Wednesday, December 14, 2011

ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي - الطاف شيخ


ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي
الطاف شيخ

جيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهي ۽ ان جي ويجهو سنڌي ۽ اڙدو جا ڊپارٽمينٽ آهن. تيئن ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ آهي، جنهن جي ڀرسان ئي اڙدو ۽ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهن. جنهن بلڊنگ ۾ هي آرٽس فيڪلٽي آهي ان جو نالو جسٽس رانا دي ڀاون آهي. سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ساڄي پاسي مرهٺي ۽ گجراتي ڊپارٽمينٽ آهن ۽ کاٻي پاسي ڪنهڙ، هندي ۽ اڙدو ڊپارٽمينٽ آهن.
گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رتي لعل روهت وٽ چانهه پي اٿيس ته هن مرڪندي چيو: ”ليکڪ آهين سو به ٽريولاگ رائيٽر. هڪ جاءِ ڏسڻ لاءِ صلاح ڏيانءِ؟“
”بس سمجهي ويس،“ مون کلندي چيومانس، ”تون پڪ مون کي گجرات موڪلڻ چاهين ٿو، بڙودا يا احمد آباد جو ڪو مندر ڏسڻ لاءِ.“
سر غلط سؤ سيڪڙو غلط،“ رتي لعل هٿ ملائيندي چيو، ”آئون توهان کي گجرات ڪنهن مندر ڏسڻ لاءِ نه پر ڪيرالا هڪ جهوني مسجد ”چيرامن پيرومل جمعا مسجد“ ڏسڻ لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿو....“


”جيڪا مسجد نبوي بعد دنيا جي ٻيو نمبر مسجد آهي.“ مون سندس ڳالهه جي تصديق ڪئي. وقت جي کوٽ ۽ ويزا نه هجڻ ڪري آئون ڪيرالا جي هن شهر ڪوڊن گالئور(Kodungallur)  وڃي نه سگهيس، جيڪو شهر انڊيا جي مشهور بندرگاهه ڪوچين (جيڪو هاڻ ’ڪوچي‘ سڏجي ٿو) جي اتر ۾ 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. توهان کي جي وقت ملي يا ڪيرالا وڃڻ ٿئي، ته هيءَ مسجد ضرور ڏسجو، جيڪا تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي.
ڪوڊن گالئور ڇهين ۽ ستين صدي جي ڪيرالا جي بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ هو، انهن ۾ جيڪو جهونو ۽ وڏي سلطنت جو راجا هوندو هو اهو ”چيرامن پيرومل“ سڏبو هو. چيرامن پيرومل، جنهن جي پاڻ هتي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن جي نالي تي هيءَ مسجد آهي ۽ ڪيرالا تي سن 622 کان 628ع تائين (پهرين هجري سال کان ستين هجري سال تائين) حڪومت ڪيائين، ان جو نالو ڀاسڪارا روي ورما (Bhaskara Rave Varma) هو. هي اهو بادشاهه آهي جنهن جي لاءِ، حج واري سفرنامي ”ڀلي پار تان ڀيرو“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، حضورﷺ جن جي ڏينهن ۾ پيش آيل شق القمر (چنڊ جي ٻه اڌ ٿيڻ) واري واقعي جو مشاهدو ڪيو. چون ٿا ته هي حاڪم پنهنجي راڻيءَ سان گڏ محل جي ڇت تي چهل قدمي ڪري رهيو هو، ته اوچتو هن کي چنڊ ٻن حصن ۾ ٿيندو نظر آيو. ان بعد هن کي عرب واپارين کان معلوم ٿيو ته هي معجزو حضورﷺ جن جي معرفت ٿيو آهي. ياد رهي ته عرب سوداگرن جو، اسلام کان به گهڻو گهڻو اڳ، ڪيرالا جي ڪناري (ملبار) مان لنگهه ٿيندو رهيو ٿي. چؤماسي جي هوائن مطابق هنن عربستان جي بندرگاهن کان لنڪا (ڪولمبو/سري لنڪا) ويندي ۽ موٽندي ڪوچين، گجرات ۽ سنڌ جي بندرگاهن ۾ ترسي، ساهي پٽي ٿي. تنھنڪري هن بادشاهه ۽ سندس درٻارين جو، عربن سان واسطو هيو. انهن عربن کان، الله جي نئين نبيﷺ جي باري ۾ ٻڌي، هيءُ بادشاهه بيحد متاثر ٿيو ۽ پاڻ عربستان روانو ٿي ويو. اتي هن حضورﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت ابوبڪر صديق جي موجودگيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ چيرامن پيرومل پنهنجو اسلامي نالو ’تاج الدين‘ حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪيرالا جو هي هندو بادشاهه، ننڍي کنڊ جو پهريون اصحابي بڻيو.
تاج الدين عربستان کان جڏهن هندوستان موٽي رهيو هو، ته هُن رستي تي وفات ڪئي ۽ عمان جي سلالا ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. وفات کان اڳ هن پاڻ سان گڏ هلندڙ وزير ۽ هڪ اصحابي مالڪ بن دينار جي هٿان هڪ خط ڪيرالا روانو ڪيو ۽ ڪيرالا سلطنت جو ڪاروبار هلائيندڙ حاڪمن کي تاڪيد ڪئي ته، هو هنن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪن ۽ ڪوڊن گالوريا شهر يا اوسي پاسي ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرڻ ۾ هنن جي ڀرپور مدد ڪن.
ڪيرالا جي حاڪمن هن خط کي چڱيءَ طرح اهميت ڏيندي، مالڪ بن دينار کي مسجد ٺاهڻ جي اجازت ڏني. هيءَ مسجد ستين صديءَ ۾ڪوڊن گالوريا ۾ ٺاهي وئي، جيڪا چيرامن مالڪ مسجد(Cheraman Malik Masjid) جي نالي سان اڄ به پنهنجي اصلي ڍانچي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ محراب، منبر، منبر جي ڪاٺيءَ جي ڇت، حوض ۽ هڪ پراڻو لئمپ اڄ به پراڻي وقت کان اصلي حالت ۾ موجود آهن. شاهه وجيهه الدين اڪيڊمي احمد آباد انڊيا جي علمي رسالي ۾ "مير عرب کو آئي ٺنڊي ہوا جہان سي" جي عنوان سان مولانا اختر امام عادل جي لکيل سفرنامي ۾ مسجد چيرامن جو تفصيلي ذڪر آهي، جيڪو مولانا صاحب جو اکين ڏٺو مشاهدو آهي. مولانا اختر امام عادل جن لکن ٿا، ته آئون پاڻ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان گڏ هن مسجد جي زيارت لاءِ ويس. هن جو نالو چيرامن پيرومل جامع مسجد آهي. هن جو مون، اندران توڙي ٻاهران، چڱيءَ طرح مشاهدو ڪيو ۽ اتي ٻه رڪعتون نفل به ادا ڪيم. هيءَ مسجد حضورﷺ جن جي حياتيءَ ۾ ئي تعمير ٿي آهي. جو هن مسجد جي تيار ٿيڻ جو سن 629ع ۽ 8 هجري سال آهي ۽ حضورﷺ جن جي وفات 8 جون 632ع آهي. هن مسجد جا منبر، محراب ۽ مغربي ديوار، اڄ به مسجد نبوي جي قديم طرز تعمير جو نمونو پيش ڪن ٿا.
هن مسجد جي باري ۾، بئنگلور انڊيا جي خليل احمد عرفاني، خادم درگاهه خواجا لالو ڀائي قيصر چشتي جو احوال انٽرنيٽ تي به ڏنل آهي ته؛ ”حضرت تاج الدين (Cheraman Perumal) هندستاني حڪمران هو. هو حضورﷺ جن جي ڳولا ۾ نڪتو. پاڻ حضورﷺ جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ تاج الدين جو نالو حاصل ڪيو. هن پنهنجي زندگي ۽ بادشاهت جي قرباني ڏني ۽ حضور نبي ڪريمﷺ جن جي حڪم تي اسلام پکيڙڻ خاطر مختلف جاين تي ويو. اهو ئي سبب آهي، جو واپسيءَ تي هو ڪيرالا به نه پهچي سگهيو. هن هڪ وڏي اصحابي حضرت مالڪ بن دينار جي هٿان هڪ خط روانو ڪيو، جيڪو ڪيرالا ۾ مسجد جي تعمير بابت هو. هي واقعو حضورﷺ جن جي هجرت کان پوءِ جو آهي. جڏهن حضرت تاج الدين وطن ورڻ جو ارادو ڪيو، ته رستي تي ظفر بندرگاهه (پراڻو نالو) جيڪو سلالا ۽ سطنت عمان ۾ آهي، وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن آهي. مسلمان ۽ نبيﷺ جا عاشق، جيڪي پوري دنيا ۾ آباد آهن، اهي حضرت تاج الدين سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا. هو هڪ عظيم شخصيت هو، جنهن اسان جي نبي ڪريمﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ حضورﷺ جي حڪم تي مختلف جاين تي ويو....“
23 جولاءِ 2005ع جي انڊيا جي انگريزي اخبار The Hindu جي خبر آهي ته؛ ڀارت جو صدر عبدالڪلام جمعي جي ڏينهن ڪوڊن گالئور روانو ٿيو ۽ اتي هن مسجد چيرامين جي زيارت ڪئي. هيءَ مسجد ننڍي کنڊ جي قديم ترين مسجد سمجهي وڃي ٿي. صدر صاحب ان موقعي تي وزيٽرس بڪ ۾ لکيو ته ”آئون هن قديم مسجد ۾، ملڪ اندر امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪريان ٿو.“ ۽ پوءِ حاضرين سان مخاطب ٿي چيو: ”منهنجي پيءُ جا ٻه دوست هئا. هڪ هندو ويدڪ عالم ۽ هڪ عيسائي پادري. هنن جي دوستيءَ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مختلف عقيدن جا ماڻهو به گڏ رهي سگهن ٿا.“
”دي هندو“ اخبار اهو به لکيو ته؛ ”هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته پيرومل مڪي ويو ۽ نبي ڪريم (ﷺ) سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام قبول ڪيو. هن واقعي کان ڪجهه عرصو پوءِ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين مسجد، جنهن جو نالو مهاراجا ڪيرالا جي نالي رکيو ويو، مهاراجا جي خواهش ۽ حڪم مطابق تعمير ڪرائي وئي. ڪيرالا جو هندو بادشاهه، چيرامن پيرومل، جيڪو مڪي وڃڻ تي حضورﷺ جن جي حاظريءَ ۾ مسلمان ٿيو ۽ جنهن جي خواهش ۽ حڪم تي سندس سلطنت (ڪيرالا) جي شهر ڪوڊن گالور ۾ سندس نالي مسجد چيرامن ٺهرائي وئي ۽ اڄ تائين موجود آهي، اهو پاڻ ۽ ساڻس گڏ عربستان ويندڙ وفد ته اسلام قبول ڪيو پر جيئن ته پاڻ وطن ورڻ کان اڳ عربستان جي ڪناري واري عماني شهر سلاسلا ۾ وفات ڪري ويو، ان ڪري سندس خاندان ۽ رعيت اسلام قبول نه ڪيو. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) جي سلطنت ملاڪا جي هندو راجا پرميشور جي مسلمان ٿيڻ تي سندس سڄو خاندان ۽ عوام مسلمان ٿي ۽ اڄ مغربي ملائيشيا جا ملئي مسلمان، انهن مسلمانن جو اولاد آهن. بهرحال ڪيرالا جي هن هندو راجا چيرامن پيرومل (سڄو نالو: چيرامن پيرومل ڀاسڪارا روي ورما) جنهن پنهنجو اسلامي نالو تاج الدين رکايو، ان جو اولاد مسلمان نه ٿيو ۽ جنهن جو اڄ به هندو ڌرم سان واسطو هلندو اچي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته هو اڄ به پنهنجي وڏي ڏاڏي تاج الدين جي حڪم تي ٺهيل هن مسجد ۽ سندن دوست اصحابي مالڪ بن دينار جي ٺهرايل ٻين مسجدن جو وڏي چاهه ۽ عزت سان خيال رکندا اچن. هن وقت چيرامن پرومل (تاج الدين) جو جيڪو جاءِ نشين آهي، اهو 90 کن ورهين جو ٿيندو ۽ سندس نالو ”راجا وليا ٿمپورن“ آهي ۽ ”ڪوڊن گالور“ شهر ۾ رهي ٿو، جنهن کي عرب ”ڪودن غالور“ سڏين ٿا. مسجد جي ٺهڻ جي سن 629ع جو جيڪو ان وقت جو بورڊ لڳل آهي، ان تي عربي ۾ هن شهر جو نالو ائين لکيل آهي. بهرحال هتي موجوده حاڪم/ نواب راجا ولياٿمپورن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن کان ٻه سال کن اڳ دهليءَ جي هڪ جرنلسٽ اي. يو. آصف هن مسجد بابت هڪ انٽرويو ورتو هو، جيڪو منهنجي نظر مان به نڪتو آهي. سندس ٻڌايل ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ڏيان ٿو.
توهان پنهنجي پڙ ڏاڏي تڙ ڏاڏي چيرامن پيرومل بابت ڇا سوچ رکو ٿا؟
چيرامن پيرومل نه فقط هن سرزمين جو مهاراجا ۽ اسان جو وڏو (Ancestor) هو، پر پهريون هندستاني هو، جيڪو اسلام جي دائري ۾ آيو. هي اهو شخص آهي جنهن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي اسلام ۽ مسجد جو تحفو ڏنو. هي سڀ ڪجهه محمود غزنوي يا محمد بن قاسم کان گهڻو گهڻو اڳ ٿيو ۽ هي مثال ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته؛ انڊيا ۾ اسلام، تلوار جي زور تي نه آيو.
عرب سوداگر، اسلام کان به اڳ، ڪيرالا جي بندرگاهن ۾ آيا پئي. پر ’مالڪ بن دينار‘ جهڙن مسلمانن جو وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ جو طريقو مختلف هو. جنهن مان اسان جي ڏاڏن جو ڏاڏو بيحد متاثر ٿيو. هو هنن عربن کان، الله جي رسولﷺ جون ڳالهيون پڇندو رهيو ٿي ۽ پوءِ چنڊ جي ٻه اڌ ٿيڻ واري واقعي بعد، هُن کي عربستان وڃي حضور (ﷺ) جن سان ملڻ جو ايڏو ته اشتياق پيدا ٿيو، جو هو حڪومت جون واڳون ٻين حوالي ڪري، مڪي روانو ٿي ويو. جتي هو حضور (ﷺ) جن سان ملڻ بعد، حضرت ابوبڪر صديق جي موجودگي ۾ مسلمان ٿيو ۽ چيرامن مان تاج الدين ٿيو. واپسيءَ تي هن جي وفات، عربي سمنڊ جي پرئين ڪناري تي ٿي. (ياد رهي ته ڪيرالا هندستان جي اولهه پاسي واري پَٽي آهي جنهن جي 600 ميل ڪناري کي عربي سمنڊ ڇهي ٿو، جنهن جو ٻيو دنگ عمان، يمن، عربستان آهي.)
مالڪ بن دينار جڏهن اسان جي وڏي چيرامن پيرومل جو خط کڻي هتي پهتو، ته چيرامن (تاج الدين) جي اولاد ۽ وزيرن اميرن خط کي مانُ ڏنو ۽ سندس حڪم ۽ مرضيءَ مطابق مالڪ بن دينار جي رهنمائي ۾ نه فقط هيءَ ڪوڊن گالوئر واري مسجد (جيڪا چيرامن نالي آهي) ٺهرائي، پر وقت سان گڏ ٻيون به ٺهرائيندو رهيو. مالڪ بن دينار ڪجهه سال ڪوڊن گالوئر ۾ رهڻ بعد، بئنگلور ڏي روانو ٿي ويو ۽ اتي جي شهر ڪساراگود(Kasaragod)  ۾ وفات ڪيائين. (هي شهر اڄڪلهه انڊيا جي ڪرناٽڪ رياست ۾ آهي.) ڪوڊن گالوئر کان بئنگلور تائين، ’چيرامن مسجد‘ سان ملندڙ جلندڙ، ان وقت جون 14 مسجدون موجود آهن، جن جي ڊيزائين ۽ پئٽرن هڪ ٻئي سان ڪافي ملي ٿو.
توهان هندو  ٿي ڪري ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
اسان ان کي فخر سان ڏسون ٿا. چيرامن پيرومل سان ڪنهن به قسم جي بد سوچ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اسان کي هن لاءِ عزت ۽ احترام آهي. هن اسلام قبول ڪيو پر افسوس ته هو واپس اسان وٽ پهچي نه سگهيو. اسين هن جي اولاد مان آهيون، پر اسان جو هندو ڌرم ۾ عقيدو آهي.
چيرامن جي مسلمان ٿيڻ ۽ مسجد ٺهرائڻ کي ماڻهو خاص ڪري هندو ڪيئن ڏسن ٿا؟
هندو ڌرم سان گڏ مختلف مذهبن جا ماڻهو اسان جي ڏاڏي چيرامن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ سندس ٺهرايل مسجد تي اسان کي فخر آهي، ته ان کي تاريخي اهميت حاصل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جون اهم شخصيتون هتي اچن ٿيون. اسان وٽ اتر هندستان وانگر مندر مسجدن تي جهيڙا نٿا ٿين. اسان وٽ ڏکڻ ۾ هندستان جا سڀ کان آڳاٽا گرجا گهر، مندر، سناگاگ ۽ ڀڳوتي ۽ مهاديو مندر آهن ۽ اسان سڀ امن امان ۽ سڪون ۾ رهون ٿا ۽ عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا. لکنو، دهلي، آگرا، ڪلڪتا، گوڌرا ۽ اتر هندستان جي ٻين شهرن جي رهاڪن کي کپي ته ڪيرالا اچي ڏسن ته؛ صدين کان مختلف مذهبن جا ماڻهو ڪيڏي نه ڀائپي ۽ سانت ۾ رهيا پيا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته، ڪرناٽڪ جي شهر ڪاسوگودي ۾ (جنهن جو اصلي نالو ڪانجراڪٽم آهي). جيڪا مسجد آهي اها ”مَالڪ بن دينار مسجد“ سڏجي ٿي. اها پڻ مالڪ بن دينار اصحابيءَ ٺهرائي.
بهرحال اها چيرامن پيرومل جهڙي هڪ هندو بادشاهه جي خوش نصيبي چئبي، جنهن لاءِ هر هڪ حسرت ڪري ٿو ته؛ هن حضورﷺ جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ اصحابيءَ جو درجو حاصل ڪيو. شايد اهڙي موقعي تي مهندر سنگهه بيدي جو شعر دل جو آواز چئي سگهجي ٿو:
عشق ہو جائي کسي سي، کوئي چارہ تو نہين،
صرف مسلم کا، محمدﷺ پہ اجارہ تو نہين.

No comments:

Post a Comment