنجي پاڻ سان ظلم ڪرڻ جي مترادف آهي.
هتي شروع کان ئي رڌي پڪي جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، ڪوبه اهڙو ماڻهو توهان کي نه ملندو، جيڪو چئي ته هو هن هنر کان اڻڄاڻ آهي، بلڪ اها هڪ شرم جي ڳالهه تسليم ڪئي ويندي.
پاڻ وٽ سنڌ ۾ يقينًا اهڙا کوڙ سارا دوست ملندا جيڪي هڪ چانهه جو ڪوپ به نه ٺاهي سگهندا يا بيدو به بوائل ڪري نه سگهندا آهن. نتيجو اهو نڪري ٿو ته جيڪڏهن اهي دوست گهر کان ڪاڏي ڏور وڃن ته ڪافي مصيبت ۾ ڦاسجيو وڃن ۽ اهو ئي نتيجو آهي ته اسان گهر ڇڏڻ کي وڏي مصيبت سمجهون ٿا. پنهنجن ٻارن کي هر قسم جي تعليم ڏيارڻ گهرجي ته جيئن اهي اڳتي زندگي ۾ ڪٿي به ڪنهن به پريشانيءَ ۾ مبتلا نه ٿين.
هتي اسڪولن ۾ مختلف Activities ڪرايون وڃن ٿيون، جن ۾ ٻارن کي ترڻ سيکاريو وڃي ٿو، پيانو يا گٽار وڄائڻ سيکاريو وڃي ٿو، مخصوص ڏينهن تي انهن کي مختلف عجائب گهر ڏيکاريا وڃن ٿا، جن ۾ تاريخ، سائنس، جانورن، ماڊرن دور، پراڻو دور، آرمي، پوسٽ ۽ ٻيا ڪافي سارا گهمايا وڃن ٿا ته جيئن انهن کي انهن سڀني شين جي ڄاڻ ملي.
جيئن ملڪ ترقي يافته آهي، تيئن ماڻهن جون سوچون ۽ رهنمائي ڪرڻ جو طريقو به ترقي يافته آهي، هتي سڌو سنئون ڪابه ڳالهه ناهن چوندا، جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. مثال طور ڪير جيڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهيو ته استاد ان کي ائين سڌو سنئون نه چوندو ته تون فيل آهين، بلڪ چوڻ جو طريقو مختلف هوندو ته هن دفعي تون پاس ٿي نه سگهيو آهين ۽ ٿوري محنت ڪندين ته ٻئي دفعي مون کي يقين آهي ته تون ڪامياب ٿيندي. جيڪڏهن توهان ڪو ڪم غلط ڪيو ته ائين نه چوندا ته تو غلط ڪيو، پر رهنمائي ڪرڻ لاءِ چوندا ته جيڪڏهن مان تنهنجي جاءِ تي هجان ها ته هن ڪم کي هن طريقي سان ڪيان ها ۽ اهو ڪم توهان کي پاڻ ڪري ڏيکاريندا.
سئيڊن هڪ پُرامن ملڪ آهي، رات جو اڪيليون مايون توڙي ڇوڪريون پيون هلن گهمن، ڪنهن به قسم جو ڪو وڏو خطرو يا ڊپ نه اٿن. هڪ دفعي منهنجي ڪلاس فيلو ڪارو لين (Caro line) ٻڌايو ته هن ڪراٽي ۾ Black Belt حاصل ڪيو آهي، منهنجي پڇڻ تي ته توکي هن پرامن ملڪ ۾ ڪراٽي سکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي، چيائين ته ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به ڪا پريشان ٿئي ته ماڻهو کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ اچي.
هتي عورتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن، عورت ۽ مرد ۾ ذري جو به تفاوت نه آهي، گهڻي قدر آفيسن ۾ عورتون ئي ڪارونهوار هلائين ٿيون، عورتن کي هتي پنهنجي زندگي سندن مرضيءَ سان گذارڻ ڏني وڃي ٿي، ذاتي زندگي ۾ دخل اندازي کي تمام خراب سمجهيو وڃي ٿو. هتي اهو تصور به نٿو ڪري سگهجي ته ڪنهن عورت جو مڙس کيس ڪنهن مرد دوست سان ملڻ کان روڪي. هتان جي شادي شده عورت به پنهنجي ڪنهن مرد دوست سان ٻاهر وڃي ڪنهن ريسٽورنٽ يا ڪيفيٽيريا تي وڃي سگهي ٿي ۽ هرگز سندس مڙس ان ڳالهه جو خراب مطلب نه ڪڍندو.
ڪجهه ڏينهن پهريان مان پنهنجي سانگهڙ جي دوست ارشد ميمڻ جي فليٽ تي پئي ويس، اتفاق سان منهنجي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري عورت (Moniqus) به ان جي ڀرسان رهي ٿي، مون کانئس پڇيو ته مان ارشد وٽ وڃي رهيو آهيان ۽ جيڪڏهن تون ۽ تنهنجو مڙس به اچو ته ٿوري دير لاءِ ڪچهري ڪريون، واعدي مطابق پاڻ آئي، پر سندس مڙس ساڻ ڪونه هئس، چيائين ته Tobas توهان کي سلام چيا آهن ۽ پاڻ آفيس مان هاڻي آيو هو ۽ ٿڪل هو سو ڪونه اچي سگهيو. مون کي اتي پنهنجي سنڌ جون نياڻيون نماڻيون ياد اچي ويون جيڪي غيرت جي نالي تي گولين يا ڪهاڙين جو کاڄ ٿي ويون.
هتي ٻارن کي مٽيءَ يا واريءَ ۾ راند پڻ ڪرائي ويندي آهي ۽ اسڪول ۾ اهو ڪو مخصوص ڏينهن هجي ٿو ۽ ٻار اها خاص قسم جي ڊريس يا ڪپڙا پائي ايندا آهن ته جيئن مٽي ۽ واريءَ ۾ راند جو مزو وٺي سگهن.


No comments:

Post a Comment