Tuesday, December 20, 2011

هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل - الطاف شيخ


هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ سنڌي فلم The Awakening جي ڳالهه ڪئي اٿم. ان فلم جو پريميئر جڏهن دهليءَ ۾ ٿيو، ته ان ۾ ايل. ڪي. آڏواڻي ۽ انڊيا جو جهونو ۽ ڀوائتو وڪيل ۽ اسيمبلي جو ميمبر رام ڄيٺملاڻي مهمان خصوصي طور تي موجود هئا. رام ڄيٺملاڻي لاءِ ڀوائتو وڪيل ان ڪري لکيو اٿم ته هي هميشه اهڙا ڳرا ۽ ڪرمنل قسم جا ڪيس کڻي، کٽي ڏيکاري ٿو، جيڪي عام وڪيل کڻندي ڇرڪن ٿا. اندرا گانڌيءَ جو جن سکن قتل ڪيو هو، انهن جو ڪيس به رام ڄيٺملاڻيءَ کنيو هو. پاڪستاني شهري محمد افضل کي انڊيا جي پارليامينٽ تي دهشتگردي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملڻ جي باوجود ان کي هن بچايو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ئي بدنام ڪيس آهن جيڪي رام ڄيٺملاڻي وڙهندو اچي.  اڻ هن وقت 86 ورهين جو ٿيندو. هو ٻه دفعا پارليامينٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هڪ دفعو ته هن ڏيڍ لک ووٽن جي ليڊ سان پنهنجي مخالف گوکالي کي شڪست ڏني، جيڪو اندرا گانڌي جي حڪومت ۾ ان وقت وزير هو. مسٽر رام ڄيٺملاڻي ٻه دفعا انڊيا جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. 2004ع ۾ هن انڊيا جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي سان لکنؤ واري سيٽ تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان مقابلو ڪيو، پر اليڪشن هارائي ويو. هينئر وري BJP طرفان راجستان مان راجيا سڀا جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهيو ۽ کٽي ويو آهي. هن پنهنجو ڪيريئر پڙهائڻ سان شروع ڪيو، جنهن جو کيس اڄ به شوق آهي ۽ پوني جي لا ڪاليج ۾ ليڪچر دوران منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. پاڻ هڪ اهم شخصيت آهي، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر هو منهنجي لاءِ ان ڪري به اهم آهي جو هو منهنجي والد گل محمد شيخ جو ڪراچي جي لاڪاليج ۾ ٽيچر به رهي چڪو آهي. سندس وڪالت ۽ ٽيچنگ ۾ هوشيار هجڻ جون خبرون اسان پنهنجي والد ۽ هن جي ڪلاس ميٽس سائين غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز کان ٻڌيون.

رام ڄيٺملاڻي شيخ اياز جو نه فقط همعمر هو پر ڳوٺائي پڻ. شيخ اياز 23 مارچ 1923ع تي ڄائو ۽ رام ڄيٺملاڻي به ان ئي سال 14 سيپٽمبر تي شڪارپور ۾ ڄائو. رام لاءِ ٻڌائين ٿا ته هو ننڍي هوندي کان ايڏو ته هوشيار هو، جو هن ٽي دفعا ڊبل پروموشن ڏئي ٽي سال بچايا. شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول، سنڌ ماڊل اسڪول ۽ چيلارام سيتلداس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ڪراچي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۽ شاهاڻي لا ڪاليج (اڄ واري سنڌ مسلم لا ڪاليج) مان بي اي ۽ ايل ايل بي ڪئي، ته هو فقط 17 سالن جو هو. جنهن حساب سان هو بار جو ميمبر ٿي نٿي سگهيو، پر ان وقت جي سنڌ جي چيف جسٽس کي چئُه-چواءِ بعد، قاعدي کي نرم ڪرڻ لاءِ خاص Resolution پاس ڪيو ويو.
رام ڄيٺملاڻيءَ، وڪالت سان گڏ، پنهنجي ڪاليج ۾ پڙهائڻ به شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ اياز ڪراچي واري لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي. منهنجو والد شيخ اياز ۽ رام ڄيٺملاڻيءَ کان 3 سال وڏو هو. پاڻ پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪرڻ بعد، سنڌ ۾ اچي ڏوڪري فارم ۽ سڪرنڊ جي ائگريڪلچر ڪاليج ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪئي. ان بعد کين Law پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ اڄ واري جناح ڪورٽس ۾ اچي رهيو، جنهن جو هاسٽل سپرنٽينڊنٽ سندن ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ غلام مصطفيٰ شاهه هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به علي ڳڙهه مان ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ مدرسي ۾ ليڪچرار جي نوڪري اچي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي هن لا ڪاليج جو پرنسپال آڏواڻي صاحب هو ۽ منهنجي والد سان گڏ شيخ اياز کان علاوه جيڪي ڪلاس ميٽ هئا، انهن ۾ علي اڪبر جلباڻي صاحب ۽ طفيل علي عبدالرحمان پڻ هئا. هتي منهنجي ڪيترن دوستن ۽ مائٽن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان، ته منهنجي والد وڪالت جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اڄ جي چيف جسٽس حامد علي مرزا صاحب جي والد حاجي عبدالرحمان مغل وٽ وڪالت سکيو، جيڪو صاحب منهنجي والده جو مامو پڻ هو.
بهرحال هي سٽون لکڻ وقت مون فون تي سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سان به حيدرآباد (سنڌ) ڳالهايو ۽ رام ڄيٺملاڻي بابت خبر چار ڪيم، ته پاڻ ٻڌايائون ته رام ننڍي هوندي کان ذهين شاگرد ۽ وڪيل آهي. سندن ذات ڄيٺملاڻي سندس تڙ ڏاڏي شري ڄيٺ مل تان آهي، جيڪو هڪ ليجنڊ ٿي گذريو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”هندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته ”ديوان ڄيٺمل ولد ٻيليرام حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور جو گورنر هو. بعد ۾ افغانستان جو وزير به ٿيو. اختياري ايڏي هيس جو شڪارپور ۾ سندس پنهنجو ضرب خانو (Minting Press) هو، جتي سندس سڪو سندس نالي ”ڄ“ (ڄيٺمل) اکر سان هلندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ کان پوءِ به اهي سڪا دڪن وانگر ڪم ايندا هئا. جرمني واري پهرين جنگ ۾ ڌاتن جا اگهه چوٽ چڙهيا، ته جن وٽ اهي سڪا هئا، تن ڳاري ڇڏيا، انهيءَ هوندي به پنج سڪا اڄ تائين ديوان ڄيٺمل جي پوٽي، ديوان گرمکداس نوتنداس (رام ڄيٺملاڻيءَ جو ڏاڏو ٿيو) وٽ آهن جي مون کي ڏيکاريائين. (هيءَ 1930ع ڌاري جي ڳالهه آهي يعني اڄ کان 80 سال کن اڳ جي). اهي سڪا دڪن جي نموني آهن، گاٺ پيٺ سبب هينئر ”ڄ“ اکر اهڙو صاف ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ باقي ”ضرب شڪارپور“ لفظ بلڪل چٽا بيٺا آهن.
”ديوان ڄيٺمل وٽ جيڪو لشڪر هو، تنهن ۾ گهڻو ڪري سڀ روهيلا (جابلو پٺاڻ) هئا. هندو ماڻهو ٿي، مسلمانن جي صاحبيءَ ۾، بادشاهن وانگر پنهنجا سڪا هلائڻ ۽ پٺاڻن کي پنهنجي تابع ڪري پنهنجي حڪم پٽ-اندڙ هلائڻ هڪ وڏي ڳالهه چئي سگهجي ٿي.
”1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته ديوان ڄيٺمل وٽن نوڪري ڪرڻ نه قبولي ۽ ملتان جي گورنر لالا مولراج وٽ وڃي رهيو. پوءِ مير علي مراد خان خيرپور رياست جو والي ٿيو، تنهن پاڻ وٽ گهرائي ورتس ۽ سندس چالاڻو به خيرپور ۾ ٿيو. ديوان ڄيٺمل جو پٽ ديوان نوتن داس مختيارڪار هو...“
مرزا عطا محمد شڪارپوريءَ جو پارسيءَ ۾ ”دستخطِ تاريخ“ نالي هڪ ڪتاب آهي. چون ٿا ته هن ۾ ديوان ڄيٺمل جو تمام گهڻو ذڪر آهي. هتي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اڄ جي انڊيا جي ٽاپ وڪيل، پروفيسر ۽ سابق وزير قانون رام ڄيٺملاڻيءَ جو ديوان ڄيٺمل سان شجرو لکان ٿو:
ديوان ڄيٺمل ولد ديوان ٻيليرام،
شري نوتن داس،
شري گرمکداس،
شري بولچند،
رام ڄيٺملاڻي.
رام ڄيٺملاڻي، سندس پيءُ بولچند ۽ ڏاڏو گرمکداس ننڍي کنڊ جا مشهور وڪيل هئا. رام ڄيٺملاڻيءَ ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي هن رتنا سان 1947ع ۾ ڪئي ۽ ٻي شادي درگا سان بمبئي لڏي اچڻ بعد ڪئي. ان وقت بمبئي پريزيڊنسي ۾ هندو قانون مطابق ٻي شاديءَ جي اجازت نه هئي، ان ڪري هن اها شادي دهليءَ ۾ رچائي. رام ڄيٺملاڻيءَ کي ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن، انهن مان هڪ پٽ مهيش ڄيٺملاڻي ۽ ڌيءَ راڻي انڊيا جا مشهور وڪيل آهن، باقي ٻن ٻارن جي نالن ۽ نوڪرين جي ڄاڻ نه اٿم. انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جي تازين چونڊن ۾ رام ڄيٺملاڻي صدر چونڊيو ويو آهي. پاڻ سنڌي زبان، ادب ۽ ڪلچر لاءِ به ڪافي ڪم ڪيو آهي. انڊيا ۾ ”دي انٽرنيشنل سنڌ الاجي انسٽيٽيوٽ“ کولڻ بعد، هن پنهنجي آمريڪي دوستن جي مدد سان شڪاگو ۾ پڻ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ کولي، جنهن جي ڪري اڄ آمريڪا (USA) جي ڪيترين يونيورسٽين ۾ “Indus Valley Civilization” پڙهڻ جو پاپولر سبجيڪٽ بنجي ويو آهي. سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٺهيل The Awakening فلم ۾ به اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نيويارڪ جي رهاڪو سنڌي ڇوڪري مٿين سبجيڪٽس ۾ Ph.D ڪرڻ خاطر ٿيسز لاءِ پنهنجي ڏاڏيءَ وٽ ممبئي وڃي ٿي ۽ ان Process ۾ هوءَ پنهنجي Roots جي معلومات حاصل ڪري ٿي. دل جو مريض Holtor Monitor تي گذارو ڪندڙ، هيءُ 85 سالن کان وڏي عمر جو پوڙهو مڙس، سکن ۾ به مشهور آهي. ملائيشيا ۾ مون سان ڪم ڪندڙ هڪ سک ڪئپٽن، منهنجي ان ڪري به عزت ڪندو هو، جو اندرا گانڌي جي قتل جي الزام هيٺ آيل سکن جو ڪيس، جڏهن ٻئي ڪنهن نه کنيو، ته هن سنڌي وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ کنيو ۽ وڏي دليري سان ڪورٽ ۾ مقابلو ڪيو. ھن سپريم ڪورٽ ۾، سينٽ لونگو وال جي ڪيس ۾، کيس بنا ڪنهن شرط جي ڇڏرايو. ان ڪري هن پنهنجي لاءِ سکن جي دل ۾ پيار پيدا ڪيو ۽ ساڳئي وقت هن انڊيا جي سکن جي وفاداري حاصل ڪئي. ان ڪري پنجاب ۾ دهشتگري کي ڄڻ ٻنجو اچي ويو.
1995ع ۾ رام ڄيٺملاڻيءَ پنهنجي هڪ سياسي پارٽي ”پووترا هندستان ڪازهاگم“ نالي ٺاهي، جنهن جو اهم مقصد اسان واري عمران خان جي پارٽي وارو ”انصاف تي ٻڌل هر ڳالهه“ هو. بقول رام ڄيٺملاڻي جي:
“Transparency in functioning of Indian Democracy. Every democracy needs a law compelling the government to divulge the truth... The greatest threat to freedom and democracy rises from the secrecy of government operations.”
رام ڄيٺملاڻيءَ کي شروع کان ٽيچنگ جو شوق رهيو آهي. سندس لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ هو ان وقت تمام گهڻو خوش نظر اچي ٿو، جڏهن اسٽوڊنٽس سان گڏ آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ، هو پاڪستان ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر ٿيو. بئنگلور وارو لا اسڪول رام ڄيٺملاڻي جي ڪوششن سان ٺهيو، جنهن جي وزيٽنگ فئڪلٽي ۾ سندس نالو پڻ آهي. پاڻ ڪجهه عرصو، مشيگان (آمريڪا) جي Wayne State University Detroit ۾، ڪمپريٽو لا پڙهايائين. پاڻ ڪجهه ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي. ويجهڙائي ۾ سندس Conscience of Maverick نالي ڪتاب ڇپيو آهي. ان کان علاوه سال 2000ع ۾  Big Egos Small Men نالي ڇپيل ڪتاب جي به ڪافي تعريف ٻڌجي ٿي.

No comments:

Post a Comment