Monday, December 12, 2011

ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين - الطاف شيخ


ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين
الطاف شيخ
اوم پيپر مارٽ جي مالڪ مهيش منيال وٽ سندس راگهوناٿ دادا جي اسٽريٽ واري آفيس ۾ ويٺو هوس، ته هن وٽ ڪنهن انڊين ڳائڻي جا سنڌي راڳ هلي رهيا هئا. منهنجي تعريف ڪرڻ تي مهيش ٻڌايو، ته ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڪولابا ۾ ڪئسيٽن جا دڪان آهن. آئون ان ڏينهن گيٽ وي آف انڊيا ڏسڻ وڃي رهيو هوس، واپسي تي ڪولابا ۾ لهي پيس، جتي شاپنگ سينٽر هئا. هي علائقو مون کي ممباسا جو ڪلندني روڊ يا ڪوالالمپور جو باتو روڊ يا کڻي چئجي ته سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ لڳي رهيو هو، پر اڄ کان 40 سال کن اڳ وارا روڊ جڏهن انهن روڊن تي ماڻهن جي رش گهٽ هوندي هئي. اڇن ڪوٽن ۾ سنڌي ۽ پارسي بزنيس مين فٽ پاٿن تي پسار ڪندي نظر ايندا هئا ۽ پٺيان سندن ٻهه ٻهه ڪندڙ ڊپارٽمينٽل اسٽورن تي سندن رکيل سنهيون، سهڻيون ۽ نازن واريون گجراتي، ملئي ۽ چيني سيلز گرلز اسان جهازن جي بيوقوف ۽ اگهه کان اڻ واقف جهازرانن جي ابتي کل لاهينديون هيون. ٽئڪسي واري چيو؛ ”گهڻي دير انتظار نه ڪندس، مون کي وورلي ڏي وڃڻو آهي.“ آئون ٻه ڪئسيٽ وٺي اچي ٽئڪسي ۾ ويٺس. ”سر ڪهان چلون.“ ڏاڙهي واري مسلمان ڊرائيور پڇيو.


”رهائش ته سانتا ڪروز ۾ ممبئي يونيورسٽي ۾ اٿم.“ وراڻيومانس.
”ته پوءِ سر چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تائين هلو، جتان لوڪل ٽرين ۾ سانتا ڪروز هليا وڃو، نه ته ٽئڪسي ۾ اجايو سئو ڏيڍ سئو رپيا ڀاڙو اچي ويندانوَ.“ ٽئڪسي ڊرائيور صلاح ڏني. هو بيحد شريف ماڻهو لڳو ٿي. شڪل ۾ پٺاڻ ٿي لڳو، پر پاڻ ٻڌايائين ته هو رامپور جو آهي.
”دراصل آئون ممبئي ۾ نئون آيو آهيان. ڪجهه خاص جايون ڏسڻ چاهيان ٿو.“ مون کيس چيو.
”ته پوءِ ته هلو ته چوپاٽي ۽ حاجي علي درگاهه وٽان وٺي هلانوَ جيڪي رستي تي آهن،“ هن چيو، ”جتان پوءِ توهان ٽرين يا بس رستي سانتا ڪروز وڃي سگهو ٿا.“
حاجي علي درگاهه لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان، ته هيءَ بخارا (ايران) جي هڪ امير مسلمان سوداگر سيد پير حاجي علي شاهه بخاريءَ جي چئي وڃي ٿي، جيڪا 1431ع ۾ ٺهي. سيد حاجي علي 1360ع ڌاري پنهنجو شهر بخارا، جيڪو هينئر ازبڪستان ۾ آهي ۽ تن ڏينهن ۾ پرشيا (ايران) جو شهر هو، ڇڏي دنيا جي سير تي نڪتو ۽ ممبئي اچي رهائش اختيار ڪيائين. ڪجهه عرصي بعد هو سڀ ڌن دولت غريبن ۾ ورهائي پاڻ حج لاءِ مڪي روانو ٿيو، جتي سمنڊ تي گذاري ويو. سندس ڪفن جي پيتيءَ کي جڏهن سمنڊ ۾ لاٿو ويو، ته اها ترندي ترندي اچي ممبئي جي ڏاکڻي ڪناري تي پهتي، جتي هينئر اها درگاهه آهي. ٽئڪسي وارو ڪولابا بعد ناريمن پوائنٽ ۽ فورٽ مان ٿيندو مهاتما گانڌي روڊ، مهارشي ڪاروو روڊ، چرچ گيٽ ۽ گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن وٽان ٿيندو ڊاڪٽر گوپال راءِ ديشمک مارگ تي پهتو، ته هڪ سگنل وٽ فٽ پاٿ تي بس اسٽاپ ڀرسان هڪ همراهه ڌوتيءَ ۾ هڪ ڍڳيءَ سان بيٺل نظر آيو. ڍڳي ٿلهي متاري ۽ صاف سٿري هئي. سندس ڳچيءَ ۾ ڳانا ٻڌل هئا. ڀرسان گاهه جي ڍِڳي هئي. ٽئڪسي ان سگنل وٽ ڪافي دير بيٺي ۽ مون ڏٺو ته ان بس اسٽاپ وٽ ايندڙ ماڻهن ان ڌوتي واري همراهه کان ٻن ٽن رپين جو گاهه وٺي سندس ڍڳيءَ کي کارايو ٿي. مون ٽئڪسي ڊرائيور کان ان بابت پڇيو ته ائين ڇو آهي. ٽئڪسيءَ ڊرائيور به ڪو بيزار نظر اچي رهيو هو ۽ منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ڏيئي ڪافي ٿڪجي پيو هو، سو چڙ مان چيائين. ”بس سر! مڙيئي ڪمائيءَ جا طريقا آهن. هو مَتين موڙهيل ماڻهن کي گاهه وڪڻي رهيو آهي، جيئن هو ڳئون ماتا کي کارائي ثواب حاصل ڪن ۽ دل جون مرادون حاصل ڪن.“
حاجي علي چونڪ وٽ جتان لالا لجپتراءِ روڊ (اڳوڻو نالو هارن بي ويلا روڊ) شروع ٿي ٿيو، اتي ڊرائيور کان پڇيم ته؛ ”ديوبندي، بريلوي ۽ وهابي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”ڪو خاص فرق ناهي،“ هن وراڻيو، ”بس ڪي اهو چون ٿا ته هر شيءِ الله کان ڊائريڪٽ گهرجي، جو هو اسان جي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي ۽ پيرن، فقيرن ۽ درگاهن تي وڃڻ کان جهلين ٿا. ڪي وري هندو توڙي مسلمان انهن جي قبرن تي مٿو ٽيڪڻ چاهين ٿا. جيئن اهو سامهون نظارو ڏسي رهيا آهيو...“ هن روڊ جي ٻي پاسي پري کان نظر ايندڙ حاجي علي جي درگاهه ڏي اشارو ڪيو، جيڏانهن ماڻهن جا انبوهه ويندي نظر اچي رهيا هئا. مون حاجي علي جي درگاهه ڏسڻ چاهي ٿي.
”آئون ترسان يا هليو وڃان؟“ ڊرائيور پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ تون به آزاد ته آئون به آزاد.“ مون ڊرائيور کي چيو؛ ”آئون هتان بس يا ٽرين رستي هليو ويندس.“
”هئنگنگ گارڊن ۾ فلورا فائونٽين هتان ويجهو آهي، اوڏانهن هلو ته وٺي هلان؟“ ٽئڪسي ڊرائيور پڇيو.
”اهي آئون ڏسي چڪو آهيان.“ مون چيو ۽ جيسين ڀاڙو ڪڍي ڊرائيور کي ڏيان، ٽرئفڪ بتي سائي ٿي وئي. پوليس واري سيٽي وڄائي، اسان کي چُرڻ لاءِ چيو. مون پوليس واري کان حاجي علي درگاهه ڏي ويندڙ قطار ۾ بيهڻ جو ڇيڙو پڇيو.
”اها هتان شروع ٿئي ٿي،“ هن مون کي وچ ۾ اچڻ بدران آخر ۾ بيهڻ لاءِ چيو. آئون فٽ پاٿ ٽپي ڊگهي قطار جي آخر ۾ اچي بيٺس، جيڪا ماڪوڙين وانگر فوٽ پاٿ وٽان ٿي، سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽاري سان ڳنڍيل خشڪيءَ جي پٽيءَ ڏي وڃي رهي هئي. ڇا ته ماڻهو هئا! قطار ۾ هزارين وڃي رهيا هئا ته هزارين موٽي رهيا هئا. هندو، مسلمان، مرد ۽ انهن کان وڌيڪ عورتون ۽ ساڻن گڏ ٻار هئا. برقعن ۽ نقابن ۾ مسلمان عورتون، ساڙهي ۽ شلوار قميص ۾ ٽِڪي لڳل گجراتي ۽ مرهٽي هندو عورتون هيون. منهنجي پويان اچي بيٺل ٻن ڇوڪرين کان پڇيم، ته اهي ڪير آهن؟
”اسين مسلمان آهيون ۽ مدارس جون آهيون.“ هنن صاف اردو يعني هتي جي خيال کان هنديءَ ۾ وراڻيو.
”مدراس پاسي جا ته تامل، مليالم يا ڪنهڙ قسم جي زبان ڳالهائين ٿا.“ مون چيومان.
”پر ممبئي ۾ رهي هر ڪو هندي سکيو وڃي.“ هنن وراڻيو. ڊگهي قطار جي پوڇڙ ۾ جتي اسين هئاسين، اهو هنڌ سمجهو ته درگاهه کان اڌ ميل کن پري هو. قطار آهستي آهستي اڳيان چُري رهي هئي.
”هيڏو پنڌ ڪري، درگاهه تي وڃڻ چاهيو ٿيون؟“ مون هنن ڇوڪرين کان پڇيو.
”ها تمام وڏو پير آهي،“ هنن چيو، ”اسان مسلمان ته ٺهيو پر هندو به هن پير کان من جون مرادو گهرڻ اچن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ته پنهنجن ڀڳوانن ۽ پنڊتن ڏي وڃڻ کپي.“
ٺهيو! مون دل ۾ سوچيو. انڊيا ۾ هيڏي تعليم هوندي به چئبو ته هي حال آهن! ڇوڪرين B.A ڪئي آهي ۽ هاڻ M.A ۾ داخلا ورتي اٿن پر سندن مذهب بابت اڃا اها ڄاڻ آهي. هي پير جي جيئرو هجي ها، ته هندن کي ته کڻي معاف ڪري ڇڏي ها، پر اسان مسلمانن کي موچڙا هڻي ها ته؛ ”مڱ تنهين کان مڱڻا! جو ڏيهاڙي ٿو ڏي!“ هي ڪهڙو شرڪ لڳايو اٿؤ؟ پوءِ ته هنن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرين ۽ ان مڪراني ڳوٺاڻي عورت ۾ فرق نه آهي، جيڪا منگهو پير تي مانگر مڇن جي ميلي تي هڪ پوڙهي مانگر مڇ ڏي اشارو ڪري سنڌ ٽي وي جي نمائندي کي ٻڌائي ٿي ته؛ ’آئون پنهنجي دل جي هر مراد پوري ٿيڻ لاءِ هن مانگر مڇ بابا وٽ هلي ايندي آهيان. هي سڀ ۾ وڏو پير آهي! ۽ هاڻ هتي هي ممبئي يونيورسٽي جون M.A جرنلزم جون شاگردياڻيون هن پير لاءِ ٻڌائي رهيون هيون ته؛ هيءُ تمام وڏو پير آهي.
”ڪيئن ٿيون چئو؟“ منهنجي وات مان نڪري ويو.
”تڏهن ته هن جي درگاهه تي من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ روزانو هزارين ماڻهو اچن ٿا.“ هنن ٻڌايو.
”اها ته ڳالهه نه ٿي،“ مون چيومان؛ ”هزارين ماڻهن جي ساڳي ڪم ڪرڻ سان ڇا هروڀرو اهو صحيح ٿيو ڇا؟“
هو چپ رهيون ۽ پوءِ ڪجهه لمحن کان پوءِ هنن کي عقل آيو ۽ پڇيائون؛ ”توهان به ته آيا آهيو؟“
”آئون ته توهان جي سهڻي وڳي ۽ هن پير جي ڪلر فل درگاهه جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ اچي قطار ۾ بيٺو آهيان.“
هو کلڻ لڳيون. قطار آهستي آهستي وڌڻ لڳي. لڳو لڳ فٽ پاٿ تي ڇولا، ڳني ۽ ليمي جي رس وڪڻڻ وارا دڪاندار، فقير ۽ فقيرياڻيون هيون. هو زوري زوري پني رهيا هئا. هنن کي هٿن سان پري ڪرڻو پيو ٿي. اهو ساڳيو حال دهليءَ ۾ نظام الدين اولياءَ جي مزار تي نظر آيو هو. سڀ کان گهڻو Aggressive گلن جا هار ۽ قبر مٿان چادر چاڙهڻ وارا دڪاندار ۽ انهن جا ايجنٽ هئا، جيڪي زور زور سان هوڪا ڏئي، هتي آيل زيارتين جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا. هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ واري دڪاندار، پنھنجي دڪان اڳيان لنگهڻ وقت، چادر کڻي منهنجي ڪلهن تي رکي ته خريد ڪر. منهنجي انڪار تي چوڻ لڳو؛ ”ڇا هيڏي وڏي پير وٽ هٿين خالي ويندين؟“
مون حيرت مان هن ڏي ڏٺو. هيڏي وڏي ڏاڙهيءَ وارن جا به هي حال! هن پير کي ته جيئري به ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه هئي. بخارا جو امير ترين سوداگر هو. ڪي امير هوندي به، لالچي هوندا آهن. هن پير ٻئي جي ملڪيت ۾ اک نه وڌي ۽ نه ٻئي کان مال ملڪيت گهريو، پر پنهنجي سڄي دولت به ضرورتمندن ۽ غريبن کي ورهائي ڏني. اهو پير جڏهن هاڻ قبر ۾ آهي ۽ هن لاءِ ڪفن ڪافي آهي، ته ڪيئن ٿو ريشم ۽ پَٽَ جي چادرن جي گهُر ڪري سگهي.
"نھين بھائي نھين چاہئي۔" مون زوريءَ چادر واپس ڪندي دڪاندار کي چيو.
”سر! ضرور وٺي وڃو، جيڪڏهن دل جون مرادون پوريون ٿيڻ چاهيو ٿا.“ هن وري چيو، بلڪ ڪجهه رعب سان.
ٺهيو! هتي به اهو ڳئون ماتا وارو ڪم لڳو پيو آهي. هندن ۽ اسان جهڙن مسلمانن ۾ هاڻ فرق ئي ڇا رهيو آهي. اسان رڳو هندن تي ڏوهه مڙهيون ٿا ته هو ويدن تي عمل نٿا ڪن. اسان به ته قرآن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. نه ته اهڙا شرڪ ڇو ڪريون؟ دل جون مرادون منهنجون پوريون ٿين يا نه، پر هي دڪاندار چاهي ٿو ته چادر خريد ڪريان جيئن سندس دل جون مرادون پوريون ٿين.
”فوٽو ڪڍرائينديون؟“ مون ڇوڪرين کان پڇيو.
”ها.“ هنن وراڻيو.
بلو وڳي واري ڇوڪريءَ کي ٻڌايم، ته هن جي ڪڙتي تي سنڌي اسٽائيل ڪم ڏسي سندس فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪشش پيدا ٿيم. هن ٻڌايو ته ڀرت جو اهو ڪم سنڌي نه پر راجستاني آهي. قطار ۾ رڙهندي مون سندن ٻه چار فوٽو ڪڍيا. قطار اڳيان رڙهندي وئي رڙهندي وئي ۽ هاڻ Scanning واري دروازي ويجهو اچي پهتا هئاسين. معنيٰ کيسي مان موبائيل فون، ڪئميرائون ۽ ٻيو لوهي سامان ڪڍي دروازي مان لنگهو. مون اڳيان وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڇوڪرين کي واپس وڃڻ جو ٻڌائي کانئن موڪلايو.
”ڇو حاجي پير جي درگاهه جي تصوير نه ڪڍندؤ؟“ راجستاني ڀرت واري ڇوڪريءَ پڇيو.
”نه تنهنجي تصوير ئي ڪافي آهي،“ وراڻيومانس؛ ”هونءَ به منهنجي ڪتابن جا پبلشر، مون وانگر، درگاهن ۽ مقبرن جي تصويرن کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪرين جا خوبصورت وڳن ۾ فوٽو ڇپڻ جا شوقين آهن.“

No comments:

Post a Comment