Monday, August 12, 2013

وڪڙو، آريجا، باقراڻي، هٽي ۽ اوٺا - الطاف شيخ

وڪڙو، آريجا، باقراڻي، هٽي ۽ اوٺا
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال، محمد يوسف، مونکي پنهنجي ڪاليج کان، لاڙڪاڻي شھر ڏي وٺي وڃي رهيو هو. ڪاليج مان نڪرڻ بعد، کاٻي پاسي ڏوڪري ۽ يارهن کن ڪلوميٽر اڳيان باڊهه ۽ پوءِ نصير آباد واري رستي ڏي وڃڻ بدران، اسان ساڄي پاسي ڏي ويندڙ رستي تي هلڻ لڳاسين. ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد وڪڙو نالي ڳوٺ آيو، جتي لهي مون اسٽان واري هوٽل ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍيون. چون ٿا ته؛ بئراجون ٺهڻ کان اڳ، هِتان وهندڙ درياهه هن هنڌ تان ڪجهه موڙ يعني وڪڙ کاڌو ٿي، ان ڪري ان جي ڪپر تي آباد ٿيل هي ڳوٺ، وڪڙو سڏجڻ لڳو. بنهه ننڍڙو ڳوٺ آهي. چانهه تي ويٺل ٽن نوجوانن کان پڇيم ته؛ ”توهان جي شهر ۾ ڪو اَديب يا شاعر رهي ٿو؟“ هنن ٻڌايو ته؛ ”وڪڙو سارنگ ماڇي نالي شاعر کان مشهور آهي.“

اسان کي دير ٿي رهي هئي سو رستي تي ڪنهن ٻئي هنڌ بيهڻ بدران سڌو لاڙڪاڻي جو رخ ڪيوسين. جيتوڻيڪ ٻن ٽن ڪلوميٽرن بعد آريجا نالي جيڪو ڳوٺ آيو، اتي سڄو ڏينهن ترسڻ به مون لاءِ گهٽ هجي ها. آريجا ۾ منهنجو هم عمر دوست، در محمد پٺاڻ رهي ٿو، جنهن اتي ”گل حيات“ نالي هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ادب، شعر و شاعري ۽ تاريخ سان واسطو رکندڙ شين جي هڪ وڏي Collection قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ته هن منهنجي شروع جي ڪِتابن مان هڪ جو مهاڳ پڻ لکيو هو. پاڻ ۲۵ مئي ۱۹۴۵ع تي هن ڳوٺ آريجا ۾ ڄائو جيڪو خير محمد آريجا به سڏجي ٿو.
منهنجي ميزبان، ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف صاحب ٻڌايو ته؛ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آريجا نالي پنج کن ڳوٺَ آهن. جيئن ته؛ ڦيڙهي وارا آريجا، ڪچي وارا آريجا وغيره. پر سڀ کان مشهور آريجن جو هي ڳوٺ يعني خير محمد آريجا آهي. جنهن جو بنياد ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهه عرصو اڳ پيو. هن ڳوٺ جي شهرت جيتوڻيڪ اڄڪلهه سنڌ جي ناليواري ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر ڪهاڻيڪار، ڊرمانگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ سندس قائم ڪيل ”گل حيات“ نالي ادبي اداري ۽ لئبرري جي ڪري آهي، پر اصل کان هن ڳوٺ جي شهرت ٻن شخصيتن علاما محمد آريجوي ۽ مخدوم محمد شهاب الدين جي ڪري آهي. علاما آريجوي پنهنجي دور ۾ ”استاد ڪُل“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن وٽ پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير پاڳارو جو پڙڏاڏو تڙڏاڏو) جن پڻ تعليم ورتي هُئي. جڏهن ته مخدوم شهاب الدين جو تعلق مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سان هو. گرهوڙي صاحب جي شهادت کانپوءِ سندس ساٿي ۽ لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيا ته مخدوم شهاب الدين اچي آريجن جو ڳوٺ وسايو. ٻنهي بزرگن، مذهبي تعليم جي حوالي سان، وڏو نالو ڪڍيو. بعد ۾ اهو سلسلو مولوي تاج محمد کوکر ۽ هدايت الله آريجوي حوالي ٿيو، جن پڻ مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو پيدا ڪيو.
اسان واري يار ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ويب سائيٽ ”گل حيات“ قيمتي معلومات جو اهم ذريعو آهي. سندس ڇپيل ڪِتابن جو تعداد ۳۰ کان مٿي آهي. جن ۾: ”اسان جا اَديبۡ“، ”آئينا ۽ اولڙا“، ”ادب ۽ ماحول“، “سنڌ ۾ سياسي چرپر“ شامل آهن. کين ڪيترا ئي ايوارڊَ به ملي چڪا آهن جن ۾ صدارتي ايوارڊ ‘تمغه امتياز’ پڻ آهي، جيڪو هن سنڌ ۾ حڪومت طرفان آندل نئين ۽ ٻٽي مڪاني نظام تي احتجاج طور واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هن ڳوٺ آريجا جي هڪ ٻي شخصيت غلام شبير شيخ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. غلام شبير شيخ ۲۲ اپريل ۱۹۵۳ع تي هن ڳوٺ ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد هن اتان ئي B.Sc ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪئي. ان بعد CSS جو ۱۹۸۲ع ۾ امتحان ڏئي پوليس کاتي ۾ آيو. اڄ ڪلهه پاڻ سنڌ صوبي جو ايڊيشنل آءِ جي آهي.
غلام شبير شيخ ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڳوٺ آريجا بعد باقراڻي ڳوٺ آهي. انهن جي وچ ۾ هڪ چنن جو به ننڍو ڳوٺ آهي. گذريل سال جپان هوس ته ڪيترن ئي چنا ذات جي ماڻهن سان ملاقات ٿي، جيڪي اڄ کان ٽيهه، چاليههَ سالَ اڳ، جڏهن اسان پاڪسيتانين لاءِ حالتون بهتر هيون ته هو مزدوري خاطر اوساڪا ۽ ٽوڪيو جي پاسي اچي نڪتا هئا. سخت سيءَ ۽ ناسازگار ماحول ۾، جتي کاڌي پيتي ۽ زبان جي ڏکيائي هئي، اتي هنن لڳي پورهيا ڪيا. بکون ڪاٽي پئسو بچايو، جنهن ذريعي بزنيس شروع ڪيو ۽ پورهئي ۽ مزدوريءَ جي زندگيءَ مان نجات حاصل ڪئي. اڄ ڪلهه هنن جا جپان ۾ ڪيترا ئي ڪار شو روم آهن. جھونيون پراڻيون ڪارون اسڪريپ ۾ خريد ڪري دبئي ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي موڪلين ٿا. هنن ٻڌايو ته؛ هو لاڙڪاڻي ۽ دادو پاسي جا چنا آهن. اڄ هتان هن چنن جي ڳوٺ جو ٻڌي مون کي جپان وارا سنڌي ياد اچي ويا جيڪي چنا ذات جا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ رهندڙ هن علائقي جي ڪيترن ماڻهن اتي جپان ۾ به شادي ڪئي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي پهرين زال ۽ ان مان پيدا ٿيل ٻارن کي جپانَ ۾ گهرايو اٿن يا ٻارن کي دبئي ۽ ملائيشيا جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو اٿن. بهرحال انهن ماڻهن جي دلچسپ ڳالهين جو تفصيلي احوال پاڻ جپان واري سفر ۾ ڪنداسين.
باقراڻي ڳوٺ مان لنگهندي اسان جي ميزبان محمد يوسف جسٽس شهزادو شيخ جو ذڪر پڻ ڪيو. لڳي ٿو ٻئي سٺا دوست آهن ۽ ضرور هوندا جو شهزادي جا ڇپيل ڪِتابَ مون تائين هميشه سائين يوسف جي معرفت پهچندا رهيا آهن. شهزادو مون کان ۳ سالَ کن ننڍو آهي. اسان جو ساڳئي ڪاليج سان به تعلق نه آهي. پر منهنجيون ساڻس اڄ کان ٽيهه چاليهه سالَ اڳ جيڪي ٻه ٽي ملاقاتون ڪراچي، اسلام آباد ۽ شايد هڪ دفعو ڪنهن عرب ملڪ ۾ ٿيون انهن مونکي ڏاڍو مُتاثر ڪيو. هي پهريون سرڪاري ڪامورو هو جيڪو مونکي ان ٽون ڦان ۽ ٽانءِ کان آجو نظر آيو جيڪو اسان جي ملڪ جي سرڪاري آفيسرن ۾ عام آهي. شهزادو شيخ انهن ماڻهن مان آهي جن جي ڳالهين ۽ ڪتابن مونکي مذهب ڏي راغب ڪيو. شهزادو شيخ قانون جو ماڻهو آهي. ۲۰۰۷ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان رٽائرڊ ٿيو. ان بعد مارچ ۲۰۱۰ع کان ٽن سالن لاءِ هِنَ کي فيڊرل شريعت ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. سندس ڪيترا ئي ڪِتابَ خاص ڪري اسلام ۽ قانونَ تي لکيل آهن. جهڙوڪ:
•           Know your God
•           The Gateway to Quran
•           Pure Truth
•           Divine Dynamics
•           حڪمت قرآن
•           قرآن ۽ سائنس
وغيره.
هتي هِڪَ ڳالهه اڄ جي شاگردن ۽ والدين لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته اهو ضروري ناهي ته فقط اهو شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿي سگهي ٿو جيڪو شهر ۾ رهي ٿو يا جيڪو مشهور اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري ٿو. ڪو به شاگرد محنت ڪري ٿو ته هن کي ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. ان جو مثال شهزادو شيخ آهي، جيڪو باقراڻي جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ رهندي، مئٽرڪ ۾ سڄي بورڊ ۾ ٽيون نمبر کنيو. ياد رهي ته ان وقت سڄي سنڌ لاءِ هڪ حيدرآباد وارو بورڊ هو. ان کان ٻه سالَ اڳ، ۱۹۶۳ع ۾ جڏهن مون انٽر جو امتحان ڏنو ته ان سال جيڪو شاگرد اختر علي عباسي فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو، ان جو تعلق به لاڙڪاڻي جي هِڪَ ننڍڙي ڳوٺَ ‘وليد’ سان آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آدم شماري وڌڻ ڪري اڄ ۵۰ سالن بعد، ڳوٺ وليد، لاڙڪاڻي شهر جو حصو ٿو لڳي.
لاڙڪاڻو زيتونن کان به مشهور آهي. ڊرائيور ٻڌائي رهيو هو ته؛ هن ڳوٺ باقراڻي جون ڀاڄيون ۽ زيتون مشهور آهن. باقراڻي ڳوٺ سان الطاف حسين اُنڙ جو به واسطو آهي. پاڻ ۲۰۰۳ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جي پي ايس -۳۵ تڪ مان کٽيو هئائين. ان وقت هو پاڪستان مسلم ليگ (قاف) ۾ هو. ۲۰۰۸ع واري اليڪشن ۾ هن جو مخالف پيپلز پارٽي جو سردار غلام سرور سيال تمام گهڻن ووٽن جي فرقَ سان کٽي ويو. اڄ ڪلهه الطاف شايد پيپلزپارٽي Join ڪئي آهي.
لاڙڪاڻي ڏي ويندي باقراڻي بعد هٽي نالي ڳوٺ اچي ٿو. پر ان وچ ۾ ٻه ٽي ٻيا به ننڍا ڳوٺ آيا جهڙوڪ اوٺا ۽ ڳوٺ محمد بروهي. محمد يوسف صاحب ٻڌايو ته روڊ کان ٿورو پري ڳوٺ سلطان جھتيال ۽ ڳوٺ باهورو جھتيال پڻ آهن. ڳوٺ محمد بروهي لاءِ سائينءَ ٻڌايو ته اتي جو مدرسو هن تر ۾ مشهور آهي. اوٺا ڳوٺ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڳتي هلي تجارت جي خِيالَ کان اهم حيثيت حاصل ڪندو. ڇو جو لاڙڪاڻي ۽ خيرپور کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياهه تي جيڪا پل ٺهي آهي، سا خيرپور پاسي کان ڳوٺ ٽندومستي کان شروع ٿي لاڙڪاڻي پاسي هن ڳوٺ اوٺا تي ختم ٿئي ٿي.
هِتي ئي مشوري بلوچن جو ڳوٺ مشوري شريف به آهي. جتي ريلوي اسٽيشن به آهي. باڊهه کان جيڪا ريل اچي ٿي اها حيدر بخش جتوئي ۽ باقراڻي روڊ اسٽيشن بعد، لاڙڪاڻو پهچي ٿي ۽ اڳيان ماهوٽا، نئون ديرو ۽ رڪ اسٽيشنون آهن. ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل محمد يوسف صاحب اهو به ٻڌايو ته؛ ”مشوري شريف مولانا محمد قاسم مشوري بزرگ کان مشهور آهي. جنهن جي هِتي درگاهه ۽ مدرسو آهي. مدرسي ۾ هِڪ ڪتبخانو به موجود آهي، جِتي سوين قلمي نسخا، اسلامي تاريخ ۽ سيرت طيبه کان علاوه اٽڪل يارهن هزار ڪِتاب ٻين به موضوعن تي آهن.“
مولانا مشوري صاحب، انگريز راڄ خلاف هلندڙ خلافت تحريڪ ۽ پوءِ مسلمانن جي لاءِ قيام پاڪستان تحريڪ ۾ وڏي سرگرمي سان حصو ورتو. پاڻ عالم، مفتي کان علاوه پير طريقت به هئا ۽ چون ٿا ته هزارن جي تعداد ۾ سندن مريدن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته باقراڻي ڀرسان پڻ هڪ مدرسو مشهور آهي، جيڪو گذريل صَدي جي ۵۰ واري ڏهي ۾ مولوي نور محمد دايي قائم ڪيو، جنهن مان پڻ ڪيترا ئي حافظ نڪتا آهن. سال ۱۹۶۸ع ۾ سندن وفات بعد سندن پٽ حافظ محمد اها جاءِ سنڀالي. مدرسي ۾ پري پري کان شاگرد ايندا رهن ٿا، جن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتطام پڻ آهي.
لاڙڪاڻي کان اڳ هَٽي نالي به شهر اچي ٿو جنهن کي ڪن هٽڙي جي نالي سان به سڏيو ٿي يا شايد مون کي ائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن ڳوٺ جي هِڪَ شاعر هاسارام ”هاسا“ جو ذڪر، احسان دانش پنهنجي مرتب ڪيل ڪِتاب: ”لاڙڪاڻو ـــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ ۾ ڪيو آهي ته هو ۱۸۵۵ع ۾ هن ڳوٺ هٽڙيءَ ۾ ڄائو. هنباه شريف جي بزرگ سيد فيض درياءَ شاهه جو مريد ٿيو. سڄي عمر مُجَرد رهيو. هو هندي ۽ سنڌي ٻولين جو شاعر هو. سندس شاعري ۾ تصوف ۽ ويدانيت جو ذڪر آهي. ۱۹۳۵ع ۾ گذاري ويو. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

سِڪَ جي ڳالهه ساري ڙي
سرتيون ڪنديس پنهنجي ڪانڌَ سان
وينديس، رهنديس ڪين ڪي،
محبت دلڙي ماري ڙي.
وڇوڙي جي ويهڻ کون،
توبنهه منهنجي زاري ڙي



No comments:

Post a Comment