Thursday, December 22, 2011

دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن - الطاف شيخ


دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن
الطاف شيخ
گذريل پنج ڇهه سالن ۾ هندستان تي ڪيترائي لکيل سفرناما نظر مان گذريا آهن. ڪي ڪتابي صورت ۾، جيئن ته تاجل بيوس ۽ دادو جي وڪيل صاحب علي احمد قريشي جو. انڊيا جا ڪجهه سفرناما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، جن مان هن وقت نصرت لاشاري ۽ ماهين هيسباڻي جا ياد اچي رهيا آهن. هڪ سفرنامو جيڪو مهاڳ لکڻ لاءِ پهتو ۽ اهو ڪتاب هيستائين ڇپجي به چڪو هجي، اهو هڪ نوجوان ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو آهي ۽ سفرنامن جي شوقينن کي ڊاڪٽر سومرو جو سفرنامو پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو شڪارپور جو آهي، پر هن کي شڪارپور جي تاريخ جي به وڏي ڄاڻ آهي. هن انڊيا ۾ ڪيترن ئي شڪارپور جي ماڻهن سان ملي انهن جو دلچسپ احوال لکيو آهي. هن جي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۽ انهن جي عمارتن جي تواريخي ڄاڻ هجڻ ڪري سندس سفرنامو مون کي بيحد دلچسپ لڳو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ به هڪ سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ۽ اهم ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. پاڻ سنڌ جي پهرين ۽ ننڍي عمر واري وزيراعظم شهيد الله بخش سومري جو پوٽو آهي ۽ 1968ع ۾ شڪارپور ۾ عبدالصمد سومرو صاحب ۽ مئڊم ثريا جي گهر ۾ جنم ورتو.


ڊاڪٽر عامر عباس سومري پرائمري تعليم ڪوئيٽا جي سينٽ ٽيريسا اسڪول مان ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن پبلڪ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽري جي ڊگري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ۽ وڪالت جي LL.B ۽ B.Sc بايولاجي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپورمان ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان جڏهن پبلڪ اسڪول سکر جو شاگرد هو، ته مختلف اخبارن رسالن لاءِ لکندو اچي. اڄ ڪلهه سندس مضمون خاص ڪري سماجي ناانصافي، ڏاڍ ۽ ظلم، ڪاروڪاري، سڱ چٽي ۽ ٻين عوامي مسئلن مطابق اخبارن ۾ نظر اچن ٿا. لکڻ کان علاوه عامر کي اداڪاري، ڳائڻ ۽ ميوزڪ جو به شوق آهي. پاڻ پهرين ٽيلي فلم ”ٽارگيٽ“ جيڪا سنڌي ٽي وي چئنل ٺاهي هئي، ان جو نه فقط ميوزڪ ڊائريڪٽر هو، پر ان ۾ هن ڳايو به آهي، ته اداڪاري به ڪئي آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته عامر جي ناني خيرالنساءِ ۽ هن جي ڀيڻ ساران انڊيا جي ورهاڱي بعد پهريون مسلمان عورتون هيون، جن گرئجوئيشن ڪئي. ساران جي ڌيءَ بادام ناتوان پهرين سنڌي مسلمان عورت آهي جنهن ناول لکيو. سندس ”خوش خصلت خاتون“ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ضرور پنجاهه جي ڏهي ۾ ڇپيو هوندو جو اسان 1960ع ۾ جڏهن مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ته پڙهيو هيوسين. بادام ناتوان جي ٻي ڀيڻ روشن مغل پهرين پاڪستاني خاتون آهي، جنهن کي فارين اسڪالر ملي ۽ هيءَ اها پهرين عورت آهي، جنهن پاڪستان ۾ ڪنڊر گارٽن (K.G Shool System) جو تعارف ڪرايو. ان کان علاوه پاڪستان جي پهرين سنڌي مسلمان عورت ڊاڪٽر نبيلا سومرو جنهن FCPS ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، ڊاڪٽر روفينا سومرو جيڪا ايشيا جي پهرين ڊاڪٽر آهي، جنهن ڇاتيءَ جو ائٽلس ٺاهيو، ڊاڪٽر يونس سومرو، محمد ميان سومرو، زبير سومرو ۽ ڊاڪٽر حفيظ شيخ اسان جي هن ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومري جا ڪزن آهن.
ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جي زال زرقا سنڌ جي مشهور شخصيت شهيد نذير عباسي ۽ حميده گهانگهرو جي ڌيءَ آهي. کين ٻه ٻار علي ۽ ڌيءَ وينسيا آهي، جنهن کي هو پيار مان لڪشمي به سڏي ٿو. ممبئي جي نند جويريءَ ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ کين ٽيون ٻار به ٿيو آهي.
ممبئي جي باندره علائقي مان لنگهندي مون کي ڊاڪٽر عامر ۽ سندس سفرنامو ياد اچي ويو. جنهن هن علائقي جي رستم منزل بلڊنگ تان ڊاڪٽر عامر پنهنجي چاچي جو احوال لکيو آهي، جنهن ۾ اڄ ڪلهه انڊيا جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪئريڪٽر رول ادا ڪندڙ پوڙهي انڊين فلم ائڪٽريس منورما رهي ٿي، جنهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ وڏن وڏن پهلوانن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿي، جن مان ڊاڪٽر عامر سومرو جو چاچو به هڪ هو، جنهن لاءِ عامر لکي ٿو ته....
”منورما جي حسن تي اسان جو هڪ چاچو اهڙو فدا ٿيو هو، جو جڏهن اسان جو ڏاڏو الله بخش سومرو کيس علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ٽرين تي وٺي پئي ويو، ته هو رستي تي ئي ڪنهن اسٽيشن تي لهي ويو ۽ وڃي منورما سان مليو. هن کي منورما ايتري وڻي وئي، جو ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هو 87-1986ع انڊيا گهمڻ ويو، ته اتي سندس دوستن وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. هن کين چيو ته مون کي منورما ڳولهي ڏيو، جن نيٺ هن کي ڳولهي لڌو ۽ چاچو سائين هن کي پاڻ سان گڏ شڪارپور وٺي آيو، جتي هوءَ مهينو کن سندس هاٿي در واري گهر ۾ رهي ۽ ڪجهه  ڏينهن ڪراچيءَ ۾ به رهي ۽ پوءِ ممبئي رواني ٿي.
منورما جيڪا مذهبي طور ڪرسچن هئي، تنهن جي شادي دليپ جي ڀاءُ ناصر خان سان ٿي هئي پر اها شادي گهڻا ڏينهن نه هلي سگهي ۽ طلاق وٺڻ بعد منورما هڪ نواب سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ٿي پر اها شادي به نه هلي سگهي. هوءَ اڄ ڪلهه فلمن ۽ خاص ڪري اسٽار ٽي وي تي ائڪٽنگ ڪري گذر ڪري ٿي. هتي اهو به لکندو هلان، ته ممبئي جي باندره علائقي جي رستم منزل واري عمارت جنهن ۾ منورما رهي ٿي، انهي ئي ۾ فلم اسٽار ريکا به رهي ٿي.
ممبئي ۾ فورٽ واري علائقي وٽ ناٿا لعل پاريک روڊ تي ممبئي جي هڪ آڳاٽي ريسٽورنٽ ڪيفي رايل ۾ چانهه پي نڪتس، ته رستي تان لنگهندڙ پنج ڇهه اسٽوڊنٽس جن ۾ اڌو اڌ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، تن مون کي کيڪاريو. دل ۾ سوچيم ته هنن کان ڀُل ٿي آهي، مون کي ممبئي ۾ آئي ڪي چار ڏينهن به مس ٿيا آهن. پر هنن ٻڌايو ته هو ممبئي يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽس آهن ۽ ڪالهه ئي هنن منهنجو ليڪچر ٻڌو آهي. دل ۾ سوچيم، ته ماستر ٿيڻ مان اجهو اهو فائدو (يا نقصان) آهي. توهان ڀلي نه سڃاڻو پر جڳ جون نظرون توهان تي رهن ٿيون.
”سر اسان طرفان ڪافي پيو.“ هنن ريسٽورنٽ ڏي اشارو ڪري مون کي صلاح هنئي.
”مهرباني. هينئر پي نڪتو آهيان.“ وراڻيومان.
”سر ڪيڏانهن پيا وڃو؟“ هنن پڇيو.
”حاجي علي جي درگاهه تان هتي آيو آهيان ۽ هاڻ سوچيان پيو ته ڪيڏانهن وڃان.“ مون چيومان.
”اسان سان گڏ چوپاٽي هلو، مزو اچي ويندائو.“ هنن پڇيو ۽ مون هائوڪار ڪئي. اڳتي مکرجي چوڪ وٽان بس ۾ چڙهياسين، جيڪا مئڊم ڪاما روڊ، ڪئينس روڊ ۽ هِتان هُتان ٿيندي نيتا جي سباش چندرا ڀوش روڊ تي اچي لاٿو.
”هيءَ اسان جي چوپاٽي بيچ آهي.“ هنن ٻڌايو. ڪراچي سِي ويو واري بيچ وارو نمونو لڳي رهيو هو. سنهي جهرمر واري ’واري‘ هئي، پر ڪراچيءَ جهڙي ئي گدلي لڳي رهي هئي. فرق فقط اهو هو ته اسان وٽ اهڙن تفريحي هنڌن تي نر ۽ نر جي ذات گهڻي آهي، جيڪي اتي ورلي آيل جوڙن ۽ عورتن جي زندگي زهر ڪن ٿا ۽ هنن کي رومانٽڪ ماحول مان لطف اندوز ٿيڻ بدران پٺيان پير ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ هيڏانهن ممبئي جي هن سامونڊي ڪناري تي هر قسم جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ هڪ ميلي يا ڪارنيوال جو ماحول لڳي ٿو. مون سان گڏ هلندڙ هنن اسٽوڊنٽن سمنڊ ۾ پير پسائڻ لاءِ اڳيان وڃڻ چاهيو ٿي. مون ساڻن ڪجهه تصويرون ڪڍي موڪلايو ۽ اتي ئي چوپاٽي ۾ ”نانا ناني پارڪ“ جو چڪر ڏئي Dr. Purandare روڊ ڏي آيس. هن پارڪ مان لنگهندي ڪراچيءَ جو آنٽي پارڪ ياد آيو جيڪو ڪلفٽن ۾ آهي، جتي منهنجا سٺ سالن کان وڏي عمر جا پيٽارو جا ساٿي ڪموڊور اشفاق بيگ، اقبال ترڪ، محبوب عالم انصاري ۽ ٻيا (جن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ته هميشھ پي ٽي ۽ راندين کان گسايو پر هاڻ) پنهنجي شگر ۽ بلڊ پريشر جي ليول صحيح رکڻ لاءِ روزانو فجر نماز بعد پهچيو وڃن.
ممبئي جي هن مئرين ڊرائيو تان، جتان مون بس ۾ چڙهڻ چاهيو ٿي، اتي ئي سامهون ولسن ڪاليج تي نظر پئي ۽ مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ياد اچي ويو. منهنجي خيال ۾ 1962ع جو سال هو، اسين فرسٽ ييئر ۾ هئاسين يا شايد اهو پورو ڪري انٽر ۾ پهتا هئاسين، ته اسان جي ڪاليج ۾ ڀٽو صاحب آيو هو جيڪو ان وقت ايوب خان جي حڪومت ۾ وزير هو. پاڻ خاڪي قميص ۽ خاڪي پتلون ۾ آيو هو. اسان جو يونيفارم به خاڪي هو. تقرير ۾ اسان کي اهو به چيائين ته خاڪي ڪم ۽ محنت جي علامت آهي، جنهن جي اسان کي عملي طرح پوئواري ڪرڻ کپي. تقرير بعد اسان طرفان پڇيل سوالن ۾ اسان جي خيرپور جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ ڀٽو صاحب کان پڇيو، ته آيا هو به ڪنهن ڪئڊٽ ڪاليج مان پڙهيو آهي؟
”نه آئون ممبئي جي ولسن ڪاليج مان پڙهيو آهيان.“ ڀُٽي صاحب چيو هو ۽ اڄ آئون ان ولسن ڪاليج اڳيان بيٺو هوس، جنهن مان ڀُٽي صاحب کان علاوه ٻيا به ڪيترا اهم ماڻهو پڙهيا آهن، جهڙوڪ؛ انڊيا جو سابق وزيراعظم مورارجي ڊيسائي، شاعر نسيم ايزاڪيل جنهن جو احوال يهودين واري باب ۾ ڪري چڪو آهيان، ڪرڪيٽر دليپ سارديسائي، دهلي اسڪول آف ايڪانامڪس جو باني ۽ ڊائريڪٽر VKRV رائو، سابق پوليس ڪمشنر جوليس ربيئرو وغيره.
ممبئيءَ جو هي ”ولسن ڪاليج“ جيڪو جونيئر ۽ ڊگري ڪاليج آهي، ۽ ممبئي يونيورسٽي سان منسلڪ (Affiliated) آهي. 1832ع ۾ قائم ٿيو ۽ سندس هيءَ عمارت جنهن مان سامهون عربي سمنڊ جون ڇوليون نظر اچي رهيون آهن 1840ع ۾ ٺهي راس ٿي. هي ڪاليج ڊاڪٽر جان ولسن (1875-1804ع) جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ هن ڪاليج اهم رول ادا ڪيو. هن ڪاليج سان گڏ گڏ ممبئي جي علائقي ماهيم جو Scottish School، ڪلڪتي جو ”اسڪاٽش چرچ ڪاليج“ ۽ مدراس وارو ”ڪرسچن ڪاليج“ پڻ ٺهيا هئا جيڪي اوڻهين صدي جي شروع وارن سالن جا بهترين تعليمي ادارا مڃيا ويا ٿي.
ڊاڪٽر جان ولسن جنهن هي ڪاليج ٺهرايو، 24 سالن جو هو، ته پنهنجي زال مارگيٽ سان گڏ تبليغ جي سلسلي ۾ انڊيا آيو هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڌاريو ٿي ڪري هن انڊيا جي وڏي خدمت ڪئي. کيس مراٺي کان علاوه ٻيون به ڇهه زبانون آيون ٿي. 1832ع ۾ جڏهن هن هي ڪاليج کوليو ته، سندس زال 6 گرلس اسڪول کوليا ۽ گهر گهر ۾ وڃي مائٽن کي Convince ڪيو، ته هو پنهنجيون ڌيئرون تعليم لاءِ اسڪول موڪلين. سينٽ ڪولمبيا هاءِ اسڪول انهن اسڪولن مان هڪ آهي، جيڪي مارگريٽ ممبئي ۾ کوليا.
هن ڪاليج ۾ مراٺي، سنسڪرت، هندي، گجراتي ۽ فرينچ زبانون پڻ پڙهايون وڃن ٿيون. ڪاليج کي تمام وڏي لائبريري آهي، جنهن ۾ بقول پروفيسر سڌهاڪر سولومن راج، هيڊ آف پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ جي، هڪ لک کان مٿي ڪتاب آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ ٻه ڇوڪرن جون هاسٽلون ۽ هڪ ڇوڪرين جي هاسٽل آهي جيڪا انڊيا جي پهرين هاسٽل چئي وڃي ٿي، ۽ 1932ع ۾ ٺهي. يعني ڪاليج شروع ٿيڻ کان پورو هڪ سؤ سال بعد. ڪاليج جي ٻاهران ڪاليج جو موٽو لکيل آهي:
Fides, Spes, Caritas
جنهن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ “Faith, Hope, Love”  ۽ هنديءَ ۾: ”وشواس، آشا، پريم“ لکيل آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن اعليٰ تعليم برڪلي آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۽ انگلينڊ جي يونيورسٽي آف آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي، باقي اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم ممبئي مان ورتي، جتي هو وورلي (Worli)  جي Sea-face علائقي ۾ رهيو ٿي. هن وقت ڀٽو صاحب جي زندگي جو مختصر احوال جنهن مئگزين ۾ پڙهي رهيو آهيان ان ۾ لکيل آهي ته؛ ”ڀٽو صاحب ممبئي جي ڪئٿيڊرل ائنڊ جان ڪونون اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي.“ ٿي سگهي ٿو ان بعد ڀٽو صاحب ولسن ڪاليج مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڪئي هجي يا مون کان ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي هجي يا 50 سال اڳ جي ٻڌل ڳالهه هن وقت مون کي ياد نه هجي ۽ آئون ڀُل ۾ ولسن ڪاليج لکي ويٺو آهيان.

No comments:

Post a Comment