Wednesday, April 25, 2012

فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين - الطاف شيخ


فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين
الطاف شيخ
انگريز ٿڌي ملڪ جا هيراڪ جتي به رهيا ته هنن ان ملڪ ۾ ٿڌڪار وارن هنڌن جي ڳولا ڪئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد هنن ڏٺو ته حيدرآباد ۾ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿي ٿئي. هونءَ ته سڄي سنڌ گرم علائقو آهي پر ان هوندي به هنن بهتر جاءِ تي پنهنجي گادي ٺاهي ٿي. ان لاءِ هنن کي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري سٺو هنڌ لڳو، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ سٺي موسم رهي ٿي، ائين ته ڪجهه عرصو ٻيو رهن ها ته گورک هِل کي به Develop ڪري وڃن ها. اهڙي طرح ملائيشيا (جيڪو ان وقت ملايا سڏبو هو) ۾ به هنن ڪوهه مري ۽ شمله جهڙيون ڪيتريون ئي پهاڙي جايون ڳولي ورتيون، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. گنتنگ هاءِ لئنڊ ته انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا جي امير چيني بزنيس مين ”مسٽر لِم گوح“ ڊيولپ ڪرايو، پر ان کان اڳ انگريزن جون ايجاد ڪيل ۽ ٺهرايل هِل اسٽيشنن مان ٻن، فريزر هِل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي منهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو اتي اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي.


ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران ٽن سالن بعد ٽي مهينا موڪل ٿيندي هئي سا به اونهاري ۾. ملائيشيا ۾ نوڪري دوران هر سُک هو، پر مون وانگر منهنجا پاڪستاني توڙي انگريز ۽ يورپي دوست جنهن ڳالهه کي ياد ڪندا هئا، جنهن لاءِ سِڪندا هئا، اها سياري جي موسم هئي. ملائيشيا جو مينهن مون جهڙي Semi Desert جي رهاڪوءَ لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي، پر ٻارهوئي مينهن، اس، گرمي، گهم ۾ گذاريندي پنهنجي ملڪ جو سيءُ ياد ايندو هو. گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل يا ڪئمرون هاءِ لئنڊس جي پوءِ جڏهن خبر پيئي ته فقط سيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ هر مهيني ٻئي مهيني ڪجهه ڪلاڪن لاءِ وڃڻ لڳاسين. اتي ماڻهن کي سئيٽرن ۽ ڪوٽن ۾ ڏسي عجيب لڳو ٿي. ڇو جو ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي ماڻهن جي سڄي زندگي گذريو وڃي پر هنن کي گرم ڪپڙو پائڻ جو موقعو نٿو ملي. جيئن سئيڊن ۽ ناروي جي ماڻهن ڪڏهن ڇت جو پکو نه ڏٺو آهي تيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن ڪڏهن بلاڪيٽ يا سوڙ نه ڏٺي آهي. ملائيشيا ۾ گهرن ۾ اسان وانگر ڪٻٽ ئي ڪو نه ٿين، جيڪي اسان وٽ گرم ڪپڙا رکڻ لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا. ڪي ڪي ملئي شوقين اسان سان گڏ هِل اسٽيشن تي هلن نه ته ٻيا صاف انڪار ڪندا ته ”نه بابا ڪير ٿو ٿڌ ۾ هلي“ جيتوڻيڪ هي ملڪ خط استوا تي هجڻ ڪري هتي جي هِل اسٽيشنن تي اهڙو سيءُ نٿو ٿئي پر هتي جي ماڻهن لاءِ اهو گهڻو آهي، جيڪي مينهن وسڻ بعد چادر اوڙهي پيا هلندا ته ٺار ٿي پيو آهي.
ملائيشيا جابلو علائقو آهي. جتي ڪٿي ڌرتي هيٺ مٿي آهي. جيتوڻيڪ مينهن گهڻو وسي ٿو پر هڪ هنڌ بيهڻ بدران سمنڊ ڏي وهيو وڃي، جيئن اسان وٽ هماليا، ڪارا ڪورم يا کيرٿر جبلن جي قطار آهي، تيئن ملائيشيا ۾ ٽِي ٽِي ونگسا (Titi wangsa) نالي هڪ اهم ۽ ڊگهي جبلن جي قطار آهي، جيڪا ڏکڻ ۾ ٿائلينڊ جي بارڊر کان شروع ٿي ملائيشيا جي نينگري سيمبيلان رياست تائين اچي ٿي. يعني پهانگ، سلينگور، پيراق وغيره رياست مان به گذري ٿي. فريزر هِل پهانگ رياست ۾ ٽِيٽِي ونگسا جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي آهي، جيڪا هڪ اسڪاٽ لوئس جيمس فريزر نالي آهي، جنهن انگريزن جي دور ۾ 1890ع ۾ ان تي قلعي (Tin) جي واپار لاءِ ٽريڊنگ پوسٽ قائم ڪئي.
مسٽر فريزر ڪنهن ٿڌڪار واري جاءِ جي ڳولا ۾ نه هو. هو هڪ واپاري قسم جو ماڻهو هو. هن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه هئي ته ٿي سگهي ٿو ته هنن جبلن جي چوٽين تي سون يا ڪو ٻيو اهڙو قيمتي ڌاتو ملي وڃي. ان ڪري هن گائيڊ طور ڪجهه مڪاني ملئي ماڻهو ۽ ڪجهه چيني ۽ انڊين مزور پاڻ سان کڻي کوجنا لاءِ جبل جهاڳڻ لڳو. هن کي مٿاهين ليول تي بيحد آڳاٽا Pre historic وڻ ۽ جنگل نظر آيا، جن جي آبياري ڪڪرن ذريعي ٿِي ٿي. هن کي اتي قلعي (Tin) جا ذخيرا نظر آيا، جن جي کوٽائيءَ لاءِ هن چين کان آيل چيني مزورن کي لڳايو. مٿاهين تان ڌاتو وارو پٿر هيٺ The Gap نالي ڳوٺ ۽ ڀرواري شهر رائوب (Raub) تائين پڄائڻ لاءِ هن هڪ اتڇرو Steep ٽرئڪ ٺهرايو، جنهن ذريعي خچرن مفاصلو طئي ڪيو ٿي. مزورن مان سندن ڪمائيءَ جو پئسو ڪڍڻ لاءِ هن (لوئس جيمس فريزر) جُوا گهر ۽ آفيم جا اڏا کوليا. هي ڪم 25 سال هلندو رهيو، ان بعد اوچتو ئي اوچتو فريزر غائب ٿي ويو ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته اڄ ڏينهن تائين ان راز تان ڪو پڙدو کڻي نه سگهيو.
1915ع ۾ فريزر جي غائب ٿيڻ بعد 1917ع ۾ سنگاپور جي هڪ عيسائي ٻائي (bishop) فرگوسن ڊئوي انهن جبلن ۾ فريزر جي ڳولا ڪئي هئي. فريزر ته نه مليو پر هن انگريز سرڪار کي اها رپورٽ پيش ڪئي ته انهن جبلن ۾ هڪ خوبصورت هل اسٽيشن ٺهرائي سگهجي، جتي انگريز حاڪم ۽ فوجي هيٺ جي گرمي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن هتي آرام جي زندگي گذاري سگهن ٿا. 1919ع ۾ جبلن جي قدمن واري ڳوٺ دي گئپ کان مٿاهينءَ تائين هڪ سنگل روڊ ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ به ان حالت ۾ آهي ۽ فقط هڪ گاڏي هلي سگهي ٿي. ان ڪم لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ مٿان کان هيٺ ٽريفڪ جاري رکي وڃي ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ هيٺان کان مٿي. هيءَ جاءِ ڪوالالمپور کان 104 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي. 800 ميٽرن جي بلندي تي The Gap ٽائون آهي، ان بعد جبلن جي چوٽيءَ تي جيڪا 1500 کن ميٽرن جي بلندي تي آهي، 8 ڪلوميٽر گول چڪر وارو Winding روڊ آهي. ظاهر آهي جبلن جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ ڪار سڌو ته مٿي وڃي نه سگهندي. هن کي جبل جي چوڌاري ڦيرا ڪرڻا پون ٿا. فريزر هل تي جنهن ۾ جبلن جون ست چوٽيون اچيو وڃن، 17 ڊگرين کان 25 ڊگريون، ٿڌڪار رهي ٿي جيڪو ٽيمپريچر ڪراچي ۾ سياري ۾ رهي ٿو.
فريزر هِل کان وڏي ۽ ملائيشيا ۾ سڀ کان اتاهين هِل ريسٽورنٽ ڪئمرون هاءِ لئنڊس آهي. ڪئمرون ڪجهه ائين آهي جيئن انڊيا جو پوني شهر، جيڪو پلئٽو تي آهي. ٽن چئن جبلن جون چوٽيون جيڪڏهن مٿاهين ليول تي ملي هڪ Plain ميدان ٺاهين ته هي اتاهين ليول وارو ميدان Plateau سڏجي ٿو. ڪئمرون به ڪجهه ان قسم جو پلئٽو آهي، جيڪو 700 کن چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي ڪور ڪري ٿو ۽ پلئٽو اٽڪل 2000 ميٽر سطح سمنڊ کان مٿي آهي.
ڪئمرون پيراق جي گادي واري شهر اپوح کان 85 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ ڪوالالمپور کان 200 ڪلوميٽر پري آهي. ڪئمرون پلئٽو پهرين انگريزن 1920ع ۾ ڊيولپ ڪبو. ڪئمرون وڃڻ لاءِ پهرين پيراق جي شهر تاپاح يا سمپانگ پُلائي اچڻو پوي ٿو. ڪئمرون ۾ اٽڪل 40000 ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ ملئي، چيني، انڊين ۽ ڪجهه ٻيون قومون به آهن. ٿڌڪار ڪري هتي ڀاڄيون ۽ چانهه جي پوک سٺي ٿئي ٿي. ڪئمرون ۾ اڄ به انگريزن جا پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايل بنگلا موجود آهن، جيڪي هوبهو اهڙا آهن جهڙا انڊيا جي جابلو شهر شملا ۾.
هتي ملائيشيا ۾ جتي جتي به هتي جي حڪومت وارن کي موقعو ملي ٿو ته ان قسم جي جابلو علائقن ۾ هوٽلون ۽ وندر جون جايون ٺاهيندا رهن ٿا، جتي مڪاني توڙي ڌاريا ٽوئرسٽ وڏي شوق سان گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ مڪاني ماڻهن ۽ سرڪار جي ان مان وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. ان کان علاوه مٿين علائقن (هِل اسٽيشنن ۽ پلئٽو) تي ٿڌ هجڻ ڪري اهي ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيا وڃن ٿا، جيڪي ٿڌن ملڪن جا آهن. ملائيشيا گرم ۽ ٻارهو ئي مينهوڳي وارو ملڪ آهي، پر ڪئمرون ۾ اسٽابيري، انگور، سنگتڙا ۽ صوف ٿين ٿا. هڪ ڳالهه ڏٺي وڃي ته ملائيشيا ۾ گهاٽا جنگل ۽ جيت جڻيا ۽ جانور هجڻ ڪري ڪنهن جبل جي قدمن تائين پهچڻ به وڏو مشڪل ڪم آهي ۽ اهڙي طرح گهاٽن ٻيلن سان جهنجهيل جبل تي مٿي چڙهڻ، روڊ رستا ٺاهڻ وغيره اڃان به ڏکيو ڪم آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ دادو ضلعي ۾ گورک هِل کي Develop ڪرڻ بيحد آسان ڪم آهي ۽ گورک هل تمام مٿانهين Altitude تي هجڻ ڪري تمام ٿڌي آهي ۽ هڪ دفعو جي ڊيولپ ٿي وڃي ته ماڻهو ڪوهه مري ۽ ايوبيه وڃڻ ڇڏي ڏين، پر خبر ناهي ڇا بدقسمتي آهي جو هر دور حڪومت ۾ رڳو ڳالهيون ئي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، ڪم جو اڪلاءُ ڪجهه نٿو ٿئي يا شايد سرڪار کي اهڙي ڪم لاءِ نه سوچ آهي نه بجيٽ، جيتوڻيڪ سيوهڻ ۾ هوائي اڏي ٺاهڻ تي اجايو خرچ ٿي سگهي ٿو، جنهن تي خبر ناهي ڪهڙا جهاز ٿا لهن، گذريل دفعي اتي ٻه گڏهه گاڏيون بيٺيون هيون، همراهن ٻڌايو ته هو جهانگارا باجارا پيا وڃن.
هتي گهمڻ لاءِ ايندڙ هڪ سنڌ جي متوالي پروفيسر کي ملائيشيا جو مثال ڏيندي چيم ته اسان جي نمائندن ۽ وزيرن کي کپي ته دادو جي هن گورک هِل کي ڊيولپ ڪرائين، جن مان هنن کي به فائدو ٿيندو. هن مون کي چتائي ڏسڻ بعد چيو ته ”اهي ملائيشيا جي وزيرن وانگر بيوقوف ناهن.“
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”هو گورک هِل کي بنا ٺهرائڻ جي پئسو هضم ڪيو ويٺا آهن. ٺهرائڻ جي تڪليف ڇو ڪن. اڄ تائين گورک هِل جي نالي ۾ ڪيترن پنهنجا ڀڀ ڀري ڇڏيا.“ هن وراڻيو. گورک هل به پوني وانگر Plateau آهي، يعني جبلن جون چوٽيون هڪ ٻئي سان ملي اٽڪل 2500 ايڪڙ (10 چورس ڪلو ميٽر) پکيڙجو ميدان ٺاهين ٿيون، جنهن ۾ هڪ چڱو خاصو شهر اڏجي سگهي ٿو. هيءَ هل اسٽيشن سطح سمنڊ کان اٽڪل 5700 فٽن (1800 کن ميٽرن) جي بلندي تي آهي، جيڪا ملائيشيا جي ڪئمرون هاءِ لئنڊ کان ڪجهه گهٽ اتاهين ٿي، پر گورک هل تي ڪئمرون، گنتنگ ۽ فريزر هل کان وڌيڪ سيءُ ٿئي ٿو، ڇو جو ملائيشيا ۾ ته ٻارهوئي اونهارو رهي ٿو، پر هتي دادو ضلعي ۾ جنهن ۾ گورک هِل آهي، نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري جي مهينن ۾ هيٺ ئي سيءُ پوي ٿو سو گورک هل تي ته اهي مهينا برفباري رهي ٿي. گورک هِل جي ڊيولپ ٿي وڃي ته فقط برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ اوسي پاسي جي ضلعن جا انيڪ ماڻهو اچن.
گورک هِل جي پٺين پاسي کان بلوچستان آهي ۽ هتان ماڻهو آساني سان خضدار ضلعي ڏي وڃي سگهن ٿا. منهنجي آرڪيالاجي ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ٻن دوستن اسحاق انصاري صاحب ۽ بدر ابڙو صاحب ٻڌايو ته گورک هل تي پهچڻ لاءِ هڪ اڀرو سڀرو رستو آهي، جنهن تان ڪا به فور ويلر گاڏي هلي سگهي ٿي. گورک هِل کان اڳ واهي پانڌي آخري شهر آهي. هن کان پوءِ 53هين ميل تي رستو اُڀ-کڙو (Steep) ٿئي ٿو ۽ اتان جبلن جي مشھور لنگهه Yaro pass (يارو سائين جو لَڪُ) مان گذرڻو پوي ٿو. اهو لڪ سطح سمنڊ کان 760 ميٽرن جي بلنديءَ تي آهي. ان بعد جڏهن 76 ڪلوميٽر جو پٿر اچي ٿو، اتي هڪ ٻيو لَڪُ خان وال پاس اچي ٿو. هن هنڌ تي 910 ميٽرن جي بلندي آهي. ان بعد فقط 4 ڪلو ميٽر جو فاصلو آهي، جيڪو بيحد انگڙ ونگڙ آهي. ان بعد گورک هِل تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ 13 ڪلو ميٽر فاصلو آهي. گورک هِل تي هڪ ننڍڙو ريسٽ هائوس آهي، جيڪو هتي جو واحد رهائشگاهه آهي.
جاگرافي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هن جابلو قطار کيرٿر (Kirthar) ۾ ٻيون به ڪيتريون هِل اسٽيشن آهن، جن مان ڪي ته 1700 ميٽرن جي بلندي تي به آهن. انهن مان هڪ ”ڪتي جي قبر“ جي نالي سان به مشهور آهي، جيڪا 1800 ميٽرن کان به اتاهين چئي وڃي ٿي.

No comments:

Post a Comment