Saturday, December 10, 2011

ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا - الطاف شيخ


ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ هندن جي ديوتائن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي انگريزي ۾ ننڍي g وارا gods سڏجن ٿا. انڊيا ۾ ته آئون فقط ٻه ٽي دفعا آيو آهيان، پر سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ته هندن سان گڏ سالن جا سال رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته هندو ڌرم بابت منهنجي ڄاڻ تمام گهٽ آهي. بلڪ ائين لکڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته آئون ان کي چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان. جيڪي ڪجهه آئون سمجهي سگهيو آهيان، اهو هن ريت ته هندو ڌرم کي عام طرح Polytheistic رليجن سمجهيو وڃي ٿو. ڇو جو عام زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي هندو ڪيترن gods کي مڃين ٿا. ڪي هندو ٽن ديوتائن کي مڃين ٿا، ڪي هزارن جو تعداد ٻڌائين ٿا، ته ڪي وري لکن ڪروڙن جو انگ به ٻڌائين ٿا. هندو Pantheism جي فلسفي ۾ يقين رکن ٿا. يعني عام هندو ان ۾ يقين رکي ٿو ته؛ هر شيءِ زندهه توڙي اڻ زندهه پاڪ پوتر ۽ Divine آهي. ان ڪري عام هندو، هر شيءِ کي god  سمجهي ٿو. هن لاءِ سج، چنڊ، تارا، درياهه، نانگ، ڀولڙا، هاٿي سڀ ديوتا آهن. يعني هن لاءِ Everything is god. مسلمان ۽ هندوءَ ۾ ظاهري فرق اهو نظر ٿو اچي ته؛ مسلمان هر شيءِ کي خدا جي مخلوق سمجهي ٿو. يعني اها الله جي خلقيل شيءِ آهي. يعني مسلمان لاءِ Everything is God’s


بهرحال مٿي مون عام هندن جي ڳالهه ڪئي آهي. سنگاپور ۾ منهنجو هڪ هندو دوست، پنڊت مهاراج نهال شرما هوندو هو. هو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. وڏو قابل ماڻهو هو. کيس سنسڪرت ۽ پالي زبانون به آيون ٿي. ويدن ۽ هندن جي ٻين ڌرمي ڪتابن جو وڏو ڄاڻو هو. هڪ ٻيو دوست من موهن گياڻي هو. اهو به گذاري ويو. اهي ٻئي مٺي ٿرپارڪر پاسي جا هئا. انهن کان جڏهن آئون پڇندو هوس، ته هو هندن جو هڪ God ئي ٻڌائيندا هئا. مهاراج نهال ويدن جو Quotation ڏيندو هو، ته انهن مطابق هندن جو به هڪ ئي ڀڳوان يعني خدا آهي. هندو ڌرم جا سڀ کان مٿانهين درجي جا چار ڌرمي ڪتاب يا ويد آهن: يجر ويد، اٿر ويد، رگ ويد ۽ سام ويد. ان بعد اپنيشيد ۽ پِراڻ آهن ۽ ان کان علاوه گيتا ڀڳوت، مها ڀارت وغيره به هنن جا ڌرمي ڪتاب آهن.
سنگاپور وارو هندو ڌرم جو ڄاڻو دوست مهاراج نهالچند ٻڌائيندو هو ته؛ هندن جو به فقط هڪ خدا (God) آهي، جيڪو يجر ويد مطابق ”شُڌ ما پواَپ وڌم“ آهي. يعني اهو Body less ۽ پاڪ آهي. ”ناتسييا پراتما استي“ يعني هن جهڙو ڪو ٻيو ناهي.There is no image of Him  ۽ هندن جي ڌرمي ڪتاب Upanishads موجب ”اڪم ايوادوِ تييام“ معنيٰ هو اڪيلو ئي آهي بنا ڪنهن ٻئي جي. ”ناڪَسيا ڪسيڪج جَنيتا نا ڪڌهيپا“ هن جا نه والدين آهن نه ڪو هن جو مالڪ.... وغيره.
باقي عام زندگيءَ ۾، عام هندو ٻن ٽن يا وڌيڪ ديوتائن جي پوڄا ڪن ٿا ۽ ڪي ته ايڏو مشهور آهن جو اسان جهڙا غير هندو به سڃاڻيو وڃن ته هي هنومان آهي، ته هي هاٿيءَ جي منهن وارو گِڻيش ديوتا آهي. منهنجي خيال ۾ انهن ۾ ٽي جيڪي ٽمورتي (Trinity) به سڏجن ٿا، سڀني ۾ گهڻو اهم آهن. اهي آهن: برهم (پيدا ڪندڙ)، وشنو (پالنا ڪندڙ) ۽ شِوَ (ختم ڪرڻ وارو). گنيش، شِوَ ديوتا ۽ پاروتي ديويءَ جو پٽ چيو وڃي ٿو. هي علم، ڄاڻ ۽ عقل جو ديوتا سمجهيو وڃي ٿو. انڊيا ۾ گڻيش جون مورتيون تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون. رام ڀڳوان لارڊ وشنو جو ستون جنم Incarnation چيو وڃي ٿو. رام چڱائي ۽ نهٺائي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
لارڊ ڪرشنا سڀ ۾ گهڻو پاپولر ديوتا آهي. ڪرشنا لارڊ، وشنو جو اٺون اوتار آهي. ڪرشنا، پيار ۽ محبت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هنومان ڀڳوان، ڀولڙي جي شڪل جو ٿئي ٿو ۽ لارڊ شِوَ جو اوتار (Incarnation) چيو وڃي ٿو.
هتي اهو به لکندو هلان ته هندو ڌرم جي ڪتابن ۾ God لاءِ جيڪي لفظ آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ڀڳوان، ايشور، مهيشور، پرميشور، پرماتما، پر براهمن، ادي پُرش، وشنو، ڪرشنا، رام وغيره.
ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن وانگر، هندو ڌرم جا به ڪيترا ئي پوڄاري ٻئي جنم ۾ يقين رکن ٿا. پاڪستان جي بارڊر وٽ، راجستان صوبي جو هڪ شهر بيڪانير آهي. جنهن جو ذڪر شاهه عبداللطيف به پنهنجي بيت ۾ ڪيو آهي. ‘ڪي دهلي، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گِرنار. ڪنهن جنبي جيسلمير تان ڏنا بيڪانير بِڪار...’ ان بيڪانير شهر کان 30 ڪلوميٽر کن پري ’ديش نوڪي‘ نالي ڳوٺ آهي، جيڪو ’ڪرني ماتا‘ نالي 600 سال پراڻي مندر کان مشهور آهي. هتي ڪوئن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي. مون به ان بابت پهريون دفعو آمريڪا جي مئگزين ”نئشنل جاگرافڪ“ جي 29 جون 2004ع واري پرچي ۾ پڙهيو هو. ڪرني ماتا، هڪ هندو درويش ٿي گذري آهي، جيڪا 1387ع ۾ ڄائي ۽ 151 ورهين جي ڄمار ۾ 1538ع ۾ وفات ڪيائين. ڪرني ماتا لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ هن جا پوئلڳ هن کي درگا ديويءَ جو جنم سمجهي پوڄين ٿا. هوءَ جوڌپور ۽ بيڪانير جي شاهي خاندانن جي آفيشل ديوي سڏي وڃي ٿي.
ڪرني ماتا لاءِ چون ٿا ته؛ هن سڄي زندگي، عبادت ۾ گذاري. جنهنڪري کيس سڀني هڪ نيڪ زاهده ۽ راهبا سمجهيو ٿي ۽ کانئس راجپوتانا جي ٻن قلعن جو پيڙهه جو پٿر رکايو ويو. ڪيترا ئي مندر ڪرني ماتا کي منسوب ٿيل آهن. انهن سڀني ۾ مشهور مندر، ديش نوڪي جو آهي، جيڪو ڪرني ماتا جي اچانڪ غائب ٿي وڃڻ بعد ٺهرايو ويو هو. هي مندر ڪوئن کان مشهور آهي، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هتي رهن ٿا ۽ کين پاڪ ۽ ڪرامت وارو سمجهيو وڃي ٿو. هن مندر ۾ ڪوئي کي ڏسڻ لاءِ سڄي ملڪ ۽ ٻاهر جي دنيا کان ماڻهو اچن ٿا. نو-راتڙيءَ جي موقعي تي، هزارين پوڄاري پيرين پنڌ پهچن ٿا. ڪنهن جي پيرن هيٺان اچي ڪو ڪوئو مري وڃي، ته ان پوڄاريءَ کي ان جي عيوض ان وزن جو سونو ڪوئو ٺهرائي ڏيڻو پوي ٿو.
ڪرني ماتا جي 1415 ۾، ساٿيڪا ڳوٺ جي ديپوجي چارڻ سان شادي ٿي. پر هن ازدواجي زندگي گذارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ هن پنهنجي مڙس کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ گلاب سان پرڻايو ۽ پاڻ پنهنجن پوڄارين ۽ انهن جي وهٽن سان گڏ خانه بدوشن واري زندگي گذارڻ لڳي. هڪ دفعي ڪرني ماتا جو ويڳو پٽ لڪشمڻ، ڳوٺ جي تالاب مان پاڻي پي رهيو هو ته ان ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو. روايتن موجب؛ ڪرني ماتا موت جي ديوتا ”ياما“ کي لڪشمڻ کي واپس ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي، جيڪا هن پهرين نه اگهائي پر پوءِ لڪشمڻ سميت ڪرني ماتا جي خاندان جي سڀني مري ويل مردن ۽ ٻارن کي ڪوئن جي شڪل ۾ ٻيو جنم ڏنائين. ان ڪري هن مندر جي ڪوئن کي ڪاني ڪرامت وارو سمجهيو وڃي ٿو. پري پري کان عقيدتمند، هنن ڪوئن جي پوڄا لاءِ اچن ٿا. کين مال مٺايون پيش ڪن ٿا ۽ پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ هنن جي خدمت ۾ پيش ٿين ٿا. هيترن ڪوئن جي باوجود هتي اڃا پليگ جي بيماري نه ٿي آهي. پوڄاري ان کي به، هنن ڪوئن ۽ ڪرني ماتا جي ڪرامت سمجهن ٿا.

1 comment:

  1. هيلو ڇا توهان کي پنهنجي مالي ضرورتن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قرض جي ضرورت آهي؟ اسان 2,000.00 کان 50,000,000.00 تائين قرض پيش ڪريون ٿا، اسان قابل اعتماد، مضبوط، تيز ۽ متحرڪ آهيون، ڪو به ڪريڊٽ چيڪ ناهي ۽ منتقلي جي مدت دوران 100٪ پرڏيهي قرض جي ضمانت پيش ڪريون ٿا. اسان سڀني قرضن لاءِ 3٪ سود سان ڪو به ڪرنسي قرض پڻ جاري ڪيو جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا ته اسان ڏانھن واپس وڃو ھن اي ميل ذريعي: (bryanstefanloanfirm@gmail.com) (bryanstefanloanfirm@outlook.com) يا WhatsApp: +919654763221

    ReplyDelete