Tuesday, April 24, 2012

لنگڪوي ۽ گنتنگ - الطاف شيخ


لنگڪوي ۽ گنتنگ
الطاف شيخ
ملائيشيا مان جيڪو به گهمي اچي ٿو، ان کان کڻي پڇ ته ڇا ڇا ڏٺئه؟ ته يڪدم لنگڪوي ٻيٽ جو نالو کڻندو. لنگڪوي ٻيٽ ڏسڻ وٽان آهي، پر انگريزن ۽ يورپين لاءِ. اسان لاءِ ملائيشيا ۾ ڏسڻ لاءِ لنگڪوي کان وڌيڪ ٻيون شيون ۽ ملائيشيا جا ٻيا شهر آهن. هي ائين آهي جيئن ڪو ميرپورخاص يا سکر کان ڪراچي گهمڻ لاءِ ٻه ڏينهن صدر جي ڪنهن هوٽل ۾ رهي ۽ ڪلفٽن، ڪياماڙي، آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ ميوزيم ڏسڻ بدران نوري آباد ڪنهن فارم هائوس تي سڄو ڏينهن وڃي گذاري. مطلب اهو آهي ته اهڙي خاموشي ۽ اڪيلائي وارا باغ بستان ته هو ميرپورخاص يا سکر ۾ به ڏسي سگهي ٿو. پر اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور پهچي پوءِ هوائي جهاز يا بس ۽ ٽرين ذريعي 500 کن ڪلو ميٽر ڪري لنگڪوي ٻيٽ تي وڃي، ريتيءَ تي ليٽجي ۽ سمنڊ جون لهرون ڳڻجن، ان مان ڪهڙو فائدو. اهو سڀ ڪجهه ته اسان ڪراچيءَ جي سئنڊس پٽ يا هاڪس بي تي به ڏسي سگهون ٿا. يورپي ڀلي وڃن، جو هو ٿڌ ۽ گوڙ گهمسان کان ڀڄي، هيڏانهن اچن ٿا ۽ ملائيشيا وارا به لنگڪوي ٻيٽ جي مشهوري انهن امير يورپين لاءِ ڪن ٿا.


بهرحال هتي ڪجهه سٽون لنگڪوي ۽ گنتنگ هائلئنڊس تي لکان ٿو، جيڪا جاءِ پڻ جوا جي شوقين يورپين يا عياش دولتمند عربن لاءِ آهي ۽ نه اسان جهڙن غريب ۽ کٽل ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ.
ملائيشيا جو لنگڪوي ٻيٽ، ڪوالالمپور کان اٽڪل 500 ڪلو ميٽر اتر ۾ بنهه ڇيڙي تي آهي، جتي ملائيشيا جي رياست ڪيداح، ٿائلينڊ سان وڃي ملي ٿي. هي ٻيٽ ڪيداح رياست ۾ اچي ٿو ۽ هن کيLangkawi permata kedah  يعني ”لنگڪوي ڪيداح جو هيرو“ به سڏيو وڃي ٿو. هونءَ حقيقت ۾ لنگڪوي ڪو هڪڙو ٻيٽ ناهي، پر 104 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيئن مالديپ، هڪ ٻيٽ نه پر 600 کن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. هونءَ به هن پاسي چوڌاري انيڪ ٻيٽ آهن.... ننڍا، وڏا ۽ زمين اندر ۽ ڪي ته ٻن کٽن جيڏا به مس ٿيندا، ويران، آباد... وغيره وغيره. هي لنگڪوي ٻيٽ جنهن سمنڊ جي حصي ۾ آهن، ان سمنڊ کي ”انڊامان سمنڊ“ سڏجي ٿو ۽ ٿورو اڳيان دنيا جا مشهور ۽ آڳاٽا ٻيٽ ’انڊامان‘ ۽ ’نڪوبار‘ آهن، جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ڏوهارين لاءِ قيد خانا هئا، جن کي ڪاري پاڻيءَ جا جيل سڏيو ويو ٿي. بهرحال هن قسم جي ٻيٽن وارو علائقو، هڪ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن لاءِ مٿي جو سور هوندو آهي ۽ ٻيو تپيدارن لاءِ، جن کي ظاهر آهي زمين جي ذري ذري جو حساب ڪرڻو پوي ٿو.
لنگڪوي ٻيٽ، ملائيشيا جي سرزمين کان 30 ڪلو ميٽر پري، سمنڊ ۾ آهن ۽ سڀني جي جملي پکيڙ 48000 هيڪٽر آهي. هيترن ٻيٽن ۾ فقط چئن ٻيٽن تي آبادي آهي، باقي تمام ننڍا آهن ۽ سڄا گهاٽن جهنگلن ۽ جانورن سان ڀريل آهن. جيڪي چار ٻيٽ آباد آهن، انهن جا نالا آهن: پلاءُ لنگڪوي، پُلاءُ طوبا، پلاءُ ريباڪ ۽ پلاءُ دايانگ بُنتانگ (ملئي زبان ۾ ٻيٽ کي پلاءُ"Pulau" سڏجي ٿو) انهن جي جملي آدمشماري هڪ لک ماڻهو مس آهن، جن مان 90 سيڪڙو ملئي مسلمان آهن، باقي 10 سيڪڙو ۾ چيني، انڊين ۽ ٿائي اچي وڃن ٿا. پلاءُ لنگڪوي، سڀ ۾ وڏو ٻيٽ آهي ۽ گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ فقط هن ٻيٽ تان ٿي موٽي وڃن ٿا. لنگڪوي جي معنيٰ ناسي عقاب آهي. ملئي زبان ۾ عقاب کي هيلانگ (Helang) سڏجي ٿو، جنهن جو پويون اڌ لانگ يا لنگ کنيو ويو آهي ۽ ڪوي(Kawi)  معنيٰ ناسي يا ڳاڙهسرو ڀورو رنگ. لنگڪوي ٻيٽ، ڪافي وڏو آهي ۽ منهوڙي کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. اتر کان ڏکڻ تائين وهندڙ رستي جي ڊيگهه 25 کن ڪلو ميٽر ٿيندي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا حڪومت، ٽوئرسٽن جي ڪشش لاءِ، هن ٻيٽ کي ڊيوٽي فري رکيو آهي. يعني هر شيءِ، فيڪٽريءَ جي اگهه تي وڪامي ٿي ۽ ڪو به ٽئڪس ناهي. هڪ اهو به سبب آهي جو يورپي ٽوئرسٽ، سگريٽن ۽ شراب جي خريداريءَ لاءِ هتي اچن ٿا، جيڪي شيون سندن ملڪن ۾ حڪومت ڄاڻي واڻي تمام گهڻيون مهانگيون ڪيون آهن، جيئن سندن ماڻهن کي هنن شين واپرائڻ کان دلشڪستو ڪيو وڃي.
لنگڪوي ٻيٽ جو وڏو شهر ڪئاح آهي. ٻيٽ تي بين الاقوامي هوائي اڏو به آهي، جتي سنگاپور، پينانگ، هانگ ڪانگ، پکيٽ (ٿائلينڊ) ۽ چين کان ڊائريڪٽ اڏامون اچن ٿيون. ٻيٽ تيTeow Soon huat نالي تمام وڏو سپر مال آهي ۽ ٻئي نمبر تي Saga شاپنگ سينٽر آهي. الحنا نالي هڪ وڏي مسجد به آهي، جنهن جي ٺهڻ جو افتتاح 1959ع ۾ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان ڪيو هو. ٻيٽ تي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، جن مان ڪي ته اڪاسيا ۽ آزيو جهڙيون سستيون هوٽلون آهن، جن جي ڏهاڙي مسواڙ 50 کان 80 رنگٽ آهي. ڪيتريون مهانگيون پڻ آهن، جيئن ته 150 رنگٽن واري Bay View،Bella Vista  آهن ۽Eagle Bay  جهڙيون آهن ته ڪي 250 رنگٽن واريون سينچري سوريا، The peak آهن ته ڪي 600 رنگٽن واريون The Westin langkawi جهڙيون آهن.
اسان جي پاسي جا ماڻهو، جيڪي ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا، گنتنگ هاءِ لئنڊس به وڃن ٿا. ڇو جو هن جاءِ جي به، ملائيشيا حڪومت وڏي اشتهار بازي ڪئي آهي. بهرحال توهان جي ڪوالالمپور ۾ ٽي چار ڏينهن ترسيل آهيو ته گنتنگ وڃڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ضايع نٿو ٿئي ۽ ڪوالالمپور کان ڪو پري به ناهي. گنتنگ هاءِ لئنڊس يعني گنتنگ هِل اسٽيشن، ڪوهه مري ۽ ايوبيه وانگر سطح سمنڊ کان مٿي هجڻ ڪري، ملائيشيا جي عام موسم کان فرحت بخش ۽ ٿڌڪار وارو علائقو آهي. هن کي ملئي زبان ۾ ”تناح ٽِنگي گنتنگ“ سڏجي ٿو. تناحTanah  معنيٰ ڌرتي، زمين، پَٽ آهي ۽ Tinggi معنيٰ اتاهين.
”گنتنگ“، ڪوالالمپور جي فيڊرل علائقي ۾ نٿو اچي، پر ڀروارين رياستن سلينگور ۽ پهانگ جي بارڊر واري جابلو قطار(Titi wangsa Mountain)  جي 1760 ميٽر اتاهين چوٽي تي آهي. جيئن ڪوهه مري، جيتوڻيڪ پنجاب صوبي ۾ آهي، پر اسلام آباد جي ويجهو هجڻ ڪري، هر ڪو اهو سمجهندو آهي ته اها اسلام آباد جو حصو آهي. گنتنگ، ڪار يا بس ذريعي، توهان ڪلاڪ ۾ پهچي سگهو ٿا. جڏھن تهGo Genting  نالي بسون، سينٽرل اسٽيشن کان گنتنگ هلن ٿيون ۽ 5 رنگٽ وٺن ٿيون. ان کان علاوه، ڪيترين ئي هوٽلن وٽان ٽوئرسٽ بسون گنتنگ ۽ باتو غارن(Caves)  ڏي هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو وڌيڪ آهي. توهان پاڻ ۾ ٽي چار ڄڻا آهيو ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو به ڪو گهڻو ناهي، پر توهان کي ڊرائيور سان بحث ڪري گهٽائڻو پوندو، خاص ڪري جي اهو تامل (انڊين) يا چيني آهي. هونءَ تامل هتي جي غريب ڪميونٽي هوندي هئي، پر هاڻ ڏسان پيو ته هو نه فقط تيز پر Aggressive (ڏنگا) به ٿيندا وڃن.
گنتنگ، توهان ڪيبل ڪار ذريعي به پهچي سگهو ٿا. ڪيبل ڪار يا Skyway اسٽيشن تان، توهان هن ڪيبل ڪار ذريعي، جيڪاGenting Skyway  سڏجي ٿي، گنتنگ پهچي سگهو ٿا. هيءَ ڪيبل ڪار 6 ميٽر في سيڪنڊ جي حساب سان ساڍا ٽي ڪلو ميٽر جو مفاصلو 11 منٽن ۾ ڪري ٿي. هيءَ ڪيبل ڪار دنيا جي تيز رفتار ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڊگهي مفاصلي واري ڪار چئي وڃي ٿي. هيءَ ڪار روزانو صبح جو ساڍي ستين کان رات جو يارهين تائين هلي ٿي. سال 1991ع تائين، جيستائين آئون ملائيشيا ۾ ترسيل هوس ته هيءَ ڪيبل ڪار نه هئي. سال 1997ع ۾ هن جو افتتاح، ان وقت جي وزير اعظم، مهاتير بن محمد ڪيو.
ستر واري ڏهي ۾، جڏهن هيءَ هل اسٽيشن ٺهي هئي ۽ اسان پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) جي بندرگاهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز ۾ اچڻ دوران گنتنگ گهمڻ ويندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ فقط هڪ هوٽل ”هاءِ لئنڊ هوٽل“ نالي هوندي هئي، جنهن جو بعد ۾Theme Park Hotel نالو رکيو ويو. ان ئي هوٽل ۾ مغربي ميوزڪ، فلور ڊانس ۽ جُوا هلندي هئي ۽ ان ۾ ئي چانهه ڪافي هلندي هئي. يورپ جا گورا ۽ مسلمان ملڪن جا کريل ۽ پئسي وارا هتي اچي شراب ۽ جوا ۾ حرام جو پئسو ضايع ڪندا هئا. ظاهري طرح، ملائيشيا ۾ انهن ڳالهين لاءِ مڪاني توڙي ڌارئين ملڪ کان آيل مسلمان ٽوئرسٽ لاءِ بندش آهي، پر ملائيشيا به ڏوڪڙن جي آمد خاطر ڪٿي ڪٿي اک ٻوٽ ڪري ٿو. بهرحال هاڻ ته ٽوئرسٽن جي ”پر زور شوق ۽ ضرورت“ کي ڌيان ۾ آڻي هڪ بدران ڇهه هوٽلون ٺهي ويون آهن. ان کان علاوه ٻارن توڙي وڏن لاءِ، ڪيترن ئي قسمن جون صحتمند وندرون پڻ ٺاهيون ويون آهن.
هتي اهو لکندو هلان ته هي گنتنگ هِل (هاءِ لئنڊ) سرڪاري نه پر خانگي ملڪيت آهي، جنهن جو بنياد رکندڙ هتي جو هڪ امير چيني سوداگر ”لم گوح ٽونگ (Lim goh tong) آهي، جنهن کي ملائيشيا جي بادشاهه ۽ حڪومت طرفان تان سري (Tan sri) ۽ داتو سري (Dato seri) جهڙا اعليٰ خطاب به مليل آهن. هنن خطابن/ لقبن/ اعزازن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان، جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن طرفان راءِ بهادر ۽ خانبهادر نموني جا لقب ملندا هئا يا Sir جو خطاب مليو ٿي. هاڻ ته ملائيشيا ۾ ٻيا به نه رڳو چيني پر ملئي به امير ترين ٿي ويا آهن، ور نه ته ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ يا رهڻ گهڻو هو، هي چيني واپاري لِم گوح ملائيشيا جو امير ترين ماڻهو مڃيو ويو ٿي، جنهن جي ذاتي ملڪيت ساڍا چار بلين آمريڪن ڊالر هئي. مسٽر لِم 1918ع ۾ چين جي فوجيان (Fujian) صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ انگزي (Anxi) ۾ جنم ورتو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن 1911ع وارو انقلاب اچي چڪو هو ۽ سڄي چين جي وڳوڙيل حالت هئي، پر لِم هڪ ڏورانهين ۽ جابلو ڳوٺ ۾ رهيو ٿي، جتي وري به سڪون هو ۽ هو اتي جي اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو هو. پر پوءِ اوچتو سندس پيءُ جو انتقال ٿي ويو ۽ هنن جي گهر ۾ بکون ڪاٽڻ واري حالت ٿي وئي. لم ان وقت 16 سالن جو هو ۽ هن کي اسڪول مان نڪرڻو پيو. کانئس وڏو هڪ ڀاءُ ۽ ٽي ڀيڻون هيون ۽ هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ ننڍا هئا. وڏو ڀاءُ، پورهيو/ مزوري ڪري گهر هلائڻ لڳو. پر سندن گهر توڙي ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون ويون. لم جو هڪ سوٽ، انهن ڏينهن ۾ چين ڇڏي، ملائيشيا آيل هو (انهن ڏينهن ۾ هي ملائيشيا ”ملايا“ سڏبو هو). لِم به ٻيو ڪو گس نه ڏسي، ملايا ڏي رخ ڪيو. هيءَ 1937ع جي ڳالهه آهي، جڏهن لِم 19 سالن جو هو. هن ملايا ۾ اچي، 2 سال هڪ واڍي وٽ ڪم ڪيو ۽ ان سان گڏ ملئي زبان سکڻ لڳو. ان بعد، هن گهرن ۾ ڪاٺ جو ڪم ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو، جنهن مان هن جي سٺي ڪمائي ٿيڻ لڳي. پر 1942ع ۾، ملايا تي جپانين جو قبضو ٿيڻ بعد، چينين لاءِ جيئڻ عذاب ٿي پيو. جپاني، اهاني بهاني، چينين کي ڳولي ڳولي مارڻ لڳا. لِم به ٻه چار دفعا موت جي منهن ۾ ويندي ويندي بچي ويو. انهن ڏينهن ۾، لِم هڪ ملئيءَ جي زمين تي هاري ٿي، ڀاڄيون پوکڻ لڳو، پر پوءِ ردي پراڻي جون شيون، خاص ڪري لوهه، پتل ۽ ٽامو خريد ڪري وڪڻڻ لڳو.
ٻي جنگ عظيم ختم ٿيڻ بعد، لِم ڏٺو ته ملايا جي کاڻين ۽ پوک جي ڪمن لاءِ ڳرين مشينن جي ضرورت آهي. هن اهو موقعو هٿن مان وڃڻ نٿي ڏنو ۽ دوستن يارن کان پئسو هٿ ڪري، ڪن کي ته پاڻ سان ڀائيوار بنائي، سيڪنڊ هئنڊ مشين جو واپار شروع ڪيو. جنهن ۾ هن کي وڏو فائدو رسيو. ان بعد قلعي (Tin) جي کاڻين جا ٺيڪا کنيائين ۽ ويو اڳيان وڌندو. پئسي، عقل ۽ محنت سان هو ملڪ جو ناميارو بزنس مين ٿي ويو ۽ سندس کوليل ڪمپني Kien huat وڏي ساک واري مڃي وئي ٿي، جنهن آئر حطام ڊيم جهڙا وڏا وڏا پروجيڪٽ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ائين ناهي ته لِم کي جتي ڪٿي ڪاميابي نصيب ٿي ٿئي. هڪ اهڙو به پروجيڪٽ آيو، جنهن ۾ هن جو ڏيوالو ٿي ويو، پر لِم وڏي دليري ۽ محنت سان اهو پروجيڪٽ (Kemubu Scheme) به مڪمل ڪيو ۽ وري آهستي آهستي چڙهي ويو.
ملائيشيا ۾ فقط اها گنتنگ واري هِل اسٽيشن ناهي. فريزر هل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ به انهن مان آهن، جيڪي انگريزن ٺهرايون. انگريز ننڍي کنڊ ۾ توڙي هتي ملائيشيا ۽ آفريڪا ۾، ان قسم جون ٿڌيون جايون ڳوليندا رهيا، جيئن پاڪستان ۾ ڪوهه مري، ڪوئيٽا، انڊيا ۾ شمله، پوني ۽ کنڊالا، ڪينيا ۾ نئروبي وغيره. پر هتي گنتنگ هاءِ لئنڊ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها انگريز سرڪار يا ملائيشيا جي حڪومت نه ٺهرائي پر هڪ واپاريءَ، اڪيلي سر، پنهنجي خرچ تي، هڪ جابلو جنگل ۾ منگل مچايو. ڳالهه اها آهي ته لِم گوح کي، هڪ هِل اسٽيشن ٺاهڻ جو خيال ڪيئن آيو، جنهن پٺيان هن الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيو؟ چون ٿا ته؛ هڪ دفعي لِم گوح ڪئمرون هاءِ لئنڊ جي هوٽل ۾ ڊنر کائي رهيو هو ته جبل جي مٿانهين ليول تي ٿڏي هوا مان لطف وٺندي هُن کي خيال آيو ته ڇو نه هِن قسم جي ڪا هوٽل ڪوالالمپور جي ويجهو ٺاهجي، جيئن مڪاني ۽ ڌاريا ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي ٿڌڪار جو مزو وٺڻ لاءِ، ڪلاڪ کن جي سفر تي پهچي وڃن.
ڪئمرون هاءِ لئنڊ تان موٽڻ بعد، هن يڪدم اچي اهڙي جاءِ جي ڳولا ڪئي. آخر هن کي، هڪ گوننگ (ملئي زبان ۾ Gunung جبل کي چون ٿا) اُلو ڪالي (Ulu kali) بهتر لڳو، جيڪو جبل ڪوالالمپور جي ويجهو هجڻ ڪري، هن جي سوچيل هوٽل بزنس لاءِ Ideal هو. هيءُ جبل، ويجهو ته هو پر هتي جي زمين، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب وانگر لسي (Plain) ناهي. سڄو ملائيشيا، جپان وانگر جابلو ٽَڪر آهي، جيڪو آڳاٽن گهاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو آهي. جتي گاهه، ماڻهوءَ جي قد کان وڏو آهي ۽ وڻ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن. اهڙن نون علائقن (Virgin پَٽن) تي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ فقط درياهه/ ندي ڪم اچي ٿي.
مسٽر لم کي ان جبل (Gunung lilu kali) تائين پهچڻ ۾، وڻن جي ڪٽائي، رستا ٺاهڻ، اليڪٽرڪسٽي ۽ پاڻي مهيا ڪرڻ جو بندوبست، ڊرينيج ۽ سيوريج وغيره سڀ پاڻ ڪرڻو هو. پر هن همت نه هاري. هن جي دل ۾ اهو پڪو پهه هو ته هي پروجيڪٽ، جيڪو جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي خرچ وارو آهي، پر اهو هڪ ڏينھن دنيا ۾ ناليرو ۽ ڪمائيءَ وارو ثابت ٿيندو ۽ هن جابلو هوٽل Resort ڪري دنيا جا ٽوئرسٽ هتي ڇڪجي ايندا. هن ملائيشيا جي وفاقي ۽ پهانگ ۽ سلينگور رياستن جي صوبائي حڪومتن کان اجازت ورتي. تن، هن کي خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ مسٽر لِم ڪم شروع ڪرايو.
هتي هڪ ڳالهه لکڻ چاهيان ٿو، جنهن تي ملائيشيا جي ترقي جو مدار آهي. ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي هڪ-جهڙايون آهن؛ ٻئي ايگريڪلچر ملڪ آهن. ملائيشيا ۾ جي قلعي (Tin) آهي ته اسان وٽ ان کان مهانگي ۽ اهم شيءِ ڪوئلو، گئس ۽ درياهه آهن، جن ذريعي اليڪٽرڪسٽي به پيدا ٿئي ٿي. ملائيشيا جي گهرن جا چُلها ٻارڻ لاءِ هو گئس جا سلينڊر ٻاهران امپورٽ ڪن ٿا ۽ هنن جون نديون اسان وانگر لڳاتار وهندڙ نه آهن. 2 ڏينهن مينهن پوندو ته اهي تار نظر اينديون، ان بعد انهن ۾ ٻار فٽ بال پيا کيڏندا آهن.
ٻنهي ملڪن ۾ وڏيرڪو (Feudilism) سسٽم آهي. جيئن اسان وٽ وڏيرا، چوڌري، سردار ۽ نواب آهن، تيئن ملائيشيا جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ آهن. ملائيشيا ۾ ته سلطان به آهن، جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا. جيئن اسان جي ملڪ ۾ مختلف مذهبن، عقيدن ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا، تيئن ملائيشيا ۾ انيڪ زبانن وارا رهن ٿا.
ويندي چيني، جن جي توهان سمجهندا هوندائو ته هڪ زبان چيني آهي، انهن جون به مختلف چيني زبانون آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ چيني رهن ٿا، هنن جي مادري زبان چيني آهي پر هو هڪٻئي سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائين ٿا- ڇو؟ ان ڪري جو سنگاپور وارن چينين جي زبان منڊارن آهي، هانگ ڪانگ وارن جي ڪئنٽونيز آهي ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ انهن ٻن چيني زبانن کان علاوه حَڪا، ٽيوچو ۽ ٻيون به چيني زبانون ڳالهائڻ وارا آهن. ان تان ياد آيو ته اسان جي درويش سنڌ حڪومت، سنڌ ۾ چيني پڙهائڻ جا خواب پئي لهي، هيڏانهن چيني خود چيني ڇڏي انگريزي پيا پڙهن.
بهرحال اسان جي ملڪ ۽ ملائيشيا جو ساڳيو حال هجڻ جي باوجود، اسان ترقي نه پيا ڪريون. ان جو سبب اهو آهي جو ملائيشيا ۾ جيڪو ماڻهو ملائيشيا جي ڌرتي ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري ٿو ته ان جي عزت ڪئي وڃي ٿي، پوءِ چاهي اهو چيني هجي، عيسائي هجي، هندو هجي يا سک هجي. منهنجي ملائيشيا ۾ هجڻ دوران، هڪ دفعي مڪاني ملئي مسلمانن گوڙ ڪيو ته چيني ماڻهو جيڪي چين کان هتي آيا، اهي واپار ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان ٿي ويا آهن ۽ اهي اسان کان وڌيڪ امير ٿي ويا آهن... ان وقت جي وزيراعظم مهاتير قوم کي دڙڪو ڏيندي چيو ته؛ خبردار جو ان لائين تي سوچيو اٿانوَ. چينين يا انڊين، پئسو ڪمايو آهي ته محنت ڪري ۽ ان پئسي تي هو ٽئڪس پيا ڏين. جيڪڏهن هو ڪنهن غير قانوني طريقي سان ڪنهن جو پئسو ڦٻائيندا ته حڪومت اسان ملئي ماڻهن جي آهي، ان لاءِ اسان جو ڪم آهي ته کين سزا ڏيون. باقي حق حلال جي پئسي ڪمائڻ جي ڪنهن کي جهل نه آهي. انهن جي ٽئڪسن تي ئي ته توهان جا اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون، رستا ۽ پارڪ ٺهن ٿا... وغيره ۽ جيڪڏهن توهان امير چينين ۽ انڊين کي تنگ ڪندائو ته هو پنهنجو پئسو هتي لڳائڻ بدران سنگاپور، نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ انڊيا ۾ وڃي Investment ڪندا.
ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ابتو حساب آهي. اسان وٽ عيسائين کي به ڀڄايو پيو وڃي ته پارسين کي به، پوءِ اهي عيسائي ۽ پارسي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ پئسو لڳائي، اتي جي ماڻهن لاءِ سک پيا پيدا ڪن. اسان وٽ وڏيرو، پير وزير، نمائندو عوام جو پئسو ڦٻائيندو وتي، پر پنهنجي ڳوٺ يا علائقي جي ترقيءَ جو نٿو سوچي. هيڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺ جو هر وڏيرو اهو ئي چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ سٺي کان سٺو اسڪول ۽ اسپتال هجي، گهڻي کان گهڻا ڪارخانا هجن، جن ۾ ڳوٺ جا ماڻهو پئسو ڪمائي امير ٿين. اسان وٽ اسان جي ملڪ کي آزادي ملئي، اڌي صديءَ کان مٿي ٿي ويو آهي. بهتر ٿيڻ بدران، اسان جا ڳوٺ وڃن تباهه ٿيندا. افسوس جو اسان جي سنڌي مسلمان وڏيرن ۾، اڃا تائين ڪو ايڊلجي ڊنشا، ماما پارسي، ڏيارام ڄيٺمل، ميٺارام پيدا نه ٿي سگهيو آهي. ظلم اهو آهي جو اسان وٽ وڏيرا پاڻ ته ڪجهه نٿا ڪن پر ڪو ڌاريو سندن ڳوٺ ۾ اچي فيڪٽري هڻڻ چاهي ته ان کي به هڻڻ نٿا ڏين. ايوب خان جي ڏينهن کان وٺي، خبر ناهي اسان جي وزيرن، نمائندن، پيرن ميرن کي ڪارخانا کولڻ جون ڪيتريون پرمٽون مليون. هنن ڪارخانا ته ڇا پرمٽون ئي وڪڻي ڇڏيون. هو جي ملئي وزيرن، سردارن ۽ سلطانن وانگر ڪارخانا هڻائين ها ته اڄ اسان جا غريب ڳوٺاڻا، روزگار لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا نه کائين ها.
سو هتي پاڻ مسٽر لِم جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن جڏهن گنتنگ هاءِ لئنڊ جهڙي پروجيڪٽ جي ڳالهه ڪئي ته حڪومت ۽ مڪاني ماڻهن هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اڄ اهي ڏورانهان ڳوٺ، جيڪي گنتنگ هاءِ لئنڊس جي ڀرسان آهن، سڀ کان گهڻا سکيا ستابا آهن. مسٽر لِم کي، ان جبل تائين پنهنجي خرچ تي روڊ ٺهرائڻ ۾ چار سال لڳي ويا. اليڪٽرسٽي لاءِ 12 وڏا جنريٽر هڻايائين. مختلف هنڌن تي، مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ حوض ۽ فلٽريشن پلانٽ ٺهرايائين. هو وڏو امير ماڻهو هو، جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه هن ۾ هڻي ڇڏيو. سندس دوستن ۽ عزيزن کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هن هر صورت ۾ هي ڪم ڪري ڏيکاريو. آخر ۾ ته خرچ پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي رٻڙ جي پوک جا 810 هيڪٽر زمين به وڪڻي ڇڏي. آخرڪار هن جي هوٽل تيار ٿي وئي ۽ هيءَ پهرين هوٽل هئي، جنهن ۾ ان وقت جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کيس Casino (جُوا خانو) کولڻ جي اجازت ڏني. آخر 8 مئي 1971ع تي هن هوٽل جو افتتاح ٿيو. گذريل 30 سالن ۾ هن پهاڙي اسٽيشن، وڏي ترقي ڪئي آهي. هتي ڪيبل ڪار، هوٽلن Amusement پارڪ، سئمنگ پول، ٻارن لاءِ رانديون، رهائش لاءِ مهانگا فليٽ ۽ فنڪشن ۽ ڪانفرنسون ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ ماڊرن هال ٺاهيا ويا آهن، جن مان هڪ Arena of Stars به آهي، جنهن ۾ 2002ع ۾ IIFA وارن باليوڊ فلمي فنڪشن ڪيو، جنهن جو ميزبان اميتاب بچن هو. هن ئي هال ۾ 2007ع ۾ Zee سئنيما وارن ۽ Lux Style وارن جا ايوارڊ ورهايا ويا، جيڪي سڄي دنيا ٽي وي تي ڏٺا.
لم گوح چار سال اڳ، 2007ع ۾ ڪوالالمپور ۾، گذاري ويو. کيس ڇهه ٻار ۽ 19 ڏهٽا پوٽا آهن. لِم جي زندگي ۾ منهنجو ڪو پڙهندڙ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي آئون لِم جي لکيل آٽو بايوگرافي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، جيڪا 2004ع ۾ هتي ڇپي ۽ عنوان اٿس:
لِم پئسي وارو هجڻ سان گڏ، وڏو سخي مرد هو. هن جي پنهنجي نالي سان، هڪ فئملي فائونڊيشن ٺهيل آهي، جيڪا گذريل ٽيهن سالن کان، ملائيشيا جي ڪيترن ئي تعليمي ۽ ميڊيڪل ادارن کي مدد ڏيڻ کان علاوه، معذور ماڻهن ۽ بي گهر پوڙهن ماڻهن جي رهائش، کاڌ-خوراڪ ۽ دوا-درمل جو بندوبست ڪري ٿي. ملائيشيا ۾، ان قسم جا ڪم نه فقط مسٽر لم جو ادارو ڪري رهيو آهي پر ٻيا به ڪيترا ئي هتي جا چيني ۽ انڊين، خير جو ڪم ڪري رهيا آهن. بقول هڪ ملئي دوست جي؛ ”ملائيشيا کي اڄ جي منزل تي پهچائڻ ۾، اسان مسلمانن کان وڌيڪ انڊين، چيني، عيسائين ۽ ٻڌن جو هٿ آهي.“

No comments:

Post a Comment