Monday, August 19, 2013

بيل ٽاور جو نظارو ۽ تاريخ - عبدالحي پليجو

بيل ٽاور جو نظارو ۽ تاريخ
عبدالحي پليجو
 بيل ٽاور، منٽ اسٽريٽ ۽ واٽر لين واري ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ وائيٽ ٽاور کانسواءِ محل جي سمورن ٽاورن ۾ پراڻو آهي. بيل ٽاور ۽ ساڻس ملندڙ ڪريٽن وال جيڪا واٽر لين سان لڳو لڳ وڌندي بلڊي ٽاور سان ملي ٿي. لندن ٽاور ۾ 1190ع واري اوائلي توسيع ۾ شمارٿين ٿا، جنهن وقت اهي درياءَ جي ڪپ تي موجود هئا.بيل ٽاور جي بنياد وارا بلاڪ ان جي ڀرسان موجود هڪ کڏي مان ندي جي ڪپ تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. ٽاور جي بناوٽ مان اندازو آهي ته شايد اهو ٻن مرحلن ۾ تعمير ٿيل آهي. مٿين ٻي ماڙ جيڪا گول آهي، سا هيٺئين پنج ڪنڊي طبقي مٿان پوئين مرحلي ۾ اڏيل ڀانئجي ٿي. جيتوڻيڪ موجوده بيل ٽاور 1651ع کان موجود ڄاڻايو وڃي ٿو، پر ڪرفيو جو گهنڊ هن ٽاور مان گهٽ ۾ گهٽ 500 سئو سالن کان وڄندو رهي ٿو. لنڊن ٽاور جي تاريخ ۾ ڪانسٽيبل جي رهائش گاهه بيل ٽاور سان گهڻو اڳ ڳنڍي وئي.  ٿيوڊور بادشاهن جي زير حڪومت جڏهن محل جي محافظ اعلى ڪانسٽيبل جي نائب يعني ليفٽينينٽ جنهن کي ريزيڊنٽ ڊپٽي به سڏبو هو، ان جي ڊيوٽي ۾ قيدين جي سلامتي شامل هئي. ان وقت بيل ٽاور تمام مکيه حيثيت وارن قيدين جي رهائش گاهه بنجي ويو. جهڙوڪ سر ٿامس مور ۽ شهزادي ايلزبيٿ جيڪا راڻي ايلز بيٿ اول هئي. واٽر لين سان گڏ اڳيان وڌڻ سان مٿي کاٻي طرف موجود راڻي جي رهائش جو پونيون حصو ڏسڻ ۾ ايندو، جتي ٽاوَر جو گورنر اڃا تائين رهندو آهي. ٿورو اڳتي توهانجي ساڄي طرف  ميڊيئيول پيلس جو گيٽ آهي ۽ ٿورو پوئتي ٽرائيٽرس گيٽ آهي، بلڊي ٽاور جو رستو مخالف رُخ ۾ انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو.

ٽرائيٽرس گيٽ: سينٽ ٿامس جو ٽاور بادشاهه جي رهائش لاءِ بادشاهه ايڊورڊ اول سن 1275ع جي وچ ڌاري اڏايو. بلڊي ٽاور واري آبي رستي بجاءِ هن ٽاور لاءِ الڳ هڪ نئون آبي رستو پڻ جوڙايو ويو. انهيءَ نهر کان ايندڙ آبي ڦاٽڪ کي ٽرائيٽرس گيٽ سڏجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪيترائي حڪومت جا غدار ماڻهو انهيءَ ڦاٽڪ مان داخل ٿيا هئا. مثلاً راڻي ايني بولين ۽ سرٿامس مور، سندن اهو سفر آخري ٿيڻو هو. وائيٽ ٽاوَر جي ڇت تي ٺهيل ٽانڪيءَ ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ٽرائيٽرس گيٽ جي پويان هڪڙي پُول ۾ مشين استعمال ٿيندي هئي. مشين اصل ۾ پاڻيءَ جي زور تي يا وري گهوڙي جي طاقت سان ڪم ڪندي هئي ۽ نيٺ ٻاڦ تي هلائي ويندي هئي. سن 1724-26ع ۾ اها مشين بندوقن جي نالين ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون هلائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. 1860ع ۾ ان کي هٽايو ويو. هينري ٽئين وارو گيٽ ۽ لوئر ويڪ فيلڊ ٽاور: واٽرلين سان اڳتي وڌندي، اوڻويهين صديءَ واري پل هيٺيان هينري ٽئين واري ذاتي آبي ڦاٽڪ جا آثار نظر ايندا. مذڪوره پل سينٽ ٿامس واري ٽاور ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور کي ملائي ٿي. اهو آبي ڦاٽڪ اصل ۾ نهر کان سڌو ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبق ۾ داخل ٿيندو هوندو. ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبقي ۾ محافظن لاءِ هڪڙو ڪمرو هو. واٽر گيٽ تي چوڪي ڏيندڙ سپاهي انهيءَ ڪمري ۾ رهندا هئا. اهي سپاهي لڳ ڀڳ 1280ع تائين تير بازيءَ جي ڳڙکين وسيلي نهر تي چوڪي ڏيندا آيا. جڏهن نهر جي صفا لڳ ڪپ سان هڪڙي نئين ٻاهرئين بچاءُ واري ٽاورن تي مشتمل ڀت اڏي آئوٽر وارڊ قائم ڪيو ويو. تڏهن انهيءَ هيٺئين طبقي جون تير اندازيءَ واريون ڳڙکيون بند ڪري، فرش کي ٻاهرئين زمين جي ليول مطابق مٿي ڪيو ويو هو. پر پوءِ اها ڀرائي وري خارج ڪرائي وئي،  ته  جيئن  اُستن جي پٿرن تي ٿيل ڪم کي اصلي حالت ۾ ڏيکاري سگهجي. اصلي نموني مطابق تعمير ڪيو ويو آهي.اصلي حالت کي مڪمل ڪرڻ  لاءِ مٿئين ڪمري ۾ڪاٺ جو فرش نئين سر اصلي نموني مطابق تعمير ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ۾ گهڻيون جڳهيون اڄ به ڪاٺ جون ٺهيل آهن. ڪاٺ جي جڳهين ۾ سردي گهٽ ٿي لڳي. اڄڪلهه ته هر شئي سينٽرلي هيٽيڊ آهي، پر تڏهن به هت گهر ڪاٺ جا ٺاهيا ٿا وڃن. جنهن گهر ۾ اسان رهيل آهيون، اهو به ڪاٺ جو ٺهيل آهي. ويڪ فيلڊ ٽاور جو مٿيون طبق وچئين دور جي محل جي هڪ ڀاڱي طور عوام لاءِ نمائش واسطي کُليل آهي. ويڪ فيلڊ جي هيٺئين طبق مان نڪري کاٻي طرف مڙي بلڊي ٽاور جي ڦاٽڪ مان لنگهي واپس اچي واٽرلين ۾ داخل ٿجي ٿو.
ڪريڊل ٽاور: واٽر لين اڃا وڌيڪ اڳتي ڪريڊل ٽاور ٺهيل آهي، جيڪو بادشاهه ايڊورڊ ٽئين 1327-1377 ۾ پنهنجي رهائش گاهه لاءِ ذاتي استعمال واري هڪ نئين آبي ڦاٽڪ طور تعمير ڪرايو هو. بادشاهه جي رهائش ان وقت لينٿرن ٽاور ۽ انجي آسپاس جاين تي مشتمل هئي. ڦاٽڪ اندر لوهي سيخن واري دروازي جي جهل لاءِ فرش ۾ ٺهيل کانچا اڃا تائين ڏسجن پيا. پٿر جي ٺهيل سهڻي گولائي واري ڇت پڻ قابل توجهه آهي. ڪريڊل ٽاوَر بعد ۾ قيد خاني طور استعمال ٿيو. سن 1599ع ۾ ٻن قيدين هر هڪ نالي.1. فادر جان گيرارڊ ۽ 2. جان آرڊن ٽاور مان ڀڄڻ جو بندوبست ڪيو. اهي ٽاوَر مان رسي ذريعي نڪري هيٺ پاڻيءَ سان ڀريل کاهي ۾ سندن ساٿين پاران تيار بيٺل ٻيڙيءَ تي چڙهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪريڊل ٽاور جي سامهون راڻي ايلزبيٿ ثانيءَ وارو آرچ ڦاٽڪ آهي، جيڪو انر وارڊ ڏانهن وڃي ٿو. هت ڪافي سياحن فوٽا ڪڍيا، جنهن کانپوءِ اسانجو هي قافلو اڳتي وڌيو. ميڊيئيول محل: ميڊيئيول محل ۾ داخل ٿيڻ جو رستو واٽرلين ۾ ٽرائيٽرس گيٽ جي ڀرسان آهي. لنڊن تاور جي عمارتن جو اهو تعداد، جن کي بادشاهه شهر ۾ موجودگي دوران رهائش طور استعمال ڪندا هئا. انهن جڳهين جو گڏيل نالو ميڊيئيول محل رکيو ويو. انهن مان به مُکيه حصي کي انموسٽ وارڊ چئجي ٿو. تنهن حصي ۾ سير ڪندي وال واڪ جي ڏکڻ کان ۽ ويڪ فيلڊ ۽ لينٿرن ٽاورن وچان به ڏسي سگهبو. سينت ٿامس وارو ٽاور: هي ٽاور بادشاهه ايڊورڊ اول 1275 کان 1279ع تائين ٻن مقصدن ڪارڻ جوڙايو هو. يعني هڪ ته بادشاهه جي رهائش لاءِ وڌيڪ جڳهه جو حصول ۽ ٻيو انهيءَ سان گڏ هڪ اهڙو نئون آبي گهاٽ، جنهن وسيلي بادشاهه نديءَ جي طرف کان محل ۾ پهچي سگهي. هن ٽاور کي هاڻي ٿرائيٽرس گيٽ سڏجي ٿو. ڇو ته انتظاميه جو خيال هو ته غداري واري مقصد سان ويسٽ منسٽر کان هتي ايندڙ ماڻهو انهيءَ ڦاٽڪ مان داخل ٿي هن محل ۾ پهتا هئا. هن ٽاور جي بناوٽ ۾ ڪيتريون تبديليون ڪيون پئي ويون آهن. قديم آثارن جي اصلي صورت ۽ پوءِ ٿيل تبديلين کي ڏيکارڻ لاءِ جيڪي تيرهين صديءَ کان وٺي اتي ٿينديون رهيون آهن، هن ٽاور جي پهرئين چيمبر کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو آهي. سن 1532ع ۾ بادشاهه هينري اٺين جي ٻيو نمبر عملدارن ۽ درٻارين جي رهائش جي لاءِ هن ٽاور جي نئين سر وڏي پئماني تي تعمير ٿي. ارڙهين صديءَ جي شروع ڌاري ٽاور جي حالت افسوسناڪ ٿي وئي. بندوقن جي نالين ۾ سوراخ ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون سنڀاليندڙ مستري، قديم غلام محافظن جو ڪجهه تعداد ۽ ٽاور ۾ قائم اسپتال ۾ داخل مريضن جي رهائش جو بندوبست پڻ هتي ئي ڪيل هو.

1860ع ۾ ٽاور جي اصليت کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ ماهر تعميرات اينٿوني سالون کي مقرر ڪيو ويو. اڄ هي ٽاور انهيءَ آب تاب سان قائم آهي، جيئن سالوِن ٺهرايو هو. ٽاور جواهرات خاني جي ناظم ۽ ڪجهه عرصو پوءِ لنڊن ٽاور جي ڊپٽي گورنر جي رهائش لاءِ ڪم آيو. جواهرات خانو ڀرسان موجود ويڪ فيلڊ ٽاور ۾ قائم هو. هي ٽاور فقط 1990ع کان عوام جي سير لاءِ کوليو ويو. هن ٽاور جو پهريون اڻ تبديل شده ڪمرو بادشاهه جو ميگنا ڪيمرا شاهي ڪمرو ليکبو هو. هن چيمبر ۾ اسٽرانگ روم، خواب گاهه ۽ غسل خاني جو بندوبست هو. بدقسمتيءَ سان مذڪوره ڪوائف مان هن وقت باقي تمام ٿورو بچيوآهي. پر چيمبر ۾ ٺهيل هڪ سوڙهي گذرگاهه ۾ موجود اهو اسٽرانگ روم ۽ ڪجهه اندر غسل خاني جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا. انهيءَ هنڌ وٽان نهر جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. چيمبر کي اهڙي طرح  ڊيڪوريٽ ڪيو ويو آهي، جيئن اندازاً بادشاهه ايڊورڊ اول  جي وقت ۾ هوندو. ٿيل تبديلين جا اهڃاڻ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. انهيءَ تبديلي جي باري ۾ گائيڊ اسانکي سُٺي نموني سمجهايو. ٻيو نمبر ڪمرو اصل ۾ بادشاهه جو ذاتي ڪمرو آئلا هو، ۽ ان کي پڻ شاهي ڪمري وانگر نئين سر تعمير ڪيو ويو. هتي بادشاهه ماني کائيندو، وندرندو ۽ عبادت ڪندو هو.

No comments:

Post a Comment